لاکو ڦلاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لاکو ڦلاڻي تشبيهي تصوير

ڄام لاکو ڦلاڻي (Laakkho Phulaanni)[1]، سنڌ ۽ ڪڇ جو مشھور تاريخي ڪردار آھي،[2][3][4] جنھن سنڌ ۾، سنڌين جي مستقل ۽ پڪي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي.[5][6] ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته: سنڌ جي سورھيه لاکي ڦلاڻي ڪڇ ۽ گجرات واري پاسي وڏيون سوڀون ڪيون ۽ ويرين کي سدائين شڪست ڏنائين ته [7] جيڪڏھن لاکي ڦلاڻيءَ جي دور تي نظر ڪئي وڃي ته، معلوم ٿيندو ته لاکي رٻارين ۽ راءِ کنگھار جي پاڙ پٽڻ لاءِ جيڪو لوڙھين ھڻڻ جو عمل شروع ڪيو، اھو تاريخي لحاظ کان جائز ھو.

سنڌ جي سگهڙن لاکي ڦلاڻيءَ کي ’ستن سورهين‘ ۽ ‘ڏهن ڏاتارن‘ ۾ ڳڻيو آهي.[8][9][10]

رٻاري سومرن جي شاخ آھي، ۽ اھي سمن جي صاحبيءَ جي خلاف ھئا. سنڌ ۾ ھڪ طرف سمن جي راڄ کي مقامي رٻارين کان خطرو ھو ته ٻئي پاسي وري ارغونن ۽ ترخانن جون سنڌ تي نگاھون ھيون ۽ ھتان جا وڏيرا ۽ اڀرندڙ سج جا سلامي، ارغونن کي سنڌ م آڻڻ لاءِ، اندروني طور گھاٽ گھڙڻ ۽ ھتان جي ديش ڀڳت ۽ غريب عوام کي مارڻ، ڦرڻ ۽ لُٽڻ لاءِ نت نوان طريقا آزمائڻ لڳا، ان ڪري لاکي ڦلاڻي، انھن ديس جي ويرين ۽ عوام جي رت پياڪ ڄؤرن کي ناس ڪرڻ لاءِ “لوڙھيون ھڻڻ” شروع ڪيون. ھيءَ حقيقت آھي ته “ڌاڙيل ۽ ڦورو” سنڌ ۾ ھر دور ۾ پيدا ٿيندا رھيا آھن، پر ڪي ڌاڙيل ٻاھرين جا پٺو بڻجي غريب ماڻھن کي ڦرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن، ۽ ڪي جاگيردار ۽ سرمائيدار ۽ ٻاھران ڪاهه ڪندڙن جا چمچا ٿي، سنڌ کي غلام بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن.

ليکڪ محمد حسين ڪاشف لکي ٿو ته: “ڄام لاکو، سنڌ ڌرتيءَ جو اھو ڪردار آھي، جنھن کي لطيف گھڻي اھميت ڏني آھي. خاص ڪري ھن جي لوڙھين جو عمل، جنھن مان ھن جي بھادري بکندي نظر اچي ٿي. تاريخي حالتن جي بنياد تي، اھا لاکي جي مجبوري ھئي، ڇاڪاڻ جو ھڪ پاسي سَمن سردارن جو گھر ڦِٽل ھو، ڄام جي ڪري سنڌ سان جيڪو حشر ٿيو، اھو تاريخ جي صفحن ۾ ظاھر آھي. ائين پئي لڳو ته ھٿ سان وٺي، سنڌ کي تلف ۽ تاراج ڪرايو پيو وڃي. ان وقت جي وڏيري طبقي، تغلقن، ارغونن ۽ ترخانن کي، ھٿي ڏني ۽ ويل وھايا. ڌارين جي لاڳيتي ڪاھن ۽ حملن ڪارڻ، اقتصادي بدحاليءَ جو دور ھو، جنھن ماڻھن ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ان کي بحال ڪرڻ، ماڻھن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ انھن جو اقتصادي پورائو ڪرڻ. اھو ئي ڪارڻ آھي جو لاکي پنھنجي تر جي خوشحاليءَ لاءِ لوڙھيون ھنيون ۽ ان جي ورهاست لاءِ ڏن ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻھو پنھنجي پيرن تي بيھن ۽ اڳتي پنھنجي زندگي گذارڻ جي طريقي کي سٺي نموني اختيار ڪري سگھن. اھا لاکي جي سياسي بصيرت ھئي، جنھن سخا جي سپر سان، پنھنجي تر جي ماڻھن کي زندگيءَ جي مشڪل دور مان ڪڍي، عام سطح تي آندو، سماجي اڏاوت جي سلسلي ۾ تاريخ جي فلسفي مطابق، “قومي بچاءَ” جي صورت ۾ ڪن طبقن تي اثر پوي ٿو، جيڪو يقيني آھي. لاکي جي پنھنجي اختيار، تر جي جوڙجڪ لاءِ، سنگھارن تي تمام گھڻو اثر پيو، ڇاڪاڻ ته ڪڇ جي راجا کان پوءِ، اھو ئي طبقو ھو، جنھن تي اثر پيو. جن ۾ ريٻاري به اچي ويا.” [11]

لاکي جو ھڪ گڻ ھي ھيو ته ھو ڦُريندو لُٽيندو، وڏيرن ۽ سردارن کي ھو ۽ ماريندو ۽ رت وھائيندو ھو، سدائين ٻاھرين، ديس جي ويرين کي، ارغونن ۽ ترخانن جي پَٺن کي، جيڪي سنڌ ۾ کين آڻڻ لاءِ جاکوڙ ۾ ھئا ۽ تاريخ شاھد آھي ته جڏھن لاکي کي پنھنجن ئي مارايو تڏھن ارغونن سنڌ ۾ اچي جيڪي ويل وھايا، اھي ڪنھن کان به ڳجھا نه آھن. لاکو ڦلاڻي نه رڳو ديس ڀڳت حڪمران ھو پر ھو سورھيه ۽ سخي به ھو. ھو سنڌ جي تاريخ ۾ ستن سورھين ۽ ڏھن ڏاتارن ۾ شمار ٿئي ٿو. جڏھن لاکي، مھر راڻيءَ سان شادي ڪري ڄڃ وٺي، پراڻ ڪنڌيءَ پھتو، تڏھن پراڻ نديءَ جي وڻن، ٽڻن کي، ڪپڙا پھرائي سينگاريائين ۽ چوڻ لڳو ته، ڪنڌيءَ جا اھي وڻ ٽڻ به اسان جا ڄاڃي آھن ۽ جيڪي ڪجهه انھن کي اوڍايو اٿئون، سا ڄڻ ته اسان جي ڏات آھي، اھا وري واپس ڪانه وٺبي. [12]

ظاھر آھي ته، اھڙي سورھيه ۽ سخي سپوت ۽ ڌارين جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀندڙ سنڌيءَ کي ڪير ٿو برداشت ڪري، ان ڪري ويرين وڏي سازش سان کيس پنھنجي مامي راءِ کنگھار جي ذريعي 1010ع ۾ مارائي ڇڏيو. ان وقت سندس ڄمار 99 سال ھئي.

ڄام لاکي جي سورھيائي ۽ سخاوت اڄ به سنڌ ۾ ضرب المثل طور مشھور آھي ۽ ڪيترائي سگھڙ اڄ به کيس ڳائيندا رھن ٿا. ھن بھادر ۽ دلير پُٽ سنڌ کي ڌارين جي غلامي ۽ ارغونن جي قبضي کان بچائڻ لاءِ پنھنجو سِر قربان ڪيو، پر راڄ ۽ خلق جي دلين ۾ پنھنجي جاءِ قائم ڪئي ۽ اھوئي سبب آھي جو ڀِٽ ڌڻيءَ به کيس ڳايو. [13]

لاکي ڦلاڻيءَ جو گهراڻو[سنواريو]

جيمس ٽاڊ پنهنجي "تاريخ راجستان" ۾ بار بار لاکي ڦلاڻيءَ کي جاڙيجو ڪوٺيو آهي.[14][15] لاکي ڦلاڻيءَ جا ڪل ڇهه ڀائر ٻڌايا وڃن ٿا.[14] رائچند هريجن، "ڪڇ جو گجراتي اتهاس؟ جي حوالي سان لکيو آهي ته "ڪڇ جي راجا ڄام ڦل کي پنجن راڻين مان ڇهه پٽ ٿيا، ڄام ڌولا راءِ جي ڪنيا مان ساند، چاوڙي راڻيءَ مان سور، سوڍي راڻيءَ مان کينهرو، ڌرن واگهيلي راڻيءَ مان ڌائو (ڳاهو)، ۽ سونل راڻيءَ مان لاکو". هن حوالي ۾ ڇهن مان پنجن ڀائرن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن.[14]

لاکو وگڙ رياستن ۾ ڪيراڪوٽ جي راجا ڦل جو پٽ هو ۽ چيو وڃي ٿو ته هن جو جنم ان وقت ٿيو جڏهن سندس پيءُ مولراج خلاف جنگ ۾ غير حاضر هو. جنهن ڏينهن لاکو اٽڪوٽ ۾ ڄائو هو، تنهن ڏينهن سندس پيءُ بابت چيو وڃي ٿو ته هن پٽان تائين ڪاهه ڪئي ۽ ڪجهه دڪان ڦري ويا، جتان هي شعر آهي ته:

جنهن ڏينهن لاکو پيدا ٿيو، آسمان ۽ زمين ٻنهي کي ڏڪڻ لڳو. ان ڏينهن پيران پتن جو قلعو ڪاميابيءَ سان ڦرجي ويو.[16]


ڄام لاکو 1350ع ڌاري ڪڇ جو حاڪم ٿيو. اصل ۾ ڄام جاڙي جي ڀاءُ ويرجيءَ جو پٽ هو ۽ چاچي کيس پٽيلو ڪري پاليو هو. ان ڪري ’جاڙيجو‘ ڪري سڏيو ويو. سندس اولاد به ان نسبت سان اڄ تائين ’جاڙيجا‘ سڏجي ٿو.[17][18]



لاکي ڦلاڻيءَ جو دور[سنواريو]

رائچند هريجن، همير سومري جو دور 1400ع کان 1439ع تائين ٻڌايو آهي،[14] جيڪو بعد جي تاريخي تحقيق مطابق ڪنهن به حالت ۾ 1351ع کان ٽپي نه ٿو سگهي، ڇو ته 1351ع کان سنڌ ۾ هر حالت ۾ سمن جي حڪومت شروع ٿي چڪي هئي.[14]

لاکي ڦلاڻيءَ جو راڄ[سنواريو]

لاکو ڦلاڻي ڪڇ ۽ گجرات جي روايتن ۾ تمام گهڻو مشهور سگهارو حڪمران رهيو آهي.[14] سندس نالي ۽ حڪمرانيءَ جي ڇاپ اڄ به ڪڇ، گجرات، مارواڙ ۽ سنڌ جي علائقن تائين پکڙيل آهي.[14] لاکو ڦلاڻي اٽڪوٽ ٺهرايو هو،


لاکي ڦلاڻيءَ جو موت[سنواريو]

گجراتي روايتن ۾ اچي ٿو ته لاکو ڦلاڻي، جوناڳڙهه جي حڪمران گرهرپو يا گوراڙو (Graharipu or Garharo) جو دوست هو، ۽ وٽ مولراج سان ٿيندڙ جنگ دوران جڏهن گرهرپو، مولراج سولنگيءَ جي هٿان جهلجي پيو ته ان مهل لاکي ڦلاڻيءَ نهايت جرئت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي دوست کي ڇڏائڻ لاءِ سر تريءَ تي رکي مقابلو ڪيو ۽ ان مقابلي ۾ مارجي ويو. ٻئي طرف مارواڙ جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته لاکو ڦلاڻي مارواڙ جي راٺوڙ راجا سياجيءَ جي هٿان ماريو ويو هو. ڪرنل جيمس ٽاڊ به پوئين روايت کي ترجيح ڏني آهي.[14] کيس پنھنجي مامي راءِ کنگھار جي ذريعي 1010ع ۾ مارائي ڇڏيو. ان وقت سندس ڄمار 99 سال ھئي.

حوالا[سنواريو]

  1. "ڦلاڻي | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2021-11-06. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-11-06. 
  3. https://irpll.aiou.edu.pk/wp-content/uploads/2019/10/13.-Ruqayyah-Amir.pdf
  4. "سنڌ جا عوامي ڪردار (دادا سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-09-02. 
  5. "سنڌ جا عوامي ڪردار (دادا سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-02-28. 
  6. سنڌ جا عوامي ڪردار. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16985&BookTitle=Sindh-Ja-Awami-Kirdar. 
  7. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ص 45
  8. "ڄام لاکو ڦلاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-02. 
  9. يوسفاڻي معمور، “ست سورھ ڏھ ڏاتار”، شكارپور: مھراڻ اكيڈمي، 2010ع ص1
  10. "شاهه جي ڪلام ۾ مختلف ڪردارن جو ذڪر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-06. 
  11. ڪَنڌيءَ ڪؤنر ٽِڙن ص 203
  12. ڳاھن سان ڳالھيون. ڊاڪٽر بلوچ ص 130
  13. [Sindh Vision سنڌ ويزن] پاران علي مردا راهوجو
  14. 14.0 14.1 14.2 14.3 14.4 14.5 14.6 14.7 لاکو ڦلاڻي. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16773&BookTitle=Lakho%20Fulani. 
  15. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-09-30. 
  16. "Atkot" (en ۾). Wikipedia. 2021-10-02. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Atkot&oldid=1047767293. 
  17. حوالو: ٽه ماهي مهراڻ، 1-2، 2008ع
  18. "ڄام لاکو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-06. 



ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]