موئن جو دڙو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رهنمائي, ڳولا
موئن جو دڙو جا آثار
عالمي ثقافتي ورثو

موئن جو دڙو جا موجودهه آثارسنڌ ، پاڪستان
ملڪ پاڪستان
قسم ثقافتي
شرائط ii, iii
حوالو 138
علائقو** ايشيا بحر الکاهل
مڪانيت 27°19′45″N 68°08′20″E / 27.32917°N 68.13889°E / 27.32917; 68.13889مڪانيت: 27°19′45″N 68°08′20″E / 27.32917°N 68.13889°E / 27.32917; 68.13889
تاريخِ شموليت
شموليت 1980  (4th اجلاس)
* عالمي ثقافتي ورثن جي فهرست ۾ درج نالا
** يونيسڪو جا علائقا
Moenjodaro.jpg

انڊيا جي قديم آثارن جي ماهر راکلداس بئنرجي 1918ع کان ڏکڻ پنجاب، بيڪانير، بهاولپور ۽ سنڌ ۾ سڪندر اعظم جا اهي 11 ٺل ڳولڻ لاءِ مختلف هنڌن جي جاچ ۽ کوٽائي ڪرائي رهيو هو. جيڪي سڪندر اعظم عيسوي سن کان سوا ٽي سو ورهيه اڳ پنهنجي ڪاهه دوران بياس نديءَ جي ڪناري ٺهرايا هئا ۽ مٿن يوناني ٻوليءَ ۽ هندي زبانن ۾ نوشتا اُڪرايا هئا. هن 1918ع کان 1922ع تائين وڏي جدوجهد بعد سنڌ ۾ کيرٿر کان سنڌونديءَ تائين جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ 27 وڏن ۽ 53 ننڍن دڙن کي ڳولي، انهن جي کوٽائي ڪرائي، پر اتفاق سان اهي سڀ ٻڌ دور جا يادگار نڪتا. ائين اتفاق سان هيءُ ماهر ووڙيندو ووڙيندو 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر کان 6 ميل پري هڪ ٻڌ اسٽوپا وٽ پهتو، جيڪو ٻڌ دور جو هڪ مندر هيو. اهو ٺل سنڌونديءَ جي سطح کان 46 فوٽ مٿي هڪ دڙي تي هيو. جنهن ٺل جو ۽ اتان مليل ٻڌ ڌرم جي ڀڪشن جي رهڻ جي جاين جو ان کان هيٺين تهن يا زماني سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه هو. هي مٿيون سڀ تعميرات ٻڌ ڌرم جي راجا واسديو (پهريون) جي دور جون هيون. اهي ان کان هيٺ موجود شهر جي تباهي کان پوءِ هزار سال گذرڻ بعد ان مٿان وري اڏيون ويون هيون. ان خيال کان ته زمين جي سطح کان مٿانهين جڳهه تي مذهبي آستان جوڙڻ سان ان جو سال بسال سنڌو جي ٿيندڙ ٻوڏين کان بچاءُ ٿي پئي سگهيو. [1]

جڏهن بئنرجي ٺل ڀرسان ڪجهه کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان پٿر جا ڪپ ۽ ٺڪر جي ٿانون جو اهڙو ٺيڪراٽ هٿ آيس، جن جو ٻڌ دور سان ڪو به واسطو نه هيو. پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشاندهي ڪن پيا. [2] جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي، جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙاپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط واري مهر سان هڪ جهڙائي ڏيکاري پئي. جيڪا سر الگزينڊر ڪنگهم کي هڙاپا جي کوٽائي مان ملي هئي. ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا ڪنهن قديم تهذيب تي روشني پوندي. جيڪا هڙاپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي. ڇو جو هتان ملندڙ ڪجهه اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانون هڙاپا مان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا. جيڪو هنڌ ان وقت برصغير ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم شمار ڪيو ويندو هو. بس ايئن ئي سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب مٿان زمانن جا پيل پردا ۽ لٽ لهڻ شروع ٿيا. قديم آثارن جي ماهرن جون پرڏيهي اخبارن ۾ هن عظيم تهذيب بابت رپورٽون ۽ بيان شايع ٿيڻ شروع ٿيا ۽ جلد ئي سڄي دنيا ۾ هن عظيم تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ پئجي وئي. ان ئي کوٽائيءَ سنڌ ديس جي اڻ لکيل تاريخ ۾ 5 هزار سال اڳ جي سونهري دور جو اضافو ڪيو. برصغير سميت سڄي دنيا جي تاريخ جي شروعات هن خطي جي ذڪر سان شروع ٿيڻ لڳي. [3]

موهن جي دڙي جي هن قديم ماڳ جي وڌيڪ کوٽائي ان وقت انڊيا جي قديم آثارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل جي نظرداريءَ هيٺ 1922ع جي سياري جي مند ۾ ٿي، جيڪا لاڳيتو 1927ع تائين هلي. ان کوٽائيءَ جو سمورو احوال سر جان مارشل ٽن ضخيم جلدن ۾ شايع ڪرايو. [4] وري ٻيو دفعو هن کنڊر جي کوٽائي ارنيسٽ مئڪي جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. جنهن پنهنجو ڪم 1927ع کان 1931ع تائين ڪري ختم ڪيو ۽ پنهنجي تحقيقات کي جدا ڪتاب ۾ شايع ڪيو. [5]

ان بعد وري ڊاڪٽر سر آر ايم وهيلر 1950ع کان هن دڙي جي کوٽائي ڪرائي. وري 1965ع ۾ آمريڪي آرڪيالاجيڪل مشن جي سربراهه پروفيسر جارج ايف ڊيلز (يونيورسٽي آف پينسلونيا) طرفان وڌيڪ کوٽائي ڪرائي وئي. اهڙي طرح هن عظيم شهر جي کوٽائيءَ ۾ بئنرجي، سر جان مارشل، جارج ايف ڊيلز، هارگريوز، سروپ وتيس، ڪي اين ڊڪشٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ هيءُ 5 هزار سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن جا نرالا رنگ ۽ ڍنگ ورهين گذرڻ بعد اسان جي سامهون آيا. موهن جي دڙي جو تباهه ٿيل شهر اتر سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي-ڪوئيٽا ريلوي لائين تي ڏوڪريءَ جي اسٽيشن کان 6 ميل پري آهي. سنڌوندي هن ماڳ جي اوڀر ۾ وهي ٿي. موهن جي دڙي جو کنڊر 240 ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي. [6] لئمبرڪ جي چئي مطابق هيءُ شهر گهيري ۾ ٽن ميلن کان به وڌيڪ ڦهليل آهي ۽ هي تمام گهاٽي آدمشماريءَ وارو شهر هيو. [7]

هي کنڊر هن وقت ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ”مٿيون شهر“ جتان شهر پناهه جا آثار مليا آهن. جيڪا ٻين جڳهن کان ڪجهه مٿڀري سطح تي جڙيل آهي. ان مٿين سطح تي جوڙيل اڏاوتن ۾ ميونسپل هال ۽ شهري کاتن جي انتظاميه جون سرڪاري آفيسون ۽ بنگلا، پاڻيءَ جو تلاءُ، ٿنڀن وارو اسيمبلي هال ۽ هڪ وڏو ان جو ڀانڊو مليو آهي. جيڪي مٿين سطح تي ان خيال کان ٺاهيا ويا ته جيئن سنڌو درياهه جي ٻوڏن کان انهن جي حفاظت ٿي سگهي ۽ هيٺئين شهر جا ماڻهو به مٿئين شهر جي قلعي ۾ ٻوڏن وقت پناهه حاصل ڪري سگهن. [8] شروعات ۾ دڙو هڪ ئي هئو، پر پوءِ شايد سنڌو ندي جي ڪنهن اوائلي ليٽ هن جي اسٽوپا ايراضي واري حصي کي هيٺين ايراضي کان جدا ڪري ڇڏيو. [9] [10] [11] [12]

هڙپا وانگي، موئن يا موهن جو دڙو پڻ سکر سنڌ کان 80 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اولهه ۾ واقع سنڌو تهذيبَ جو شهر ھو. اھو يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. اهو هڙپا کان ڪي قدر بهتر سانڍيو سنڀاليو ويو آهي، تنهنڪري اهو پنهنجي تهذيب جي بهتر عڪاسي ڪري ٿو. هڙپا کان موئن جو دڙو 400 ميل پري آھي. اھو چار ھزار کان پنج هزار سال اڳ تعمير ڪيو ويو هو ۽ لڳ ڀڳ 1700 ق م ڌاري غير آباد ٿي ويو، جنهن جو سبب شايد سنڌو درياءَ جو رخ مٽائڻ آهي، جيڪو ان تهذيب لاءِ جياپي جو ذريعو هو. ونگڀياسدانن ان کي 1920ع واري ڏهاڪي ۾ دريافت ڪيو.

قدامت جي لحاظ کان موئن جو دڙو قابل ذڪر غير معمولي شهر آهي. ان جو نقشو رٿابنديل آهي، جنهن ۾ گھٽين جو تاڃيپيٽو آهي ۽ مٽيءَ جي پڪل ۽ اس تي سڪايل سِرُن ۽ سڙيل ڪاٺ سان اڏاوت ٿيل آهي. پنهنجي عروج وقت، شهر جي آبادي 35 کان 40 هزار هئي. ان کي تنهن دور جو جديد ترين نڪاسي سرشتو هو، ٻه ۽ ٽه ماڙ متفرق عمارتون هيون ۽ هڪ قابل ديد سنانگاهه هئي، جنهن جي تر ۾ قدرتي ڏامر جو تهه چاڙهيو ويو هو ته جيئن پاڻي سيمو نه ڪري. هڪ زرعي شهر هئڻ جي ڪري، ان ۾ هڪ وڏو کوهه، اناج جو گودام ۽ هڪ ڪاروباري مرڪز پڻ هو.

غالباً، اڃا به وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته موئن جي دڙي ۾ هڪ اهڙي عمارت به هئي جنهن جي هيٺان زمين دوز بٺي هئي، جنهن جو مقصد شايد گرم حمام ميسر ڪرڻ هو. موئن جو دڙو ست ڀيرا تباهه ٿيو هو. هر ڀيري ان کي پراڻي مدفن کنڊر مٿان اڏيو ويو. انهن تباهين جو سبب سنڌو درياهه مان ايندڙ ٻوڏن کي سمجھيو وڃي ٿو. شهر جا ٻه حصا هئا، هڪڙو ڪوٽ، ۽ ٻيو هيٺالو شهر. هيٺالي شهر جو اڪثر حصو اڃا ڍڪيل آهي، پر ڪوٽ جي گھڻي حصي جي کوٽائي ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ عوام لاءِ وڏي سنانگاهه آهي، 5000 شهرين لاءِ هڪ وڏو رهائشي علائقو آهي ۽ ٻه وڏيون اجتماع گاهون هيون.

[[عڪس:Mohenjodaro_Sindh.jpeg|thumb|right|250px|موئن جو دڙو، سکر کان 80 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ اولهه ۾ آهي. اهو سنڌو تهذيب 2600 ق م - 1700 ق م جو مرڪز هو.

جيالاجي جو ماهر جان روچ نيشنل جاگرافڪ ميگزين ۾ لکي ٿو ته موهن جي دڙي ۾ ڪنهن عاليشان محل، مندر يا يادگار قسم جي منارن جي غير موجودگي ثابت ڪري ٿي ته هتي بادشاھ يا راڻي جو تخت تاج ڪونه هو. وسڪونسن ميڊيسن يونيورسٽي آمريڪا جي پروفيسر جوناٿن مارڪ ڪينوئر موجب موهن جي دڙي جي آثارن ۾ راڻي يا راجا جي غير موجودگي مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته موهن جي دڙي کي هڪ شهري رياست طور مختلف محلن مان چونڊيل ماڻهن وسيلي هلايو ويندو هوندو. جان روچ ۽ پروفيسر جوناٿن مارڪ جي اها تحقيق ٻڌائي ٿي ته چونڊيل جمهوري طرز حڪومت جي خالق به سنڌ ئي آهي. چونڊيل جمهوري طرز واري حڪومت جا خالق به سنڌو سڀيتا جا وارث هئا ۽ دنيا جي پهرين سماجوادي رياست سنڌو ماٿر جا ماڻهو ترقيءَ جي بلندين تي هئا. [13] [14]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

(Lakhan jo Daro) Lakhan jo Daro sukkur me S.I.T.E area me ahe.hee maak MOHAN J DARE wangur Kadeem ahe.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]



  1. Chatterji, S.K, “Modern Review” December 1924
  2. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ص-82
  3. Fleet, I.F, “Seals from Harappa” J.R.A.S, 1912, P-699
  4. Marshall, Sir John, “Mohen jo Daro and Indus Civilization” Vol: 1-3, London 1931
  5. Mackay, E.J.H, “Further Excavation at Mohen jo Daro” 2 Volumes, Delhi, 1938
  6. رحيم داد خان مولائي شيدائي، ”تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 1959ع
  7. لئمبرڪ، ايڇ ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 118
  8. Gauhar, Altaf, “Twenty years of Pakistan” 1947 to 1967, Karachi, 1969
  9. Ibid, P-623
  10. محمد ادريس صديقي، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1979
  11. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=288
  12. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر ليکڪ: رڪ سنڌي
  13. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=288
  14. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر