مواد ڏانھن هلو

مصر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون آفريقا جو ملڪ تي آهي. اسلامي ملڪ جي لاءِ عرب ملڪ ڏسو. ٻين استعمالن لاءِ ۽ ٻيا استعمال مصر (سلجھائپ) ڏسو.
مصر جي عرب ريپبلڪ

Flag of مصر
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: "Bilady, Bilady, Bilady"
"بلادي، بلادي، بلادي"
"منھنجا وطن، منھنجا وطن، منھنجا وطن "
گادي جو هنڌ قاھرہ ( Cairo )
30°2′N 31°13′E / 30.033°N 31.217°E / 30.033; 31.217
سڀ کان وڏو شهر capital
دفتري ٻوليون عربي[a]
قومي زبان مصر جي عربي
مقامي آبادي مصري يا اجپشن (Egyptian)
حڪومت يونيٽري نيم صدارتي سسٽم
• صدر
عبدالفتاح السيسي
شريف اسماعيل
مقننه ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز

👈 مذهب:

👈آزادي جو ڏينهن: 28 فيبروري 1922 (برطانيہ کان)
👈انقلابي ڏينهن: 23 جولاء 1953
👈جهمبوريہ : 18 جون 1953 (تي جهمبوري ملڪ ٿيو)
👈هاڻوڪو آئين: 18 جنوري 2014

👈پکيڙ: 1010،407،87 چورس ڪلوميٽر يا (309،120،66 چورس ميل)
آبادي
• 2017 اندازو
سانچو:Data Egypt[1] (13th)
• 2017 مردم شماري
94,798,827[2]
•  گھاٽائي
96 /km2 (248.6 /sq mi) (118th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.173 trillion[3] (21st)
• في سيڪڙو
$12,560[3] (100th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$408.045 billion[4] (32nd)

عرب جمھوريه مصر (Listeni/ˈɪpt/ EE-jipt؛ عربي ٻولي: مِصر Miṣr، Egyptian Arabic: مَصر 'Maṣr، Coptic: Ⲭⲏⲙⲓ Khēmi)، جمهورية مصر العربية، ،ھي ھڪ بين البراعظمي ملڪ آھي. آفريڪا جي اتر اوڀر ۽ ايشيا کنڊ جي سنائی اپٻيٽ علائقي ۾ ھڪ ملڪ آھي۔ مصر جي ايراضي 1،001،450 چورس ڪلو میٽر آھي۔ مصر جي سرحدن کي ڏٺو وڃي ته اولهه ۾ لیبیا، ڏکڻ ۾ سوڊان، اوڀر ۾ ڳاڙهو سمنڊ، اتر اوڀر ۾ فلسطين ۽ اسرائيل، اتر ۾ رومي سمنڊ يا ميڊيٽرينين سمنڊ آهن. مصر دنيا ۾ سڀ کان پھرين قومي رياست بڻجي ڏھ ھزار سال قبل مسيح ۾ ظاهر ٿيو.[7] ھن کي تھذيب جو پينگهو ٻہ چوندا آهن. غزاہ جو قديم قبرستان، اسفنڪس جو بت، ميمفس جا قديم آثار، ٿيبز، ڪرناڪ ۽ بادشاھن جي وادي ھن جي قديم تھذيب جا وڏا مثال آهن. جديد مصر 1922 ۾ برطانيہ کان آزادي ورتي.1952 واري انقلاب سان اھو ريپبلڪ آف ايجپٽ يا مصر بڻيو.1953 کان 1961 تائين شام سان گڏجي يونائيٽيڊ عرب ريپبلڪ بڻيو.1980 ۾ مصر ڪيمپ ڊيوڊ معاھدي ذريعي اسرائيل کي تسليم ڪيو. مصر جي آباديءَ جو سڀ کان وڏو حصو نيل درياء جي ڪنارن سان رھي ٿو. ھن ملڪ جي وڏي ايراضي صحارا رڻپٽ جو حصو آهي.

قديم مصر

[سنواريو]
مصر ۾ غزه وارو نڪروپولس يا قديم قبرستان جنھن ۾ اھرام واقع آھن آھي دُنيا جي ست عجائبات مان ھڪ آھن

مصري تاريخ جي ابتدا جي اڃا خبر نه پئجي سگهي آهي. ممڪن آهي ته اها 5000 ورهيه ق.م يا اڄ کان ست هزار ورهيه اڳ پيدا ٿي هجي. ’مينيز‘، پهريون فرعون (مصري بادشاهه جو لقب) هو، جو 3000 سال ق.م پهرئين مصري شاهي خاندان جو باني بڻيو. هن مصر جي ننڍين ننڍين حڪومتن کي متحد ڪري هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت آندو ۽ نيل نديءَ جي ڪيٽيءَ جي سري وٽ ’ميمفـِـس‘ جو شهر ٻڌو.

ميمفس شهر ۾ ھيدر مندر جا آثار.

ميمفس جي ويجهو ”ابوالهول“ جي تعمير به ان قديم ترين زماني ۾ ٿي، جنهن جي تاريخ متعلق ڪا صاف ڳالهه معلوم ڪانهي.

1870 ^ نڪتل اسفنڪس يا ابوالھول جي بت جو ڦوٽو جنھن جو ڪجھ حصو واريءَ ۾ پوريل ٬ھي.
اسفنڪس يا ابوالھول جو بت 2005 ۾ .

هي ڳرو مجسمو جو هنر ۽ فن جو قديم ترين مثال آهي ۽ جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، سو هڪ نـِـهري پٿر مان ٽڪي ٺاهيو ويو آهي. سندس جسم هڪ جـُـهڪي ويهندڙ شينهن جهڙو آهي، پر شڪل يا مـُـنهن انساني اٿس. اهو سج ديوتا جو مجسمو هوٻئي ڪنهن به بادشاهي خاندان اهڙا نمايان آثار پٺيان نه ڇڏيا جهڙا فرعونن جي چوٿين خاندان، جنهن جي حڪمرانن ميمفس جي ويجهو سڀ کان وڏا اَهرام ٺهرايا. ڪـِـي اوپس (بادشاهه) ”احـَـرمِ عظيم“ (Great Pyramid) ٺهرايو، جو هڪ قسم جو پٿرن ۽ سـِـرَن جو جبل آهي، ۽ سڀني پاسن کان بلڪل پوري نموني ۾ چار سؤ پنجاهه فوٽن جي اوچائيءَ تائين ٺهيل آهي. اهي ڪامل معماريءَ جا ڪارناما ڏيکارين ٿا ته مصري علميت اڳيئي اهڙي زماني ۾ پختگيءَ کي پهچي چڪي هئي، جنهن زماني ۾ سڄي يورپ ۾ بربريت جو تسلط هو.جنهن وقت شام جي لاڏائو حملي ڪندڙن مصري دوآبي ۾ ديرو ڄمايو، تنهن وقت اڳيئي اٺ شاهي خاندان ٻيا به گذري چڪا هئا.[8] شامي حملي آورن آهستي آهستي سڄي مصر جي وادي پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آندي. غير ملڪي (شامي) حڪمرانن کي ”حـِـڪصاص“ يا ”ريڍار بادشاهه“ ڪري ڪوٺيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اُهي شروع ۾ غير مهذب هئا، پر جلد ئي هنن مصري ريتون رسمون اختيار ڪيون. حڪصاص بادشاهن جي پنج سئو ورهين جي حڪومت مصـِـري شهزادي اموسـِـس جي بغاوت سان جبراً ختم ٿي. هن مصري شهزادي غير ملڪي حاڪمن کي تڙي ڪڍيو ۽ مـُـلڪ ۾ ارڙهين بادشاهي خاندان جو بنياد رکيو. هن خاندان ۽ ان کان پوءِ ايندڙ خاندان جي ڏينهن ۾ مصر، طاقت جي عـُـروج تي پهتي. صحاريٰ کان وٺي فرات نديءَ تائين مصري فرعونن جو حڪم مڃيو ويندو هو. هنن جي مشهور بادشاهن مان سڀ کان وڌيڪ ناليوارا اڻويهين خاندان جا حاڪم: سيتي پهريون ۽ راميسـِـس ٻيو هئا.

فرعون راميسس 2 جو وڏو بت جيڪو کلي فضا واري عجائب گهر ۾ رکيل آهي.

سيتي، ڳاڙهي سمنڊ کان نيل نديءَ تائين هڪ واهه کوٽائڻ شروع ڪيو، جو مصري تجارت ۽ سامونڊي طاقت جي لاءِ ايتري اهميت رکندڙ هو، جيتري آمريڪا جي لاءِ پاناما واهه. هن واهه جو ڪم راميسـِـس ختم ڪرايو. ان واهه جا قديم آثار اڃا تائين سوئيز واهه جي ويجهو صاف نظر اچن ٿا. راميسس پنهنجي شاندار حڪومت جا سـَـتـَـهٺ ورهيه فوجي مـُـهمن ۽ عوامي ڪمن جي تعمير ۾ صرف ڪيا. ڪئين عظيم مجسما ۽ وڏين عبادتگاهن جا اجڙيل آثار، جي اڃا تائين سلامت آهن ۽ جن جون ڀتيون تصويرن ۽ ڪتبن سان چٽيل آهن، سي راميسـِـس اعظم جي همٿ جون شاهد آهن.مصر جو آخري ناليوارو خاندان ڇويهون خاندان هو، جنهن جو باني ”ساميٽـِـڪُـس“ (Psammetichus) پهريون (سن 663 ق . م) هو. هن آشـُـورِيـُـن کي، (جن مصر کي پنهنجي ملڪ جو هڪ صوبو بنائي ڇڏيو هو) مـُـلڪ مان تڙي ڪڍيو. ساميٽـِـڪس پهريون، پهريون فرعون هو، جنهن غير ملڪي ماڻهن کي مصر ۾ رهڻ ۽ ورسائڻ لاءِ همٿايو. ان تسلسل ۾ دوآبي ۾ يونانين جي هڪ وستي آباد ٿي ۽ يوناني شاگردن مصري مذهبي عالمن کان علم حاصل ڪيو. ان طرح مصر جون کوجنائون ڀونوچ سمنڊ جي ٻين ملڪن ۾ ڦهلجي ويون.[8] ساميٽڪس جي فرزند نـِـيڪو ٻئي پنهنجي پيءُ جي راڄنيتي متي يا پاليسي کي جاري رکيو، پر سندس مدبر حڪومت ملڪ کي رڳو ڪجهه وقت لاءِ زور وٺرايو. مصري لوڪ پنهنجي ترقيءَ جي چوٽيءَ کي پهچي چـُـڪا هئا ۽ آخري دور جا فرعونن جا آزاد خيال، سندس تجويزن مان گهڻو فائدو نه وٺي سگهيا. نيون ۽ وڌيڪ طاقتور قومون اڳين قومن جي جاءِ تي کڙيون ٿيون. پهرين بابلي لوڪن ۽ انهن کان پوءِ ايرانين، مصر کي پنهنجو محڪوم صوبو ڪري رکيو. سڪندراعظم ملڪ کي يوناني حڪومت هيٺ آندو ۽ پهرين صدي عيسويءَ ۾ رومي لوڪن فرعونن جي ملڪ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان وقت کان پوءِ مصر ڪنهن به مقامي حاڪم جي حڪومت هيٺ نه رهي آهي.[8]

مذهب، ريتون رسمون ۽ هنر و فن

مصري لوڪ تمام گهڻا مذهبي ماڻهو هئا. سندن قومي زندگيءَ تي مذهب جو راڄ هو، بادشاهه کان وٺي فقير تائين، ملڪ جي زمين جو ٽيون حصو عبادتگاهن جي ملڪيت هئڻ سبب مقدس بڻيل هو. گهر مٽيءَ جا ٺهيل هئا، پر عبادتگاهن کي پٿرن جي پشتي هئي. مصر جي مٿانهين ڀاڱي ۾ قديم شهر ٿيبز جي ويجهو ڪارنـَـڪ جي عبادتگاهه قديم زماني ۾ مذهبي عمارت سازيءَ جو بهترين ۽ اهم ترين نمونو ليکي وڃي ٿي. سندس ڪيترا گول ٿنڀا اڃا تائين سندس قديم آثارن جي زيارت ڪندڙن کي اچرج ۾ وجهن ٿا. مصر ۾ هر هڪ ضلعي کي پنهنجا مڪاني معبود هئا، پر انهن مان ڪن جي سڄي ملڪ ۾ پوڄا ڪئي ويندي هئي. انهن مان مکيه هئا ”راع“ يعني سج ديوتا ۽ ”اوسائـِـي رِس“، جو نيل نديءَ جي نعمتن جو مالڪ هو. اوسائي رس سان گڏ سندس زال ”آءِ سـِـس“ ۽ سندس پٽ ”حورس“ جي به عام طرح پوڄا ڪئي ويندي هئي. مصرين به ٻين ڪيترين قومن وانگر ضرورت محسوس ڪـئي ته پنهنجـن ديوتائن کي،جي قدرتي طاقتن يا غير محسوس خاصيتن (مثلاً: سج ۽ چنڊ، سڦلتا ۽ صحت جا مجسما هئا)، کي ڪا ظاهري شڪل ڏين. تنهنڪري هنن سندن بـُـتَ ٺاهيا، جي ماڻهن وانگر نظر پئي آيا پر سندن مٿا جانورن جهڙا هئا. اڪثر ڪري سندن اعتقاد هو ته ديوتا حقيقت ۾ جانورن جي شڪل وٺي رهن ٿا. اهڙي طرح ”حيوان پرستيءَ“ جو بنياد پيو. مصر ۾ ٻليون، ڪتا ۽ واڳون مقدس ليکيا ويندا هئا. اوسائي رِس جي روح متعلق چيو ويندو هو ته هو هڪ ڍڳي ۾، (جنهن کي ”ايپس“ ڪوٺيندا هئا)، رهندو هو. ”ايپس“ جي پوڄا سندس عمدي عبادتگاهه ۾ ڪئي ويندي هئي. ان ڍڳي جي موت وقت اوسائي رس جو روح (هڪ گابي ۾، جو اُن وقت ڄائو هو) حلول ڪري ويو.[8] سڀني مصرين جو پڪو عقيدو هو ته جسماني موت کان پوءِ سندن روحن کي دنيا ۾ ڪيل بڇڙن يا چڱن ڪمن لاءِ سزا يا اجورو ملندو. صالح روحَ ’اوسائي رس‘ جا دوست ٿي رهندا ۽ بـُـرن روحـَـن کي حيواني جسمن جي ذريعي رلڻو پوندو. جيئن گناهه وڏو تيئن انسان کي بدتر حيوان (جهڙوڪ: سوئر، ڳجهه) جي روپ ۾ رهڻو پوندو. ڪئين هزار سالن جي اهڙي سزا کان پوءِ اهو سزا يافته روح شايد انساني جامو اختيار ڪري.[8] سندن عقيدي موجب، هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ سڀ ارواح پنهنجن انساني جسمن ڏانهن موٽندا. ان کي ”حشر يا قيامت“ جو عقيدو ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن پوين مذهبن، جهڙوڪ: مسيحيت ۽ اسلام ۾ ملي ٿو. مصرين دوائن جي ذريعي لاشا سانڍي رکيا، ان لاءِ ته، جيئن روح پنهنجي اڳئين بدن کي لهي سگهي. ان طريقي سان لاش کي محفوظ رکڻ کي ”موميائي طريقو“ ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ اهڙن لاشن کي ”موميائي لاش“ سڏيو وڃي ٿو، پوين ڪـُـجهه ڏهاڪن ۾ ڪئين هزار اهڙا موميائي لاش لڌا ويا آهن. سيتيءَ پهرئين ۽ راميسـِـس ٻئي جا موميائي لاش قاهره جي عجائب خاني ۾ هينئر به ڏسي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ انهن بادشاهن جي موت کي ٽن هزار ورهين کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، ته به سندن چَهرا بلڪل صحيح سلامت آهن.[8] مصرين جي عقيدي موجب انتقال ڪيل روح ڪڏهن ڪڏهن انهن ساڳين قبرن ۾ موٽي ايندا آهن، جتي سندن جسم پوريل آهن. انهن روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ قبرن جي ٺاهه ٺوهه ۾ گهڻي محنت ڪئي ويندي هئي. نيل نديءَ جي اولهه ۾ جيڪي ٽڪريون آهن، (خاص ڪري قديم ٿيبز جي ويجهو) انهن ۾ لاتعداد قبرون زمين ۾ سرنگهه وانگر کوٽيل آهن. انهن جون ديوارون اڪثر ڪري تصويرن ۽ ڪتبن سان چٽيل آهن، جن ۾ فوتين جي زندگي بيان ٿيل آهي. انهن تصويرن جي ذريعي اڄڪلهه جي عالمن کي قديم مصرين جي اخلاق ۽ رهڻي ڪهڻيءَ متعلق سڀ خبر پئي آهي. اهرام پڻ اصل ۾ سندن بانين جا مقبرا آهن.

شيشو ۽ ڪاغذ

چار هزار ورهيه اڳ مصرين کي شيشي ٺاهڻ جون سڀ تجويزون اينديون هيون. اهي مصنوعي جواهرات ٺاهڻ ۾ به ڀڙ هئا. هيءَ اها صنعت آهي، جنهن ۾ يورپ وارا به هينئر مـَـسَ سندن برابري ڪري سگهيا آهن. مصري، لکڻ لاءِ نيل نديءَ جي ڪناري جي ڀرسان هڪڙي قسم جو گاهه ڄمندو هو، ان گاهه کي (ڪاغذ ڪري) ڪم آڻيندا هئا. يونانين وٽ اهڙي خاص قسم جي شيءِ لاءِ ٻه نالا هئا، پهريون: ”پپائرس“ (Papyrus) ]جنهن مان انگريزي لفظ ”پيپر“ (Paper) نڪتل آهي[ ۽ ٻيو: ”ببلوس“ (Byblos) ]جنهن مان انگريزي لفظ ”بائيبل“، ڪتاب نڪتل آهي[. ”پاپي رس“ مهانگو هو، ان ڪري سهانگا لکڻ جا پترا، جهڙوڪ: ڪاٺ جون پٽيون، ٺڪر جا ڀڳل ٽڪر ڪتب آندا ويندا هئا.[8]

قديم مصري تحرير

نيپولين جي هڪ فوجي کي اسڪندريا (مصر) جي هڪ ڳوٺ الرشيد منجهان هڪ پٿر لڌو جنهن تي قديم مصري تصويري لکت (Pictographic Script) سان گڏ يوناني ۽ هيرو غليفي ۾ عبادت جا ڪي قانون لکيل آهن. اهو پٿر اڄڪلهه برٽش ميوزيم ۾ محفوظ آهي.[8] چيني لکت وانگر مصري لکت به ”نقشي تحرير“ سان شروع ٿي. شين جا نالا سندن سادي تصوير يا نقش ڪڍڻ سان اظهار ڪيا ويندا هئا. مصري پنهنجي تحرير تي، جا واقعي سهڻي هئي، فخر ڪرڻ ۾ پڻ چينين سان مشابهت رکندا هئا. ”پٿراون ڪتبن“ لاءِ هنن قديم ”تصويري تحرير“ جنهن کي ”هيرو غلافي“ (هيرو = مقدس، غلافي = پٿر تي ٽـُـڪيل لکت) ڪوٺيو وڃي ٿو، ان کي جاري رکيو. دستاويزن ۽ واپاري مقصدن لاءِ تصويري تحرير جا مختصر نمونا آهستي آهستي هيرو غلافيءَ جي جڳهه ڀرڻ لڳا، ڇو ته هو تڪڙا لکي پيا سگهجن.[8]

زالن جي حيثيت

مصري زالن کي قاعدي موجب مڙس سان گڏ برابريءَ جا حق حاصل هئا. هو پنهنجي نالي ۾ ملڪيت رکي ٿي سگهيون ۽ خودمختياريءَ سان ان جي سنڀال ڪري ٿي سگهيون. پنجين بادشاهي خاندان جو هڪ شهزادو اخلاقي نصيحتن جي هڪ مجموعي ۾ چوي ٿو: ”جي تون سياڻو آهين ته پنهنجي گهر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪر، پنهنجي زال کي پيار ڪر، سندس عزت ڪر، سندس جسم جي سنڀال ڪر، سندس خواهشون پوريون ڪر، جيستائين تون جيئرو آهين، ڇو ته هوءَ (زال) هڪ نعمت آهي، جيڪا پنهنجي مالڪ لاءِ عزت جو باعث آهي.“ ڪنهن به ٻئي قديم ملڪ ۾ زالن سان اهڙو سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويندو هو ۽ نه هنن کي هاڻوڪي زماني تائين مغرب جي مکيه ملڪن ۾ سندن برابريءَ جي حقن جي دعويٰ وري تازي ڪئي وئي.[8]

قبطي زبان (Coptic) مصري زبانن سان لاڳاپيل هڪ زبان آهي جيڪا پاڻ افرو ايشيائي زبانن جي شاخ آهي هي زبان قديم مصر ۾ ٽي هزار سال اڳ ڳالهي ويندي هئي ۽ پنھنجي سندر ڏيک سبب پنجي صدي عيسوي تائين ڪنھن نہ ڪنھن حد تائين سترهين صدي عيسوي تائين موجود رهي جيڪا هاڻي اڻلڀ آهي پھريان انکي يوناني رسم الخط ۾ لکيو ويو پر پوءِ ان ۾ ڪجهه واڌارو ڪيو ويو جنھن کانپوءِ ان قبطي رسم الخط طور چورايو انکي مسيحين جو هڪ فرقو قبطي آرٿوڊاڪس ڪتب آڻيندو هئو پر هاڻ اها ڪٿي بہ ناهي ڳالهي ويندي

ٽالمي ۽ رومي مصر

[سنواريو]
ٽالمي راڻي قلوپطرہ ستين دينديرا مندر ۾ رومي جنرل جوليس سيزر سان گڏ.

جديد مصر

[سنواريو]

جديد مصر جي تعمير جي شروعات عثماني خلافت جي محمد علي ڪئي جنھن جو دؤر حڪومت 1805ع کان 1849ع تائين ھيو. ان مصر جي دفاعي طريقو يورپي نموني رکيو ۽ ان ادران جي مرڪزيت ۽ ادارن کي مضبوط بنائڻ جو ڪم شروع ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ ايندڙ سؤ سالن ۾ ھڪ آزاد مصري قوم جنم ورتو[9]. محمد علي کان پوء سندس پوٽي اسماعيل مصر کي جديد ملڪ بنائڻ واري ڪم کي اڳتي وڌايو. اسماعيل 1863ع کان 1879 تائين اقتدار ۾ رھيو جنھن دوران ھن مصر جي شھرن کي جديد اڏاوتي نمونن ۾ تبديل ڪيو، تعليم جي دائري کي وڌايو ۽ صحافت کي فروغ ڏياريو[9]. 1882 م برطانيا پنھنجي مالياتي مفادن ڪري ھن ملڪ تي حملو ڪري قبضي هيٺ آندو ۽ ان کي ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ 1954 تائين پنھنجي اختيار ۾ رکندو آيو[9]. برطانيا ملڪ کي جديد ڪرڻ واري ڪم کي روڪي رکيو پر اظهار جي آزادي ۽ مذھبي آزادي کي قائم رکيو[9]. 1952 جي انقلاب مصر کي تبديل ڪري مڪمل آزادي جي راھ ھموار ڪئي ۽ برطانيا جي مسلط ڪيل بادشاھت جو خاتمو ٿيو[9].1954ع ۾ ھڪ اڳوڻو فوجي آفيسر جمال عبدالناصر ملڪ جو صدر ٿيو جيڪو 1970ع تائين اقتدار ۾ رھيو. جنھن عرب دنيا کي متحد ڪرڻ لاء اڳواڻي ڪئي[9]. 1956 ۾ ھن سوئيز ڪئنال کي مصري اختيار ۾ آندو جنھن تي مصر سان برطانيا ۽ فرانس جنگ ڪئي جيڪا جنگ سوئيز ڪئنال جي نالي سان مشھور آھي[9]. جديد تاريخ م عرب اسرائيل جنگن عربن کي مصر سميت اسرائيل جي ڀيٽ ۾ وڏو نقصان پھچايو[9]. 1948ع، 1967ع ۽ 1973ع ۾ ٽن عرب اسرائيل جنگن ۾ مصر کي بہ ٻين عرب ملڪن سميت شڪست آئي.[9] انھن جنگن جي ڪري ملڪ جي معاشي ترقي، تعليمي سڌارن ۽ جمھوريت نظام جي سرجڻ وارا عمل پوئتي رھجي وي[9]ا. 1970ع۾ انور سادات ملڪ جو صدر ٿيو جيڪو 1981ع ۾ پنھنجي قتل ٿيڻ تائين صدر رھيو. ان 1978ع ۾ آمريڪا جي ٽياڪڙي سان اسرائيل سان ڪيمپ ڊيوڊ معاھدا ڪيا جنھن سان مصر جو امن جو دؤر شروع ٿيو[9]. اسرائيل ۽ مصر جي وچ ۾ ان امن وارن معاھدن جي ڪري ٻنھي ملڪن جي سربراهن: انور سادات ۽ مناحيم بيگن کي گڏ امن جو نوبل پرائيز مليو. ان سان گڏوگڏ مصر آمريڪا جو اتحادي ٿي ويو[9]. مصر ۾ سيد قطب شھيد (1966 ۾ کيس ڦاسي ڏني وئي) جي بنيادي پرستي وارن خيالن 1967 واري عرب اسرائيل جنگ کانپوءِ اسلام تحريڪ کي مضبوط ڪيو[9]. پر مصري دانشورن طه حسين (وفات: 1973) ۽ نصر حميد ابو زيد (پيدائش:1943) اسلام جي مطالعي ۾ پائدار نصابي تنقيد جا نوان طريقا تلاش ڪيا جن سان مصري مفڪر پنھجي ھم عصرن کان سمجھ م گھڻو اڳتي رھيا[9]. ان کانسواءِ ادبي ميدان، سينيما، موسيقي، ميڊيا واري نشريات سميت ٻين ثقافتي شعبن ۾ پڻ مصر پوري عرب دنيا ۾ سڀ کان اھم قوم رھيو. ان جي مشھور ناول نويس ۽ ڪھاڻيڪار نجيب محفوظ (1911ع- 2006ع) کي ادب جو نوبل انعام مليو[9].

آبادي

[سنواريو]

مصر جي عرب ريپبلڪ عرب ملڪن ۾ سڀ کان وڏي آبادي وارو ملڪ آهي جنهن جي آبادي 2008 ۾ 8,17,00,000 ھئي جنھن جو 90 کان 94 سيڪڙو سني اسلام سان تعلق رکندڙ مسلمان آهن. ۽ باقي 6 کان 10 سيڪڙو عيسائي آھن جن ۾ آرٿوڊڪس ڪاپٽس اڪثريت ۾ آھن[9].

جاگرافي

[سنواريو]

پکيڙ ملڪ جي پکيڙ 386258 چورس ميل آهي[9].

سياسي ورهاست

[سنواريو]

جديد مصر جي حڪومت جو گاديءَ جو هنڌ قاھرہ ۾ آهي جيڪا مضبوط صدارتي نظام تي مشتمل آهي جنھن جو اھم ادارو اتان جي پارليامينٽ آهي جنھن جو ھيٺيون ايوان پيپلز اسيمبلي آھي جنھن جي چونڊ عوام ڪندو آهي. ٻيو ايوان ايڊوائزري ڪائونسل آهي جيڪو غير اھم آھي[9]. آئين ۾ 1980 ۾ شق نمبر 2 ۾ ترميم ڪري اسلام کي اتان جو سرڪاري مذھب قرار ڏنو ويو ۽ شريعت کي قانونسازي جو اھم ذريعو بڻايو ويو[9].

معيشيت

[سنواريو]

ھن ملڪ جي بنيادي معيشت زراعت آھي جنھن جي پيدوار جو وڏو حصو مقامي منڊي ۾ کپي ٿو. ملڪ جي زرمبادلہ جو وڏو ذريعو سياحت، پرديس مان مصري ماڻھن جون ڪمائي موڪليل رقمون ۽ تيل جي برآمد آھن[9].

حوالا

[سنواريو]
  1. "Population Clock". Central Agency for Public Mobilization and Statistics. حاصل ڪيل 27 April 2013. 
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named capmas.gov.eg
  3. 3.0 3.1 "Egypt". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 26 April 2016. 
  4. 4.0 4.1 "Egypt". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 17 November 2017. 
  5. "GINI index". World Bank. حاصل ڪيل 8 February 2013. 
  6. "2015 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 December 2015. 
  7. Midant-Reynes, Béatrix. The Prehistory of Egypt: From the First Egyptians to the First Kings. ford: Blackwell Publishers. 
  8. 8.00 8.01 8.02 8.03 8.04 8.05 8.06 8.07 8.08 8.09 ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  9. 9.00 9.01 9.02 9.03 9.04 9.05 9.06 9.07 9.08 9.09 9.10 9.11 9.12 9.13 9.14 9.15 9.16 9.17 9.18 9.19 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 211,212,