حيدرآباد جي جنگ
ڏيک
هن مضمون کي وڌيڪ حوالن جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقتن جي تصديق ڪري سگهجي. |
دُٻي جي جَنگِ | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
سلسلو سنڌ تي حملو | |||||||
دٻي جي جنگ جو يادگار | |||||||
| |||||||
شريڪ جنگ | |||||||
ايسٽ انڊيا ڪمپني | سنڌ جا ٽالپر امير | ||||||
سپهہ سالار ۽ رهنما | |||||||
|
ھز ھائينيس مير شير محمد ٽالپور، شير سنڌ جنرل ھوش محمد شيدي | ||||||
ملوث يونٽ | |||||||
فسٽ بمبئي ھارس آرٽيلري, نائنٿ بمبئي لائيٽ ھارس, بمبئي جي مقامي ماڻهن واري انفنٽري گرينيڊيئر رجمينٽ, بمبئي جي ٻارھين مقامي ماڻھن واري انفنٽري, بمبئي جي مقامي ماڻهن جي ايڪويهين انفنٽري, بمبئي جي مقامي ماڻھن واري پنجويھين انفٽري, پيادن واري ٻاويھين چيشاير رجمينٽ, پونا جا گھوڙيسوار فوجي | |||||||
طاقت | |||||||
3,000 | 20,000 | ||||||
نقصان | |||||||
39 مارجي ويا 231 زخمي ٿيا | 2,000[1] |
حيدرآباد جي جنگ(انگريزي: Battle of Hyderabad ) يا دُٻي جي جنگ(انگريزي: Battle of Dubba) ميرن واري سنڌ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني وچ ۾ ٻين ۽ آخري جنگ ھئي جيڪا حيدرآباد جي ٻاھران دٻي واري ميدان تي وڙھي وئي. مير شير محمد خان ماڻڪاڻي، چارلس نيپيئر جي جگر ۾ اڃان ڪنڊي جيان پئي چڀيو. هو حيدرآباد کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي پنجويهه هزارن جي لشڪر سان ڇانوڻي هنيو ويٺو هو. نواب احمد خان لغاري ۽ هوش محمد قمبراڻي مياڻي جي جنگ مان بچي اچي شير محمد سان مليا هئا. نيپئر به پنج هزار لشڪر سان ڦليلي وٽ پهتو. 24 مارچ 1843ع تي ٽي ڪلاڪ جنگ جاري رهي. هوش محمد ”مر ويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جا نعرا هڻندي آخري دم تائين وڙهندو رهيو. نيٺ هڪ آئرش سپاهي هٿان شهيد ٿيو..[2]جنگ حيدرآباد لڳ دُٻي جي ميدان ۾ لڳي.
حوالا
[سنواريو]