مواد ڏانھن هلو

راء سھاسي ٻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راء سھاسي ٻيون

سنڌ ۾ 642 ۾ راء گھراڻي جي ٻڌن جي حڪومت
سنڌ جو راجا
سن626 کان 652 تائين[1]
4ھ کان 32ھ تائين
پيشرو راء سھارس ٻيون
جانشين راجا چچ
جيون ساٿي راڻي سھاندي
نسل اولاد ڪانه ھيس
پورو نالو
راجا سھاسي راء ٻيون
گهراڻو راء
شاھي گھراڻو راء گھراڻو
پيءُ راء سھارس ٻيون
لاڏاڻو الور يا اروڙ
مذھب ٻڌ ڌرم

راجا سھاسي راء ٻيون:(انگريزي: Rai Sahasi II ) سنڌ جي راء گھراڻي جو پنجون ۽ آخري بادشاھ ھيو جنھن سنڌ تي 28 سال حڪومت ڪئي. ھن جي وفات تي سندس زال راڻي سھاندي جي مدد سان ھن جي وزير چچ پٽ سيلائج اقتدار تي قبضو ڪري پنھنجي بادشاھي جو اعلان ڪيو ۽ سھاندي سان شادي ڪري پنھنجي راڻي جو درجو ڏنو .

حڪومتي دؤر

[سنواريو]

سن 4 ھجري 626 اھو سال ھو، جڏھن راءِ سھارس مري ويو ھو ۽ سندس پٽ راءِ سھاسي تخت تي ويٺو[2]. حڪومت جو مذهب ٻڌ ڌرم هو، پر ڪمزوريءَ ڪري ڇڄي ان جا پوئلڳ گهڻن ئي فرقن ۾ ورهائجي ويا هئا[3]. برهمڻ سڄي هندستان اندر ٻڌ وارن جي مخالفت ڪرڻ ۾ رڌل هئا. سنڌ جي حڪومت جي گهڻن ئي کاتن تي برهمڻ مامور هئا، جن جي اندروني پاڻ ۾ ٻڌي هئي[3]. راءِ سهاسي ثاني جبرو حاڪم ٿي گذريو آهي. جهالاوان تي قبضي ڪرڻ کان سواءِ، لوهاڻن، لاکن، سمن، جاٽن، ڪردن ۽ ميڊ قومن سندس آڻ مڃي هئي[4][3].

فتحنامي مطابق راءِ سھارس جو موت ھيٺ ڄاڻايل حالتن ۾ ٿيو:

”سھارس راءِ ولد سھاسي راءِ جنھن جي حڪومت جون الھندي واريون سرحدون ڪُرد جبلن ۽ قيقا نان (قلات ۽ مڪران) تائين وسيع ھيون، تنھن پنھنجي گاديءَ وارو ھنڌ اَروڙ ۾ نھايت ڪاميابي نموني بدستور حڪومت ٿي ھلائي. جڏھن اوچتو ئي اوچتو فارس طرف کان نيمروز جي بادشاه جي فوج اچي ڪرمان ۾ وارد ٿي ۽ سھارس کي اھا خبر پھتي تھ ھن پاڻ پنھنجي سر پيشقدمي ڪري حملھ آور فوج سان سخت جنگ جوٽي، جنھن ۾ ٻنھي طرفن جا ڪئي جنگي جوڌا ڪسجي ويا. ان بعد ايرانين سخت حملو شروع ڪري ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ سھارس جي فوج گھيري ۾ اچي ويئي. پنھنجي مان شان ۽ عزت برقرار رکڻ خاطر سھارس پنھنجا قدم مضبوط کُپائي اَڏول ٿي بيھي لڙيو ۽ ان وقت تائين خونخوار جنگ ڪندو رھيو، جيستائين پاڻ قتل ٿي ويو. ان بعد ايرانين جو بادشاه نيمروز واپس ٿيو (پنھنجي وطن ڏانھن). راءِ سھاسي، سھارس جو پٽ، بعد ۾ پنھنجي پيءُ واري راج گديءَ تي ويٺو ۽ پنھنجي ملڪ جو طاقتور حاڪم ثابت ٿيو.“

— [2]

ھڪ فاتح حاڪم بجاءِ ان جي، جو سنڌين جي ملڪ طرف پيشقدمي ڪري، پنھنجي ملڪ ڏانھن واپس موٽي، اھو ڏيکاري ٿو تہ سھارس جنھن طريقي پنھنجي موت تائين بھادريءَ سان جنگ ڪئي، ان جو نتيجو اھو نڪتو جو حملہ آور فوج کي اڳتي وڌڻ جي جرئت ئي ڪانه ٿي[2]. سھارس جي ھار ۽ موت دراصل فتح ۾ تبديل ٿي ويا، جنھن ڪري راءِ سھاسي، جيڪو شڪست کاڌل جوڌي جو پٽ ھو، سو پنھنجي ملڪ ۾ وڌيڪ طاقتور ٿي ويو ۽ 4 ھجري مطابق 626ع ۾ نئين سنڌو سنبت جي ابتدا ٿي[2]راءِ ساھسيءَ پنھنجي وزير چچ کي، راڻيءَ سونھنديءَ جي چوڻ تي، اندر وڃي مائيءَ سان ملڻ جي موڪل ڏيئي غلط فيصلو ڪيو ھو[5] ساهسي پنهنجي پيءُ وانگر نيڪ ۽ حليم ۽ حڪمت وارو شخص هو. هر ڪم حڪمت سان ۽ حالتن پٽاندڙ ڪندو هو. ملڪي ڪمن کان فرصت ملڻ بعد پورو پرڳڻو گهمڻ لاءِ نڪتو، ماڻهن سان مليو جليو، حال احوال ۽ ڏک سور پڇيائين[6]. ان کان علاوه باغين کي به سيکت ڏنائين ۽ پوءِ چئني گورنرن کي گهرائي هيٺيان اصول ٻڌايائين[6] 1. پهريون قاعدو لشڪر متعلق هو. ته سپاهين کي پنهنجي پگهار وقت سر ملڻ گهرجي[6].
2. عوام کان جيڪا ڍل ورتي وڃي ٿي اها ٽن قسطن ۾ وصول ڪئي وڃي ۽ جيڪي روڪ رقم جي صورت ۾ نٿا ڏيئي سگهن، انهن کان سندن هنر ۽ محنت جي صورت ۾ الور. اوچ، مئو، سورائي ۽ سيوستان کي سينگارڻ ۽ مٿي ڪرڻ جي مدد طور ورتي وڃي[6].
3. واپاري مقرر ٽيڪس پوري وقت تي ڏين[6].
4. چوٿون قاعدو انهن هنرمندن لاءِ هو جيڪي سرڪاري خدمت لاءِ مختلف شهرن ۾ مقرر هئا. راءِ ساهسي جي انهن اصولن، قاعدن ۽ قانونن ملڪ کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻايو[6].

ٻڌيمن وزير

[سنواريو]

راجا ساهسي جو ٻڌيمن نالي هڪ وزير هو، جنهن تي تمام گهڻو اعتبار ۽ اعتماد هيس ۽ سڀني ڪمن جي ذميواري سندس حوالي هوندي هئي[6]. ٻڌيمن پنهنجو منشي وري ”رام“ کي مقرر ڪيو، جنهن کي ٻڌيمن ڪري ساهسي وٽ وڏو اعتماد حاصل ٿيو[6].

راجا ساهسي جي درٻار ۾ چچ جو اچڻ

[سنواريو]

چچ نائب وزير بڻجي ڪري وڏي شهرت ماڻي ۽ آخر وزير مواصلات سڏجڻ لڳو[6]. هڪ ڏينهن درٻار هلي رهي هئي، سڀ وزير مشير محفل ۾ موجود هئا ته هڪڙو سيوستان جو ڪارندو ڪجهه ڪاغذ کڻي اچي پهتو. راجا ان جو جواب ڏيڻ لاءِ رام کي سڏ ڪرايو پر رام جي نه هجڻ ڪري چچ اها خدمت سر انجام ڏيڻ جي گذارش ڪئي. راجا چچ کي گهرائي ڪاغذ سندس حوالي ڪيا. چچ اتي ئي ڪاغذن جو اهڙو جامع ۽ خوش خط جواب لکيو جيڪو ٻڌي ڪري راجا ۽ درٻار ۾ ويٺل عالم ۽ فاضل ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ لڳا. ٻئي ڏينهن راجا رام سان مليو ته چچ جي ذهانت ۽ فصاحت جو ذڪر ڪرڻ لڳو ۽ کيس خيال رکڻ لاءِ چيو. رام به چچ جي ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ جي باري ۾ راجا کي ٻڌايو[6]. رام چچ جي قدرداني ڪندي کيس اهم ملڪي معاملن ۾ ڇوٽ ڏيئي ڇڏي. ان کان پوءِ چچ بنا ڪنهن جهل پل جي راجا ساهسي جي درٻار ۾ ايندو ويندو هو ۽ راجا کيس سوکڙين پاکڙين سان نوازيندو هو، ڇو جو مستقبل ۾ کانئس ڪافي اميدون هيون[6].

جنت السنڌ جو بيان

[سنواريو]

رحيم داد خان مولائي شيدائي جي مشهور ڪتاب جنت السنڌ ۾ ھن بادشاھ جو تعارف ھيٺين طرح ڏنل آهي:

"سهارس ثانيءَ کان پوءِ سهاسي ثاني الور جي گاديءَ تي ويٺو. حڪومت جو مذهب ٻڌ ڌرم هو، پر ڪمزوريءَ ڪري ڇڄي ان جا پوئلڳ گهڻن ئي فرقن ۾ ورهائجي ويا هئا. برهمڻ سڄي هندستان اندر ٻڌ وارن جي مخالفت ڪرڻ ۾ رڌل هئا. سنڌ جي حڪومت جي گهڻن ئي کاتن تي برهمڻ مامور هئا، جن جي اندروني پاڻ ۾ ٻڌي هئي. راءِ سهاسي ثاني جبرو حاڪم ٿي گذريو آهي. جهالاوان تي قبضي ڪرڻ کان سواءِ، لوهاڻن، لاکن، سمن، جاٽن، ڪردن ۽ ميڊ قومن سندس آڻ مڃي هئي[4] . سندس وزير، رام، چچ بن سيلائج نالي هڪڙي برهمڻ نوجوان کي پاڻ وٽ محرر ڪري رکيو هو. سيلائج وڏو پنڊت هو ۽ سندس پٽ چچ کي چارئي ويد برزبان ياد هئا. رفتي رفتي وزير رام جي غير حاضريءَ ۾ چچ سرڪاري ڪاغذ شاهي محلات تائين راجا اڳيان پيش ڪرڻ لڳو. سهاسيءَ جي راڻي، شوڀاديوي (سهندي)، هڪڙي دفعي نوجوان برهمڻ منشيءَ جي جادوبيانيءَ ۽ حسن کي ڏسي دل جو دل ۾ مٿس موهت ٿي پئي. راز و نياز جون ڳالهيون وڃي دوستيءَ ۽ شاديءَ ڪرڻ جي وعدي جي منزل کي پهتيون. ٻين کاتن جا برهمڻ عملدار به هن راز ۾ چچ سان شريڪ حال هئا. سهاسي ثانيءَ جو موت به هن خفيه يارانيءَ جو نتيجو هو. سنه 632ع ۾ راجا جي مئي کان پوءِ راڻيءَ جي مدد سان چچ گاديءَ تي ويٺو ۽ بيوه راڻيءَ سان شادي ڪيائين [7]. راءِ گهراڻي جي حڪومت جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو ۽ برهمڻ گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو."

— [8]

ايڇ ٽي لئمبرڪ جو بيان

[سنواريو]

راءِ سهاسي ٻئي جو بادشاهيءَ وارو زمانو، تذڪرن جي مطابق، پرامن ۽ آسودگي وارو هو. ”هن ملڪ ۾ پنهنجي اختياريءَ کي محسوس ڪرايو، ۽ هن جي پيءُ جي طرفان جيڪي چار شهزادا مقرر ڪيا ويا هئا، اهي هن جي تابعداريءَ ۾ رهيا ۽ هن جي اختياريءَ کي قبول ڪيائون. انهن، هن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي جذبي جو خوب مظاهرو ڪيو، پنهنجي دولت هن جي استعمال لاءِ سندس تصرف ۾ ڏني ۽ هن جي هر طرح ايمانداريءَ ۽ پوريءَ قوت سان پٺڀرائي ڪئي. اهڙيءَ طرح سڄو ملڪ راءِ سهاسيءَ جي طاقت سبب وڌيڪ سلامتي ۽ تحفظ محسوس ڪرڻ لڳو، ۽ ماڻهو هن جي عدل ۽ انصاف واريءَ حڪومت ۾ نهايت خوش زندگي گذارڻ لڳا“. اها ڳالهه ”چچ نامي“ ۾ درج آهي، ۽ جيسين ”تحفته الڪرام“ جو تعلق آهي، سو وڌيڪ ائين به چوي ٿو ته ”هن پنهنجي رعايا جون ڍلون ۽ محصول هن شرط تي معاف ڪيا ته هو اُچ، ماتيلا، سيئو راءِ، مائو يا مڏ، الور ۽ سيوستان جي ڇهن قلعن جي اوسارين جي مرمت ڪري ڏين[9] [10] “.راءِ وٽ رام نالي هڪ برهمڻ وزير هوندو هو، جيڪو ائين پيو معلوم ٿئي ته هن جي پاران مڪمل اختيارات جو مالڪ هو. انهيءَ اعليٰ درجي واري امير وٽ هڪڙي ڏينهن هڪ نوجوان برهمڻ اچي حاضر ٿيو.هو الور جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ هڪ برهمڻ خاندان جو فرد هو. هن جو پيءُ سيلاج ۽ ڀاءُ چندر هڪڙي مندر جا خدمتگار هئا، ۽ هيءُ، يعني چچ. ذڪر ڪيل وڏي وزير وٽ نوڪريءَ لاءِ ويو هو. اتفاق سان هن کي پهرينءَ ئي ملاقات ۾ پنهنجي قابليتن جي مظاهري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. هن رام جي اڳيان پاڻ کي ڏاڍيءَ خوبيءَ سان موکيو، جنهن تي هن کي هڪدم نوڪريءَ ۾ رکيو ويو. ٿورو ئي عرصو پوءِ، وزير هڪ اهڙي موقعي تي غير موجود هو، جڏهن راءِ کي هن جي خدمات جي تڪڙي ضرورت هئي ۽ انهيءَ موقعي تي چچ هن جي نمائندگي نهايت ڪاميابيءَ سان ڪئي. تنهن تي راجا خود نوجوان چچ جي نوڪري نائب وزير جي حيثيت ۾ پڪي ڪئي، رام پنهنجيون ڳريون ذميداريون اهڙن قابل هٿن ۾ سونپڻ ۾ پاڻ راضي ٿيو، ۽ هن نيٺ پوڙهي وزير جي مرڻ تي، چچ بلڪل قدرتي طور هن جي جتيءَ ۾ وڃي پير وڌو. انهيءَ اهم ۽ مکيه عهدي تي پهچي، هن پنهنجي شهرت اڃا به وڌائي؛ ”هو عام رعايا سان شرافت، نهٺائيءَ ۽ رحمدليءَ سان پيش ايندو هو، تان جو ٿوري ئي عرصي ۾ هن جو سڄي بادشاهيءَ تي مضبوط قبضو ٿي ويو ۽ هن جو حڪم هر ڪوئي مڃڻ لڳو“. چچ جي زندگيءَ ۾ انهيءَ وقت ڦيرو آيو، جڏهن راءِ سهاسيءَ هن کي پنهنجي راڻيءَ، سُهنديءَ جي موجودگيءَ ۾ ملاقات جو شرف بخشيو، جيڪا هن نوجوان خوبصورت برهمڻ تي عاشق ٿي پيئي. شاهي جوڙو بي اولاد هو ۽ سهاسي مڪمل طور پنهنجي زال جي اثر هيٺ هو، جيڪا بظاهر زوردار ارادي ۽ اوڏي ئي زور دار جذبي ۽ جوش جي مالڪ هئي. ان کان پوءِ واقعات انساني فطرت تي مبني دنيا جي ٻين به سوين عشقي افسانن جي طرز تي هڪٻئي جي پٺيان رونما ٿيا. راڻيءَ هڪ حرفتي دلالڻ جي ذريعي چچ ڏانهن پيغام روانو ڪيو؛ چچ هن کي اهڙو جواب موڪليو، جنهن ۾اهڙن جذبن جو اظهار هو، جيڪي سندس صورتحال جي مطابق هئا؛ هن لاءِ پنهنجي آقا جي زال سان سازش ۾ شريڪ ٿيڻ جو خيال ئي نفرت لائق هو-ڇاڪاڻ ته هو هڪ وفادار نوڪر، هڪ هوشيار ماڻهو ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ برهمڻ هو: ”آءٌ اهو شرمناڪ ۽ نفرت جوڳو ڪم ڪري پاڻ کي داغ نه لائيندس. تون ڪڏهن به مون مان اهو مقصد حاصل نه ڪري سگهندينءَ“. پر هن جيڪي ڪجهه چيو ۽ بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي جيڪي به محسوس ڪيو، تنهن جو سڄو اثر عشق ۽ محبت جي سڪايل راڻيءَ جي هن منٿ ڪرڻ تي هاڪار ۾ ختم ٿي ويو، ته هو جنهن وقت راجا جي حاضريءَ ۾ اچي، تڏهن کيس پاڻ سان ملاقات جي اجازت ڏئي. ان کان پوءِ مخفي ملاقاتون شروع ٿي ويون، ۽ چچ جا سڀ مضبوط ارادا پاڻي ٿي ويا. سهاسي پنهنجي راڻيءَ توڻي وزير جي وفاداريءَ ۾ يقين رکندو هو، ان ڪري هو ٻيءَ هر ڳالهه ڏانهن انڌو هو؛ چچ ۽راڻي پنهنجي ليکي هوشياريءَ سان هلي رهيا هئا، ۽ جيتوڻيڪ هڪ درٻاريءَ کي شڪ پئجي چڪو هو ۽ هن راجا کي اهڙو اشارو به ڏنو ته معاملو ڪجهه گڙٻڙ آهي، پر هو ڪنهن تي به ڪن ڌرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. چچ وزير جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۾ اڳي کان به وڌيڪ محنت سان ڪم ڪندو رهيو، ۽ جيئن ته هن کي بادشاهه جي مڪمل پٺڀرائي ۽ پورو پورو اعتماد حاصل هو. ان ڪري سنڌ ۽ ان جي ماتحت علائقن تي هن کي مڪمل ۽ مطلق اختيار حاصل رهيو. اتفاق سان سهاسي بيمار ٿي پيو، ۽ راڻيءَ کي ڏاڍو فڪر اچي لڳو. هن چچ جو ڌيان ان طرف ڇڪايو ته جيئن ته بادشاهه بي اولاد آهي، ان ڪري هن جي مرڻ تي تخت و تاج سندس ويجهن عزيزن مان ڪنهن نه ڪنهن کي ورثي ۾ ملندو ۽ اهي سڀ راڻيءَ جا بدخواهه هئا. هو راڻيءَ کي پنهنجي ملڪيت کان محروم ڪندا ۽ شايد هن کي زندهه به نه ڇڏين. ٻئي طرف، جيڪڏهن چچ هن سان گڏجي مضبوطيءَ ۽ همت سان ان بحران جي وقت ۾ ڪم ڪندو، ته ان صورت ۾ هو نه فقط کيس بچائي سگهندو، پر ان سان گڏ تخت ۽ تاج تي به سندس پنهنجو قبضو ٿي سگهندو. چچ کي اهو خيال آيو هوندو ته جيڪڏهن سهاسيءَ جي مائٽن مان ڪو هن جو جائنشين بڻيو، ته ان صورت ۾ راڻيءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال خود سندس لاءِ پيدا ٿيندي. پوءِ ته هنن گڏجي، جيئن راجا ڪمزور ٿيندو ويو، هن جي حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ ۽ ان تي قبضي ڪرڻ جي سازش سٽي. منصوبو سڄو سُهنديءَ جو سٽيل هو، ۽ چچ محض هن جي چوڻ تي عمل ڪري رهيو هو. ممڪن آهي ته قديم لکت ۾ بيان ڪيل اهي طريقا، جن تي هنن عمل ڪيو، دل مان گهڙيل افسانا هجن، پر منصوبي جا ڪجهه عنصر نمايان طور امڪاني نظر اچن ٿا، راجا جي موت کي راز ۾ رکيو ويو—سندس علاج ڪندڙ طبيبن کي محل ۾ نظربند ڪري ويهاريو ويو- ۽ راڻيءَ ۽ وزير پنهنجي اعتبار جوڳن ملازمن ۽ ساٿين سان گڏجي راجا جي انتهائي بااثر مائٽن کي دوکي سان محل اندر گهرائي قيد ڪيو، ۽ پوءِ اهو اعلان ڪيو ته راءِ سهاسي صحتياب ٿي رهيو هو، پر هن کي پنهنجي خلاف سازش جو سراغ مليو هو، جنهن مطابق سندس اهي مائٽ کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو سٽي رهيا هئا! ان کان پوءِ انهن سڀني کي، راجا جي فرضي حڪمن هيٺ، هڪدم قتل ڪرايو ويو- ۽ جيئن ته گهڻي وقت کان وٺي چچ جي قول کي خود سندس آقا جو چيو ڪري سمجهيو ويندو هو، چچ جي اهڙي بيان کي عام طور سچ سمجهي قبوليو ويو، ۽ پوءِ هن ڏوهه جي سازش ۾سڀني شريڪ ماڻهن کي وڏا وڏا انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا، جن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جن غلط فهميءَ ۾ڪم ڪيو هو، ۽ اهي پڻ، جيڪي ڄاڻي ٻجهي چچ جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. پوءِ سڄيءَ بادشاهيءَ جي سڀني وڏن وڏن جاگيردارن ۽ نوابن کي ڪوٺايو ويو ۽ کين اهو اطلاع ڏنو ويو ته راءِ سهاسي کي اڃا به صحتياب ٿيڻ جي اميد آهي، پر هن انهيءَ وچ ۾ چچ کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو آهي، راڻيءَ وري، انهيءَ موقعي تي گهڻن ئي بااثر نوابن ۽ دوستن تي فراخدلانه انعامن ۽ اڪرامن جي بارش ڪري، ڳالهه کي بهتر بنايو، ۽ انهن ماڻهن کي جاگيرون عطا ڪيون، جنهنڪري انهن سڀني وفاداريءَ ۽ فرمانبردايءَ جو حلف کنيو. ڪجهه وقت کان پوءِ بادشاهه جي موت جو اعلان ڪيو ويو. اسان کي اهو اندازو ڪرڻ گهرجي ته هن جي لاش کي خفيه طور اڳيئي ساڙيو ويو هوندو-ڇاڪاڻ ته سنڌ جي آبهوا انهيءَ معاملي ۾ دير مدار جي اجازت نه ٿي ڏيئي سگهي. اهو نظر نه ٿو اچي ته سازشين راجا جي لاش جي ڪوڙي ۽ جعلي جلوس جو انتظام ڪيو يا پاڻ کي ايتريقدر طاقتور سمجهيو، جو اها پرواهه نه هين ته ماڻهو ان باري ۾ ڇا سمجهندا. سندن خيال ۾ هڪ ئي ڳالهه هئي، جنهن جي پورائيءَ ۾ هو هر طرح جي اهتمام ۾ لڳا رهيا، پوءِ ماڻهو ڀلي ته جيئن وڻين تيئن وڃي سمجهن. تخت ۽ تاج کي ڦٻائڻ جي سلسلي جو اهو پهريون مرحلو اهڙيءَ طرح ڪاميابيءَ سان سر ڪيو ويو. انهيءَ نقطي تائين ڪهاڻيءَ جو قدر، سچي پچي تاريخ جي عڪس طور، ان جي امڪاني ۽ غيرامڪاني هئڻ جي متعلق اسان جي پنهنجي ذاتي خيالن کان وڌيڪ مضبوط ٻئي ڪنهن معيار ۽ پيماني سان نه ٿو ماپي سگهي. ليڊي مئڪبيٿ وانگر مضبوط قوت ارادي رکندڙ ڪيترن ئي هندستاني راڻين جون اهڙيون حوصله مند ڳالهيون مشهور آهن، جن پردي جي پٺيان رهندي واقعات کي پنهنجي مرضيءَ موجب پئي موڙيو ۽ مرتب ڪيو آهي. ڪيترن موقعن تي برهمڻ وزيرن به پنهنجي راجائن کي، جن جي خدمت ۽ وفاداريءَ جو اهي دم ڀرڻ جي دعويٰ ڪندا هئا، تخت تان لاهي، سندن جاءِ پاڻ والاري آهي [11] ٿي سگهي ٿو ته ٻئي ڪنهن برهمڻ جو اهڙو ساڳيو مثال نه هجي، جنهن عين اهڙيءَ طرح رت جي درياهه مان لنگهي، تخت تي ناجائز طور قبضو ڪيو هجي جيئن چچ ڪيو، پر چچ هڪ ڀيرو پنهنجي ضمير جي خلاف عمل ڪري، ۽ زورآور سُهنديءَ جي تسلط هيٺ اچڻ کان پوءِ، حالات جي وهڪري ۾ اڳتي وڌندو رهيو. هو ان سلسلي ۾ پاڻ کي ائين چئي سمجهائي پئي سگهيو ته ٻين برهمڻن کي به، جيڪي ٻين هنڌن تي هندستان ۾ تخت تي قابض ٿي ٿيا، پنهنجي اعليٰ جاتيءَ جي مخصوص روايتن کي ترڪ ڪري، کشتري فرقي وانگر هلڻو چلڻو ۽ عمل ڪرڻو ٿي پيو. اسان کي انهيءَ زماني جي سنڌ جي سماج متعلق تمام ٿوري ڄاڻ حاصل آهي؛ پر بعد جي زماني جي تاريخ، جنهن تي اسين آڌار رکي سگهون ٿا، ڏيکاري ٿي ته هتان جا ماڻهو مجموعي طور شاهي خانداني انقلابن ڏانهن حيرت انگيز طور بي نياز ۽ بي پرواهه رهيا آهن، ۽ سندن رتبي ۽ رسوخ وارا ماڻهو گهڻو ڪري اڀرندڙ سج جي پوڄا ڏانهن مائل رهندا آيا آهن. چچ اڳيئي ثابت ڪري چڪو هو ته هو حڪومت ڪري سگهڻ جو اهل هو؛ هاڻي هن اهو به ڏيکاريو ته هو ملڪ جي وڏ گهراڻن نوابن ۽ خاندانن تي اعتماد ڪرڻ ۽ سندن شان ۽ شوڪت کي گهٽائڻ بدران، ان ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ تيار هو.[9].

راء گھراڻي جي راجائن جي فھرست

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{تاريخي سنڌو سنبت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 [ cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html]ڪتاب[مئل ڳنڍڻو]: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ (تاريخي سنڌو سنبت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
  3. 3.0 3.1 3.2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named مولائي شيدائي
  4. 4.0 4.1 ) E.H. aitken: Gzetteer of the Privince of Sind, P-89 . حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "E.H. aitken" defined multiple times with different content
  5. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھسانچو:چچ نامو، ڇپيل متن، ص20 http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  6. 6.00 6.01 6.02 6.03 6.04 6.05 6.06 6.07 6.08 6.09 6.10 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي [1]
  7. آئينه حقيقت نما: مولانا اڪبر شاه، جلد-1، ذڪر چچ بن سيلائج. نيمروز سيستان جو علائقو هو، جنهن تي ايرانين زابلستان نالو رکيو هو. عربن مٿس ’سجستان‘ نالو رکيو هو، سندس تختگاه زرنج زره ڍنڍ تي واقع هو، جو پوءِ طوفان لڳڻ ڪري ويران ٿي ويو. ’الفاروق‘: شبلي نعماني، جلد-1، سيوستان. G.P. Tat Seistan, Calcutta, 1910.
  8. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، باب ٻيون، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  9. 9.0 9.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  10. جي-اي-ايس-بي، ج XIV.
  11. حاشيو:شري هرشا جي وزير، ارجن اهڙيءَ طرح قنوج جي تخت تي پنهنجي آقا جي موت تي غاصبانه قبضو ڪيو. سمٿ، ”ارلي هسٽري آف انڊيا“، ٻيو ڇاپو،ص 326.(4-اي) جيئن ته راول نالي جو وري ٻيو ڀيرو به ذڪر اچڻو آهي، ان ڪري مناسب آهي ته شروع ۾ئي چئي ڇڏجي ته خود اهو نالو به شڪي آهي، ۽ ان جي حوالي سان بيان ڪيل ملڪ جي نالي ۽ ان جي جاءِ وقوع جي شناخت پڻ مشڪوڪ آهي.