راء ديواجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راء ديواجي
راء ڏياچ
راء گھراڻي جو پھريون بادشاھ
جانشين راء سھارس پھريون
نسل راء سھارس پھريون
گهراڻو راء
شاھي گھراڻو راء گھراڻو
مذھب ٻڌ ڌرم

راء ڏياچ(انگريزي: Rai Devaji) سنڌ جو ھڪ بادشاھ جنھن سنڌ ۾ راء گھراڻي جي بادشاهي جو بنياد وجھي ھڪ مضبوط ايمپائر قائم ڪئي.سندس وفات کانپوءِ پٽ راء سھارس پھريون تخت تي ويٺو.

راء گھراڻي جي ايمپائر جا صوبا[سنواريو]

دارالحڪومت وارو صوبو، جنهن تي خود سهرس پنهنجي گاديءَ واري شهر الور مان حڪومت ڪندو هو، سو گهڻو ڪري اڄوڪي اپر سنڌ ۽ گهڻو ڪري ديراجات جي ڏاکڻي حصي، ۽ ڪڇيءَ سميت بلوچستان جي ڀرپاسي وارن علائقن تي مشتمل هو. اهڙي طرح ان صوبي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي، ۽ ان ٻن ٻن گورنري صوبن کي، جن جي گاديءَ جا شهر هڪ پاسي سنڌ ۾ برهمڻ آباد ۽ سيوهڻ ۽ ٻئي پاسي پنجاب ۾ اسڪالند ۽ ملتان هئا، تقريباً ٻن ساهميءَ جي پڙن وانگر هڪٻئي جي نسبت ۾ [1] پوريءَ برابريءَ جي وزن ۾ بيهاريو ٿي. برهمڻ آباد جو صوبو سنڌو نديءَ جي اوڀر واريءَ مرڪزي سنڌ، سڄي لوئر سنڌ ۽ شايد ڪڇ تي مشتمل هو، ۽ سيوهڻ (سيوستان) واري صوبي ۾ لڳ ڀڳ جديد لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعا، ۽ ممڪن آهي ته لسٻيلو پڻ شامل هئا. اَسڪالند صوبي ۾ شايد بهاولپور رياست ۽ ان جي آسي پاسي وارا پنجاب جا ضلعا، ۽ ملتان صوبي ۾ اهو سڄو علائقو شامل معلوم ٿئي ٿو، جيڪو وڃي مٿي لوڻاٺين پهاڙين (سالٽ رينج) سان لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ صوبي جي سرحد ڪشمير سان مليل هئيو[2].

راء گھراڻي جي راجائن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ”چچ نامو“، ترجمو مرزا قليچ بيگ، ڪراچي، 1900ع، ص 11.
  2. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو