چارلس نيپئر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سر[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو honorific prefix (P511) وڪي ڊيٽا تي
چارلس نيپئر
(انگريزي ۾: Charles James Napier خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 10 آگسٽ 1782[2][3][4][5][6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 29 آگسٽ 1853 (71 سال)[2][3][7][4][5][6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت[1][8]
عظيم برطانيا جي بادشاهت (–1 جنوري 1801)[8][9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو ليکڪ[10][1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي انگريزي ٻولي[8][9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي[8][8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
وفاداري سلطنت برطانيا[1][8][9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو allegiance (P945) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جنرل آفيسر[1][8][9]
ليفٽيننٽ جنرل[11]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو military rank (P410) وڪي ڊيٽا تي
لڙائيون ۽ جنگيون پهرئين اينگلو سک جنگ[1][9]،ٻئي اينگلو سک جنگ[1][9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو conflict (P607) وڪي ڊيٽا تي
چارلس نيپيئر

چارلس جيمس نيپئر (Charles James Napier) انگريز جنرل 10 آگسٽ 1782ع تي فوجي ڪرنل ’جارج‘ جي گھر ۾، انگلنڊ ۾ ڄائو. هيءُ اڃا ٽن سالن جو مس هو ته سندس خاندان لنڊن (برطانيا) ڇڏي ڊبلن, آئرلينڊ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ وڃي آباد ٿيو. نـنـڍي هـونـدي سـاڻـس هـڪ حـادثـو پيـش آيـو، جنهنڪري هيءُ بيمار رهڻ لڳو ۽ بيمار رهڻ ڪري اڪثر جسماني طور ڪمزور ۽ طبيعت ۾جذباتي ٿي پيو، پر هُو ننڍي هوندي کان تمام ذهين ۽ چالاڪ هو.

شروعاتي دور[سنواريو]

جنوري 1794ع ۾ ڪميشن پاس ڪري شاهي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ پنجن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ترقي ڪري 1803ع ڌاري ڪئپٽن ٿيو. چارلس نيپئر بدترين مصيبتن ۽ ذلتن جو شڪار رهيو. 1809ع واري اسپين جي جنگ ۾ جنگي قيدي ٿيو. 1810ع ڌاري قيدين جي مٽاسٽا ۾ آزادي ماڻي، مائٽن سان ملي، وري اچي پنهنجي ريجمينٽ ۾ شامل ٿيو. ساڳئي سال ’بساڪو‘ واري جنگ ۾ حصو ورتائين. جنگ ۾ سندس هڪ هٿ جو چنبو ڀڄي پيو. 1811ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل مقرر ٿيو. 1815ع ۾ وري فرانس واري جنگ ۾ حصو ورتائين. جنگ تان موٽندي جيتوڻيڪ فوجين جو جهاز ٻڏي ويو، پر هيءُ محفوظ رهيو. 1820ع ۾ سِيڪريٽ سروس ۾ شموليت اختيار ڪيائي. يونان۾ هاءِ ڪمشنر جي هٿ هيٺ سياسي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ مقامي ماڻهن جي چڱي سهائتا ڪيائين.

تقرري ۽ شادي[سنواريو]

1825ع ۾ ڪرنل ٿيو ۽ اپريل 1827ع ۾ شادي ڪيائين. هاءِ ڪميشن ۾ نوڪري ڪندي بالا عملدارن سان نا اتفاقي ٿي پيس. ان ڪري ڊگھي موڪل وٺي اچي ’باٿ‘ شهر ۾ رهيو. 1833ع ڌاري سندس زال ڪالرا وگھي وفات ڪري وئي، جنهن بعد 1835ع ۾ ٻي شادي ڪيائين. 1837ع ۾ ميجر جنرل مقرر ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر فوجي خـدمـتـون سـرانـجـام ڏيـڻ لـڳـو. چارلس نيپئر 1841ع ۾ هندستان جو فوجي سربراهه ٿيو. آگسٽ 1842ع ڌاري هندستان جي نئين گورنر جنرل ’لارڊ ايلنبرو‘ نيپئر کي جيمس آئوٽرام جي جاءِ تي سنڌ جو بااختيار سياسي ۽ فوجي اڳواڻ مقرر ڪيو. چارلس نيپئر 3 سيپٽمبر 1842ع تي ممبئي کان ڪراچي لاءِ روانو ٿيو. ان دوران سامونڊي سفر ۾ ئي هو ته ڪالرا جي وبا ڦهلجي وئي، جنهنڪري سندس جهاز ۾ 54 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، پر سر چارلس نيپئر بچي ويو.

سنڌ اچڻ[سنواريو]

چارلس نيپيئر جي هٿ لکت

ڪراچي پهچڻ کان پوءِ جڏهن سنڌو درياهه رستي ڪراچيءَ کان سکر لاءِ نڪتو ته حيدرآباد وٽ ميرن سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. سندس سواريءَ لاءِ سون ۽ چانديءَ سان مڙهيل هڪ پالڪي موڪلي وئي. سر چارلس نيپئر جي ساٿي آفيسرن لاءِ سون ۽ چانديءَ سان سجايل اُٺڻيون موڪليون ويون. ساڳئي وقت مير عباس علي خان ۽ ٻين ميرن کي اڳواٽ سندن آجيان لاءِ روانو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح چارلس نيپئر وڏي دٻدٻي ۽ ٺٺ ٺانگر سان ميرن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن تي اسٽيمر تي چڙهي وڃي سکر نڪتو. ان وقت بکر جي قديم قلعي ۾ انگريز فوج جي وڏي ڇانوڻي قائم هئي. 20 ميل اولهه اتر طرف شڪارپور ۾ به انگريزن جا فوجي دستا ترسيل هئا. نيپئر مڪمل طرح فوجي ڪنٽرول سنڀالي، ٽالپرن جي خبر ورتي. هن جيمس آئوٽرام سان صلاح مصلحت ڪري، گورنر جنرل جي منظوريءَ سان خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن کي هڪ سخت قسم جي عهدنامي ڪرڻ جو چيو. ان کان اڳ ميرن سان ٿيل عهدنامي مطابق ڪراچي، بکر ۽ شڪارپور جا علائقا مير حڪمرانن جي هٿ مان نڪري چڪا هئا. هِن عهدنامي مطابق ٽالپرن تي زور ڀريو ويو ته اهي انگريز فوج جي چرپر لاءِ وڏي رقم، کاڌ خوراڪ ۽ ٻارڻ مهيا ڪري ڏين. اهڙي عهدنامي سان سنڌو درياهه واري رسد انگريزن جي قبضي ۾ پئي آئي ۽ ٽالپر حڪمرانن کي درياهه جي ٻنهي طرفن کان ڪچي جي زمين، ٻيلن ۽ محصول اوڳاڙڻ جي حق تان دستبردار ٿيڻو پئي پيو. جڏهن ميجر جنرل آئوٽرام ان قسم جو عهدنامو آڻي ميرن اڳيان رکيو ته سندن حوصلا خطا ٿي ويا. خيرپور جي پوڙهي مير رستم خان ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مير علي مراد ۾ اڻبڻت پيدا ٿي پئي. اهڙيءَ طرح چارلس نيپئر خيرپور جي والي مير رستم خان تي دٻاءُ وڌو ته هو ڪوٽڏجيءَ جي قلعي مان نڪري وڃي ٿر ۾ امام ڳڙهه واري قلعي ۾ لڪو. نيپئر 6 جنوري 1843ع تي 350 پيادا ۽ اٺ توڙي گھوڙي سوار دستا ساڻ ڪري سندس پويان پيو. هن انگريزي فوج سان 80 ميلن جي جھنگ ۽ واريءَ جو سفر ستن ڏينهن ۾ طئي ڪري، اچي امام ڳڙهه قلعي وٽ پهتو. ان وچ ۾ مير رستم خان قلعو خالي ڪري نڪري چڪو هو ۽ اچي حيدرآباد جي ميرن وٽ فريادي ٿيو. 16 جنوري تي نيپئر امام ڳڙهه قلعي کي مسمار ڪري واپس خيرپور موٽي ويو. ميجر جنرل آئوٽرام کي هدايت ڪئي وئي ته هو ڪنهن به حالت ۾ ميرن کان نئين ٺاهه تي صحيحون ڪرائي وٺي. انهيءَ مقصد لاءِ آئوٽرام 16 جنوريءَ تي ڪوٽڏيجيءَ پهتو. 25 جنوريءَ تائين ميرن ۽ سندن وڪيلن جو انتظار ڪيائين، پر سندن ڪا پهر نه موٽي. انهيءَ وچ ۾ حيدرآباد ۾ ميرن جي گھڻگھري ميجر آئوٽرام، چارلس نيپئر کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته هو خود حيدرآباد وڃي ٽالپر حڪمرانن سان ملاقات ڪري، کين ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ لاءِ راضي ڪندو. ان لاءِ 8 فبروريءَ تي ميجر آئوٽرام حيدرآباد ريزيڊنسيءَ ۾ اچي لٿو ۽ ميرن سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ لاڳيتو چار ڏينهن ڳالهين ڪرڻ کانپوءِ ٽالپرن کي اهڙي عهدنامي لاءِ راضي ڪري ورتائين. اهڙيءَ ريت ميجر آئوٽرام بنا ڪنهن جنگ جي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي واپس خيرپور موٽي آيو. جيتوڻيڪ ٽالپر حڪمرانن خوف وچان اهڙي شڪست قبول ڪئي هئي، پر سنڌ جي ننڍن ميرن، بلوچ سردارن ۽ ڪجهه غيرتمند ۽ محب وطن سپاهين مفت ۾ پنهنجي ڌرتي ڏئي ڇڏڻ کان نابري واري ۽ انگريزن سان هر صورت ۾ جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون.

جنگيون[سنواريو]

15 فبروري 1843ع تي سنڌ جي 8000 پيادن ۽ گھوڙيسوار سپاهين گدو لڳ انگريز ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪيو، جتي ميجر جنرل آئوٽرام هڪ سؤ سپاهين سان گڏ ترسيل هو. انگريزي فوجن جي مدد لاءِ هڪ آگبوٽ ’سيٽلائيٽ‘ به اچي پهتو. ’ڪئپٽن ڪانوي‘ جي اڳواڻيءَ ۾ انگريز سپاهي خوب وڙهيا، پر آئوٽرام سميت سمورن انگريز سپاهين وٽ ڀڄڻ کان سواءِ ڪوبه رستو نه بچيو هو ۽ هُو ڀتيون ٽپي ڀڄڻ لڳا. ’ڪئپٽن ڪانوي‘ کي به ڀت ٽپي سپاهين سميت مٽيارين ڏانهن رُخ رکڻو پيو. هن جنگ ۾ ٽي انگريز سپاهي مئا ۽ ٻارهن ڌڪي ٿيا، جڏهن ته سٺ سنڌي سپاهي شهيد ۽ هڪ سؤ زخمي ٿي پيا هئا. اهڙيءَ صورتحال کان پوءِ چارلس نيپئر، خيرپور کان نڪري 6 فبروريءَ تي نوشهري فيروز؛ 11 فبروريءَ تي سڪرنڊ؛ 14 فبروريءَ تي سعيدآباد ۽ 16 فبروري 1843ع تي مٽياريءَ منزلون ڪندو اچي پهتو. هن جي ڪمانڊ هيٺ 2700 فوجي آفيسر ۽ سپاهي جنگ لاءِ تيار هئا. 16 فبروري 1843ع تي ميجر آئوٽرام ۽ ڀڳل سپاهي به مٽيارين وٽ اچي نيپئر سان مليا.

مياڻي واري جنگ[سنواريو]

17 فبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان تي سنڌ پنهنجي بقا جي آخري جنگ وڙهي. هڪ طرف انگريزن جون تربيت يافته ۽ هٿياربند فوجون هيون ۽ ٻئي طرف وطن جا بهادر ۽ بيباڪ سپاهي هئا، جن سان گڏ ٽالپر حڪمران به وڙهڻ لاءِ تيار ٿي چڪا هئا. مياڻيءَ جي ميدان تي وڏي جنگ ٿي، ڪيترن سرفروش سپاهين شهادتون ماڻيون، پر انگريزن جي هن 61 سالا چالاڪ جنرل نيپئر جي چالاڪين ۽ مڪارين آڏو سنڌي سپاهي بيهي نه سگهيا. مياڻيءَ جي جنگ 17 فبروري 1843ع تي جمعي جي ڏينهن مياڻيءَ جي ميدان ۾ لڳي. هن جنگ ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ حيدرآباد جا سڀئي ٽالپر امير گرفتار ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ ميرپورخاص وارو مير شير محمد خان ٽالپر بلوچن جي هڪ وڏي لشڪر سان اچي دُٻي ۾ پهتو، جتي 24 مارچ 1843ع تي ديهه ناريجاڻيءَ ۾ ’دٻي جي جنگ‘ لڳي. هن جنگ ۾ به انگريزن کي فتح نصيب ٿي. مياڻيءَ جي جنگ ۾ هوش محمد شيدي وڏي بهادريءَ سان وڙهيو هو ۽ لشڪر جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجن ساٿين سميت اچي مير شير محمد ٽالپر سان گڏيو هو. هوشو شيديءَ جو آخري دم تائين: ”مر ويسون، پر سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو لڳندو رهيو. هن دٻيءَ جي جنگ ۾ وڙهندي، دشمنن کي ڪيرائيندي، سرچن نالي انگريز سپاهيءَ هٿان شهادت ماڻي. هوشو شيديءَ جي بهادري ڏسي چارلس نيپئر به سندس لاش کي سلام ڪيو ۽ هن بهادر سنڌيءَ جو لاش عزت سان کڻائي، ديهه ناريجاڻيءَ ۾ موجوده سيالن جي ڳوٺ لڳ دفن ڪرايو. ڪن مؤرخن ۽ ليکڪن جو خيال آهي ته هوشوءَ جو لاش حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ آهي، جتي سندس مزار جي مٿان بيڪري ٺاهي، ان کي منهدم ڪيو ويو. پر تحريري سندون پهرين حقيقت تي روشني وجهن ٿيون. سنڌ فتح ڪرڻ جي اهڙي سوڀ تي چارلس نيپئر کي 60 هزار پائونڊ انعام مليو ۽ ٻين بيشمار رعايتن سان گڏ سندس پگهار 8000 پائونڊ مقرر ٿيو. چارلس نيپئر ساڍا چار سال 1847ع تائين سنڌ کي ڦُريندو ۽ ديس واسين مٿان ڳرا محصول مڙهي مٿن ظلم ڪندو رهيو. ان دوران ڪنهن به قسم جي بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ سنڌ ۾ فوج تي ساڍا ٽي ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، جيڪي محصول جي صورت ۾ سنڌ مان ئي اوڳاڙيا ويا. انگريز فوج جي اهڙي زورآوريءَ جي نتيجي ۾ سنڌ جون اقتصادي حالتون تمام ڪمزور ٿي ويون ۽ سنڌ مرڪز وٽ ستر لکن جي قرضي ٿي وئي. حيدرآباد واري قلعي تي قبضي دوران ميرن جي منشين، سردارن ۽ ٻين ماڻهن وٽان جيڪا مالي ڦرلٽ ڪئي، سا به انگريزن کي ڦٻي وئي.

بيماري ۽ وفات[سنواريو]

اپريل 1846ع ۾ ڪالرا وگھي ڪراچيءَ ۾ ست هزار ماڻهو مُئا، جن ۾ نيپئر جو ڀائيٽيو ’جان‘ به فوت ٿيو. چارلس نيپئر به هن بيماري ۾ مبتلا ٿيو. چارلس نيپئر 1847ع ۾ گورنريءَ تان استعيفا ڏئي، آڪٽوبر ۾ هندستان ڇڏي، برطانيا روانو ٿي ويو ۽ 29 آگسٽ 1853ع تي برطانيا ۾ وفات ڪيائين.

اعتراف[سنواريو]

سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ بمبئي هيڊڪوارٽر ڏانهن پيغام اماڻيندي چارلس نيپئر، لاطيني ٻوليءَ جو لفظ ’پڪائولي‘ (Piccivli) اصطلاح طور استعمال ڪيو، جنهن جو مطلب هي ڪڍيو ويو: ‘I have sinned’ انهيءَ رمز واري جملي جون لکت واري فرق سان ٻه معنائون نڪري سگهن ٿيون. هڪڙي ته: ”مون سنڌ فتح ڪري ورتي“ ۽ ٻي معنيٰ اها ته: ”مون سنڌ تي قبضو ڪري، پاپ جهڙو ڪم ڪيو آهي!“ انهيءَ جملي مان سندس ندامت جو اظهار ٿئي ٿو.[12]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 مصنف: Alexander Lovyagin — عنوان : Непир — شائع شدہ از: Brockhaus and Efron Encyclopedic Dictionary. Volume XXа, 1897 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "18d43961ea26829b5264986524f7aa9191dfd1f0" defined multiple times with different content
  2. 2.0 2.1 Benezit ID: https://doi.org/10.1093/benz/9780199773787.article.B00300591 — subject named as: Charles James Napier — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Benezit Dictionary of Artists — ناشر: آڪسفورڊ يونيورسٽي پريسISBN 978-0-19-977378-7
  3. 3.0 3.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Charles-James-Napier — subject named as: Sir Charles James Napier — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  4. 4.0 4.1 Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/17954271 — subject named as: Charles James Napier — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. 5.0 5.1 The Peerage person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4638&url_prefix=https://www.thepeerage.com/&id=p7997.htm#i79968 — subject named as: Lt.-Gen. Sir Charles James Napier — مصنف: Darryl Roger Lundy — خالق: Darryl Roger Lundy
  6. 6.0 6.1 Kindred Britain ID: http://kindred.stanford.edu/#/kin/full/none/none/I18503 — subject named as: Gen. Sir Charles James Napier — عنوان : Kindred Britain
  7. SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6350frq — subject named as: Charles James Napier — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 8.4 8.5 8.6 عنوان : Непир — شائع شدہ از: New Encyclopedic Dictionary, Volume 28, 1916
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 عنوان : Нэпир — شائع شدہ از: Small Brockhaus and Efron Encyclopedic Dictionary. Second Edition. Volume 2, 1909
  10. full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
  11. مصنف: Darryl Roger Lundy — خالق: Darryl Roger Lundy
  12. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012