فيض محل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فيض محل

فيض محل جي اڳياڙي وارو حصو
مقام خيرپور، خيرپور ضلعو سنڌ، پاڪستان
تعمیر 1798
ماهرِ تعمير سنڌي عمارتساز
طرزِ تعمير پاڪستاني عمارتسازي، مغل عمارتسازي سان ھڪجھڙائي اٿس
سياح لڳ ڀڳ 10 لک (2010 ۾)
فيض محل جي ھڪ بناوٽي تفصيل

فيض محل 1798 ۾ رستم علي خان جي دور ۾ هن جي تعمير ٿي. هي خيرپور شهر ۾ هڪ عاليشان محل آهي، جنهن تي لکن جي تعداد ۾ خرچ آيو. هن کي لکي بنگلو ۽ تاج محل بہ سڏيندا هئا. منجهنس جديد قسم جو بهترين فرنيچر آهي. وچون هال درٻار ۽ سرڪاري تقريبن جو ڪم ڏيندو هو، هن جي اڳيان هڪ عاليشان باغ آهي، جنهن ۾ بهترين قسم جا لان ۽ طرح طرح جا گل پوکيل آهن. هي محل هميشہ شاهي درٻار ۽ حاڪمن جر رهائش لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. محل جي اڳيان ٽالپر دور جي حڪمرانن لاءِ ساليانہ پريڊ ۽ سلامي ٿيندي هئي. پاڪستان ٺهڻ بعد منجهنس قانون ساز اسيمبليءَ جا اجلاس بہ ٿيندا هئا، محل مير علي مراد خان ثاني جي تحويل ۾ آهي، مير مهدي رضا ٽالپر هن جي ڏيک واٺ ڪري رهيو آهي.