سنڌ جا ضلعا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ جا ضلعا سنڌ جا موجودهه وقت ۾ 29 ضلعا آهن.

سنڌ جا ضلعا

پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ڪل 23 ضلعا آھن۔ جن جي فھرست ھيٺ ڏنل آھي۔

سنڌ ۾ ضلعن جي تاريخ[سنواريو]

1843 ۾ جڏھن سر چارلس نيپيئر ميرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو ته ھن 57532 چورس ميلن جي ايراضيءَ واري ھن ملڪ کي ٽن انتظامي حصن ۾ ورھائي ڇڏيو. ھن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور تي ٻڌل ٽي ڪليڪٽوريٽ ٺاھيون. شڪارپور ڪليڪٽوريٽ ۾ موجوده سکر، جيڪب آباد، قمبر، شھداد ڪوٽ، ڪشمور۽ گھوٽڪي ضلعن جا سمورا علائقا ۽ دادو ضلعي جا ڪجھه علائقا جھڙوڪ ڪڪڙ، ميھڙ، دادو، جوھي ۽ سيوھڻ تعلقا شامل ھئا. حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ نوابشاھه (نوشھري ضلعي سميت)، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جا سمورا علائقا شامل ھئا. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جون حدون ٺٽي ۽ محال ڪوھستان ۽ ڪوٽڙي تعلقن تائين پکڙيل ھيون جن ۾ سن وارو علائقو به اچي ٿي ويو. 1847 ۾ جڏھن چارلس نيپيئر رٽائر ٿيو ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ملائي ذيلي صوبي جي حيثيت ڏئي ھڪ ڪمشنر جي ماتحت ڪيو ويو پر ان ڪمشنر جا اختيار عام ڪمشنرن کان گھڻو وڌيڪ ھئا. تن ڏينھن ۾ اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعو (جيڪب آباد) ۽ ٿر ۽ پارڪر جي نالي سان نوان ضلعا ٺاھيا ويا. موجوده سانگھڙ ضلعو ان وقت ٿر ۽ پارڪر ضلعي جو حصو ھو. اھڙي طرح 19ھين صديءَ جي ختم ٿيڻ وقت سنڌ جا پنج ضلعا ڪراچي، حيدرآباد، ٿر ۽ پارڪر، شڪارپور ۽ اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعا ھئا جڏھن ته خيرپور جي الڳ رياست واري حيثيت ھئي. 20 ھين صديءَ جي شروعات ٿيندي ئي 1901 ۾ شڪارپور ضلعي کي ورھائي سکر ۽ لاڙڪاڻي نالي سان ٻه نوان ضلعا وجود ۾ آندا ويا. لاڙڪاڻي ضلعي جون حدون دادو ضلعي تائين پکڙيل ھيون جڏھن ته شڪارپور ضلعي کي سکر ضلعي ۾ شامل ڪري ضلعي ھيڊ ڪوارٽر به سکر ۾ آندو ويو. 1912 ۾ حيدرآباد ضلعي جا ڪي علائقا ۽ ٿر ۽ پارڪر ضلعي جو سنجھورو ۽ ڪي ٻيا علائقا ڪڍي نوابشاھه جي نالي سان نئون ضلعو قائم ڪيو ويو. 1931 ۾ ڪڪڙ، ميھڙ، دادو، جوھي ۽ سيوھڻ تعلقن کي لاڙڪاڻي کان الڳ ڪري ۽ محال ڪوھستان ۽ ڪوٽڙي تعلقن کي ڪراچي کان ڌار ڪري دادو ضلعي جي نالي سان نئون ضلعو قائم ڪيو ويو. 1843 ۾ سنڌ جي جيڪا ايراضي ھئي اُن ۾ 1911 کان 1921 واري عرصي ۾ ڪجھه گھٽتائي آئي جو 551 چورس ميلن جو سر (سِير) ڪريڪ ۽ کوڙي ڪريڪ وارو علائقو ڪراچي ضلعي کان ڌار ڪري ھندستان جي ڪڇ رياست حوالي ڪيو ويو. 1936 ۾ جڏھن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته ان وقت سنڌ جا اَٺ ضلعا ھئا جن ۾ ڪراچي، ٿر ۽ پارڪر، حيدرآباد، نوابشاھه، دادو، لاڙڪاڻو، سکر ۽ اپر سنڌ فرنٽيئر شامل ھئا. خيرپور رياست الڳ ھئي. 1936 ۾ الڳ صوبي واري حيثيت بحال ٿيڻ کان 1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي تائين سنڌ جي انتظامي يونٽن ۾ ڪي خاص تبديليون ڪونه آيون پر پاڪستان ٺھڻ جي ھڪ سال اندر 23 جولاءِ 1948 تي 812 چورس ميلن جو علائقو ڪراچيءَ واري ضلعي مان ڪپي پاڪستان جي مرڪزي انتظام ھيٺ ملڪ جي گاديءَ لاءِ مخصوص ڪيو ويو ۽ باقي علائقي کي ٺٽي ضلعي جو نالو ڏنو ويو. ڪراچي ساڳي وقت سنڌ جي گاديءَ وارو شھر به ھو. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت 3079 چورس ميلن جو علائقو جيڪو رڻ ڪڇ سان مليل ھو، سنڌ کي ملي ويو. پر ڪراچيءَ کي ڇڏي سنڌ جي ضلعن جو انگ وري به 8 ئي رھيو. 1953 ۾ اھو انگ 9 ٿي ويو جڏھن نوابشاھه جا ٻه تعلقا شھدادپور ۽ سنجھورو ۽ ٿرپارڪر ضلعي جا ٻه تعلقا سانگھڙ ۽ کپرو ڌار ڪري سانگھڙ نالي سان ضلعو وجود ۾ آندو ويو. 1955 جو سال سنڌ لاءِ چڱو ثابت ڪونه ٿيو جو پاڪستان جي حڪمرانن اوڀر پاڪستان (موجوده بنگلاديش) کي اقتدار کان محروم رکڻ لاءِ اولھه پاڪستان جي سمورن صوبن کي ختم ڪري ھڪ صوبو ٺاھي ڇڏيو. ون يونٽ جو نزلو خيرپور رياست تي به ڪريو جو ان جي الڳ حيثيت کي ختم ڪري ھڪ ضلعي جو درجو ڏنو ويو. ان نئين انتظام ھيٺ سنڌ کي ٻن ڊويزنن ۾ ورھايو ويو. ھڪ ڊويزن ھئي خيرپور جنھن ۾ اپر سنڌ فرنٽيئر، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاھه ۽ خيرپور ضلعا شامل ھئا ۽ ان جو ھيڊڪوارٽر به خيرپور ۾ ھو ۽ ٻي ڊويزن ھئي حيدرآباد جنھن ۾ دادو، حيدرآباد، ٺٽو، سانگھڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعا شامل ھئا. ان ساڳي زماني ۾ بلوچستان جي اوسته محمد ۽ جھٽ پٽ تعلقن تي مشتمل نصيرآباد سب ڊويزن جا علائقا سبي ضلعي کان الڳ ڪري اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو جنھن جو نالو ان کان اڳ مٽائي جيڪب آباد ضلعو رکيو ويو ھو. ھوڏانھن پھرين فبروري 1960 تي ٺٽي ضلعي جا 37 ڳوٺ ڪڍي ڪراچيءَ ۾ شامل ڪيا ويا ھئا جڏھن ته 26 مارچ 1961 تي ڪراچيءَ کي به ون يونٽ تحت اولھه پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ سندس گاديءَ واري حيثيت ختم ٿي وئي. ان وقت لسٻيلي ۽ ڪراچيءَ تي مشتمل ڌار ڊويزن ٺاھي وئي. اھڙي طرح 1961 ۾ سنڌ اندر ٽي ڊويزنون ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور ھيون. 1968 ۾ سنڌ کي وري نقصان ٿيو جو بين الاقوامي عدالت جي فيصلي ھيٺ رڻ ڪڇ واري سرحد جو نئين سر تعين ٿيو ۽ ٿرپارڪر ضلعي جا ڪيترائي علائقا ھندستان کي ڏيڻا پيا. 1969 ۾ ون يونٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ۽ 1970 ۾ ان فيصلي تي عمل ڪندي صوبن جي حيثيت بحال ڪئي وئي. ساڳي طرح بلوچستان جي سبي ضلعي جا جيڪب آباد ۾ شامل ڪيل علائقا ۽ لسٻيلو ضلعو واپس ڪيا ويا. ڊويزنن جو تعداد ساڳيو ٽي رھيو. ڪراچي ڊويزن ۾ ھڪ ئي ضلعو ھو جنھن ۾ 91 ڳوٺ ۽ پنج ٻيٽ به شامل ھئا. حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ پنج پنج ضلعا جاري رھيا. اھڙي طرح ان وقت سنڌ ۾ ڪل يارھن ضلعا ھئا. ڀُٽي صاحب جي حڪومت ۾ 1975 ۾ حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن جا ڪي تعلقا ڪڍي بدين جو نئون ضلعو ٺاھيو ويو جڏھن ته 1977 ۾ سکر ضلعي جا علائقا ڪڍي شڪارپور جو نئون ضلعو ٺاھيو ويو جنھن سان ضلعن جو تعداد وڌي تيرھن ٿي ويو. 1972 ۾ سنڌ اندر ڊويزنل سيٽ اپ ختم ڪيو ويو پر 1974 ۾ وري ان کي بحال ڪيو ويو. بھرحال خيرپور پنھنجي حيثيت وڃائي ويٺي جو سکر کي ڊويزن جو درجو ڏئي خيرپور مان ڊويزنل ھيڊڪوارٽر به سکر منتقل ڪيو ويو. ان عرصي ۾ ڪراچي کي ٽن ضلعن اوڀر، اولھه ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ ورھايو ويو ھو. 1980 واري ڏھاڪي تائين سنڌ ۾ اھي ٽي ڊويزنون ھيون جن ۾ ضلعن جو تعداد ۽ ورڇ ھن ريت ھئي: ڪراچي (اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ ضلعا)، حيدرآباد (حيدرآباد، ٺٽو، سانگھڙ، ٿرپارڪر، دادو ۽ بدين) ۽ سکر (جيڪب آباد، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، نوابشاھه ۽ شڪارپور). اھڙي طرح ڪراچيءَ جي ٽن ضلعن کي ملائي ڪل تعداد پندرھن ٿي ويو. انھيءَ ڏھاڪي ۾ اڳتي ھلي گھوٽڪي ضلعو ٺاھيو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ سينٽرل ضلعو ٺاھي شھري ضلعن جو تعداد چار ڪيو ويو. اسيءَ واري ڏھاڪي ۾ ئي اڳتي ھلي ٿرپارڪر ضلعي جا ڪي تعلقا الڳ ڪري عمرڪوٽ ضلعو ٺاھيو ويو.

شھيد بينظير ڀٽو جي پھرين حڪومت ۾ 1990 ۾ نوابشاھه ضلعي جا ڪي علائقا ڌار ڪري نوشھرو فيروز نالي سان نئون ضلعو قائم ڪيو ويو. 1993 ۾ وري ڪراچيءَ ۾ ملير ضلعو ٺاھي ڪراچيءَ جي ضلعن جو تعداد پنج ڪيو ويو. آگسٽ 2000 کان لاڳومڪاني ادارن جي ناظمن واري نظام ھيٺ ڪراچيءَ جي ضلعن جي حيثيت ختم ٿي وئي ھئي پر 11 جولاءِ 2011 تي جڏھن اھو سرشتو ختم ٿيو ته ڪراچيءَ جا سمورا ضلعا وري بحال ٿي ويا. 13 ڊسمبر 2004 تي دادو ضلعي کي ڪٽي ڄامشورو ضلعو ۽ 24 ڊسمبر 2004 تي لاڙڪاڻي ضلعي کي ڪٽي قمبر شھدادڪوٽ ضلعو ٺاھيو ويو جڏھن ته جُون 2005 ۾ ھڪ ئي ڌڪ سان حيدرآباد ضلعي کي ٽُڪر ڪري مٽياري، ٽنڊو الھيار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعا ٺاھي حيدرآباد ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيو ويو. ناظمن واري نظام ھيٺ ڪمشنريءَ وارو سرشتو به آگسٽ 2000 ۾ ختم ڪيو ويو ھو تنھنڪري سنڌ ۾ ڪابه ڊويزن ڪانه رھي. نيٺ 11 جولاءِ 2011 تي پ پ پ حڪومت ان سرشتي کي بحال ڪيو ۽ پنج ڊويزنون ڪراچي، حيدرآباد، سکر ، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص (پويون ٻئي ڊويزنون 1990 واري ڏھاڪي ۾ سکر ۽ حيدرآباد ڊويزنن مان ڪجھه ضلع الڳ ڪري ٺاھيون ويون) ڪم ڪرڻ لڳيون.

ھاڻي جڏھن پ پ پ حڪومت ٻه نيون ڊويزنون ٺاھيون آھن ته سنڌ ۾ انھن جون انگ وڌي ست ٿي ويو آھي جڏھن ته ضلعن جو تعداد 29 ٿي چڪو آھي..[1]

ضلعن جي آبادي[سنواريو]

نمبر شمار ضلعو ايراضي چورس ڪلوميٽر آبادي بمطابق 1998ع آبادي ڪثافت في چورس ڪلوميٽر آبادي بمطابق 2017ع
1 بدين 6,726 1,136,044 169 1,804,516
2 دادو 19,070 1,688,811 89 1,550,266
3 گھوٽڪي 6,083 970,549 160 1,646,318
4 حيدرآباد 5,519 2,891,488 524 2,199,463
5 جيڪب آباد 5,278 1,425,572 270 1,006,297
6 ڄامشورو --- --- --- 993,142
7 ڪشمور --- --- --- 1,089,169
8 خيرپور 15,910 1,546,587 97 2,404,334
9 لاڑڪاڻو 7,423 1,927,066 260 1,524,391
10 مٽياري --- 494,244 --- 769,349
11 ميرپورخاص 2,925 1,569,030 536 1,505,876
12 نوشهروفيروز 2,945 1,087,571 369 1,612,373
13 نوابشاھ 4,502 1,071,533 238 1,612,847
14 قمبر-شهدادڪوٽ --- 924,294 --- 1,341,042
15 سانگھڙ 10,728 1,453,028 135 2,057,057
16 شڪارپور 2,512 880,438 350 1,231,481
17 سکر 5,165 908,373 176 1,487,903
18 ٽنڊو الھيار --- 493,526 --- 836,887
19 ٽنڊومحمد خان --- 438,624 --- 677,228
20 ٿرپارڪر 19,638 914,291 47 1,649,661
21 ٺٽو 17,355 1,113,194 64 979,817
22 سجاول 781,967
23 عمرڪوٽ --- --- --- 1,073,146
24 ڪراچي اوڀر 3,914,757
25 ڪراچي ڏکڻ 1,791,751
26 ڪراچي سنٽرل 2,971,626
27 ڪراچي ملير 2,008,901
28 ڪراچي ڪورنگي 2,457,019
29 ڪراچي اولھ 2,907,467
صوبو سنڌ 135,306 30,439,893 225 47,886,051

پاڪستان جا ضلعا || سنڌ جا تعلقا

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]