اگھم ڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اگھم ڪوٽ
ڦٽل شھر
اگھم ڪوٽ is located in سنڌ
اگھم ڪوٽ
اگھم ڪوٽ
سنڌ جي نقشي ۾
جاگرافي بيهڪ: 25°05′00″N 68°44′51″E / 25.08333°N 68.74750°E / 25.08333; 68.74750مڪانيت: 25°05′00″N 68°44′51″E / 25.08333°N 68.74750°E / 25.08333; 68.74750
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو بدين

اگھاماڻو يا اگھم ڪوٽ دڙن ۽ قبرستان تي مشتمل ھي ماڳ حيدرآباد کان 25 ميل ڏکڻ -اوڀر- طرف، تعلقي ماتلي ۾ چمبڙ کان چار ميل پري ڏکڻ ۾ غلام علي روڊ کان ٽي فرلانگ اولهه طرف. بدين ضلعي ۾ آهي. هي ماڳ ھندو دور ۾ اوج تي ھو. -اتر- 25◦13′50′′ ۽ -اوڀر- 68◦46′20′′ درجا آهي. ھن وقت شھر جا دڙا ۽ قبرستان ٻه سؤ کن ايڪڙن ۾ ڦھليل آھن. راجا اگھم، راءِ گھراڻي جي حاڪم راءِ سھيرس جي دور ۾ لوھاڻي پرڳڻي جو حاڪم ھو. تنھن ڪري اھو ماڳ اگھم لوھاڻي جي نالي پويان سڏجي ٿو. -تاريخ- موجب اگھم چچ جي تعبيداري قبول نه ڪئي ھئي. شاھي فوج سان پڄي نه سگھيو ۽ قلعي ۾ آخري پساهه کنيائين. عربن جي وقت ھي شھر پنھنجي اوج تي ھو. محمد -بن قاسم- به ھن شھر کي فتح ڪيو. ھن شھر جي تباھيءَ جا ڪارڻ معلوم ناھن، پر نادرشاهه جي حملن ۽ سنڌو وھڪري جي ڦيرگهير جو ھٿ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. قبرستان ۾ مخدوم محمد اسماعيل سومري جو مقبرو اھم آھي. شاهه محمد سھروردي، اسلم شاهه، اشرف شاهه قادري جي قبرن کان سواءِ تحفه الڪرام ۾ جنھن شيخ اسحاق -بن- سلطان -بن- -بهلول- قادريءَ جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪو حضرت عبدالقادر جيلاني رحھ جي اولاد مان ھو -ان- جي قبر پڻ ھتي آھي. مخدوم محمد اسماعيل جي مقبري جي ڏکڻ ۾ ٽه- قبائين مسجد جا کنڊر ملن ٿا. ڪجهه ماپون هن ريت آهن. مسجد 40x15 فوٽ، صفي جي ڏاکڻي ڀت ڀڳل آهي. مسجد جو ورانڊو 12 فوٽ کن ويڪرو ۽ مسجد جي دروازي تي ھڪ ڪتبي ھجڻ جا نشان آھن، جيڪو فارسيءَ ۾ لکيل آھي. مسجد ٺھڻ جو سن 647ھ ڏنل آھي. جڏھن ته مخدوم محمد اسماعيل -جن- جي وفات جو سن 998ھ آھي. معنيٰ مخدوم صاحب جي وفات کان به ٽي ساڍا ٽي سؤ سال اڳ جي تعمير ٿيل آھي. مخدوم اسماعيل جي مقبري جي -اتر- طرف مخدوم پير حسين شاهه جي چوکنڊي آھي. سڀ مزارون خسته حالت آھن. دڙي تي ڪابه کوٽائي ڪانه ٿي آھي. کوٽائي ڪجي ته معلوم ٿئي.[1]

حوالا[سنواريو]