جيڪب آباد ضلعو
جيڪب آباد ضلعو | |
|---|---|
ضلعو | |
جيڪب آباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا | |
| Coordinates: 28°16′N 68°26′E / 28.267°N 68.433°E | |
| ملڪ | پاڪستان |
| صوبو | سنڌ |
| ڊويزن | لاڙڪاڻو ڊويزن |
| ضلعي صدر مقام | جيڪب آباد شھر |
| ايراضي | |
| • ڪل | 2,686 چورس ڪلوميٽر (1,037 چورس ميل) |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 1,006,297 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت) |
| تعلقن جو تعداد | 3 |
جيڪب آباد ضلعو پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام جيڪب آباد شهر آهي. هن ضلعي ۾ ٽي تعلقا شامل آهن.
تاريخ
[سنواريو]1843ع م جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪار سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ان وقت خيرپور ميرس الڳ رياست ھئي ۽ باقي سنڌ کي ڪمپني سرڪار ٽن ضلعن م ورھايو جن م ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل ھئا. موجوده لاڙڪاڻو ضلعو ، قمبر شھدادڪوٽ ضلعو، جيڪب آباد ضلعو، ڪشمور ضلعو، سکر ضلعو، دادو ضلعو شڪارپور ضلعي جا حصا ھيا. بعد ۾ 1901ع ۾ شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري سکر ضلعو قائم ڪري ان جو حصو بڻايو ويو ۽ پوء جيڪب آباد کي پڻ الڳ ضلعو بڻايو ويو جنھن ۾ موجوده ڪشمور ضلعو ء بلوچستان جو شھر استاد محمد ء ٻيا علائقا پڻ شامل ھيا. استاد محمد بعد ۾ بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 13 ڊسمبر 2004 ۾ ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ تعلقا پڻ ھن ضلعي کان ڌار ڪري الڳ ڪشمور ضلعو قائم ڪيو ويو. جيڪب آباد جو پراڻو نالو خانڳڙھ ھيو. ان جو نالو جيڪب آباد انگريز فوجي آفيسر ڪرنل جان جيڪب جي نالي تي آهي جنھن نئين شھر جو بنياد وجھي ان جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو اھڙي طرح ھن شھر انگريزن جي دؤر ۾ ضلعي جو درجو حاصل ڪيو. سنڌ جي سرحد تي ھجڻ ڪري ان کي ڪرنل جيڪب پنھنجو ھيڊ ڪوارٽر بڻائي سنڌ بلوچستان جي سرحدي باغي قبيلن تي ڪنٽرول ڪيو. ڪرنل جيڪب جي قبر پڻ جيڪب آباد شھر ۾ واقع آهي.
جيڪب آباد جا تعلقا
[سنواريو]هي ضلعو ھيٺين ٽن تعلقن تي مشتمل آھي جن مان جيڪب آباد تعلقي جو درجو ھڪ سب ڊويزن وارو آھي.
يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]ھن ضلعي ۾ 44 يونين ڪاؤنسلون واقع آهن. شھرن جون يونين ڪاميٽيون الڳ آھن.
| # | يونين ڪاؤنسل | # | يونين ڪائونسل | # | يونين ڪاؤنسل |
|---|---|---|---|---|---|
| 1 | شيرخان | 2 | الله آباد | 3 | خداآباد |
| 4 | ميران پور | 5 | جھان پور | 6 | علڻ پورر |
| 7 | شيران پور | 8 | دوداپور | 9 | محمدپور |
| 10 | دستي | 11 | احمدپور | 12 | بقاپور |
| 13 | رند واھي | 14 | جاني ديرو جاگير | 15 | مولاداد |
| 16 | ناورا | 17 | رمضان پور | 18 | قادرپور |
| 19 | ڳڙھي چند | 20 | ميھار شاھ | 21 | بختيارپور |
| 22 | ٽوج | 23 | جونگل | 24 | جاڙيون |
| 25 | شيرواھ | 26 | دين پور | 27 | ميرپور |
| 28 | جھانگي واھ | 29 | رانجھاپور | 30 | بچرو |
| 31 | ڦل نئون | 32 | مبارڪ پور | 33 | ميرل |
| 34 | بلوچ آباد | 35 | بھادرپور | 36 | ڪريم بخش |
| 37 | ڪوٽ جنگو | 38 | ڳڙھي حسن سرڪي | 39 | مصري پور |
| 40 | غلامون | 41 | ملوئي | 42 | لوگي |
| 43 | تاجو کوسو | 44 | مدد کوسو | - | - |
ديھون
[سنواريو]ھن ضلعي ۾ ڪل 211 ديھون واقع آهن.
هيءَ پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk.
- ↑ [ https://www.politicpk.com/jacobabad-district-uc-list-mna-mpa-seats-%d8%ac%db%8c%da%a9%d8%a8-%d8%a2%d8%a8%d8%a7%d8%af-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%da%a9%db%8c-%db%8c%d9%88%d9%86%db%8c%d9%86-%da%a9%d9%88%d9%86%d8%b3%d9%84%d8%b2/[مئل ڳنڍڻو]] جيڪب آباد، پوليٽيڪو.ڪام
- ↑ resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from April 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Articles with dead external links from October 2023
- لاڙڪاڻو ڊويزن
- سنڌ جا ضلعا
- جيڪب آباد ضلعو