ميرپور خاص
ميرپورخاص | |
---|---|
شھر | |
ميرپورخاص جو عجائب گھر | |
بيھڪ: 25°31′30″N 069°00′57″E / 25.52500°N 69.01583°Eمڪانيت: 25°31′30″N 069°00′57″E / 25.52500°N 69.01583°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ميرپورخاص ضلعو |
تعلقو | ميرپورخاص تعلقو |
مير پور خاص:(انگريزي: Mirpurkhas ) شهر سنڌ جي ڏکڻ ـ اولهه ۾ واقع آهي. هن شهر جو بنياد مير ٺارو ٽالپور ۽ سندس فرزند، مير علي مراد ٽالپور سن 1806ع ۾ رکيو ۽ سندن رياست جو تختگاهه بڻايو. مرزا قليچ بيگ مطابق، "ميرپورخاص ڪو گهڻو جهونو شهر ناهي. سنه 1806ع ۾ مير علي مراد خان ٽالپر ماڻڪاڻي ٻڌو ۽ اڃا انهيءَ جو اولاد اتي ٿو رهي. مير شير محمد خان جنهن دٻي وٽ انگريزن سان جنگ ڪئي، سو به انهن مان هو ۽ اتي جو ويٺل هو، سندس ڪوٽ هاڻي ڊهي ويو آهي. شهر کان اڌ ميل پنڌ تي ٻڌن جو قديم ڦٽل مندر آهي. جنهن کي ڪاهو جو دڙو چوندا آهن، ڇهين عيسوي صديءَ جو جڙيل ٿو ڏسجي."[1] هي شهر انبن جي ڪري مشهور آهي. اڄڪلهه هي شهر سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏي جي مکيه اسٽيشن جي ڪري پڻ مشهور آهي.
ميرپورخاص (ميرن جي سرزمين) سنڌ جو پنجون وڏو شهر آهي، جنهن جي ماڻهسيه اٽڪل 488,590 آهي. هي شهر خاص طور انبن جي ڪري مشهور آهي، هتي هر سال انبن جو ميلو لگندو آهي جنهن کي Mango Festival سڏيو ويندو آهي. جنهن ۾ هزارين قسمن جا انب هوندا آهن.
تاريخ[سنواريو]
سن 1806ع ۾ منڪاني ٽالپر پنهنجي شهر مان لڏي ميرپورخاص ۾ آيو ۽ هڪ تنظيم هلايائين جيڪا مير علي مراد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ هلي. آخر ۾ سنڌ بمبئي جو حصو ٿي وئي ۽ ميرپور خاص سنڌ جو حصو ٿي ويو. عمر ڪوٽ هيڊڪواٽر ٿي ويو. سن 1900ع ۾ جمڙائو ڪينال ٺهيو ۽ 1906ع ۾ ميرپور خاص کي هيڊڪواٽر ڪري چڏيو. جڏهن ويهين صدي شروع ٿي تڏهن ميرپورخاص جي ماڻهسيه 2،787 هئي. ميرپورخاص جي ڪاٽن فيڪٽري ملڪ جي سٺي فيڪٽري مڃي وڃي ٿي. thumb شاھ عبدالطيف ڪاليج جو ٻاهريون منظر
تعليم[سنواريو]
ميرپورخاص ۾ ڪيترا ئي اعليٰ تعليمي ادارا آهن.
سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس
زيبسٽ ڪاليج
شاھ عبدالطيف ڪاليج
گورنمنٽ ماڊل ڪاليج
پبلڪ اسڪول ميرپورخاص
گورنمنٽ ابن رشد گرلس ڪاليج
محمد علي ميڊيڪل ڪاليج
جمالی
آبهوا[سنواريو]
ميرپورخاص جي آبهوا تمام سٺي آهي هتي چارئي مندُون ٿينديون آهن.
مذهب[سنواريو]
مسلمان؛ 66.37 سيڪڙو هندو ؛ 32.73 سيڪڙو ڪرسچن؛ 0.50 سيڪڙو ٻيا ؛ 0.12 سيڪڙو
آمدورفت[سنواريو]
ميرپورخاص کي روڊ ۽ ريلرستي رسي سگھجي ٿو. .
پڻ ڏسو[سنواريو]
لاڙڪاڻو ڊويزن
سکر ڊويزن
پراڻو نواب شاهه نئون بينظير آباد
حيدرآباد ڊويزن
ميرپور خاص ڊويزن
ميرپور خاص
ٿر پارڪر
ڪراچي ڊويزن
خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو