ايوب پل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ايوب پل

ايوب پل ھڪ ڪماني پل آھي جيڪا سکر ۾ سنڌو درياهه تي ليئنسڊائون پل ڀرسان واقع آهي
کڻي ھلندڙ ريل جو رستو
پار ڪري ٿي سنڌو درياهه
مقام سکر
سرڪاري نالو ايوب برج
وصفون
ڊزائين انگلينڊ جي مڊل بورا واري ڊارمن لانگ
استعمال ٿيل شيون لوھ ۽ رڪ
ٽوٽل ڊيگھ 806 فٽ
اوچائي 247 فٽ
منڍ کان آخر تائين ڊيگھ 806 فٽ (246 m)
ريل بابت تفصيل
رستي وارو گيج 1676
تاريخ
ڊزائين ٺاھيندڙ ڊيوڊ بي. اسٽينمين
اڏاوتي آغاز نومبر 1959
اڏاوتي تڪميل مئي 1962
شماريات
Daily traffic ريلوي ٽريفڪ
لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل جو ڏيک

ايوب پل روهڙي ۽ سکر ريلوي لائين کي ملائڻ لاءِ درياهه تي ٺهيل آهي. لئنسڊائون پل جهوني ٿي، ته هڪ ٻيءَ پل جي ضرورت محسوس ٿي. نئين پل جو نالو ”ايوب پل“ (1962ع) رکيو ويو، جنهن جي ڊزائين ڊي. بي اسٽينمئن نالي هڪ ڪمپنيءَ ٺاهي. هيءَ ڊزائين بلڪل اهڙي آهي، جهڙي هڪ سؤ سال اڳ لئنسڊائون پل ٺاهڻ وقت ويچار هيٺ آئي هئي. تنهن وقت ۾ اها ڊزائين ان ڪري منظور نه ڪئي وئي، جو ان ۾ ٻه طرفي ريلوي جي اچ وڃ جو انتظام هو، جڏهن ته ضرورت هڪ پٽڙيءَ جي هئي. ايوب پل جو مٿيون حصو ڪمان جهڙو آهي، جنهن ۾ فولادي رسا آهن، جيڪي پل جو وزن کڻي بيهن ٿا. هن پل جو ڪم 26 نومبر 1959ع تي شروع ٿيو ۽ پهرين ڊسمبر 1961ع تي ختم ٿيو. هن پل جي اڏاوت تي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ رپيا خرچ آيو.

علي احمد بروهيءَ جي هڪ مضمون موجب پل ٺاهيندڙ مزدور هن کي خوني پل سڏيندا هئا، ڇو ته پل جي تعمير دوران اٽڪل چاليهه مزدور درياهه ۾ ڪري لڙهي مري ويا هئا. انهن کي بچائڻ جو ڪوبه طريقو نه هو، سواءِ ان جي ته هيٺان ڳوڻين جو تهه ڏنو ويندو هو، جيڪو پڻ ڪارگر نه ٿيو، ان ڪري مزدور هتي مزوريءَ لاءِ تيار نه ٿيندا هئا. مجبور ٿي انهن کي ٻيڻي اجرت ڏني وئي. اُن وقت رواجي مزور جي ٻه آنا ۽ اوستي جي مزوري اٺ آنا هئي. ايوب پل دنيا ۾ پنهنجي قسم جي ٽيون نمبر پل آهي.[1][2] مڪانيت: 27°41′38″N 68°53′18″E / 27.693788°N 68.888217°E / 27.693788; 68.888217.ھن پل جي ڊزائين ڊزائين آمريڪن انجنيئر ڊاڪٽر اسٽين مئن تيار ڪئي ۽ 26 نومبر 1959ع ۾ نئين پل جو ڪم شروع ٿيو ۽ پهرين ڊسمبر 1961ع ۾ ٻن ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ھيءَ ريلوي پل تيار ٿي، جنهن جو افتتاح اُن وقت جي صدر پاڪستان فيلڊ مارشل ايوب خان ڪيو ۽ مٿس ايوب پل نالو رکيو ويو. ھيءَ پل ھڪڙي ڪمان تي بيٺل آھي. آسٽريليا ۽ متحده آمريڪا جي ھڪ ڪماندار پلين کان پوءِ ھيءَ پل دنيا ۾ ٽيون نمبر آھي ۽ لئنسڊائون پل وانگي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي[3].

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويبسائيٽ [encyclopediasindhiana.org]
  2. Memon, Sarfaraz (7 May 2012). "British engineering: Ayub Bridge turns 50". دي ايڪسپريس ٽريبيون. http://tribune.com.pk/story/375023/british-engineering-ayub-bridge-turns-50. Retrieved 15 March 2014. 
  3. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ