قرآن
القرآن يا قرآن مجيد (عربي:ٱلْقُرْآن؛ لفظي طور؛'تلاوت') اسلام جو بُنيادي ڪتاب آهي، جنهن کي مسلمان مڃيندا آهن ته اللہ تعالٰي جي طرفان وحي آهي۔ اهو 114 بابن (سُورَة) ۾ ترتيب ڏنل آهي، جيڪو آيتن تي مشتمل آهي (آيَات واحد: آيَة)۔ ان جي مذهبي اهميت کان علاوه، ان کي وڏي پيماني تي عربي ادب ۾ بهترين ڪم قرار ڏنو وڃي ٿو، ۽ عربي ٻوليءَ تي تمام گهڻو اثر ڪيو آهي۔
اسلامي عقيدي مطابق قرآن عربي ٻوليءَ ۾ تقريباً 23 سالن جي عرصي ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جَن تي نازل ٿيو۔ قرآن جي نازل ٿيڻ جي عمل کي وحي چيو ويندو آهي ۽ هِي ڪتاب مشهور فرشتي حضرت جبرئيل عليه السلام جي ذريعي محمد صلي الله عليه و آله وسلم جَن تي نازل ٿِيو۔ قرآن شريف ۾ 30 سيپارا آهن۔ جن ۾ نيڪي ۽ حڪمت جون ڳالهيون بيان ٿيل آهن۔ قرآن شريف اسلامي قانون جو پهريون ماخذ بہ آهي۔ مسلمانن جو بنيادي عقيدو آهي تہ قرآن ۾ اڄ تائين ڪابہ کوٽ ناهي ٿي سگھي ۽ هِن کي دُنيا جو اڪيلو محفوظ ڪتاب هئڻ جي حيثيت حاصل آهي جنهن جو حقيقي مفهوم تبديل ناهي ٿي سگھيو ۽ پُوري دُنيا ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجڻ جي باوجود بہ هِن جو متن هڪجهڙو آهي۔ هِن جي ترتيب نزولي نہ پر محمد صلي الله عليه وسلم جِي ڏسيل ترتيب مطابق اسلام جي پهرين خليفي ابوبڪر صديق رضی اللہ تعالٰي عنہ جي خلافت جي دور ۾ هِن کي سهيڙيو ويو۔ هِن ڪَم جي اڳواڻي زيد بِن ثابت انصاري رضی اللہ تعالٰي عنہ ڪَئي۔ قرآن جو سڀ کان پهريون ترجمو حضرت سلمان فارسي رضی اللہ تعالٰي عنہ ڪيو، جيڪو سورة الفاتحه جو فارسي ترجمو هو۔
قرآن کي دنيا جي واحد ڪتاب جي حيثيت پڻ حاصل آهي جيڪو لکين ماڻهن کي زباني ياد آهي ۽ هِي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ڪتاب آهي، جنهن کي مسلمان هر نماز ۾ پڙهندا آهن ۽ انفرادي طور تي تلاوت پڻ ڪندا آهن۔ قرآن جي تشريح کي اسلامي اصطلاح ۾ تفسير چيو ويندو آهي،جيڪو مختلف ٻولين ۾ ڪيو پيو وڃي۔ قرآن جو ترجمو پڻ دُنيا جي اهم ٻولين ۾ ٿِي چُڪو آهي۔ جڏهن تہ صرف سِنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جو چڱو تعداد آهي۔ مسلمان هر سال رمضان جي مهيني ۾ تراويح دوران گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو مڪمل قرآن جماعت ساڻ ٻُڌندا آهن۔
قرآن اسلامي دُنيا ۾ مسلمانن جي عام زندگي، عقيدن ۽ نظرين، اسلامي فلسفي، اسلامي سياست، سماجيات، اخلاقيات، فني علمن جي تشڪيل ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي۔
عرب جڏھن سنڌ ۾ آيا تہ پاڻ سان گڏ اسلام جي تعليم لاءِ قرآن شريف بہ کڻي آيا۔ ان ڏس ۾ ڪيترن ئي مستند روايتن ۾ اچي ٿو تہ قرآن شريف جو پهريون ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيو ويو۔ قران پاڪ جو پھريون منظوم سنڌي ترجمو مولوي احمد ملاح (1877-1970ع) ڪيو اھي۔ ان کان علاوه ڪيترن ئي عالمن قرآن شريف جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ تفسير لکيا آهن۔[1]
نالي جو سبب، معنيٰ ۽ نالا
[سنواريو]لفظ قرآن
[سنواريو]قرآن شريف ”قرآن“ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ گهڻو پڙهيل ڪتاب يا قرئت ڪيل آهي. قرآن ۾ لفظ ”قرآن“ تقريباً 70 ڀيرا آيو آهي ۽ چند معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي. هِي عربي ٻولي جي فعل قرأ جو مصدر آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”هُن پڙهيو“ يا ”هُن تلاوت ڪَئي“. سرياني ٻوليءَ ۾ هِن جي مساوي آمد (ܩܪܝܢܐ) qeryānā) جو لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي ”صحيفو پڙهڻ“ يا ”سبق“[2]. جيتوڻيڪ کوڙ مغربي عالم هِن لفظ کي سرياني ٻوليءَ مان ورتل سمجھن ٿا، پر اڪثر مسلمان عالم هِن جي اصل خود لفظ قرأ کي قرار ڏنو آهي.[3]. بهرحال محمد جي دور ۾ هِي هڪ عربي اصطلاح ٿِي چُڪي هُئي[3]. لفظ قرآن جو هڪ اهم مطلب ”تلاوت ڪرڻ“ آهي جيئن قرآن جي شروعاتي آيت ۾ بيان ڪيل آهي : ”يقيناً هِن کي سهيڙڻ ۽ هِن جي تلاوت اسانجي ذميداري آهي“.[4] ٻين آيتن ۾ قرآن جو مطلب ”هڪ خاص حصو جنهن جي تلاوت (محمد صلي الله عليه وسلم) ڪئي“ به آهي نماز ۾ تلاوت جي هِن مطلب جو کوڙ جاين تي ذڪر ٿيل آهي جيئن هِن آيت ۾ آهي : “۽ جڏهن قرآن پڙهيو وڃي تہ اُن کي غور سان ٻُڌو ۽ خاموش رهو“[5]. جڏهن تہ ٻين صحيفن جيئن توريت ۽ انجيل سان گڏ اهو لفظ استعمال ڪيو وڃي تہ اُن جو مطلب ”ترميم ٿيل صحيفو“ پڻ ٿي سگھي ٿو.
فرقان
[سنواريو]قرآن پنهنجي پاڻ کي الفرقان (حق ۽ باطل وچ ۾ فرق ڪندڙ)، امّ الڪتاب، هديٰ (رهنمائي)، حڪمة (دانائي)، ذڪر (ياد) ۽ تنزيل (وحي يا مٿان کان هيٺ موڪلي ويندڙ شئي) بيان ڪري ٿو. هڪ ٻي اصطلاح الڪتاب به آهي، جيئن ته عربي ٻوليءَ ۾ ٻيا صحيفا مثال طور توريت ۽ انجيل لاءِ به استعمال ٿئي ٿي. قرآن مان اسم صفت ”قرآني“ آحي. مصحف جي اصطلاح اڪثر مخصوص قرآني مسودن لاءِ استعمال ٿئي ٿِي پر اِن سان گڏ ئي هِي اصطلاح قرآن ۾ گذريل ڪتابن لاءِ پڻ استعمال ٿِي آهي.
تفھيم القرآن مطابق فرقان ان شئي کي چئبو آهي جنھن سان حق ۽ باطل جو فرق چٽو ٿئي ۽ اردو ۾ ان جي سڀ کان وڌيڪَ ويجھو لفظ کسوٹی (ڪسوٽي) آهي. مولانا مودودي مطابق قرآن ۾ لفظ فرقان جو استعمال جو مطلب آھي دين جو اھڙو علم ۽ سمجھ جنھن سان ماڻھو حق ۽ باطل ۾ تميز ڪندو آھي.[6].
قرآن ۽ مذھب
[سنواريو]قرآن ۾ مذهب جو اهو تصور ڏنو ويو آهي ته سڀ مذهب هڪ آهن. اهو هڪ هجڻ انهيءَ مقصد ۽ مفهوم ۾ نہ آهي تہ سڀئي مذهب پنهنجي موجوده شڪل ۽ صورت ۾ هڪ جهڙا ۽ سچا آهن. پر ان جو مطلب اهو آهي تہ پنهنجي اصل جي اعتبار کان سڀ مذهب هڪ هئا. پر پوءِ جي تبديلي، ڦيرڦار ۽ واڌاري جي نتيجي ۾ اهي هڪ ٻئي کان مختلف ٿي ويا. قرآن شريف ۾ ارشاد ٿيو آهي تہ:
کَانَ النَّاسُ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً ۟ فَبَعَثَ اللہُ النَّبِیّٖنَ مُبَشِّرِیۡنَ وَمُنۡذِرِیۡنَ ۪ وَ اَنۡزَلَ مَعَہُمُ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ لِیَحْكُمَ بَیۡنَ النَّاسِ فِیۡمَا اخْتَلَفُوۡا فِیۡہِ ؕ وَمَا اخْتَلَفَ فِیۡہِ اِلَّا الَّذِیۡنَ اُوۡتُوۡہُ مِنۡۢ بَعْدِ مَا جَآءَتْہُمُ الْبَیِّنٰتُ بَغْیًۢا بَیۡنَہُمْ ۚ فَہَدَی اللہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لِمَا اخْتَلَفُوۡا فِیۡہِ مِنَ الْحَقِّ بِاِذْنِہٖ ؕ وَاللہُ یَہۡدِیۡ مَنۡ یَّشَآءُ اِلٰی صِرَاطٍ مُّسْتَقِیۡمٍ (البقرہ:213)
ترجمو:”۽ (سڀ) ماڻهو هڪ امت هئا، پوءِ (ڦري اختلاف ۾ پيا، تنهنڪري) الله نبين کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ انهن سان گڏ سچ سان ڪتاب لاٿائين ته جيئن ماڻهن جي وچ ۾ جنهن جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا، فيصلو ڪري ۽ ان ۾ اختلاف نه ڪيو. مگر جن کي اهو (ڪتاب) ڏنو ويو. پڌرن حڪمن اچڻ بعد پاڻ ۾ ساڙ سبب (اختلاف ڪيائون) پوءِ جنهن بابت جهڳڙو ڪيائون، ان ۾ حق سان الله پنهنجي حڪم مطابق مومنن کي سڌي رستي جي هدايت ڏني ۽ الله جنهن کي گهري ان کي سڌي رستي جي طرف رهنمائي ڪري ٿو.“.— Quran
قرآن ڪريم جي ان آيت ۾ مذهبن جي جيڪا نوعيت ٻڌائي وئي آهي، سا هيءَ آهي ته خدا انسانيت جي شروعات هڪ پيغمبر سان ڪئي. ان کي پنهنجي علم سان نوازيو، ته جيئن اهو ماڻهن کي ان علم کان واقف ڪرائي.
قرآن شريف ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ:
فَاِنَّ مَعَ الۡعُسۡرِ یُسۡرًا لا اِنَّ مَعَ الۡعُسۡرِ یُسۡرًا (الم نشرح: 5 کان 6)
”پوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي. بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي.“— Quran
انهن لفظن ۾ فطرت جو هڪ قانون ٻڌايو ويو آهي، جنهن کي خدا ابدي طور تي سڄيءَ دنيا ۾ قائم ڪري رکيو آهي. ماڻهو چاهي ڪهڙي به ملڪ ۽ ڪهڙي به زماني ۾ هجي. اهو ڪهڙي به حالت ۾ هجي، هر هنڌ ۽ هر حال ۾ اهي فطرت جي ان قانون کي ڪم ڪندي ڏسندا. موجوده دنيا ان رنگ ۽ ڍنگ تي ٺهيل آهي تہ، هتي ڪنهن بہ شخص جي لاءِ سدائين هڪجهڙيون حالتون ناهن هونديون.[7][8]
تاريخ
[سنواريو]اسلامي روايتن مطابق محمد (صلي الله عليه وسلم) تي پهريون ڀيرو غارِ حرا ۾ اُن وقت نازل ٿِي جڏهن پاڻ تنهائيءَ ۾ عبادت لاءِ اُتي ويل هُئا. ان کان پوءِ هِي سلسلو ”وحي“ 23 سالن تائين جاري رهيو. حديثن ۽ اسلامي تاريخ مطابق مديني واري هجرت کان پوءِ جڏهن محمد جَن اُتي هڪ آزاد اسلامي معاشرو قائم ڪري ورتو ته پاڻ پنهنجن صحابين کي قرآن جي تلاوت ۽ ان جي روزانه نازل ٿيڻ واري حڪمن کي ياد ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ جو حڪم فرمايائون. روايتن ۾ هِي به آيل آهي ته بدر واري ويڙھ (جنگ بدر) کان پوءِ جڏهن ”قريش“ جا کوڙ ماڻهون مسلمانن وٽ قيدي بڻجي آيا ته اُنهن ۾ کوڙ ماڻهن مسلمانن کي لکڻ پڙهڻ سيکارڻ جي بدلي پنهنجي آزادي حاصل ڪئي. اهڙي طرح آهستي آهستي کوڙ مسلمان ٿيڻ لڳا. قرآن کي پٿرن، هڏين ۽ کجين جي ڦرهن تي لکيو ويو. اڪثر سورتون شروعاتي مسلمانن جي استعمال هيٺ هيون ڇوته اُن جو ذڪر سُنّي ۽ شيعه ٻنهي جي روايتن ۾ مليو آهي. جيئن ته محمد (صلي الله عليه وسلم) جو قرآن کي تبليغ لاءِ استعمال ڪرڻ، دعائن ۾ اُن جو پڙهيو وڃڻ ۽ تلاوت جي انداز ۾ بيان ڪرڻ جو ذڪر حديثن مان ملي ٿو. 632 عيسويءَ ۾ محمد (صلي الله عليه وسلم) جي وفات تائين قرآن هڪ ڪتاب جي شڪل ۾ موجود نه هو. سڀئي عالم اِن ڳالھ تي متفق آهن تہ محمد صلي عليه وسلم جَن خُود وحي جِي ڪتابت نہ ڪندا هُئا.
صحيح بخاري ۾ محمد (صلي الله عليه وسلم) جي وحي جي ڪيفيت جو حال هِيئن لکيل آهي ته ”بسا اوقات (وحي) گھنٽي وڄڻ وانگيان نازل ٿيندي هُئي“ ۽ عائشه کان روايت آهي ته، ”مون هڪ تمام ٿڌي ڏينهن ۾ حضور تي وحي نازل ٿيندي ڏٺو ۽ (جڏهن وحي ختم ٿِي ته ) سندن مٿي تي پَگھر جا ڦُڙا ٽِمي رهيا هُئا“. قرآن جي بيان مطابق محمد (صلي الله عليه وسلم) تي پهرين وحي هڪ ڪشف سان نازل ٿِي هُئي. وحي نازل ڪرڻ واري هستي جي باري ۾ هِي بيان ڪيو ويو آهي ”مضبوط طاقتن وارو“ اُهو جيڪو ”بلند ترين اُفق تي هو. پوءِ هُو ويجهو آيو، پوءِ هُو هيٺ لٿو. ايتري تائين جو هُو ٻن وکن جي مفاصلي تي ٿي ويو اُن کان به ويجھو“. ويلچ (Welch) جيڪو هڪ اسلامي عالم آهي، Encyclopedia of Islam ۾ لکي ٿو ته هُو اهو يقين رکن ٿا ته وحي جي نزول وقت محمد (صلي الله عليه وسلم) جي ڪيفيتن جي ظاهري شڪل بيان ڪئي وئي آهي اُها صحيح ٿي سگھي ٿِي ڇاڪاڻ ته وحي جي نازل ٿيڻ کان پوءِ ڪافي پريشان ٿي ويا هُئا. ويلچ مطابق، وحي جي موقعي تي محمد (صلي الله عليه وسلم) کي ڇرڪائيندڙ جھٽڪا سندن ويجھن ماڻهن لاءِ اِن ڳالھه جو ثبوت بڻيا هوندا ته محمد (صلي الله عليه وسلم) جِي وحي جو مبدا مافوق الفطرت آهي. مُحمد (صلي الله عليه وسلم) جا ناقدين انهن مشاهدن جي آڌار تي کين مجنون، جادوگر سڏيندا هُئا ڇوته عربن جي تاريخ ۾ اهڙا کوڙ ٻيا ماڻهون بہ اهڙن تجربن جا دعويدار هُئا. ويلچ وڌيڪ اِهو بہ چوي ٿو تہ هِي ڳالھ اڻ چِٽِي آهي تہ اهڙا مشاهدا محمد (صلي الله عليه وسلم) جي نبوت جي دعويٰ کان پهرين آهن يا پوءِ جا.
قرآن محمد (صلي الله عليه وسلم) کي اُمّي قرار ڏنو آهي جنهن جو عام طور تي ”اڻ پڙهيل“ مطلب ٿئي ٿو. پر اِن جو مطلب حقيقت ۾ ڪُجھه ڳُوڙهو آهي. قرون وسطيٰ جا مفسّر جهڙوڪه طبري مطابق هِن اصطلاح جا ٻه مطلب آهن: پهريون هِي ته عام طور تي لکڻ ۽ پڙهڻ جي قابل نه هجڻ جڏهن ته ٻيو هِي ته گذريل ڪتابن ۽ صحيفن کان اڻڄاڻ هُجڻ. (جيئن ته اڪثر مفسّر پهرين مطلب کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن). ان کان علاوه، محمد جو ناخوانده هُجڻ سندن نبوّت جي سچائيءَ جو هڪ دليل سمجھيو وڃي ٿو. جيئن ته امام فخر الدين رازي چون ٿا تہ، جيڪڏهن محمد (صلي الله عليه وسلم) لکڻ پڙهڻ تي پوري مهارت رکندا هُئا تہ اُن تي هِي شڪ ڪري سگھجي ٿو ته اُنهن پنهنجي ابن ڏاڏن جا ڪتاب پڙهيا هوندا. ڪُجهه عالم جهڙوڪه ”واٽ“ ٻين معنيٰ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا.
محمد (صلي الله عليه وسلم) جو ذڪر پاڪ قرآن شريف ۾ چار ڀيرا، حضرت ابراهيم جو ذڪر 79 ڀيرا، حضرت موسا جو ذڪر 136 ڀيرا ۽ فرعون جو ذڪر 74 ڀيرا آيو آهي.[9]
ترتيب
[سنواريو]قرآن جا باب ۽ ورهاست
[سنواريو]قرآن هڪ وڏو ڪتاب ڪتاب آهي، اُن جي ورهاست حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جَن پنهنجي زندگيءَ ۾ فرمائي چُڪا هُئا ۽ اِها رهنمائي ڪري چُڪا هُئا ته هِن آيت کي ڪهڙي سورت ۾ ڪِٿي رکڻو آهي. پاڻ صلي الله عليه وسلم جي زندگي ۾ قرآن جا بيشمار حافظ هُئا ۽ محمد صلي الله عليه وسلم شعبان ۽ رمضان جي مهينن ۾ قرآن جو کوڙ ڀيرا ختمو پڙهندا هُئا جيڪو ظاهر آهي ته ڪنهن ترتيب کان بغير ممڪن ناهي. قرآن جو اعجاز هِي آهي ته اڄ تائين ۾ ڪابه تبديلي ناهي ٿِي سگھي. پهرين صدي هجري ۾ لکيل قرآن جيڪو ترڪي جي عجائب گھر ۾ توپ ڪاپي ۾ آهي يا ايران جي شهر مشهد ۾ امام علي رضا عليه السلام جي روضه جي عجائب گھر ۾ آهي، ان ۾ بعينه هِي ئي قرآن خطِ ڪُوفي ۾ ڏسي سگھجي ٿو جيڪو اڄ جديد طباعت کان پوءِ به اسانجي اڳيان آهي. هِن کي ستن (7) منزلن ۾ ورهايو ويو آهي، ان کان علاوه هِن جي هڪ کي ٽيهن (30) سيپارن ۾ پڻ ورهايو ويو آهي. قرآن کي سورتن ۾ پڙهڻ ورهايو ويو آهي. قرآن ۾ 114 سورتون آهن جنهن مان ڪُجهه وڏيون ۽ ڪُجهه ننڍيون آهن. سڀ کان وڏي سورة البقرة آهي. سورتن ۾ موجود مضمون کي آيتن جي شڪل ۾ ورهايو ويو آهي. قرآن ۾ 6،666 آيتون آهن. هيٺ هِن جي ورهاست پيش ڪئي وئي آهي. مختلف حديثن ۽ روايتن مان ڄاڻ ملي ٿي ته خليفي عبدالملڪ جي خلافت جي دور ۾ جڏهن حجاج بن يوسف عراق جو گورنر هو، ته ان قران پاڪ ۾ تصيح ڪري ان جا نوان جُلد انهن سڀني علائقن ۾ ورهايا جيڪي عربن جي صاحبي هيٺ هئا.[9]
تلاوت لاءِ قرآن کي ستن منزلن ۾ (منزل جو جمع) ورهايل آهي. هِن جو فلسفو هِي آهي ته هڪ منزل روزانو تلاوت ڪرڻ سان هڪ هفتي ۾ قرآن مڪمل پڙهي سگھجي ٿو. هڪ مهيني ۾ قرآن جِي مڪمل تلاوت ڪرڻ لاءِ ان کي ٽيهن سيپارن (حصن) ۾ ورهايو ويو آهي. قرآن ۾ 114 سورتون آهن. هر سورة بسم الله الرحمان الرحيم سان شروع ٿئي ٿِي صِرف سورة التوبه کان سواءِ. سڀ کان پهرين سورة الفاتحه آهي ۽ سڀ کان آخري سورة الناس آهي. سڀ کان وڏي سورة البقرة آهي (جنهن ۾ ٻه سئو ڇهاسي آيتون آهن) ۽ سڀ کان ننڍي سورة الڪوثر آهي جنهن ۾ صِرف ٽي (3) آيتون آهن. |
موجوده زماني ۾ ننڍي کنڊ جي عالمن قرآن جي نظم (ترتيب) تي گھڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ان لحاظ کان قرآن کي مضمونن ۽ ترتيب جي لحاظ کان بابن ۾ تقسيم ڪيو ويو آحي. حميد الدين فراهي، امين احسن اصلاحي ۽ جاويد احمد غامدي جو ڪم هِن سلسلي ۾ نمايان آهي. انهن عالمن قرآن جي سورتن کي ستن بابن ۾ ورهايو آهي. انهن جي ڪم جو خلاصو جاويد احمد غامدي جي الفاظن ۾ هيئن آهي ته :
قرآن کي ستن (7) بابن ۾ ورهايو آهي، هرهڪ باب ، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مڪي سورتن سان شروع ٿئي ٿو ۽ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مدني سورتن تي ختم ٿئي ٿو.
پهريون باب فاتحه کان شروع ٿئي ٿو ۽ مائده تي ختم ٿئي ٿو. هِن فاتحه مڪي باقي چار مدني سورتون آهن. ٻيون باب انعام ۽ اعراف، ٻن مڪي سورتن سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻِن مدني سورتن انفال ۽ توبه تي ختم ٿئي ٿو. ٽئين باب ۾ يونس کان مومنون تائين پهريون چوڏهن (14) سورتون مڪي آهن ۽ آخر ۾ هڪ سورت نور مدني آهي. چوٿون باب فرقان سان شروع ٿئي ٿو، احزاب تي ختم ٿئي ٿو. هِن ۾ پهريون اٺ (8) سورتون مڪي آهن ۽ آخر ۾ هڪ، يعني احزاب مدني آحي. پنجون باب ”سبا“ کان شروع ٿئي ٿو، حجرات تي ختم ٿئي ٿو. هِن ۾ تيرهن (13) سورتون مڪي ۽ آخر ۾ ٽي (3) سورتون مدني آهن. ڇهون باب ”ق“ سان شروع ٿئي ٿو ۽ ”تحريم” تي ختم ٿئي . هِن ۾ ست (7) مڪي ۽ 10 مدني سورتون آهن. ستوب باب ”ملڪ“ کان شورع ٿئي ٿو ۽ ”ناس“ تي ختم ٿئي ٿو. هِن ۾ آخري ٻه سورتون، مدني ۽ باقي سڀ مڪي آهن. هِن ۾ هر باب جو هڪ موضوع آهي ۽ اُن ۾ سورتون موضوعن جي حساب سان ترتيب ۾ ڏنل آهن. پهرين باب جو موضُوع يهود ۽ نصارا تي اتمام حجت، ان جي جاءِ تي بني اسماعيل ۾ هڪ نئين اُمت جي تاسيس، اُن جو تزڪيو ۽ پاڪائي ۽ ان سان گڏ خدا جو آخري عهدو پيمان آهي. ٻئي باب ۾ عرب جي مشرڪن تي اتمام حجت، مسلمانن جو تزڪيو ۽ پاڪائي ۽ خدا جي آخري دينونت جو بيان آهي. ٽئين، چوٿين، پنجين ۽ ڇهين باب جو موضوع هڪ ئي آهي ۽ اهو ”اندار و بشارت ۽ تزڪيو ۽ پاڪائي“ آهي. ستين ۽ آخري باب جو موضوع قريش جي سردارن کي اندارِ قيامتم، انهن تي اتمام حجت، ان جي نتيجي ۾ انهن تي عذاب جي وعيد ۽ نبي صلي الله عليه وسلم لاءِ عرب جي سرزمين ۾ غلبهء حق جي خوشخبري آهي. هِن کي اسان مختصر طور تي صرف اندار ۽ بشارت به چئي سگھون ٿا.
قرآن جي ٻولي
[سنواريو]قرآن جي ٻولي فصيح عربي آهي جنهن کي اڄ به ادبي مقام حاصل آهي ۽ انکان علاوه عربيءَ جا کوڙ لهجا (مصري، مراڪشي، لبناني، ڪويتي وغيره) پيدا ٿِي چڪا آهن. قرآن جي ٻوليءَ کي اڃا تائين عربي لاءِ هڪ معيار جي حيثيت حاصل آحي. عربي جا وڏا عالمَ جن ۾ غيرمُسلم به شامل آهن قرآن جي فصيح، جامع ۽ انساني نفسيات سان ملندڙ جلندڙ ٻوليءَ جي تعريف ۾ رطب اللسان آهن. ايتري وڏي ڪتاب هئڻ باوجود به هِن ۾ ڪابه گرامر جي غلطي موجود ناهي. بلڪه عربي ابجدي اکرن جي لحاظ کان جيڪڏهن ابجد جي عددن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته قرآن ۾ هڪ جديد تحقيق مطاق جيڪا ڊاڪٽر الخليفه جَن ڪمپيوٽر تي ڪئي آهي، قرآن ۾ باقاعده هڪ حسابي نظام موجود آهي جيڪو ڪنهن انسان جي وس ۾ ناهي. قرآن ۾ قصا به آهن ۽ تاريخي واقعا به آهن، فلسفو به ملندو ۽ منطق به ، ڳُوڙهيون سائنسي ڳالهيون به آهن ۽ عام انسان جي زندگي گذارڻ جو طريقو به. جڏهن قرآن نازل ٿيو ان وقت جيڪا عربي رائج هُئي سا تمام فصيح هُئي ۽ اُن دور ۾ شعر ۽ ادب کي وڏي اهميت حاصل هئي حالانڪه هِي ممڪن ناهي ته قرآن ۾ ڪابه غلطي هُجي ۽ دشمن ان متعلق ڳالهيون ڪن. بلڪه قرآن جي دعوا هئي ته هِن جهڙي هڪ آيت به ٺاهي ڏيکاريو پر اُن دور ۾ ماڻهون پنهنجي ٻوليءَ جي فصاحت ۽ جامعيت جي ڪري ٻين کي عجمي (گونگو) چوندا هُئا، هِن ڳالهه ۾ ڪامياب نه ٿِي سگھيا.
قرآن جي پهرين ۽ آخري آيت
[سنواريو]قرآن جي پهرين آيت
[سنواريو]۔”(اي حبيب!) پنهنجي پالڻهار جي نالي سان (شروع ڪندي) پڙھ جنهن (هر شئي کي) پيدا فرمايو. هُن انسان کي (ماءُ جي پيٽ مان) جونڪ وانگيان معلق وجود سان پيدا فرمايو. پڙھه ۽ توهان جو پالڻهار وڏو ڪريم آهي. جنهن قلم ذريعي (لکڻ پڙهڻ جو) علم سيکاريو. جنهن انسان کي (ان کان علاوه بہ) اُهو (ڪُجھ) سيکاريو جيڪو هُو نه ڄاڻندو هو“
قرآن مجيد جي آخري سورت
[سنواريو]۔”ان ڏينهن جي خواري ۽ مصيبت کان بچو، جڏهن توهان الله طرف واپس ورندا، اُتي هرشخص کي اُن جي ڪمايل نيڪي يا بَدي جو پُورو پورو بدلو ملندو ۽ ڪنهن تي ظلم هرگز نه ٿيندو“
قرآن ۾ موجود حروف مقطعات
[سنواريو]حروفِ مقطعات (عربي: مقطعات، حواميم، فواتح )¬. قرآن مجيد جون اڪثر آيتن جي شروع ۾ اچن ٿا ۽ الڳ الڳ پڙهيا وڃن ٿا، انهن کي آياتِ مقطعات ۽ انهن اکرن کي حروفِ مقطعات چيو ويندو آهي، مثال طور: الم_ هِي قرآن جي 29 سورتن جي شروع ۾ آيل آهي. هِي ڪُل 14 اکر آهن. ا،ل،م،ص،ر،ڪ،ه،ي،ع،س،ج،ق،ن. مسلمان عالم جون گڏيل نظريو آهي ته ان جو حقيقي مطلب الله کي ئي خبر آهي. اڪثر عالمن مطابق هِي عربي لفظن جا مخفف آهن ۽ ڪُجهه عالمن مطابق هِي ڪُجهه رمز، راز (code) آهن. هِي اکر 29 سورتن ۾ پهرين آيت طور آيل آهن ۽ سورة الشوريٰ (سورة نمبر 42) ۾ ٻين (2) آيت طور به آيل آهن. يعني هڪ کان پنج اکرن تي مشتمل 30 جوڙ (combinations) آهن، جيڪي 29 سورتن جي شروعات ۾ قرآن ۾ ملن ٿا.
ترجما
[سنواريو]قرآن جا ترجما پُوري دنيا جي اهم ٻولين ۾ ٿي چُڪا آهن ۽ کوڙ سارا ترجما جاري آهن. وڏين ٻولين ۾ ترجما هڪ کان وڌيڪ ماڻهن مختلف دورن ۾ ڪيا آهن. قرآن جا يورپي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجما غير مسلمانن پڻ ڪيا آهن. اهڙي طرح ڪُجهه ترجما بنا عربي متن جي پڻ شايع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته رومن رسم الخط ۾ پڻ مختلف سببن ڪري ترجما ٿِيا آهن. قرآن جو سڀ کان پهريون ترجمو فارسي ٻوليءَ ۾ ٿيو جيڪو سلمان فارسي ڪيو. مغربي ٻولين ۾ پهريون لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو جيڪو رابرٽ ڪيٽون 1143ع ۾ ڪيو هو. قرآن جو پهريون انگريزي ترجمو اليگزينڊر راوس 1649ع ۾ ڪيو.
جڳ مشهور سياح بزرگ بن شهريار پنهنجي سفرنامي ”عجائب الهند“۾ ڄاڻايو آهي ته 270ھ/884ع ڌاري سنڌ جي راڄڌاني منصوره جي عالم، ڪشمير جي راجا جي لاءِ قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير لکيو هو. ان حوالي مطابق برصغير هندوپاڪ ( سنڌ ۽ هنڌ) ۾ اهو قرآن پاڪ جو”پهريون ترجمو“ آهي، جيڪو هن خطي جي مقامي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، انهيءَ ترجمي کان علاوه، برصغير جي تاريخ ۾ اُن کان پهريائين قرآن پاڪ جي ڪنهن به ترجمي ۽ تفسير جو ذڪر ڪونه ٿو ملي، بزرگ بن شهريار جو اهو مذڪوره حوالو، جيتوڻيڪ مستند ۽ بي مثل آهي ۽ جديد دور جي عالمن ۽ مورخن، پنهنجن لکيتن ۾ پڻ ان حوالي کي ڪتب آندوآهي،[10]
قرآن جو سنڌي ۾ پھريون ترجمو
[سنواريو]280ھ ۾ سنڌ جي هڪ راجا، عبدالله بن عمر هباري واليء ۽ منصوره ڏي لکي موڪليو ته مذهب اسلام جي عقائد ۽ تعليم تي سنڌي زبان ۾ ڏانهس جيڪو اصل ۾ ته عراق جو باشندو هو ليڪن کيس سنڌ ۾ رهندي هڪ مدت گذري چڪي هئي، جنهن ڪري سنڌي زبان خواهه ٻين مقامي زبانن ۾ کيس ڪمال حاصل هو، ۽ بيحد ذهين ۽ فهميدو هو. سنڌي نظم جو ڪتاب: عراقي عالمَ، عبدالله جي فرمائش تي، هندو راجا لاءِ اسلامي عقيدن تي هڪ ڪتاب سنڌي نظم ۾ تصنيف ڪيو. راجا ڪتاب پڙهي نه فقط اسلام کان متاثر ٿيو، بلڪ خود مصنف جي علمي مرتبي جوبه مٿس ايترو اثر پيو جو عبدالله ڏي لکي موڪليو ته انهيءَ مصنف کي سندس دربار ۾ موڪليو وڃي. شاعر وٽس ٽي سال رهيو. 273ھ ۾ جڏهن هو عبدالله سان مليو، تڏهن هن کيس ٻڌايو ته ”راجا دل ۾ مسلمان ٿي چڪو آهي، مگر مخالفت جي خوف کان ظاهر نٿو ٿئي.“ [11]
ساڳئي شاعر راجا جي فرمائش تي ڪلام مجيد جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي راجا روزانه بلاناغي ٻڌندو هو. هڪ دفعي سورة ياسين جي هڪ آيت جو جڏهن هن کي ترجمو ٻڌايو ويو، تڏهن هو تخت تام يڪدم هيٺ لهي آيو. ۽ دوباره ترجمو ٻڌي ٻه ٽي قدم اڳتي وڌي، زمين تي سجدي ۾ ڪري پيو، ۽ سجدي جي دوران ۾ ايترو ته رنو جو سندس ڳل به آليءَ مٽيءَ ۾ ڀرجي پيا. جڏهن گهڻيءَ دير بعد سجدي مان اٿيو، تڏهن بلند آواز ۾ بي اختيار سندس زبان مان نڪتو: ”بيشڪ اهو ئي رب معبود آهي، جيڪو ازلي ۽ ابدي آهي. [12]“ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عربن جي دؤر ۾ سنڌ جي هندن جي زبان سنڌي هئي؛ سنڌي زبان لکڻ-پڙهڻ ۾ به ايندي هئي؛ ڪلام پاڪ جي ترجمي تي اهو پهريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ تصنيف ٿيو؛نظم جو به اهو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب آهي؛ سنڌي زبان اڄ کان 11 سئو ورهيه اڳ به ايتري آسان ۽ علمي هئي، جو بيروني نسل جا ماڻهو به ان کي پسند ڪري ۽ ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪندا هئا جو بلا تڪلف نظم ۽ نثر لکي ويندا هئا[13]
پيداوار جا ذريعا
[سنواريو]سماج جي معاشي نظام جي بهتريءَ جو دارومدار پئداواري وسيلن تي آهي ۽ ان جو مکيه ذريعو زمين يا ٻني آهي. قرآن مجيد ۾ زمين جي باري آيل آهي ته: ”ولقد مکناکم في الارض وجعلنا لکم فيها معايش“ (اعراف)
سنڌي ۾ ترجمو:اسان توهان کي زمين تي حڪومت ڏني آهي ۽ توهان لاءِ زمين ۾ زندگيءَ جو سامان رکيو اٿئون.
شاهه ولي الله ڪمائڻ جي بنيادي وسيلن مان پوکي راهيءَ (زراعت) کي ايتري اهميت ڏني آهي جو جنهن به ملڪ ۾ ان جا وسيلا موجود نه هوندا ۽ ان کان بي پرواهي ڪئي وئي ته ان ملڪ جي حالت ڪڏهن به سڌري نه سگهندي. ان ملڪ جي تباهي لازمي آهي ڇاڪاڻ ته ڪچي مال جي پيداوار کان سواءِ واپار هلي ئي نه سگهندو ۽ نہ وري هنر ۽ ڪاريگريون ئي ڪارائتيون ٿي سگهنديون.
شاهه ولي الله چئي ٿو ته: ”پوءِ جيڪڏهن (ڪنهن به) ملڪ جي رهواسين جي گهڻائي هنر ۽ ڪاريگري ۽ شهري سياست ۾ رڌل رهندي ۽ پوک يامال جي حفاظت ۽ پالنا ڏي ٿورا ماڻهو ڌيان ڏيندا ته انهن جي دنياوي شهري زندگي خراب ٿي پوندي.“ [14]
قرآن ڪريم جي نزولي ترتيب
[سنواريو]جيستائين يورپي محققن جو تعلق آهي، انهن سڀني ۾ سر وليم ميور جو نالو سڀني کان مٿاهون نظر اچي ٿو. هي اهو پهريون ماڻهو آهي جنهن قرآن جي مختلف سورتن کي نزولي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. نوئل ذيڪي پڻ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته ميور کي قرآني سورتن جي ترتيب جو خيال سڀ کان پهريان آيو.[15] مارگو ليوث پڻ ميور جي ”لائف آف محمد“ تي تبصرو لکيو آهي.[16] جتيوڻيڪ هو پنهنجي لکڻي ”محمد“ ۾ هو ميور جي ”سيرت محمدﷺ“ کي پاڻ ڪريم جي باري ۾ اعتدال واري لکڻي سمجهي ٿو. ڄڻ ته ان جو خيال آهي ته ”هاڻي اهڙن ڪتابن جي ضرورت نه آهي“.[17] ميور پنهنجي دليلن ۾ ڪيترن ئي جائين تي ته ڪمزور حديثن کي دليل طور به استعمال ڪري ٿو. هن جي اها دعوا بنا ڪنهن سند جي آهي ته ”شروعاتي سورتون ۽ قول محفوظ نه رکيا ويا، جيئن ته انهن کي وحي محفوظ سمجھيو ويو“. هن جو خيال آهي ته شروعاتي وحيءَ جا ڪاتب حضرت ورقهؒ، حضرت عليؒ، ۽ بي بي خديجهؒ (رسول الله ﷺجي گھر واري) هئا.[18] هن جيڪا ڪجهه سورتن کي تاريخي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سا انهيءَ لاءِ وڌيڪ دلچسپ آهي جو اهو پهريون يورپي عيسائي عالم آهي، جنهن قرآن پاڪ جي سورتن کي تاريخي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ميور قرآن جي سورتن جا ڇھ دؤر ٻڌائي ٿو.[19] اهي هيٺ ڏنل آهن:
- ”پهريون دؤر 18 سورتن جي مشتمل آهي، جنهن ۾ ننڍا ننڍا گيت يا نثر جا بي جوڙ ٽڪرا آهن جيڪي محمد ﷺ رسالت يا (خدائي مشن) جو خيال اچڻ کان اڳ لکيا هوندا. انهن مان ڪوبه اهڙو ٽڪرو نه آهي، جيڪو خدائي پيغام جي شڪل ۾ هجي“.
- ٻيو دؤر چئن سورتون آهن. محمد ﷺ جي رسالت سورت 96 کان شروع ٿئي ٿي جنهن ۾ قراءت جو حڪم آهي ۽ حديثون انهيءَ کي پهرين وحي سڏين ٿيون.
- ٽئين دؤر ۾ 19 سورتون آهن. انهن ۾ قيامت جي ڏينهن، بهشت ۽ دوزخ جو ذڪر آهي، جيڪو قريشن جي سخت مخالفت سان لاڳاپو رکي ٿو. اها دؤر رسالت جي شروع کان وٺي حبشه جي هجرت تائين وارين سورتن تي مشتمل آهي. يعني نبوت جي پهرين کان پنجين سال تائين).
- چوٿين دؤر ۾ 23 سورتون آهن. اهي محمد ﷺ جي نبوت جي ڇهين کان ڏهين سال تائين وارين سورتن تي مشتمل آهي. هن دؤر ۾ يهودين جي پاڪ ڪتابن جو ذڪر شروع ٿئي ٿو. قديم قومن ۽ عرب جي ڪهاڻين جو ذڪر آهي. بت پرستيءَ کان ٿوري مدت لاءِ ٺاهه سورت 54 سان لاڳاپو رکي ٿو.
- پنجين دؤر ۾ 31 سورتون آهن. اهو دؤر پاڻ ڪريم ﷺ جي نبوت جي ڏهين سال کان شروع ٿي مڪي جي هجرت تائين حاوي آهي. انهيءَ زماني جي سورتن ۾ ڪي بيان انجيل جا آهن. حج جا حڪم ٻڌايا ويا آهن. قريش جي اعتراضن جو جواب ڏنو ويو آهي ۽ اسان جي سامهون حشر ۽ جزا واري ڏينهن، جنت ۽ جهنم، توحيد جي ثبوت ۽ الله تعالى جي قدرت ۽ پالڻهاري جي جيئري جاڳندي تصوير چِٽي وئي آهي. آهستي آهستي سورتون ڊگھيون ٿينديون وڃن ٿيون ۽ ڪي ته ڪيترن ئي صفحن تائين پهچن ٿيون. هن زماني جي آخري سورتن ۾ اسان کي گھڻو ڪري مديني جون آيتون ملن ٿيون، جيڪي ڪنهن مضمون جي سلسلي ۾ وڌايون ويون آهن. مثال طور سورت 42 جي آيت 40 هڪ اهڙي آيت آهي، جنهن ۾ مڪي وارن جي خلاف هٿيار کڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
- ڇهون ۽ آخري دؤر ويهن سورتن تي مشتمل آهي، جيڪي مديني ۾ ڏنيون ويون آهن [20] يعني اهي سورتون جيڪي مديني ڏانهن هجرت جي پهرين سال کان پاڻ ڪريم ﷺ جي وفات تائين نازل ٿيون.
ميور، پاڻ ڪريم ﷺ جي زندگيءَ جا جيڪي مختلف دؤر سڏيا آهن، سي مسلمان تاريخدانن جي بيانن ۾ ڪڍيا ويا آهن. پر نوئل ديڪي جو خيال صحيح آهي ته ميور، قرآن جا ڇهه دؤر مقرر ڪرڻ ۾ غلطي ڪئي آهي [21] ان کانسواءِ هن وٽ پنهنجي بيان لاءِ ڪابه سند نه آهي ته هو پهرين دؤر جي سورتن کي وحي نه سڏي. ڄڻ ته هن قرآن پاڪ جي 18 سورتن کي انهيءَ ڪري قرآن پاڪ مان خارج سڏيو، جو اهي ان جي گمان ۾ رسالت کان اڳ واريون سورتون آهن. ان کانسواءِ هو 21 سورتن جي باري ۾ اهو مڃي ٿو ته مان انهن کي ڪنهن خاص دؤر سان واڳي نٿو سگھان، ڇو جو کيس انهن جي نزول واري زماني جي پڪ نه آهي.
ڊاڪٽر گستاف وائل، قرآن جي سورتن جي نزولي ترتيب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جو ڪتاب ”تمهيد قرآن“، جيڪو 1878ع ۾ ٻيو ڀيرو ڇپيو، انهيءَ موضوع تي هڪ مشهور ڪتاب آهي. نوئل ديڪي ان مان گھڻي مدد ورتي آهي ۽ گھڻو ڪري هن جي ئي خيالن جي پابندي ڪئي آهي.
هن جي پهرين ڪوشش اها هئي ته پاڻ ڪريم ﷺجي سيرت ۽ قرآن جي ٻوليءَ جو مطالعو ڪري.[22] هن جو چوڻ آهي ته رڳو ان ئي نموني سان اسان ڪنهن حد تائين قرآن پاڪ جي مختلف سورتن جي تاريخ ڄاڻي سگھون ٿا.[23] ”محمد ﷺ جي عربي سيرت نگارن جي مدد سان اسان قرآن جي انهيءَ حصي جي تاريخ مقرر ڪري سگھون ٿا، جن ۾ ڪي تاريخي واقعا ذڪر ڪيل آهن. جتي اها ڳالهه نه آهي، اتي جيڪا شيءِ مددگار ٿي سگھي ٿي سا وحيءَ جي صورت ۽ ان جي معنويت آهي“ [24] انهيءَ ڪري هن پاڻ ڪريم ﷺ جي زندگيءَ کي ٽن حصن ۾ ورهائيو آهي:
1. شروع ۾ (محمد ﷺ هڪ سڌارڪ جي طور تي ظاهر ٿين ٿا. انهيءَ زماني ۾ مٿن جوش ۽ جذبي جو زور آهي. سندن ٻولي قافيي واري آهي، انهيءَ ۾ شاعريءَ واري سچي چاشني آهي. انهن سورتن ۾ سندن مقصد تبليغ جو ذڪر آهي. انهيءَ ۾ اها روحاني ڇڪتاڻ آهي، جنهن جي آخر ۾ کين پڪو ويساهه ٿي وڃي ٿو ته کين سچ پچ الله تعالىٰ مقرر ڪيو آهي ته جيئن پاڻ قوم جي باطل پرستي کي ختم ڪن ۽ بت پرستي جي جاءِ تي هڪ قدرت رکندڙ ۽ هر شيءِ تي نظر رکندڙ الله تعالى جي پوڄا کي جاري ڪن، جيڪو بد ڪردار ۽ بي ايمان کي گھڻو ڪري هن دنيا ۾ جھجھي سزا ڏئي ٿو. پر هن کان پوءِ اچڻ واري زندگي ۾ ته پڪ سان سزا ڏيندو. ان سان گڏوگڏ ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏيندو آهي ۽ ڏيندو. انهيءَ زماني سان لاڳاپيل سندن اهي جملا آهن، جيڪي پاڻ سڳورن پنهنجي مخالفن تي ڪيائون. اهي مخالف جيڪي کين ذليل ۽ ڪوڙو سمجھندا هئا. انهيءَ ۾ اهي آيتون به آهن، جيڪي الله تعالىٰ سندن صبر ۽ ثابت قدمي جي لاءِ نازل ڪيون آهن. هن زماني جي ڪيترين ئي سورتن ۾ بهشت جي دلپسند رهڻي ۽ خوشين ۽ دوزخ جي اهنجن کي مادي رنگ ۾ رڱيو آهي ۽ انهيءَ ۾ قيامت جي ڏينهن وارين سختين کي دل ڏاريندڙ لفظن ۾ بيان ويو ڪيو آهي. باقي سورتن ۾ دعائون، گيت ۽ بد دعائون وغيره آهن.[25]
اسان کي اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي ته ”وحي جي صورت“ مان وائل جو ڇا مطلب آهي. صورت مان ان جو مطلب مختلف سورتن جي ڊيگھه آهي. ڇو جو هن جو خيال آهي ته قرآن جي سورتن جي تدوين اهڙي طرح ڪئي وئي آهي جو ڊيگھه ۽ ننڍائيءَ جي لحاظ کان ڊگھيون سورتون پهريان ۽ ننڍيون سورتون آخر ۾ رکيون ويون آهن.[26] انهيءَ ڪري ننڍڙيون سورتون شروعاتي سورتون آهن. ”معنىٰ“ سان انهيءَ جو مطلب پاڻ ڪريم ﷺ جي انهيءَ تعليم سان آهي، جيڪا انهن سورتن ۾ ڏني وئي آهي. انهيءَ تعليم جي باري ۾ هن جو خيال آهي ته اهي “هڪ اهڙي ماڻهو ڏني هئي، جيڪو پنهنجي شروعاتي دؤر ۾ جوش ۽ جذبي سان ڀريل هو ۽ هن کي پڪ نه هئي ته هو الله جو پيغمبر آهي، پر هو پنهنجو پاڻ کي رڳو هڪ سڌارڪ سمجھندو هو“.
ان کانسواءِ شروعاتي دؤر وارين سورتن جي باري ۾ جيڪي روايتون آهن، سي ايتريون ته ٽڪراءَ ۾ آهن جو اسان کي انهن سورتن جي اندر ئي ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڳولي لهڻو آهي، جنهن مان خبر پئجي سگھي ته اها سورت ڪهڙي زماني سان واسطو رکي ٿي. اسان ڪنهن سورت کي رڳو ڊگھي نه هئڻ جي ڪري يا انهيءَ ۾ جوش ۽ جذبي نه هئڻ يا شاعريءَ وارو قافيو نه هئڻ جي ڪري شروعاتي دؤر ۾ بنا ڪنهن مناسب سبب جي نٿا رکي سگھون.
2. وائل جو چوڻ آهي ته ”ٻئي دؤر ۾ محمد (ﷺ) هڪ نئين مذهب جي باني جي حيثيت سان ظاهر ٿيا آهن. سنجيدا مٿانهين تخيل پرستيءَ جي بدران غور ۽ فڪر ظاهر ٿيڻ لڳي ٿو. شاعري جي جاءِ تي خطابت جو زور معلوم ٿئي ٿو. سندن ٻولي سنجيدا ۽ منطقي ٿي وڃي ٿي ۽ اڳ وانگر دلي جوش ۽ جذبو باقي نٿو رهي“. ”سورتون ڪجھه ڊگھيون ٿي وڃن ٿيون ۽ انفرادي طور ايماني جزن جي تشريح ڪن ٿيون. يا آڳاٽن ماڻهن ۽ نبين جي قصن کي اهڙي ته اثرائتي انداز ۾ بيان ڪن ٿيون جو مؤمنن جي ايمان ۾ سگھه ۽ مخالفن جي دلين ۾ ڊپ پيدا ٿي وڃي ٿو. حقيقت ۾ محمد (ﷺ) پنهنجو پاڻ کي آڳاٽن نبين وانگر سمجھن ٿا ۽ پنهنجي وات مبارڪ مان اهي ڳالهيون ڪن ٿا جن جي ڳالهه جو رخ مڪي وارن ڏانهن هوندو آهي. اهي ٻڌائن ٿا ته انهن نبين کي ان دؤر جي ماڻهن غلط سمجھيو هو، ايتري تائين جو حق جي سوڀ ٿي ۽ گنهگار شرمندا ڪيا ويا ۽ تباهه ڪيا ويا. انهيءَ دؤر سان اهي سورتون به لاڳاپو رکن ٿيون جن ۾ انهن ڪفر گاڏڙ مطالبن جي خلاف دليل آهن، جيڪي نبوت جي ثبوت جي لاءِ معجزي گھرڻ جي صورت ۾ ڪيا ويندا هئا. پر پاڻ سدائين وحيءَ جي سچائي جي لاءِ ان جي معنوي سچائي ۽ صوري ڪمال ڏانهن اشارو ڪري ٻڌائن ٿا ته اهو ئي پڪو ٺڪو نشان (معجزو) ان جي خدائي مآخذ (وحي) هجڻ جو آهي. انهيءَ زماني سان لاڳاپيل ڪيترائي خواب آهن جن ۾ پاڻ ﷺ جن سان جِنن عقيدت جو اظهار ڪيو. انهيءَ ۾ بيت المقدس تائين اڌ رات جو سفر (معراج) به آهي. اهي آسماني سفر سندن دؤر جي ماڻهن جي نظرن ۾ خواب هو. انهيءَ دؤر ۾ ڪجھه اخلاقي حڪم عيسائين جي تثليث ۽ حضرت عيسا جي سوريءَ (صليب) تي چاڙهڻ کي رد ڪيو آهي. انهن سڀني کانسواءِ ڪيتريون ئي شيون جي الله، وحي، قيامت ۽ حشر جي باري ۾ آهن، اڳ ۾ ئي پڙهي ٻڌايون ويون آهن، سي هر هر ورجايون ويون آهن“.[27]
وائل جي چوڻ موجب، هن زماني جي خاص ڳالهه اها آهي ته پاڻ ڪريمﷺ هڪ نئون مذهب پيش ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ٻين نبين وانگر سمجھن ٿا. جيستائين ”نئين مذهب“ جو تعلق آهي، اسان انهيءَ جي دعوى ڪري سگھون ٿا ته اهو قرآن پاڪ ۾ موجود نه آهي. حقيقت ۾ پاڻ سمورن مذهبن جي بنياد توحيد کي عقليت جي اصولن موجب مڃيو آهي، جنهن جو اسان اڳتي هلي تجزيو ڪنداسين.
هن دؤر ۾ ڪنهن حد تائين ڊگھين سورتن کي بنا ڪنهن سبب جي وائل جاءِ ڏني آهي. يعني هن کي انهن سورتن ۾ جوش ۽ جذبو نظر نٿو اچي. جيتوڻيڪ اهو ظاهر آهي ته پهرين ئي سورت [28] ۽ ان کان پوءِ واريون سورتون به ايتري ئي سنجيده ٻولي ۽ فصاحت سان بيان ڪيون ويون آهن جهڙيون ٻيون سورتون آهن.
هُن هِن دؤر ۾ جن سورتن کي رکيو آهي، تن جو صحيح تجزيو ڪيو آهي. پر سمجھه ۾ ايئن ٿو اچي ته هن اصل عربي قرآن جي بدران ان جي ترجمن مان ڪم ورتو آهي. ڇو جو قرآن پاڪ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي آسماني سفر جو ڪٿي به ذڪر نه آهي. ۽ پاڻ ڪريم ﷺجي دؤر وارن ماڻهن نه، پر قرآن پاڪ ئي اسرىٰ واري واقعي کي خواب سڏيو آهي.
3. ٽئين دؤر جي باري ۾ وائل جو خيال آهي ته ”هن جي ٻولي بلڪل رواجي هئي. اها نه رڳو ان وقت ڪؤڙي سمجھه ۾ ايندي آهي جڏهن پاڻ قانون ۽ حڪم جاري ڪندا آهن ۽ غزون جو حال بيان ڪندا آهن، پر ان وقت به ڦڪي ٿي ويندي آهي جڏهن پاڻ خدائي صفتن، ڪائنات جي سونهن، قيامت واري ڏينهن جي سختين ۽ بهشت جي شان ۽ رونقن کي ظاهر ڪن ٿا“.[29]
وائل جو اهو ڪو ڪمال نه آهي ته هن کي خبر پئجي وئي ته هن دؤر جون سورتون ۽ آيتون ڊگھيون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو مدني دؤر جي سورتن جو ترجمو پڙهندو ته اهو سولائي سان انهن شين کي ڏسي سگھي ٿو. وائل جون انهيءَ دؤر جي باري ۾ اميدون بلڪل ئي غير ضروري آهن. ڇو جو هو گھري ٿو ته مڪي سورتن وانگر هن دؤر جو بياني اندازبه ”شاعراڻو“ هو. هن کي اهو ڄاڻڻ گھربو هو ته بياني انداز جي تبديلي رڳو اتفاقي يا غير ضروري نه هئي. حقيقت اها آهي ته جاهليت جي شاعري بيٺل يا غير تخليقي بڻجي وئي هئي ۽ هن پنهنجي زندگي ۽ شڪل صورت مٽائي ڇڏي هئي. اها رڳو تڪبندي وڃي رهي هئي. اهڙيءَ طرح قرآن ڪريم انهيءَ شاعريءَ کي گمراهي سڏيو ۽ هن هڪ نئون بياني انداز ايجاد ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺجن عرب وارن جي اڳيان جيڪي نثر جا قسم پيش ڪيا سي عرب جي ادبي تاريخ ۾ هڪ تخليقي دماغ جي سمورن ڳڻن کي پيش ڪن ٿا. ظاهر آهي ته بحث هيٺ آيل مسئلي جي نوعيت جي لحاظ کان بياني انداز پڻ بدلبو رهندو آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن قانونن کي نظم يا شاعراڻي نثر ۾ بيان ڪيو وڃي ته اها بلڪل غير فطري شيءِ هوندي. قرآن ڪريم جو هڪ مقصد اهو به هو ته سادي نثر جا نمونا ايجاد ڪري ۽ شاعري ۽ شاعرن کي تمام ئي پوئتي ڇڏي وڃي. هڪ قانونساز مان اها اميد ڪرڻ ته هو قانونن کي شاعريءَ ۾ ادا ڪري، هڪ عجيب قسم جو خيال آهي.
وائل کي ڪيتريون ئي تاريخي شيون ڊگھين سورتن ۾ مليون جن ۾ بيان ڪيل خيال سان هن انهن کي مدني دؤر ۾ جاءِ ڏني. پر اهو ياد رکڻ گھرجي ته انهن سورتن ۾ ڪيترائي اهڙا رڪوع آهن جيڪي مختلف وقتن ۾ نازل ٿيا آهن ۽ انهن کي مختلف سورتن ۾ مضمونن جي اعتبار کان پوءِ گڏ ڪيو ويو آهي. انهن جي ترتيب تنزيلي نه آهي. تنهن ڪري اسان کي ڪن مدني سورتن کي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائڻو پوندو ته جيئن انهن کي صحيح طور تي تاريخ وار ترتيب ڏئي سگھجي. اهڙو اتفاق تمام ئي گھٽ ٿيو آهي جو هڪ پوري سورت (مدني دؤر ۾) ٻي سورت کان پوءِ تاريخي حيثيت سان گڏ نازل ڪئي وئي هجي.[30]
-
قرآن جو عربي جي وچ ۾ فارسي ترجمو ایل خاني دور ۾۔
-
يورپي ٻوليءَ ۾ قرآن جو پهريون ترجمو: L'Alcoran de Mahomet, André du Ryer, 1647۔
-
جرمني ٻوليءَ ۾ پهرين قرآن جي ترجمي جو سرورق (1772)۔
-
سورۃ یٰس آیت 33 ۽ 34 چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو
تلاوت
[سنواريو]قرآن جي لفظن کي اُن جي اکرن کي زبان سان صحيح اُچار سان ادا ڪرڻ جي علم کي تجويد چوندا آهن.
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- Quran Archive[مئل ڳنڍڻو]
- Al-Quran (قرآن) آرڪائيو ڪيا ويا 2009-01-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- قرآن سنڌي ترجمي سان
- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.
- ↑ The Comprehensive Aramaic Lexicon
- ↑ 3.0 3.1 http://www.britannica.com/eb/article-68890/Quran
- ↑ القرآن:75:17
- ↑ القرآن: 7:204
- ↑ { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 76 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
- ↑ انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-13
- ↑ ڪتاب: انسانيت جي تعمير، مولانا وحيد الدين خان
- ↑ 9.0 9.1 Book: Did Muhammad Exist?”, Robert Spencer
- ↑ (1) Qureshi, Dr. I.H: The Muislim Commuity of India-Pakistan 1961, P.41
- ↑ سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي(قسط- 1)؛ رسالو: مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
- ↑ (’عجائب الهند‘، بزرگ بن شهريار، ليڊن)
- ↑ سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ اسلام ڪا اقتصادي نظام .مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي ص 168
- ↑ ن.گ 5
- ↑ ڏسو؛ انسائيڪلو پيڊيا برطانيڪا (Mahomet)
- ↑ ڏسو ديباچو، صفحه ۽ ”محمد“ از مارگوليث
- ↑ م. ل
- ↑ ڏسو؛ قرآن (Spek) ايڊيشن ۽ H.D صفحو 492
- ↑ و. ڊ 509
- ↑ ن. گ 95
- ↑ ڪ. ه 31
- ↑ ڪ. ه 32
- ↑ ک. ه. 32
- ↑ ڪ ه 33، 34
- ↑ ک ه 33
- ↑ ڪ. ه 24
- ↑ سورت 96
- ↑ ک . ه. 32
- ↑ محمد اجمل خان (ڪلڪته ڊسمبر 1940ع) انقلابِ مڪه، ليکڪ: ڊاڪٽر الطاف جاويد / احمد الدين شر، سنڌيڪا اڪيڊمي