ايسٽ انڊيا ڪمپني

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سن 1601ء ۾ انگريزن جي هڪ قافلي واسڪو ڊي گاما جي سربراهي ۾ ممبئي جي درياه جي ڪناري تي لٿو انهن مغل بادشاهن کي چيو ته اسين هتي تجارت ڪرڻ ٿا چاهيو.ايسٽ انڊيا جي نالي هڪ ڪمپني بني جنهن جا دفتر انڊيا جي مختلف ملڪن م ٺايا ويا سو سالن جي اندر ئي اندر هن ڪمپني جي ڪاروبار ترقي ڪئي ء سڃي ملڪ جي تجارت ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هٿ ۾ اچي وئي[1].

هن نالي سان ٽي ڪمپنيون هيون. هڪ انگريزن جي، ٻي پورچوگيزن جي ۽ -ٽين- فرينچن جي، -جن- جو ترتيبوار 1600ع، 1602ع ۽ 1664ع ۾ بنياد پيو. پورچوگيزن واري ڪمپني سمن جي دؤر ۾ به هئي، پر پوءِ -ان- کي نئين شڪل ڏيئي، -ان- جو باقاعدي بنياد 1664ع ۾ وڌو ويو. برطانوي -انڊيا- ڪمپني'>-ايسٽ -انڊيا- ڪمپني- 1600ع ۾ باقاعدي لنڊن جي -پارليامينٽ- مان، -اوڀر- وارن ملڪن سان واپاري ناتن رکڻ جو منشور پاس ڪرائي وجود ۾ آئي. هن ڪمپنيءَ جا 217 حصيدار هئا، 31 ڊسمبر 1602ع تي -انگلنڊ- جي راڻيءَ ايلزبيٿ، ڪمپنيءَ پاران سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جو پروانو ڏنو، جنهن کان پوءِ 1613ع ۾ نڪولس وٿنگٽن، ڪمپنيءَ پاران سنڌ ۾ واپار لاءِ -جائزو- وٺڻ آيو، ۽ انهيءَ ئي سال هن ڪمپنيءَ پنهنجي پهرين واپاري ڪوٺي سورت ۾ قائم ڪئي. -ان- وقت سورت مشهور -بندر- هو ۽ سنڌ سان لاڳاپيل هو. -ان- کان پوءِ 1618ع ۾ انهيءَ ڪمپنيءَ مڪران جي -بندر- ”جسڪ“ تي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. انهيءَ کان اڳ 1615ع ۾ -انگلنڊ- جي -بادشاهه- جيمس پهرئين پاران سر ٿامس رو هندستان ۾ سفير ٿي آيو. 24 ڊسمبر 1615ع تي هن ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ واپار متعلق ڄاڻ ڏني. اصل ۾ برطانوي ڪمپنيءَ 1613ع ۾ پهريون دفعو سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پورچوگيزن جي اڳ ۾ ئي اتي ڄميل هئڻ سبب -انگريز- ڪامياب ٿي نه سگهيا. 26 -اپريل- 1630ع ۾ برطانوي ڪمپنيءَ هڪ ديسي دلال کي واپار جو واءُ سواءُ معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ موڪليو، جيڪو هتان واءُ سواءُ وٺي ٻه ڳٺڙيون ڪپڙي جون ۽ نموني طور ڪجهه نير خريد ڪري، سورت جي ايجنٽن کي ڏيکارڻ لاءِ ساڻ کڻي ويو. انهيءَ کان اڳ 1617ع ۾ برطانوي ڪمپنيءَ هندستان مان 288، 56، 3 پائونڊن جو مال خريد ڪيو هو، جنهن جي -انگلنڊ- ۾ قيمت 600، 14، 9 -پائونڊ- هئي. اصل ۾ ايڏو وڏو اقتصادي فائدو ڏسي ڪمپنيءَ سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيءَ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون. 1635ع ۾ هڪ -انگريز- جهاز ”ڊسڪوري“، لاهري -بندر- تي پهتو، جنهن تي -ٽن- ڄڻن وارو هڪ واپاري وفد سوار ٿي، -ٺٽي- پهتو. انهيءَ وفد ۾ وليم فريملين، جان سيلر ۽ رچرڊ موئلي شامل هئا. انهيءَ وفد سنڌ ۾ ڪپڙي جي واپار لاءِ ٻن مهينن تائين -جائزو- ورتو. آخر انهيءَ تي سال جي آخر ۾ برطانوي ڪمپنيءَ سنڌ ۾ پهرين واپاري ڪوٺي قائم ڪئي، جنهن جي مکيه آفيس -ٺٽي- ۾ ۽ -ان- جون شاخون نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ قائم ٿيون. شروع ۾ ڪمپنيءَ سوٽي ڪپڙي ۽ نير جي خريداري به ڪرڻ لڳي. سنڌ ۾ قلمي شورو گهڻي انداز ۾ پيدا ٿيندو هو. -انگريز- انهيءَ کي -بارود- ٺاهڻ لاءِ ڪتب آڻيندا هئا. اهوئي سبب آهي جو اڳتي هلي ڪمپنيءَ پنهنجي واپار جو سمورو زور قلمي شوري هٿ ڪرڻ ۾ لڳايو . -انگريز- واپارين سنڌ مان وڌ ۾ وڌ قلمي شورو هٿ ڪري موڪليو. ستاويهه سال اها ڪوٺي هلي پوءِ سنڌ ۾ ڏڪار پوڻ سبب 1662ع ۾ اها -بند- ڪئي وئي، ٻيو ڀيرو وري 1662ع ۾ ڪمپنيءَ جي ڪوٺي -بند- ٿيڻ کان پنج سال پوءِ، جڏهن سنڌ وري ڏڪار مان چڙهي سائي ستابي ٿي، ته ڪمپنيءَ ٻيهر پنهنجي ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا. 1667ع ۾ ڪمپنيءَ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا۽ ڪمپنيءَ پاران ٻه گماشتا، هينري گاري ۽ گلبرٽ هئريسن، -ٺٽي- پهتا. هڪ سال کان پوءِ 1668ع ۾ جڏهن ڪمپني، بمبئيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ورتو ته سنڌ ۾ ڪوٺي نه هئڻ جي باوجود به طاقت جي زور تي انگريزن پنهنجو واپار -جاري- رکيو. 1687ع ۾ ڪمپنيءَ سنڌ مان ڪپڙي، سُٽ ۽ ڇيٽ جون 250، 00، 4 ڳٺڙيون بمبئيءَ ۽ سورت روانيون ڪيون. 1697ع کان 1702ع تائين، پنجن سالن جي عرصي ۾ هندستان مان اَٺن لکن پائونڊن جو مال ٻاهر روانو ڪيو ويو. اهو سلسلو -جاري- رهندو آيو، جيستائين وڃي 1758ع ۾ ڪمپنيءَ سنڌ ۾ ٻيو دفعو پنهنجي ڪوٺي قائم ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ تي ميان نورمحمد ڪلهوڙو حڪمران هو، ۽ ڪمپنيءَ سان سندس دوستاڻا تعلقات هئا. ڪمپنيءَ انهن تعلقاتن مان ڀرپور فائدو ورتو. جڏهن ميان نورمحمد وفات ڪري ويو ۽ ميان غلام شاهه سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، ته هن به ڪمپنيءَ سان پيءُ وارا ساڳيا ناتا برقرار رکيا، ۽ 18 ڊسمبر 1758ع تي انگريزن کي سنڌ ۾ ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ فرمان -جاري- ڪيو. ائين ڪمپنيءَ سنڌ ۾ ٻيو دفعو واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. 1760ع ۾ ميان غلام شاهه ڪمپنيءَ سان هڪ نئون واپاري عهدنامو ڪيو، جنهن موجب سفيد فام فرنگين مان فقط انگريزن کي سنڌ ۾ واپار جي اجازت ملي ۽ مٿن محصول به معاف ڪيو ويو. انهيءَ ئي عهدنامي موجب 1764ع ۾ انگريزن قلمي شوري جون 1254 ڳوڻيون بمبئيءَ روانيون ڪيون ۽ ڪمپني ساليانو سراسري ڏهه هزار مڻ قلمي شورو سنڌ مان کڻڻ لڳي. اهڙيءَ طرح 1775ع تائين ڪمپني سنڌ ۾ ڦر لٽ ڪندي رهي. 1775ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ سياسي بدامني پيدا ٿي ۽ ڪاروبار متاثر ٿيو ته ڪمپنيءَ کي پنهنجي ڪوٺي -بند- ڪرڻي پيئي. اصل ۾ -انڊيا- ڪمپني'>-ايسٽ -انڊيا- ڪمپني- (برطانوي) هندستان تي قبضي ڪرڻ لاءِ بڻائي وئي هئي، جنهن 1613ع ۾ سورت ۾ پنهنجي پهرين واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ کان شروعات ڪئي ۽ اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري سموري هندستان ۽ سنڌ تي قابض ٿي وئي. 1858ع ۾ -انڊيا- ڪمپني'>-ايسٽ -انڊيا- ڪمپني- ختم ڪئي وئي ۽ اُن جا سمورا اختيار -برطانيا- جي -تاج- ماتحت اچي ويا. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ فرينچ ۽ پورچوگيزن جي ڪمپنين به واپار شروع ڪيو هو، پر برطانوي ڪمپنيءَ ٻنهي کي اقتصادي توڙي سياسي طور ناڪام بڻائي ڇڏيو. سنڌ تي (برطانوي) ايسٽ -انڊيا- ڪمپنيءَ جو ئي وڏو اثر رهيو ۽ انهيءَ ڪمپنيءَ معرفت ئي -انگريز- هدستان جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻيا.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.archive.org/stream/Ulama-e-DeobandKaTareekhiPasemanzarByShaykhZulfiqarAhmadNaqshbandi#page/n4/mode/1up
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D8%B3%D9%BD%20%D8%A7%D9%86%DA%8A%D9%8A%D8%A7%20%DA%AA%D9%85%D9%BE%D9%86%D9%8A