راءِ گهراڻو

راءِ گهراڻو اسلام کان اڳ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ گھراڻن مان هڪ آهي . هن گهراڻي جو مذهب ٻڌمت هو . سندن دؤر سنڌ ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقيءَ جو دؤر هو. ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته، ”پنجين صديءَ جي پڇاڙي کان ستين صدي جي شروعات تائين سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جا راجائون هئا. اُهي اولشودر هئا پوءِ برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا ته برهمڻن سندن شڌي ڪري کتري بنايو. اهي اگني ڪل مان پيدا ٿيا، جنهن ڪري اگني ڪل مان پيدا ٿيل کتري راجپوت سڏجڻ ۾ آيا. ان کان ٿورا ورهيه اڳ چيني سياح هوان شيانگ 640ع ۾ هندستان ۾ اچڻ وقت، راءِ سهاسي ٻئي جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته ”سنڌ جو راجا شودر هو.“[1][2]
ننڍي کنڊ ۾ اسلام کان اڳ سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ وارا راجا پاڻ کي راءِ جي لقب سان سڏرائيندا هئا. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي هجرت کان اڳ سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت هئي، جيڪا تقريبا ڏيڍ سو سال قائم رهي.
تاريخ
گپت گهراڻي وارن جي راڄ شروع ٿيڻ کان پوءِ، ڏيڍ سؤ کن ورهيه ساندھ، هندستان جي ماڻهن امن امان ۾ گذاريو، پر پوءِ'هون لوڪ هندستان تي ڪاهي آيا، جي ’هُون‘ به سڏبا هئا. انهن مان ڪي گورجر، ڪي اهير (اڀير) ۽ ٻين ذاتين وارا هئا، پر سڀني کي گڏي ’هوڻ‘ (Huns) سڏيو اٿن. سندن مهندار ’مهر گل‘ نالي هو، جيڪو ڏاڍو ظالم هو: ٻيا ڪن سُڃ مان وسندي، پر هيءُ وسنديءَ مان سُڃ ڪرڻ وارو هو. گنڌار (قنڌار) طرف تڪش سلا يونيورسٽي هئي، تتي هن مهرگل جي ماڻهن ڦرلٽ ڪري ماڻهن جي گهرن کي باهيون ڏنيون. هندن ۾ اهڙو هراس پيدا ٿيو، جو اهو سمورو پاسو خالي ڪري ويا ۽ هن وقت انهيءَ پاسي رڳو پٺاڻ رهن ٿا. پنجاب جي الهندي طرف ڪيڪيا جو پرڳڻو، جو وديا جو وڏو مرڪز هو، سو به هنن هون لوڪن باهيون ڏيئي ساڙيو ۽ اتان جي هندن کي به لڏڻو پيو. اڄ اهو ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان وارو پاسو ٻروچڪو ملڪ آهي. اهي ئي هون لوڪ هئا، جن گپت گهراڻي جو خاتمو ڪيو ۽ سنڌ ۾ اچي راءَ گهراڻي جو راڄ قائم ڪيو. اهي ئي لوڪ پهريائين شودر ليکبا هئا، پر برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا، ته برهمڻن گهڻي خوشيءَ سان سندين شڌي ڪري، کين کتري بنايو. ڀانئجي ٿو ته اگني (باھ) ٻاري، هون هوم ڪري، سندين شڌي ڪيائون، جنهنڪري سندن اولاد ’اگني ڪل‘ يعني باھ جي خاندان مان پيدا ٿيل راجپوت (راجا جا پٽ) سڏجڻ ۾ آيو.[3] هندستان جي تازين جڙيل تاريخن ۾ راجپوتن جو زمانو سن 650ع کان وٺي ليکيو وڃي ٿو، انهن ڌارين لوڪن به اچي هندستان جون پراڪرت ٻوليون اختيار ڪيون.[4]
راء خاندان جو پهريون راجا راءِ ديوانج هيو. پر جنهن وقت پاڻ ڪريم صلي الله واليه وسلم جن جڏهن مڪي کان مديني هجرت ڪئي ته ان وقت سنڌ ۾ راءِ سيهرس ٻئي جي حڪومت هئي. ۽ ان وقت سنڌ جي گادي جو هنڌ الور (اڙور) شهر هو . تاريخدانن مطانق هن شهر ۾ عاليشان ماڙيون، باغ، باغيچا، آباد زمينون ۽ وڻ ٽڻ ھئا. جنهن سان شهر پر رونق هو . راجا سيهرس وڏو ناڻي وارو ۽ نيڪ انسان هو ، سندس سخاوت ۽ انصاف انسان پروري ڪري رعيت ڏاڍي رغبت ۽ محبت رکندي هيس.
ملڪي صوبا
راجا سيهرس پنهنجي دور ۾ سنڌ ملڪ کي چئن صوبن ۾ ورهايو هو.
- برهمڻ آباد : ان صوبي ۾ نيرون ڪوٽ، ديبل ، لوهاڻا ، لاک ۽ سما ضلعا شامل ھئا.
- سيوستان : جنهن ۾ ٻوڌيا (ٻوڌپور) جنڪان (جمنڪان)، رونجهان ( روجيان)، ۽ پايا جبل کان وٺي مڪران جي سرحد تائين وارو علائقو شامل هو.
- اسڪلنده ، ڀاٽيا ، تلواڙو ، چچپور ، ۽ ديوهپور ، جي ڪجهه زمين شامل هئي.
- ملتان ، ملتان جي ماتحت سڪا، برهمپور ، ڪرور ، اشهار ۽ تاڪيا کان وٺي ڪشمير جي حد تائين جا علائقا هئا . ۽ صوبي جي سرحد ڪشمير سان وڃي ملندي هئي.
مٿين صوبن جا الڳ الڳ گونر مقرر هئا . جيڪي صوبي جو انتظام هلائيندا هئا . ۽ راجا طرفان انهن کي ملڪ حفاظت ۽ عوام جي ڀلائي لاء خاص هدايتون ڏنل هونديون هيون . راجا پاڻ الور ۾ رهندو هو ۽ ڪردارن، ڪيڪانان، ۽ برهاس شهر سندس نگراني هيٺ هو .
دؤر
حاڪمن جي فهرست
| راجا/راء | عرصو |
|---|---|
| راءِ ڏياچ | نامعلوم |
| راءِ سيهرس | نامعلوم |
| راءِ سهاسي | نامعلوم |
| راء سيهرس ٻيون | نامعلوم |
| راءِ سهاسي ٻيون | 632ع تائين |
| راء ديواجي | |
| راء سھاسي پھريون | |
| راء سھارس ٻيون | |
| راء سھارس پھريون | |
اروڙ
ايرانين سان جنگيون
رومين سان تعلقات
سنڌي روايتون
پڄاڻي
حوالا
- ↑ ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ڀاڱو پهريون، صفحو 36
- ↑ ڪتاب جو نالو : تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: چوٿون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ, ڄام شورو، سنڌ.
- ↑ ڏسو ڪرنل ٽاڊ جو ’راجستان جو احوال‘
- ↑ ڏسو سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي آرڪائيو ڪيا ويا 2017-10-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
| ھي هِيءُ مَضِمُونُ سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |