مواد ڏانھن هلو

مٺي

مٺي
Mithi

مٺي مِٹهّى
City
مٺيMithi is located in سنڌ
مٺيMithi
مٺي
Mithi
مٺيMithi is located in Pakistan
مٺيMithi
مٺي
Mithi
متناسقات: 24°44′24″N 69°48′0″E / 24.74000°N 69.80000°E / 24.74000; 69.80000
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ٿرپارڪر
بلندي 42 ميل (138 ft)
آبادي (2017)
  ڪل 150,000 (صرف شھر جي آبادي)[1]
  تخمينو  () Above 150,000
مٺي جي بازار

مٺي شهر:Mithi : (سنڌي: مٺي, اردو: مِٹهّى), پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر يا مٺي ضلعي جو 1990 کان وٺي صدر مقام آهي .1990 کان اڳ ھي ميرپورخاص ضلعي جو شھر ھيو. ھن شھر جي اڪثريت ۾ آبادي ھندو مذھب سان تعلق رکندڙ آھي جيڪا ڪل آبادي جو اسي سيڪڙو آهي [2] [3]هيءُ 44 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 51 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ سڄي ٿر جو مرڪزي ۽ مشهور شهر آهي. هتي لهاڻا، مهيشوري، برهمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، مالهي، کٽي، سونارا، مسلمان بجير، پڃارا، ڪاسائي، حجم ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. روايت موجب هي شهر ”مٺي“ نالي بجيرياڻيءَ جو ايل آهي. هتي جا ماڻهو تعليم يافته آهن. واپار چکڱو هلي ٿو. هتي ٽالپرن ٻه قلعا ٺهرائي مٿن ”فتح ڳڙهه“ نالو رکيو. قلعا هاڻي ڊهي ويا آهن، هڪڙي جي ڊٺل هنڌ تي هن وقت اسپتال آهي. ٻيو شهر جي الهندي پاسي وڏي دڙي تي کنڊر جي صورت ۾ آهي، جنهن کي ”گَڍي“ چوندا آهن. هتي مردانو ۽ زنانو پرائمي اسڪول، هاءِ اسڪول، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختياڪار جون آفيسون، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي آفيس، تار آفيس، پوسٽ آفيس، اسپتال، پوليس ٿاڻو، ايڪسائيز آفيس، مسافرخانو، ٽائون ڪميٽي ۽ انسپيڪشن بنگلو آهن. هتي غاليچن ٺاهڻ جا ڪيترائي ڪارخانا آهن. ويجهي ريلوي اسٽيشن نئون ڪوٽ 33 ميل آهي. ڏينهن رات لاري سروس چالو آهي، جا اڳتي اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر تائين وڃي ٿي[4].

جڳديش ڪمار مالاڻي ٽاور

حوالا

[سنواريو]
  1. "City (town) Mithi: map, population, location", Tiptopglobe.com, حاصل ڪيل 31 جولاءِ 2015۔
  2. Eco Tourism Development in Pakistan - Tharparkar, اصل کان 14 جولاءِ 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 24 مئي 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  3. "Mithi:", Dawn.Com, حاصل ڪيل 31 جولاءِ 2015۔
  4. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو