باب:سنڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ثقافت | معيشت | تعليم | جاگرافي | تاريخ | ٻولي | ماڻهو | سياست | رانديون | سياحت | ٽرانسپورٽ

ترميم  

باب سنڌ

سنڌ پاڪستان جي پنجن[1] صوبن مان هڪ صوبو، ۽ سنڌي قوم جو تاريخ وطن آهي. پکيڙ جي لحاظ کان سنڌ پاڪستان ٽيون وڏو ۽ آبادي جي لحاظ کان ٻيو وڏو صوبو آهي. سنڌ کي مهراڻ پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. سنڌ ۾ مذهبي طور مسلمانن جي گھڻائي آهي، پر هندو، عيسائي پڻ سنڌ ۾ آباد آهن. سنڌ جي اوله ۾ بلوچستان، اوڀر ۾ ڀارت، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ اتر ۾ پنجاب صوبو آهي. سنڌ ۾ گھڻي ڳالهائي ويندڙ زبان سنڌي آهي. سنڌ جو نالو سنڌو درياهه مان نڪتل آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ، اڳي ڪابل ندي، گومتي (گومال) وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون، تنهنڪري سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻو وڏي هوندي هئي ۽ سمنڊ سان ڪلهو پئي هڻندي هئي. انهيءَ سبب آڳاٽن آرين اهو نالو رکيس.هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي 54 هزار چورس ميل آهي. جڏهن ته انگريزين جي قبضي هيٺ اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي هئي.سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفين جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا نسل آباد آهن.

ترميم  

چونڊ مضمون

The extent of Indus Valley Civilization.
The extent of Indus Valley Civilization.

سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب سن 3300 کان 1700 قبل مسيح تائين قائم رھڻ واري انسان جي چند شروعاتي تھذيبن مان هڪ آهي. هي سنڌو ماٿريء جي ميدان ۾ سنڌو درياھ ۽ ان ۾ ڪرندڙ دريائن جي ڪنارن تي شروع ٿي. موهن جو دڙو ۽ ھڙپه هن جا اهم مرڪز هيا. هن تھذيب جا ماڻھو گھر پڪين سرن سان ٺاهيندا هيا. انھن وٽ ڏاند گاڏيون هيون، هو چرخي ۽ کڏي تي ڪپڙا ٺاهيندا هيا، مٽي جي ٿانون ٺاهڻ جا ماهر ھيا. هاري، لوھار، ڪنڀر ۽ مستري سنڌو ماٿري جي تھذيب جا اڏيندڙ هيا . سنڌ جي وادي مان مراد سنڌوندي ۽ انجي معاون درياهن جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ ڪابل جي آس پاس جي ميداني علاقن کي عرف عام ۾ "سنڌ جي وادي" چيو ويندو آهي۔ سنڌ جي وادي هماليہ، قراقرم ۽ هندوڪش جي پهاڙي سلسلن کان نڪرڻ وارن درياهن سان سيراب ٿئي ٿي ۽ ان پهاڙي سلسلن جي ڏکڻ ۾ واقع آهي۔ تقريباََ پورو پاڪستان سنڌ جي وادي تي مشتمل آهي۔ (وڌيڪ...)

ترميم  

چونڊ تصوير

Credit: Miansari66
سنڌي برياني, وڌيڪ ڏسو سنڌي کاڌا.
ترميم  

چونڊ سوانح عمري

حضرت مخدوم بلاول شهيد 856ھ بمطابق 1451ع ۾ حسن سمو جي گهر ۾ هاڻوڪي ڄامشورو ضلعو جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي سمه حڪمران گهراڻي سان هو. سندس وڏا اصل ۾ لسٻيلو جا رهاڪو هئا ۽ سومرن جي سنڌ تي حڪومت واري دور ۾ اتي حاڪم طور مقرر هئا. مخدوم بلاول جو ننڍپڻ ۾ ديني ۽ اسلامي تعليم ڏانهن گهڻو لاڙو رهيو. شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه بخاري پاران قائم مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽان حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب ناظره قرآن ۽ فقهه جي ڪتابن سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي علم پرايائين. ديني تعليم پرائي پنهنجي وقت جو وڏو شرعي علم جو ماهر ۽ فقيه بڻيو. سدائين عبادت زهد ۽ تقوى گذاريائين. سندس ناماچار سڄي هندستان ۾ ڦهلي. ان وقت دهليءَ جو مشهور مصنف ۽ شاعر مخدوم جمالي حج تي ويندي هتان گذريو هو سو لکي ٿو ته سنڌ ۾ ٽي روحاني رهبر ۽ عالم آهن، پهريون لال شهباز قلندر، ٻيو مخدوم بلاول ۽ ٽيون مخدوم نوح.جڏهن مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو ته مخدوم بلاول ۽ سندس شاگردن ۽ بلاولي تحريڪ جي پوئلڳن شديد مزاحمت ڪئي جنهنڪري کيس شاھ بيگ ارغون سازش سان شهيد ڪرائي ڇڏيو. مخدوم کي929ھ بمطابق 1522ع ۾ شهيد ڪيو ويو.روايت آهي ته کيس گھاڻي ۾ پيڙھائي شھيد ڪيو ويو هو. (وڌيڪ...)

ترميم  

خبرن ۾



غلام حسين شاهه بخاري
غلام حسين شاهه بخاري



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.
ترميم  

ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

  • ... ته گانڌي چيو، مونکي ڀارت جي هر شئي موهيو، پر سنڌ مونکي خاص انداز سان موهيو. [2]
  • ... ته سنڌالاجي سنڌ جي تاريخ، معاشري، ثقافت ۽ ادب جي مطالعي ۽ علمي تحقيق ڪرڻ کي چيو ويندو آهي.
  • ... ته هاسو سوڍو اهو سنڌي آهي، جنهن کي پنهنجي شادي جي ڦيرن مهل خبر پئي، سنڌ تي حملو ٿيو آهي، ته هو اڌ ۾ شادي ڇڌي، جنگ ڪندي شهيد ٿي ويو.
  • ... ته پاڪستان جي وجود کان اڳ سنڌ ڪرڪيٽ ٽيم هئي؟
ترميم  

زمرا


ترميم  

وڪي پروجيڪٽ

ترميم  

وڪي پيڊيا علائقي ٻولين ۾

Wikipedia
Wikipedia
اردو ۾ ویکیپیڈیا، آزاد دائرۃ المعارف
سنڌي ۾ وڪيپيڊيا، کليل ڄاڻ چيڪلو
ترميم  

سنڌ جا ضلعا

ترميم  

چونڊ پينوراما

Credit: Saki
سنڌ جي ساحلي پٽي جو هڪ ڏيک
اڳوڻاوڌيڪ پڙهو...
ترميم  

موضوع

ترميم  

لاڳاپيل باب

[[[:سانچو:Fullurl:]] ترميم]  

وڪيپيڊيا برادر رٿائون

وڪيپيڊيا جي وڪيميڊيا فائونڊيشن پاران ميزباني ڪئي ويندي آھي، ھڪ غير-منافع بخش تنظيم جيڪا ٻين بہ ڪيترين ئي رٿائن جي ميزباني ڪري ٿي.

  1. http://www.pakistan.gov.pk/
  2. ""I am a Sindh" -- Gandhi". حاصل ڪيل 6 June 2018.