ابو عطا سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ سان تعلق رکندڙ عربيءَ جو مشهور شاعر ۽ عالم ھو. جيڪو پنهنجي پيءُ سميت غلام بنجي عراق پهتو، پر پنهنجي اعليٰ صلاحيتن، ذوق ۽ حساس طبيعت سبب کيس آزاد ڪيو ويو. هن جو پورو نالو افلح -بن- سيار هو، عراق ۾ غلاميءَ وارن ڏينهن دوران سندس قيام ڪوفي ۾ هوندو هو. انھيءَ زماني ۾ -بنو اميه- جي حڪومت اوج تي ھئي، جڏھن اموين ۽ عباسين وچ ۾ ويڙھ شروع ٿي، ته ھن اموين جي حق ۾ ڪيترائي شعر چيا، ۽ انھن جي طرفان لڙاين ۾ به شريڪ ٿيو، پر جڏھن -ان- ويڙھ ۾ عباسي ڪامياب ٿي ويا ته ھن حالتن کي ڏسندي ڪيترو وقت گمناميءَ ۾ لڪي گذاريو. 158ھ /775ع ۾ منصور عباسيءَ جي وفات کان صرف -ٿورو- عرصو پوءِ ابو عطا جي وفات ٿي، سندس عربي ڪلام جو ديوان 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو.[1] ابوالعطا سنڌي. عربيءَ جو مشهور شاعر ابو عطا به نسلاً سنڌي هو. پنهنجي پيءُ ’يسار‘ سان گڏ، سنڌ مان غلام ٿي ويو. آخر عربي شاعريءَ ۾ ايڏو نالو ڪڍيائين، جو غلاميءَ مان به آزاد ٿيو. عربي شاعريءَ ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيائين. ابو تمام ” الحماسه“ ۾ سندس شعر کي جاءِ ڏني آهي، جنهن ۾ هن خالص عربي شاعرن جو شعر ڏنو آهي. بنو اميه جو مداح هو، جتان کيس وڏا انعام اڪرام ملندا رهندا هئا. هڪ دفعي هڪ امير، سليمان بن سالن، وٽان ’عطا‘ نالي هڪ غلام مليس، جو مٺي آواز سان شعر پڙهندو هو؛ انهيءَ ڪري سندس نالو ’ابو عطا‘ پئجي ويو، نه ته سندس اصلي نالو ’الفح‘ هو. پڇاڙيءَ تائين سندس اُچار نه سڌريا، انهيءَ ڪري عرب شاعر مٿس ٽوڪون ڪندا هئا، جنهن تي هي به سڌيون ٻڌائيندو هون. هي عباسي خاندان جي شروعات واري زماني تائين جيئرو هو. ڪيترن ئي عربي تذڪرن ۽ تاريخن ۾ سندس ذڪر آيو آهي، جن مان ”ڪتاب الاغاني“ (ج 6، ص 78) قابل ذڪر آهي[2]هاڻي عربي زبان کي سنڌ ملڪ ۾ ايتري ترقي ملي جو هتي عربي شاعر به پيدا ٿيڻ لڳا ۽ اگرچه اهي اصل ۾ کڻي عربي نسل جا ئي هجن مگر سندن خاندان کي هن ملڪ ۾ رهندي ايترو زمانو گذري چڪو هو جو هو ”سنڌي“ سڏيا ويندا هئا، نه عرب. جيئن ته ابو عطاءُ سنڌي جو ڪلام ايتري مقبوليت جي درجي کي پهتو جو عرب ۾ هو وڏي بلند نگاهه سان ڏٺو ٿي ويو ۽ ايتري قدر مشهور ٿيو جو ابن اثير ڪيترن جاين تي کيس نقل ڪيو آهي[3].

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D9%88%20%D8%B9%D8%B7%D8%A7%20%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8A
  2. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
  3. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي