وادي سنڌ جي تهذيب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سنڌو ماٿريء ۾ رهندڙ ماڻھن جون کوپڙيون _ جيڪي اڄ به ڀارتي عجائب گھرن ۾ محفوظ آهن۔
ڪوئٽه ۾ لڌل ٿانء جيڪو تقريبن 2500_1900 قبل مسيح ۾ ٺاهيو ويو هيو.

سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب(انگريزي: Indus Valley Civilization) سن 3300 کان 1700 قبل مسيح تائين قائم رھڻ واري انسان جي چند شروعاتي تھذيبن مان هڪ آهي. هي سنڌو ماٿريء جي ميدان ۾ سنڌو درياھ ۽ ان ۾ ڪرندڙ دريائن جي ڪنارن تي شروع ٿي. موهن جو دڙو ۽ ھڙپه هن جا اهم مرڪز هيا. هن تھذيب جا ماڻھو  گھر پڪين سرن سان ٺاهيندا هيا. انھن وٽ ڏاند گاڏيون هيون، هو چرخي ۽ کڏي تي ڪپڙا ٺاهيندا هيا، مٽي جي ٿانون ٺاهڻ جا ماهر ھيا. هاري، لوھار، ڪنڀر ۽ مستري سنڌو ماٿري جي تھذيب جا اڏيندڙ هيا  .

سنڌ جي وادي جو ميدان

سنڌ جي وادي مان مراد سنڌوندي ۽ انجي معاون درياهن جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ ڪابل جي آس پاس جي ميداني علاقن کي عرف عام ۾ "سنڌ جي وادي" چيو ويندو آهي۔ سنڌ جي وادي هماليہ، قراقرم ۽ هندوڪش جي پهاڙي سلسلن کان نڪرڻ وارن درياهن سان سيراب ٿئي ٿي ۽ ان پهاڙي سلسلن جي ڏکڻ ۾ واقع آهي۔ تقريباََ پورو پاڪستان سنڌ جي وادي تي مشتمل آهي۔ زرخيز زمين، مناسب پاڻي ۽ موزون گرمي پد جي وجھ سان سنڌ جي وادي زراعت ۽ انسانر رهائش جي لاءَ موزون آهي۔ ان ئي وجھ سان انسان جون ابتدائي وستيون سنڌ جي وادي ۾ آباد ٿيون جيڪي بالآخر سنڌ جي تهذيب (انگريزي: Indus valley civilization) چورايون۔


سوٽي ڪپڙو جنھن کي انگريزي ۾ ڪاٽن چوندا آهن اهو به هنن جي ايجاد هئي. کنڊ ۽ شطرنج دنيا جي لاء هن تھذيب جا انمول تحفا آهن. سنڌو ماٿريء جي تھذيب جي دولت هزارن سالن کان ماڻھن کي پنھنجي طرف ڇڪيو آهي.


  گمان ڪيو ويندو آهي ته هندستان ۾ تمدن جو بنياد آرين 1500 قبل مسيح ۾ وڌو هيو. ان کان پهرين هتان جا رهاڪو جھنگلي ۽ تھذيب کان نا واقف ھيا. پر بعد جي تحقيقن هن نظريي کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ هن ملڪ جي تاريخ کي ڏيڍ ھزار سال پوئتي ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي ۽ هڙپه جي آثارن جي دريافت ٿيڻ کان پوء خبر پئي ته هتان جا رهاڪو آرين جي اچڻ کان ڪافي اڳ تھذيب ۽ تمدن جا مالڪ هيا.


دريافت[سنواريو]

1921ء جو واقعو آهي ته راء بھادر ڏيا رام سھني ھڙپه جي جڳه تي قديم تھذيب جا آثار لڌا.ان کان هڪ سال پوء مسٽر آر ڊي بنرجي کي موهن جو دڙو جي سرزمين ۾ آثار مليا. هن جو اطلاع هندستان جي قديم آثارن جي محڪمي کي مليو. محڪمي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان  مارشل  دلچسپي جو اظهار ڪندي انهن ٻنهي جڳهن تي توجه ڏني . انکان پوء راء  بهادر ڏيا رام  سهني ڊائريڪٽر ارنسيٽ ميڪي  ۽ محڪمهء آثار قديمه  جي ٻين ٻين افسرن جي نگرانيء ۾ کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. 1931ء ۾ فنڊن جي گهٽتائي جي ڪري ڪم بند ڪيو ويو. ان عرصي دوران محڪمي  ٻين جڳهن تي آثارن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي هئي جنهن ۾ وڏي ڪاميابي ملي ۽ خبر پئي ته هي تهذيب صرف موهن جو دڙو ۽  هڙپه تائين محدود نه آهي پر هن جو سلسلو سنڌ ۾ چانيهو  جو دڙو، جهوڪر، علي مراد ۽ آمري ۽  پنجاب ۾ روپر ۽ بلوچستان ۾ نال ۽ ڪلي جي جڳهن تي به آثار آهن۔

جاگرافيائي ويڪر[سنواريو]

سنڌو ماٿري جا اهم ماڳ ڳاڙهن ٽٻڪن سان واضع ٿيل آهن.

سنڌو ماٿريء مان مراد صرف هاڻوڪي سنڌ نه آهي بلڪه هاڻوڪو پاڪستان، افغانستان جو اوڀر وارو حصو، ڀارت جو اوله وارو حصو سنڌو ۾ شمار ٿيندو آهي. سنڌو ماٿري اوله ۾ بلوچستان ۽ اوڀر ۾ اترپرديش تائين ڦهليل آهي. جڏهن ته اتر ۾ افغانستان جي اتر اوڀر واري حصي کان ڏکڻ ۾ ڀارتي رياست مهراشٽر تائين ڦهليل آهي.

اهميت[سنواريو]

سنڌو ماٿري ان وقت پنهنجي عروج تي هئي جڏهن  دنيا ۾ پهرين شهرن جو بنياد وڌو پيو وڃي. پر بعد ۾ هي تهذيب زوال پذير ٿي وئي هن ماٿري جي آثارن جو ظاهر ٿيڻ 20 صدي جو سڀ کان وڏو عصري واقعو آهي.ڇو ته هن تهذيب جي ڦهلاء ۽ معنيٰ کي 1922ء ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي کان پهرين ڪو به سمجهي نه سگهيو هو.

سنڌو ماٿريء جي تهذيب تاريخ کان پهريان جي بهترين نشاني آهي. هن تهذيب جون ڪافي اهڙيون خصوصيتون آهن جيڪي صرف  هن تهذيب سان تعلق رکن ٿيون ۔ مازي ۾ هن تهذيب جي باري ۾  ماهرن جي راء هئي ته هي تهذيب اوله ايشياء مان هن  سر زمين تي آندي وئي هئي ۔ پر 1950ء ۾ ڊاڪٽر ايف اي خان ڪوٽ ڏجي جي کوٽائي ڪئي، اتان  نيون ڳالهيون سامهون آيون۔ ۽ پراڻن تصورن ۾ تبديلي آئي ۔ ڪوٽ ڏجي ۾ موهن جي دڙي جي دور کان ڪافي اڳ جي دفن ٿيل آبادي ملي ۔هن تهذيب جي زماني جو ريڊيو ڪاربن جي ذريعي پتو لڳايو ويو ته خبر پئي هي آبادي موهن جي دڙي کان به 800 سال اڳ جي تهذيب آهي ۔ ان کان پو لڳولڳ کوٽايون ٿيون جن مان اهو ثابت ٿيو ته  هن تهذيب جي سرچشمي جي هن ئي سرزمين تي ابتدا ٿي ۔ هي مقامي سماج جي ارتقا جو لازمي نتيجو هيو ۽ ٻاهرين اثر جيڪي به هيا اهي گهٽ اهميت وارا هيا.هن تهذيب جو پختو زمانو 2500 ق م کان 1700 ق م آهي.پر حقيقت ۾ هن جو تسلسل 3800 ق م تائين نظر اچي ٿو. پراڻين کوٽاين ۾ هن تهذيب سان واستو رکندڙ شهر 42 جي تعداد ۾ هيا هاڻي هن جي تعداد سون جو اضافو ٿي چڪو آهي ۔ صرف چولستان ۾ ڊاڪٽر رفيق مغل 363 دفن ٿيل وستيون لڌيون آهن ۔ انکان علاوه سرائي کولا ،جهنگ، بٺيال، سوات وادي ۾ غالا گئي ،گومل وادي ۾ ڪافي جڳهون، بلوچستان جي علائقي مهر ڳڙه ۾ هن تهذيب جا آثار مليا آهن ۔ڀارت ۾ گهگهر(هاڪڙي) دريا ۽ ان ۾ ڪرندڙ درياهن جا علائقا هنن آثارن سان ڀريا پيا آهن.

هن تهذيب ۾ وڏن شهرن جي موجودگي ان ڳاله جو ثبوت آهي ته آبادي گهڻي هئي. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڪين سرن جو ڪثرت سان استعمال ان ڳاله جو ثبوت آهي ته هتي وڏا جهنگ به هيا.ٿانون ۽ مهرن تي جانورن جون شڪلون پڻ جهنگن جو ثبوت آهن. جانورن ۾ گينڊو، شينهن، مينهن ۽ هاٿي گهڻي تعداد ۾ هيا ۽ واڳون جو پڻ ثبوت مليو آهي. رڇ جا ڪجه نسل،بندر، نوريئڙو ۽ طوطو به مليو آهي. هرڻ ۽ ان جي نسل جو هڪ ٻيو جانور به مليا آهن.

هن تهذيب جا نمايان شهر موهن جو دڙو، هڙپه، چانيهو جو دڙو، ستگڪن جو دڙو،بالاڪوٽ وغيره آهن. 

مرڪزي حڪومت[سنواريو]

ماهر سنڌ جي تهذيب لاء سلطنت جو لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن پر پگٽ ۽ ويلز مٿاڇري طور انڊس امپائر جو لفظ استعمال ڪيو آهي. اڪثر ماهرن جو رجحان اهو آهي ته هن کي سلطنت نٿو سمجهي سگهجي. پر ڪجه حقيقتون اهڙيون آهن جن جي ٻي تشريح هن وقت تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي. سنڌو ماٿري جي صنعتي پيداوار جي زبردست هڪجهڙائي هن خيال جي ضرور گنجائش پيدا ڪري ٿي ته هتي هڪ طاقتور مرڪزي حڪومت موجود هئي، جيڪا سڄي علائقي کي ڪنٽرول ڪندي هئي. انکان علاوه پيداوار ۽ تقسيم جو هڪ مربوط سلسلو هيو جنهن کي ڪنٽرول ڪري پئي. رستن جي حفاظت جو هڪ سٺو نظام هيو.موهن جو دڙو ۽ هڙپه همعصر شهر آهن جيڪي غالبن گڏيل دارالحڪومت هيا. انهن ٻنهي شهرن جي اندر اوچا ۽ وڏا قلعا هيا جنهن جي ڪري اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته هي دارالحڪومت هيا. 

ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مصنوعات ۽ دستڪارين ۾ گهري هڪجهڙائي صرف مرڪزي حڪومت جي سخت قانونن جو نتيجو نه هئي بلڪه سماج جا تجارتي قانون به - جن کي مذهبي رنگ لڳل هو- يقينن ڏاڍا سخت هوندا جن تي لفظ به لفظ عمل ٿيندو هيو. هر علائقي ۾ اوزار هڪ جهڙا هيا. سرن جي ماپ، گهرن جو نقشو، وڏين گهٽين جي ترتيب مطلب ته سڄي شهر جي ٽائون پلاننگ هڪ جهڙي هئي. 

تهذيب جو بيهجي وڃڻ[سنواريو]

موهن جي دڙي ۾ ڪل نو رهائشي سطحون ڪڍيون ويون آهن انهن مان ڪافي جڳهن تي ٻوڏ جي تباه ڪارين جو ثبوت ملي ٿو. پر انهن مختلف دورن ۾ ڪجه فرق نٿو ملي. نه ٻولي تبديل ٿي نه رسم الخط، هڪ اهڙي زمين تي جتي ٻولي ڪافي شڪليون اختيار ڪيون هجن ۽ رسم الخط بار بار سڄو تبديل ٿيو هجي اتي هڪ ئي رسم الخط جو تسلسل هن تهذيب جي بيهڻ جو  وڏو ثبوت آهي.

هنن ٻين قومن سان سوين سالن جي تعلق مان ڪجه به حاصل نه ڪيو. نه ئي انهن جي بدلجندڙ صنعتي طريقن مان ڪجه نه سکيو. جنهن جو مطلب آهي ته بيهڪ جا سبب اندروني ۽ مضبوط هيا ۽ ٻاهريان اثر ڪمزور هيا.

هن تهذيب ۾ ڦهلاءء جو فقدان هيو، هي تهذيب سنڌو درياه ۽ ان سان منسلڪ درياهن کان اڳتي نڪري نه سگهي.


سنڌو ماٿري ۽ پٿر جو دور[سنواريو]

سنڌو ماٿر اندر پراڻي پٿر دور جي انسانن جي رهائش جا هنڌ ۽ سندن استعمال جا اهي اوزار به لڌا ويا آهن، جيڪي هن پٿر مان جوڙيا هئا. ويجهر ۾ ماهرن پنجاب صوبي جي پوٺار ريجن ۾ راولپنڊي ويجهو ”سون ندي“ جي ڪناري سون ماٿر مان انهن اوائلي انسانن جا اوزار ۽ رهائشي آثار ڳولي لڌا اٿن. جن جي عمر 5 لک سال مقرر ڪئي اٿن ۽ ان دور کي ”سون ڪلچر“ جو نالو ڏنو اٿن.

ماهر ”سون ماٿر“ مان لڌل اوزارن بابت چون ٿا ته اتان جيڪي اوزار صفا هيٺين تهه تان مليا آهن، سي سون ڪلچر جي مٿئين تهه تي رهندڙ ماڻهن کان اڳ جي آبادي جا آهن ۽ انهن کي سون ڪلچر کان اڳ جا اوزار ڪوٺيو اٿن. سون ماٿر مان مليل پٿر دور جي انسانن جي رهائشي آبادي جو تعلق ٻن دورن سان آهي. صفا آخري دور جي عمر 5 لک سال ٿيندي ۽ ٻيو تهه 4 کان 2 لک سال جي وچ جو آهي. پهرين تهه تان اڻ گهڙيا پٿر مليا آهن، ان دور جا ماڻهو اڃا پٿرن کي گهڙڻ ۽ انهن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ مختلف شڪليون ڏيڻ ڪو نه سکيا هئا. هو استعمال لائق پٿر گڏ ڪندا هئا. پر ٻئي دور جا ماڻهو ڪجهه ترقي ڪيل ڏسجن ٿا. جن پٿر مان ڪهاڙيون، تيرن جا منهن ۽ ٻيو وڍ ٽڪ جو جهڙو تهڙو سامان تيار ڪري ورتو هو. ان وقت به هو اڃا کاڌو گڏ ڪندا هئا ۽ شڪار ڪندا هئا. مال ڌارڻ يا پوکي راهي ڪرڻ تائين سندن شعور ڪو نه پهتو هو. سون ماٿر ۾ رهندڙ پٿر دور جي انسانن بابت قديم آثارن جي مشهور ماهر سر مورٽيمر ويلر جو رايو آهي ته، ”پاڪستان (سنڌو ماٿر) ۾ سڀ کان پراڻي ۾ پراڻي انساني آباديءَ جي ثابتي اسان کي راولپنڊي ويجهو سون نديءَ جي ڪنارن تي اڻ گهڙيل پٿرن جي صورت ۾ ملي آهي. اتان مليل اوزارن ۾ ڪي سادي نموني جا ڇرا ۽ ڪهاڙيون مليون آهن، جيڪي لڳ ڀڳ 5 کان 3 لک سالن جي عمر جا ٿيندا.“

هي سون مان مليل اوزار لوڻي ندي (ننگر پارڪر) جي اوزارن سان مشابهت رکندڙ ۽ هم عمر آهن. هي اهي ئي اوزار آهن، جن سان هاڪڙو تمدن جا ماڻهو ڪم ڪار ڪندا هئا. ماهر سون مان لڌل اوزارن متعلق چون ٿا ته اهي روهڙي ۽ سکر جي هنڌن تان لڌل ابتدائي پٿر جي اوزارن جي سڌريل شڪل آهن. اهي اوزار سکر کان سواءِ واگهو در ڪراچي مان پڻ مليا آهن. لئمبرڪ ان جي تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي جي اڀرندي ڪپر تي واگهي در وٽ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ پڻ اهڙن اوزارن جي ڪجهه سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. ان دور جي پٿر دور جي انسانن جا اوزار بياس ندي (پنجاب) جي ماٿريءَ مان پڻ مليا آهن. انهن آثارن جو انڪشاف آثار قديمه جي ماهر ب ب لال ڪيو هو ته بياس نديءَ جي ماٿر ۾ پراڻي پٿر دور جا اوزار مليا آهن.

مٿي بيان ڪيل ”سون ڪلچر“ انهن ماڻهن جو ئي آهي، جيڪي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب تائين پکڙيل هئا، ميدانن ۾ رهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ موسم اڃا خشڪ هئي. جڏهن برفباري شروع ٿي، هوائون گهمجي ويون ته انسانن لاءِ کليل ميدانن ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو. جنهن ڪري هنن برفباريءَ کان بچڻ لاءِ غارن کي رهائش لاءِ استعمال ڪيو. جڏهن ته هن کان اڳ اوائلي انسان اڃا غارن جو رخ ڪو نه ڪيو هو. جيئن ته سنڌ اندر جبلن ۽ غارن جو تعداد جهجهو موجود هيو، ان ڪري سنڌونديءَ ۽ ٻين ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي رهندڙ انسانن غارن ۾ پناهه ورتي ۽ اتي وري نئين زندگيءَ جو آغاز ڪيو. انهن غارن مان ملندڙ پٿر جي اوزارن جي باقيات مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ميداني علائقن ۾ رهندڙ پنهنجن ابن ڏاڏن کان وڌيڪ ترقي ڪري چڪا هئا.

اڄ کان هڪ لک سال اڳ سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انسان الهندي وارن جبلن ۽ ٽڪرن جي غارن ۾ رهڻ لڳو. انهن غارن جا آثار سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ مليا آهن. قديم زماني جي ماڻهن جون کوپريون سيوهڻ جي ڀرسان شاهه بلاول جي واٽ تان پڻ لڌيون آهن. لکين ورهيه اڳ جا لاش پٿرن جي اوزارن سميت ٽنگا نيڪا مان لڌا ويا آهن. لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي چشمن جي پريان هڪ ٽڪريءَ تي هڪ غار لڌو ويو آهي، جيڪو ”هڪ ٿنڀو“ سڏبو آهي. اهو به نهايت قديم زماني جو غار آهي. خيبر پختون خواهه صوبي ۾ شنگهائو وٽ پڻ ان دور جي ماڻهن جو هڪ رهائشي غار مليو آهي. ماهرن اتان مليل باقيات جي عمر هڪ لک کان 40 هزار سال ق - م مقرر ڪئي آهي.

هن دور ۾ اوائلي انسان ننڍين ننڍين ٽولين جي صورت ۾ غارن ۾ رهڻ لڳو. هي ٽوليون شروع ۾ ڪٽنب، قبيلي يا قوميت جي صورت ۾ منظم ڪو نه هيون. پر هن دور ۾ هو رولو زندگي ڇڏي ڪري ٽولين جي صورت ۾ رهڻ لڳا. هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ ڪري هنن جي دلين ۾ رحم، قرب ۽ پنهنجائپ وارو جذبو پيدا ٿيو. هن وقت انسان اڃا باهه ٻارڻ جو هنر ڪو نه سکيو هو. ان ڪري هو پنهنجي عزيزن کي مرڻ بعد پٿرن هيٺان پوري ڇڏيندو هو. جيئن لاش ڌپ نه ڪري. اهڙا گهڻائي ثبوت سنڌ اندر مليا آهن،

پراڻي پٿر دور جي ماڳن جي وڌيڪ چوک چڪاس ڊسمبر 1975ع ۾ برطانيه جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر الچين ۽ سندس زال ۽ ٻين ٻن ميمبرن سنڌ اندر شروع ڪئي. هنن دعوى ڪئي آهي ته، ”سنڌ ۾ پٿر دور جي انسانن طرفان اوزار ٺاهڻ جي ڪارخانن وارا هنڌ، ماڳ ۽ مڪان موجود آهن...... اسان روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۽ حيدرآباد ويجهو اهڙا آثار معلوم ڪيا آهن ۽ اهڙا ماڳ ۽ مڪان ڏٺا آهن، جن کي پٿر جي دور جي اوزارن ٺاهڻ جي ڪارخانن جا هنڌ چئي سگهجي ٿو.“ انهن آثارن بابت ڊاڪٽر الچين جي راءِ آهي ته اهي آثار پنهنجي خاص نوعيت وارا هنڌ آهن، جن جهڙا دنيا ۾ هن کان اڳ فقط مصر ۾ مليا آهن. پروفيسر الچين هتان مليل اوزارن کي پراڻي پٿر دور جا اوزار سڏيو آهي ۽ انهن جي عمر 50 هزار سال ق - م مقرر ڪئي اٿائين. [1] [2] [3] [4] [5] [6] [7] [8] [9]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر، لييکڪ: رڪ سنڌي
  3. ايلين، ميخائيل ۽ ايلينا سيگان، ”انسان بڙا ڪيسي بنا“ ڪراچي 1982ع
  4. مغل، سڪندر، ”ارتقا جي ڪهاڻي“ حيدرآباد 1985ع
  5. موئر، هاورڊ، ”وحشي جيوت جا نشان“ حيدرآباد
  6. Panhwar, M.H. “Chronological dictionary of Sindh
  7. Basham A.L. “The Wonder that was India
  8. مهرچند، ڀيرومل، قديم سنڌ
  9. Panhwar, M.H. “Man in Sindh” Sindhological Studies, Summer 1982, Institute of Sindhology Jamshoro

پڻ ڏسو[سنواريو]