دولھ دريا خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دريا خان
دولھ
مبارڪ خان
سپھ سالار
وزير
ريجنٽ ڄام نظام الدين سمو
ڄام فيروز
جيون ساٿي ھمون راٺوڙ
نسل پٽ:ڄام سارنگ، علاؤ الدين، محمود خان، احمد ۽ موٽڻ خان
پورو نالو
دولھ دريا خان قبوليو
گهراڻو قبوليو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاھي
جنم دريا خان
لاڏاڻو 22 ڊسمبر 1520 1محرم 977ھ
ٽلٽي
تدفين مڪلي
مذھب اسلام

دولھ دريا خان سنڌ ۾ سمن جو راڄ دوران جو محب وطن جرنيل، ڄام نظام الدين سمي جي حڪمراني جو وڏو وزير[1] وزيراعظم سنڌ[2] ۽ سنڌي سينا جو سيناپتي هيو.[3] [4][5] [6][7] پهرين سندس نالو قبولو هو[8][9] ۽ ڄام نظام الدين جي ديوان لکدير يا لکبير جو غلام هو. ڪن جو چوڻ آهي ته اصل هو سيد زادو هو، جو قيد ٿي پيو ۽ هن کي غلام ڪري آڻي وڪيائون ۽ لکدير انهي کي خريد ڪيو.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

هڪڙي ڀيري ڄام نظام الدين شڪار تي ويل هو. ڏينهن ڏاڍو تتل هو. سخت اُڃ لڳيس. پاڻي گهريائين. قبولو غلام تڏهن ديوان لکدير جو آبدار هو. تنهن پاڻيءَ جو پيالو آڻي ڏنس، پر انهيءَ ۾ ڄاڻي ٻجهي هڪڙو ڪک وجهي ڏنائينس ته گهڻي اُڃ ۾ هٻڇ ڪري زياده ۽ تڪڙو پي نه وڃي، ٿورو ٿورو ڪري پِئي. جڏهن ڄام کي اها حقيقت معلوم ٿي، تڏهن هن جي سياڻپ پسند آيس ۽ انهيءَ مهل پئسا ڏيئي هن جي ٻانهن لکدير کان ورتائين ۽ دريا خان نالو ڏنائينس. سگهو ئي وڏي درجي کي پهتو، بلڪ دلشاد وزيرکان به لنگهي ويو ۽ مدار المهام ۽ اميرالامرا ٿيو ۽ مبارڪ خان خطاب مليس. جڏهن مرزا سيد محمد جونپوري ٺٽي ۾ آيو، تڏهن عالمن جي چوڻ تي ڄام هن تي اعتقاد ڪونه آندو؛ پر دريا خان هڪدم وڃي انهيءَ جو مريد ٿيو ۽ انهي جي دعا سان وڏو درجو حاصل ڪيائين، ايتري قدر جو ڄام هن کي غلام نٿي ڄاتو، پر پٽ ڪري ٿي سڏيائينس، ۽ جڏهن ڄام پاڻ مئو ٿي، تڏهن پٽ جي ٻانهن هن کي ڏنائين ۽ سندس پارت ڪيائينس. سنه 927ھ ۾ شاهه بيگ جي لشڪر هن کي ماريو.[10] مڪليءَ تي رکيل آهي. سندس پٽ علاؤالدين به عالمن ۽ اميرن جي قطار ۾ هو ۽ اُهو به شاهه بيگ جي هٿان ماريو ويو. اُن جا ٻيا پٽ محمود خان ۽ متن خان پنهنجي جاگير ۾ رهندا هئا، جاٽلٽي ۽ ڪاهان يا ڳاها ۾ هئي.[11][12][13][14]

ڄام نظام الدين سمو جي بادشاھي ۾[سنواريو]

طاهر محمد جي تحرير ذريعي خبر پوي ٿي ته هن سپهه سالار جو نالو دريا خان ۽ لقب مبارڪ خان هو. قبوليو (قبولہ) اصل ۾ سندس قبيلو هو. هي قبيلو سماٽ ۾ اچي ٿو ۽ اڄ سوڌو دادو ضلعي ۾ آباد آهي. [15] خود درياخان جي جاگير (ڳاها) به هن ضلعي ۾ هئي. هن ضلعي جي معتبر راوين جي راويت به اها ئي آهي ته دريا خان ذات جو قبوليو هو.[16] هن قبيلي جا اڪثر ڳوٺ اڄ به دادو ضلعي ۾ موجود آهن.ڄام نظام الدين کي ابتدا ۾ پٽاڻو اولاد نه هو، ان ڪري هن دريا خان کي گود جو پٽ ڪري نپايو. پهريان هو ديوان لکدير (لکمير) جو غلام هو، جتان ڄام نندي کيس حاصل ڪيو. اڳتي هلي درياخان سياست ۽ فوجي معاملن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري ورتي، ان ڪري کيس سپھ سالار، وزيراعظم ۽ امير الامرا مقرر ڪري ”مبارڪ خان“ جو لقب ڏنو ويو. سندس متعلق پهريون مستند حوالو سن 895ھ/1490ع جو آهي، جڏهن پاڻ اتر طرف سنڌ ۾ جنگ ڪري ارغونن کي شڪست ڏنائين. ان سال مڪليءَ تي پنهنجي مقبري جي چوديواري پڻ تعمير ڪرايائين. [17] هن جنگ ۾ کيس اتر سنڌ جي چانڊين فوجي مدد ڪئي هئي. سوڀ حاصل ڪرڻ بعد دريا خان، موجوده لاڙڪاڻي ضلعي واري ايراضي، چانڊين جي سردار کي جاگير طور ڏني. ان بعد هن خطي تي ”چانڊڪه“ نالو پئجي ويو. روايتن موجب چانڊيي سردار جو نالو ”سريمڻ خان ھيو.[18] ڄام نندي جي زماني ۾ پاڻ ڪجهه واه کوٽائي، سنڌ جي زراعت ۾ واڌارو آندائين. ڄام جي وفات کان پوءِ به هي پنهنجي عهدي تي برقرار رهيو. ڄام نندي جي دور ۾ غالبن موجوده تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ چانگ قبيلي فساد برپا ڪيو هو. ان کي پڻ درياخان منهن ڏنو. سن جي بزرگ سيد حيدر جو ڏاڏو سخي ابراهيم شاھ، ڄام نندي جو دوست ۽ رفيق هو. ابراهيم شاھ هن مسئلي تي درياخان جي مدد ڪئي. فسادين کي سختيءَ سان چيڀاٽيو ويو. البت ابراهيم شاھ هنن معرڪن ۾ شهيد ٿي ويو. هن جي مزار خانوٺ جي ڀرسان آهي. [19] اڳتي هلي درياخان جو تعلق سيد حيدر سنائي ۽ سيد عبدالرزاق لڪياريءَ سان پيدا ٿيو، جن مخدوم بلال جي صلاح مصلحت سان سيد محمد جونپوريءَ کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو.[20] هن ياري دوسري واري تعلق سبب درياخان، اڳوڻيءَ گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان پنهنجي رهائش لاءِ هڪ قبائين جاءِ ٺهرائي هئي، جا اڄ سوڌو موجود چئي وڃي ٿي.

ڄام فيروز جي بادشاھي ۾[سنواريو]

ڄام فيروز ننڍي عمر ۾ سنڌ جو حڪمران بنيو. هن درياخان جي مرتبي ۽ عزت جو ڪوبه خيال نه ڪيو، ان ڪري پاڻ احتجاج طور استعفا ڏئي اچي پنهنجي جاگير تي رهيو. ڄام صلاح الدين ٺٽي تي قبضو ڪيو. ان وقت فيروز کيس منٿ ميڙ ڪري وري حڪومت ۾ شامل ڪيو. هن حيلي حرفت سان صلاح الدين کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ وري فيروز سنڌ جو حاڪم بنجي ويٺو. هن ڀيري به درياخان کي جائز مرتبو نه مليو. آخر ۾ فيروز جي ماءُ ارغونن کي حملي جي دعوت ڏني ۽ درياخان جي خاتمي لاءِ مدد طلب ڪئي. سنڌ جي هن سپوت ۽ ارغونن ۾ 11 محرم 927ھ (22 ڊسمبر 1520ع) تي سخت مقابلو ٿيو. مؤرخن درياخان جي سورهيائيءَ ۽ جنگ جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته کيس صلح جي ڳالهين لاءِ گهرائي شهيد ڪيو ويو.[21] سندس مزار اڄ به مڪليءَ تي موجود آهي.

درياخان جي ذاتي سوانح بابت ڇڙوڇڙ حوالا موجود آهن. مٿي سندس اوطاق جو ذڪر آيو آهي، جا ڳوٺ خاصائي شورا ۽ گوپانگ اسٽيشن جي ڀر ۾ اڳ دادو ضلعو ۽ هاڻڄامشورو ضلعو ۾ آهي پر ان اوطاق بابت به مورخن جا متضاد رايا آهن.[22] هن جي حويلي ۽ ڪوٽ مڪليءَ جي عيدگاھ جي اوڀر واري ايراضي ۾ هئا. هن وقت عيدگاھ ڏي ويندڙ پيچرو، درياخان جي ڊٺل ڪوٽ جي اتر کان وڃي ٿو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي آڳاٽو هن ڪوٽ جو ذڪر ڪيو هو. [23] روايتن موجب دريا خان، راٺوڙن جي هڪ حسين ڇوڪري ”همون“ سان شادي ڪئي هئي.[24]راشدي صاهب جي تحقيق موجب کيس ڄام سارنگ، علاؤ الدين، محمود خان، احمد ۽ موٽڻ خان نالن سان پنج پٽ هئا [25] اهي سڀ سورهيه ۽ دلير توڙي وطن دوست انسان هئا. سنڌ جو هي سچار انسان جيسين زنده هو، ايسين سمن جي سلطنت قائم رهي. سندس شهادت کان پوءِ سمان ڄام به رلي ويا ته سنڌ جو ملڪ به ٻن صدين تائين ڌارين جي راڄ ۾ جڪڙجي ويو!

سائين جي ايم سيد جي تحقيق[سنواريو]

شهيد دولهه دريا خان - جي ايم سيد

سومرن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ بعد انهن جي آخري حاڪم همير کي سمن قتل ڪري ان جي جاءِ تي سندن سردار اُنڙ پٽ ڀنڀه کي ڄام جو لقب ڏئي سنڌ جي گهڻي ڀاڱي تي حاڪم مقرر ڪيو. جيئن ته سنڌ جي ٻنهي بهترين گهراڻن جي مستند تاريخ اڃان تائين لکي ڪانه وئي آهي، ان ڪري انهيءَ جي حڪومت جو مفصل احوال ميسر ٿي نه سگهيو آهي. پر چچنامه ۽ تحفته الڪرام وغيرا جي مخلتف روايتن جي بنا تي 1360ع کان پوءِ ان گهراڻي جي شروعات شمار ڪري سگهجي ٿي. جا 1520ع تائين هلي اٽڪل 120 ورهيه کن حڪومت ڪيائون . ان عرصي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انهيءَ قبيلي جي سردارن جو تسلط هو جي ننڍين رياستن وانگر اندروني طور آزاد هئا ليڪن سڀئي سلامي وڏي حاڪم ڄام جي ڀريندا هئا. اهو دور به سنڌ لاءِ امن امان، ترقي ۽ تمدن جو باعث رهيو آهي_ انهن جي دور حڪومت ۾ ڪيئي وڏا ڳوٺ ٻڏا، علم پکڙيو، هنر زور ورتو، قومي روايتون ۽ دستور به قائم رهيا. سنڌ جي غيرت، روايات،حب الوطني ۽ آزاديءَ هي حفاظت لاءِ سومرن پاڻ ملهايو ته سمن وري تهذيب ۽ تمدن کي زور وٺائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. هن قبيلي ڪيترائي نامور حاڪم پيدا ٿيا جن مان ڄام تماچيءَ جو خاص مشهور آهي. جنهن جي ڪينجهر جي مهاڻيءَ، نوريءَ سان رومانس جي قصي کي شاهه عبدالطيف نهايت عمده پيرايه ۾ بيان ڪري انهيءَ دور جي عمده تصوير ڪڍي آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ امن امان، آبادي ۽ هنر جي زور وٺڻ ڪري آسودگي اچي ويئي هئي. مدرسه کليل هئا. هي حاڪم عالمن، شاعرن ۽ راڳ جي مجلسون ٿينديون هيون. عمديون ٻيڙيون، ان جا رنگا رنگي سڙهه ۽ ساز و سامان مجلس جي رونق کي وڌائيندڙ هئا. ڪينجهر جو نظارو نهايت عمدو هو. شاهه صاحب ان لاءِ فرمائي ٿو ته: هيٺ جــر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪـونر ٽڙن، ور ٿي واهوندن، ڪينجهر خستوري ٿئـي. ”شاهه“

اهڙي طرح هن گهمندي هن جي نوريءَ نالي عورت تي نظر پئجي ويئي_ هوءَ هٿين پيرين آرکيڻن هئي هن جي من “ گيرب ۽ گاءِ نه هو_ تنهن جي نيڻن راءِ کي ريجهائي ڇڏيو_ نيٺ سمي سڃاڻي ٻيڙو ٻانهن ۾ ٻڌي کڻي راڻين ۾ شامل ڪيس پوءِ ته ڄام مهاڻن تي مڙئي محصول معاف ڪري ڇڏيا ۽ اڪثر ڪينجهر جي ڪناري مجلسون ۽ محفلون ٿينديون رهنديون هيون. اٽي ماڙي ٺهرايائين سندن قبرون مڪلي ٽڪريءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي مقبري هيٺان. ان کان پوءِ انهيءَ گهراڻي جو ٻيو مشهور حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو ڄام ڀنڀه ٿيو. هي 866ھ مطابق 1462ع تي تخت تي ويٺو . سندس ڏينهن ۾ حڪومت اتر طرف وڌي بهاولپور تائين وڌي پکڙي الهندي طرف سبي تائين ته ساري موجوده سنڌ سنسدس قبضي ۾ هئي. هي پاڻ وڏو عالم هو، عالمن درويشن جي صحبت کي پسند ڪندو هو. نهايت اعلى منتظم، منصف مزاج ۽ سخي هو. هن جي حڪومت 48 سال هلي. ان وچ ۾ نهايت امن امان قائم ٿيڻ ڪري ملڪ ترقي ڪئي. هن اڳيون ساموئي يا سمانگر ڇڏي ان جي ٽن ميلن جي مفاصلي موجوده ٺٽي جو شهر نئين سر ٻڌايو. جنهن ٿوري وقت اندر مدرسن، واپار، ڪارخانن، عالمن وغيره ڪري نهايت زور ورتو. اهو سمن جي اوج جو دور هو. نواب دريا خان هن مصنف مزاج، منتظم ۽ مردم شناس حاڪم جو وزيراعظم. ان بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ هن ڄام صاحب جي وزير لکمير وٽ نوڪر هو. سندس اصل نسل جو پورو پتو نٿو پوي. سندس اوائلي نالو قبوليو هو. هڪ دفعي ڄام نندو شڪار تي نڪتو ساڻس وزير لکمير به گڏ هو. رستي تي ڄام صاحب کي اڃ لڳي. ڄام صاحب جو نوڪر پري هو ان ڪري قبولي ڇوڪري کيس پاڻي آڻي ڏنو. ڄام صاحب ڏٺو ته ان ۾ ڪي ڪک پيل هئا. ان بابت ڄام صاحب سبب گهريو. هن جواب ۾ ٻڌايس ته قبلا جن کي سخت اڃ هئي يڪدم پاڻي پي وري سواري ڪن ها ته طبيعت تي خراب اثر پوي ها. ان ڪري ڪک وجهي ڏنم ته سائين جن آهستگيءَ سان پاڻي پين. سندس اهڙي عقل واري جواب کان ڄام صاحب متاثر ٿي کيس پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو. جتي آهستگي ٿي ترقي ڪندو تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ بعد لياقت ۽ ايمانداريءَ ڪري پهرين وزير ۽ پوءِ وزيراعظم جي درجي تي پهچي نواب خان اعظم ۽ فرزند خاص جا لقب حاصل ڪيا.کيس فوجن جي سپهه سالاري به ملي. هاڻ نواب دريا خان عرف نواب مبارڪ خان جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هي انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي مڪاني بدامنين دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان ڪري ساري صوبي جي حڪومت گهڻي وقت تائين نهايت امن امان ۽ خوش اصلوبيءَ سان هلڻ لڳي. انهن ڏينهن ۾ بابر بادشاهه سمرقند کان نڪري اچي ڪابل ۾ ديرو ڄمايو هو. شاهه بيگ ارغون ان جي خوف کان ٻئي ملڪ وسائڻ جي خيال کان سنڌ تي سندس ڀاءُ مرزا سلطان محمد جي هٿ هيٺ لشڪر چاڙهي موڪليو جن آگره، چانڊڪا، منديجا ۽ ماڇين جو ڪوٽ اچي ڦريا ۽ لٽيا. ان خبر پوڻ تي ڄام نندي وڏو لشڪر نواب دريا خان جي هٿ هيٺ ان جي مدافعت ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. جنهن هلوڪر ڳوٺ وٽ پهرين جنگ ۾ ارغونن جي لشڪر کي شڪست ڏني. جنهن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو. باقي سندس بچيل لشڪر قنڌار ڏانهن ڀڄي.

انهن ڏينهن هڪ ٻيو واقو سرزد ٿيو. جيتوڻيڪ اهو ظاهر ۾ خاص اهميت رکندڙ نه هو پر ان مان نواب دريا خان جي سياسي دانشمندي ۽ معامله فهميءَ جو پتو پوي ٿو. سيد محمد ميران شاهه 867ھ ۾ جونپور جي شهر ۾ پيدا ٿيو، جو علم پڙهي وڏي لياقت جي درجي تي پهتو هو. پوءِ روزا، زهد، تقوى ۽ وظائف جي ذريعي صاحب ڪمال ٿيو. سندس معتقدن جو چوڻ آهي ته هڪ دفعي حسب معمول پنهنجي ورد وظائف ۾ مشغول هو ته کيس اهو آواز ٻڌڻ ۾ آيوته ”تون مهدي آهي“ آخر اهو آواز مسلسل ٻڌڻ بعد هن کي سندس مهديپڻي جو يقين ويهي ويو. مسلمانن جي هڪ گروهه ۾ گهڻي وقت کان اهو عقيدو رهندو پئي آيو آهت ته آخر زمان ۾ امام مهدي پيدا ٿيڻ وارو آهي هو ساري دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪر ي دنيا تي غلبه اسلام لاءِ بيعت وٺي جهاد ڪري ساري دنيا کي زوريءَ يا خوشيءَ سان دائري اسلام ۾ آڻيندو. انهيءَ طرح سان اسلام جي پيدا ٿيڻ جي مشن تي اسلام، انسان ذات جي وچ ۾ اتحاد، امن ۽ ترقي آڻنيدو، مڪمل ٿيڻ واري آهي. اهو عقيدو صرف مسلمانن ۾ نه ويٺل آهي پر قريبن هر عالمگير مذهب جي ڪن گروهن ۾ گهڻي وقت کان سندن نشاط ثانيه لاءِ ويٺل آهي ته منجهان ڪو ماڻهو پيدا ٿي انهيءَ مذهب کي ساري دنيا ۾ رائج ڪندو. هندن مان ڪن ۾ وشنو مهاراج جي نئين سر اوتار ٿي اچڻ بعد هندن جي دنيا تي تسلط ويهڻ جو اعتماد ويٺل آهي. اهڙي طرح حضرت عيسى جي وري پيدا ٿي دنيا کي دين مسيحي تي آڻڻ جو عقيدو به ڪن عيسائن ۾ ويٺل هو. ان عقيدي کي مدنظر رکي دنيا جي مسلمانن ۾ ڪيئي ماڻهو اهڙي دعوى ڪندي پيدا ٿي ماڻهن ۾ وقتي اتحاد ۽ جوش جاڳائي وري ختم ٿي ويا. آءُ ڪيتري دفعا پنهنجي تحريرن ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ملا جي مذهبي تشريح واري اسلام ۾ دنيا تي غلبه اسلام جو تخيل ڪن مسلمانن تي گهڻي گهڻي وقت کان ويٺل آهي. ڪن خلافت کي ان جو مرڪز بنائي انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ ڪوشش ڪئي، ڪن مجدد بنجي دين کي نئين سر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪيترا مهدي سڏائي، تبيغ ۽ جهاد ذريعي اسلام جي فروغ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڪن هاڻ ان کي پين اسلامزم جي تحريڪ سڏي ان ڏس ۾ مسلمانن کي متحد ڪرڻ جو آواز اٿاريو آهي. مطلب ته اهو عقيدو مختلف شڪلين ۾ مسلمانن اڳيان پئي پيش آيو آهي. مصر ۾ مهدوي حاڪمن جي تحريڪ شيعن جي هڪ گروهه ٻارهين امام جي گم ٿي وري آخر زمان ۾ پيدا ٿيڻ جي اميد شيخ سنوسي جي تحريڪ، مهدوي سوڊاني جي تحريڪ، سڀ انهيءَ تخيل جي پيداوار آهن جنهن جو پرچار سيد محمد ميران شاهه جونپوري ڪيو ٿي. ڪيترا ويساهه وسوڙيل ماڻهو اڃا تائين انهيءَ اميد تي پيا هلن ليڪن اها به حقيقت آهي مسلمان درويشن، عالمن ۽ سياستدانن جو هڪ گروهه به پئي رهيو آهي جنهن کي اسلام جي اهڙي تشريح ۽ اعتقاد رهيو آهي، نه انهيءَ قسم جي تحريڪن کي ممڪن العمل ۽ صحيح سمجهيو اٿن. هن زماني ۾ علم ۽ سائنس جي واڌاري ڪري شايد اهڙا گهڻا ماڻهو نڪرن جي اهڙن فريب ده عقيدن ۾ ويساهه نه رکن، ليڪن سنڌ جهڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ پنج سئو ورهيه اڳ اهڙا ترقي پسند خيال ته اهو عقيدو غلط ۽ اڻ ٿيڻ جوڳو آهي حڪومت جي مدير نواب دريا خان طرفان ظاهر ٿيڻ غير معمولي ڳالهه هئي. نائين صدي هجري جي آخر ۽ ڏهين صدي وارو زمانو هندستان اندر بدامني ۽ طوائف الملوڪي جو هو. بادشاهيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون ٿي. اهڙي ڪا مرڪزي حڪومت باقي نه رهي هئي جو هندستاني مسلمانن شيرازو درست ڪري غلبه اسلام آڻي. حق تي هلندڙ عالم دين گهٽ ٿي ويا هئا. پير ان طريقت جي بد عملن ڪري مسلمانن ۾ گمراهي پيدا ٿيڻ لڳي هئي. اهڙين حالتن هيٺ سيد صاحب جي نئين پيغام ۽ تحريڪ ماڻهن تي چڱو اثر پيدا ڪيو. ٿوري وقت اندر هزارين ماڻهو سندس حلقه اثر هيٺ داخل ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا مسلمان حاڪم به سندس مريديءَ جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. انهيءَ تحريڪ جا مک اصول هيٺيان هئا. (1) هجرت ڪرڻ _ سندس چوڻ هو ته جيستائين ماڻهو قيد وطن کان آزاد ٿي گهر ٻار جو آسانگو لاهي لڳ لاڳاپا ڇڏي مهدوي تحريڪ ۾ شريڪ نه ٿيو آهي ان وقت تائين منجهس ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي هئي. ان راهه ۾ ترڪ وطن ضروري هو. موجوده زماني ۾ علامه اقبال جو وطن کي بت سڏي ، نظريه جي بنياد تي بين الاقوامي لاڳاپن جي جدا قوم بنائڻ، ڪم و پيش ان ساڳي تخيل جي پيداوار آهي. (2) ترڪ مال _ سندن رايو هو ته غلبئه اسلام جي راهه ۾ ٻي جا رنڊڪ هئي سا شخصي مال ملڪيت جي محبت هئي. ان ڪري ان تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر پوئلڳ جو فرض ٿيو پوي ته هو ساري ملڪيت مهدوي تحريڪ جي حوالي ڪري غلبئه اسلام جي لاءِ، ڪم آڻڻ ۾ مدد ڪري. (3) جهاد_ ٽيون شرط ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو هو ته ان جو پوئلڳ سڀ لاڳاپا لاهي سر تريءَ ته رکي خوف خطرا ڦٽا ڪري تلوار هٿ ۾ کڻي مهدي جي حڪم تي غلبئه اسلام لاءِ لڙي. مذهب جي نالي تي ماڻهن کي استعمال غرضي ( ايڪسپلائيٽ ) ڪرڻ جا تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا. يورپ جون صليبي جنگيون ان جو هڪ مثال آهن، جتي نيٺ گهڻي غور فڪر ۽ تجربي بعد ماڻهو ان نتيجي تي پهتا ته ڪنهن هڪ مذهب کي آخري ۽ مڪمل سمجهي، دنيا تي زوريءَ تسلط ڪرڻ جو خيال فرسوده ۽ خودفريبيءَ کان مٿي نه هو. سڀني مذهبن پٺيان بنيادي وحدت سمايل هئي. جنهن جو مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي ۽ فلاح بني آدم هئا. اهي مقصد محبت . تاليف قلوب، اهنسا ۽ باهمي سمجهوته، اخلاقن جي درستي ۽ نفسي اصلاح جي ذريعي حاصل ٿيڻا هئا. نه چند عقيدن ۽ دستورن جي مذهب کي جهاد ذريعي دنيا تي زوري مسلط ڪرڻ سان. جڏهن سيد محمد ميران شاهه سنڌ ۾ آيو ته ڪيترا ويساهه وسوڙيل ۽ پراڻي خيال جا عالم ۽ ماڻهو ان تحريڪ جي طرف ڇڪجي ويا ۽ ان جي حلقه اثر ۾ اچڻ لاءِ آماده ٿيا. سيد صاحب جڏهن ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي وٽ آيو ۽ سندس تحريڪ جي مقاصد کان واقف ڪري کيس پنهنجي حلقه اثر هيٺ آڻن لاءِ ڪوشش ڪلرڻم لڳو ته ان وقت نواب دريا خان صحيح راءِ قائم ڪري ڄام صاحب کي هن جي حلقه اثر ۾ اچڻ کان روڪي ميزبانيءَ جا فرائض ادا ڪري جلد بنان مطلب حاصل ڪرڻ جي کيس اجازت ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو. ان مان نواب دريا خان جي قوم پرست خيالن ۽ سياسي تدبر جي پختگي معلوم ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ ڄام صاحب جي درٻار سان تعلق رکندڙ قاضي قاضن ۽ ٻيا هن جا معتقد بنجي ويا. هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي ته نواب دريا خان کي ڄام صاحب طرفان ڳاهن جي پر ۾ موجود ٽلٽي جي نزديڪ جاگير مليل هئي، جتي سندس فرزند رهندا هئا، ۽ پاڻ به اڪثر اوڏانهن ويندڙ هو. اتي جو مخدوم بلاول عليه الرحمته سمه خاندان مان هو باغبان ۾ رهندو هو. نواب صاحب ان جو عقيدتمند ۽ صحبتي هو. تنهن ڪري مخدوم صاحب جا سڀ خليفه ۽ خاص ڪري سيد حيدر عليه الرحمته سن وارو نواب صاحب جا دوست ۽ واقفڪار هئا. خوشقسمتيءَ سان مخدوم صاحب ۽ سندس حلقه اثر جا درويش به نواب صاحب جا هم خيال هئا. اهو پتو پوڻ مشڪل آهي ته اهڙا خيال نواب صاحب جي ڪري مٿين درويشن تي پيا هئا يا انهن جي صحبت نواب صاحب کي انهيءَ خيال جو بنايو هو. سيد محمد ميران شاهه ڄام صاحب کان رخصتياب ٿي ٻيڙين جي قافلي ذريعي دريا رستي سنڌ مان سندس تحريڪ جي تبليخ ڪندو سکر طرف افغانستان ڏي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو. مخدوم بلاول عليه، سيد عبدالرزاق لڪياري ۽ نواب صاحب ان تحريڪ کي ملڪي سالميت ۽ قوم پرستي جي اصولن خلاف سمجهي مشورو ڪري سيد حيدر علي شاهه سن واري هٿان سيد محمد ميران شاهه جي ٻيڙين جي قافلي کي ٻوڙائي ڇڏيو. جنهن ڪري سيد صاحب سندس تحريڪ لاءِ حالتون ناساز گار ڏسي سنڌ ۾ وڌيڪ تبليغ بند ڪري سڌو خشڪيءَ رستي افغانستان هليو ويو. ان جو وڌيڪ احوال مخدوم صاحب جي زندگيءَ ۾ ڏنو ويندو. سنڌ جي بدقسمتيءَ سان ڄام نظام الدين صاحب 914ھ مطابق 1508ع وفات ڪئي. سندس وفات مهل ڄام صاحب نواب صاحب کي سندس پٽ جي پارت ڪئي. ان کان پوءِ ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين ڄام سنجر جي پوٽي جي وچ ۾ گاديءَ تان تڪرار ٿي پيو جنهن ۾ نواب دريا خان جي مدد سان ڄام فيروز ڪامياب ٿيو. جنهن تي ڄام صلاح الدين گجرات طرف سندس ناٺي سلطان مظفر وٽ رهڻ لڳو. ڄام فيروز نوجوان هو، گهڻو وقت راڳ روپ ٻڌڻ، ڇوڪرين جي ناچ ڏسڻ، مسخرن جي صحبت ۽ ٻين اهڙي قسم جي عياشي ڪمن ۾ گذاريندو هو. حڪومت جو ڪاروبار سمورو نواب دريا خان جي مٿان وڃي پيو. پيدائش جي زياده ٿيڻ ڪري شاهي خاندان جا فرد ۽ درٻار سان لاڳاپي وارا ماڻهو فضول خرچ ۽ ڇڙواڳ ٿي ويا هئا. جن جي ڪارگذارين تي نواب صاحب کي سختي ڪرڻي پيئي. ان تي ڄام صاحب ۽ نواب صاحب جي وچ ۾ شڪر رنجي ٿي پيئي. تنهن ڪري وزارت مان استعيفا ڏيئي اچي سندس جاگير ڳاهڻ ۾ رهڻ لڳو. ان کان پوءِ ڄام فيروز جي رنگ رلين تي نظر ڪرڻ وارو ڪونه بچيو . ڄام فيروز ان تي اڪتفا نه ڪئي پر نواب دريا خان جي طاقت ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيبڪ ارغون ۽ ٻين ٻاهرين ماڻهن کي نوڪريءَ ۾ رکيو. ڄام فيروز هڪ خاص محلا انهن جي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو جو مغل واڙو سڏجڻ ۾ ايندو هو. ان حالتن کي ڏسي ان مغلن مان مير قاسم ڪيبڪ شاهه بيگ ارغون کي لکي موڪليو ته ڄام جي حڪومت ڪمزور ٿي وئي آهي ڄام صاحب سندس عياشين ۾ مشغول آهي، نواب دريا خان هن کان جدا ٿي ويو آهي، ميدان خالي اٿئي، موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي. ان شاهه بيگ ارغون وري سنڌ تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، پهرين سکر، پوءِ سيوڻ فتح ڪيا. آخر ۾ ٺٽي تي ڪاهي ويو. تڏهن ڄام جي اک کلي هن نواب دريا خان کي گهرائي ورتو. حالتون خراب ٿي چڪيون هيون. باوجود ان جي نواب صاحب آخري دم تائين سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ عزت خاطر لڙندو رهيو ۽ شهيد ٿيو. لڙائي هلندي ڄام فيروز ڀڄي وڃي پير پٺي طرف لڪو جتان آخر شاهه بيگ کي رحم جي درخواست ڪري معافي وٺي صلح جا شرط قبولي ارغونن جي تابع ٿي هڪ محدود ٽڪري تي رهڻ لاءِ رضامند ٿيو. نواب صاحب سنڌ جي آزادي خاطر سر ڏيندڙ، سورمن، مدبرن ۽ صحيح رايا رکندڙ محب وطن مان مکيه هو. ان کي تنهنڪري سنڌ لاءِ شهيد ٿيندڙ ۾ ٽيون نمبر شمار ڪريون ٿا. ان جي مزار سندس مربي ڄام نظام الدين جي الهندي طرف مڪلي ٽڪريءَ تي آهي. سنڌ جو مشهور مورخ سيد پير حسام الدين راشدي مڪلي نامه ۾ سندس هيٺين خيالن جو ا اظهار ڪري ٿو: ” نواب دريا خان ابتدا ۾ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاهه منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏسي، پاڻ وٽ آڻي اعلى تربيت ۽ تعليم ڏيئي معمولي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙهي کيس وزير اعظم جي درجي تي آندو، سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد ڪئي. مبارڪ خان، خان اعظم جا خاص خطاب ڏيئي سندس مرتبو بلند ڪري آخر کيس پنهنجي فرزند جي لقب سان سرفراز ڪري عروج ۽ اقبال جي آخري منزل تي پهچايو“. مردم شناس سلطان جي منتخب ڪيل ماڻهو، سندس ڪارڪردگي سبب بادشاهه جي زندگيءَ ۾ نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي سموري سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو. بلڪ سندس وفاتيءَ کان بعد به اهو اڪيلو امير هو جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مسلسل جدوجهد جاري رکي، پنهنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. اول ۾ دره بولا خان وٽ پهچي کين شرمناڪ شڪست ڏيئي پٺتي هٽايو. آخر ۾ ٺٽي جي چائنٺ وٽ لڙندي وڙهندي تير ۽ تلوارون هڻندي ۽ کائيندي پنهنجو سر صدقو ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ” خرابي سنڌ “ جو باب کلي پيو. جنهن نه صرف ٺٽي بلڪ ساري سنڌ لاءِ غيرن جي غلاميءَ جو رستو هموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو. اهو واقعو 926ھ مطابق 1420ع تي سرزد ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ 1131ھ مطابق 1719ع تائين غيرن جي غلامي هيٺ رهي. جنهن کي ميان نور محمد صاحب ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ مٿي کنهڻ فرست ملي. پر سندس ڏينهن ۾ نادر شاهه جي ڪاهه وري سنڌي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. حق ته اهو آهي ته ههڙي بهادر، سرويچ، مدبر شهيد سنڌ جون سال بسال ورسيون ملهائي يادگار قائم ڪريون. بنا ڪرند خوش رسمي، بخون و خاڪ علطيدن خـدا رحمت ڪند ايـن، عـاشقان پاڪ طينت را. معنى_ خدا رحمت ڪري انهن پاڪ صفت عاشقن تي جن پنهنجا رت هاري سندن بهادري ۽ قربانيءَ جا مثال قائم ڪري ڇڏيا آهن. وري پير حسام الدين شاهه مڪلي نامه ۾ لکي ٿو ته: - ” نواب دريا خان سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ محڪم ڪيو. ان جي فوجي، سياسي، خواهه سماجي ۽ اقتصادي صورت کي اهڙيءَ ڪريءَ تي بيهاريو جو مورخن جو متفقه قول آهي ته اهڙو زمانو سنڌ نه پهرين ڏٺو نه پوءِ. .انهيءَ ۾ تعميري، رفاهي صلاحيتن سان گڏ منجهس آزادي ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو رنگ هو اهو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه زنده ۽ پاينده رکندو. سر جا سانگا لاهي وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪو جدوجهد ڪيو اهو سنڌ جي تاريخ ۾ مثالي آهي. سندس سمورو خاندان انهيءَ رنگ ۾ رتل هو. سندس سڀئي مٽ مائٽ، دوست، خواه، جري جوان ۽ بهادر هئا، علاوالدين منجهان عالم نڪتو. محمود خان ۽ موٽڻ خان سپاهي مرد هئا. پڇاڙي سوڌو ارغونن سان خوب وڙهيا. سارنگ خان چوٿون نمبر فرزند هوس جو به پنهنجو مٽ پاڻ هو“.

موت[سنواريو]

ارغونن ۽ سنڌين جي وچ ۾ لڳندڙ جنگ بنا نتيجي شام تائين هلندي رهي، دولهه دريا خان جنگ جي ميدان تي ارغونن سان ڇتي ويڙهه ڪئي، ارغون سنڌي فوج کي سڄي ڏينهن جي جنگ ۾ شام تائين شڪست نه ڏئي سگهيا، نيٺ ٺاهه ڪرڻ جي بهاني سان جنگ بندي تي راضپو ٿيو ۽ دريا خان کي ارغونن ڳالهين لاٰءِ گهرايو[9] ۽ کيس 22 ڊسمبر 1520ع تي شام جي پَهر ۾ شهيد ڪيو ويو.[26][10][9]

دولهه دريا خان جو مقبرو[سنواريو]

دولهه دريا خان جو مقبرو مڪلي جي ٽڪريءَ[27] تي ڄام نظام الدين جي مقبري جي بلڪل سامهون آهي.[28][9] هي مقبرو 1490ع لڳ ڀڳ اڏاوت ڪرايو ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. "د ريا خان | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  2. "سنڌ جي امر شهيد نواب مبارڪ علي خان دولهه دريا خان جي 500 هين ورسي جي موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڀيٽا پيش ڪئي وئي – وائيس آف سنڌ لنڊن". حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  3. "دولهه دريا خان 2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  4. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2019-09-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-05-15 
  5. http://sindhipedia.org/Dollah_Darya_Khan[مئل ڳنڍڻو]
  6. https://www.thenews.com.pk/archive/print/136788
  7. خانه بدوش لفظن جا قافلا. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16464&BookTitle=Khanabadosh-Lafzan-Ja-Qafala. 
  8. "دولهه دريا خان 1 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 "’دولہا دریا خان‘ سمہ خاندان کا بہادر جرنیل". jang.com.pk. حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  10. 10.0 10.1 Says, ڏمر شاه. "دولهه درياهه خان کي ڄام نندي جي گهرواري شھيد ڪرايو هو؟....الھبچايو راھوڪڙو" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  11. https://azizkingrani.wordpress.com/2014/12/18/ancient-sites-towns-and-villages/
  12. https://books.google.com.pk/books?id=euhJAAAAcAAJ&pg=RA3-PA388&lpg=RA3-PA388&dq=village+Gaha&source=bl&ots=rhCoNEOhDb&sig=_X4Qw1VxSB6giaYF1bO3Lu94zMc&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwju0fKB8ofbAhUFV8AKHZMSDLIQ6AEIXzAN#v=onepage&q=village%20Gaha&f=false
  13. https://books.google.com.pk/books?id=H1XtlCghgf0C&pg=PA388&lpg=PA388&dq=village+Gaha&source=bl&ots=15AfirWJ4M&sig=NGJjLVBC7_JS7tpEmuxcoEtoDzo&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwju0fKB8ofbAhUFV8AKHZMSDLIQ6AEIaDAP#v=onepage&q=village%20Gaha&f=false
  14. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  15. {ڪاهان، گاهان، ڳاها سيوهڻ کان اتر الهندي طرف 21 ميلن تي هڪ ڳوٺ آهي. (تاريخ معصومي سنڌي ص336)}
  16. { روايت: محمد ابراهيم جويو. سڄي دادو ضلعي ۾ ويندي ڪوٽڙيءَ تائين اڄ به قبولين جا گهڻا ڳوٺ موجود آهن.}
  17. { ڪتاب:مڪلي نامہ؛از:پير حسام الدين راشدي ص102}
  18. { علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: نواب غيبي خان چانڊيي جي گهرو فساد بابت واقعاتي بيت، ماهنامه الرحيم ص37 جون 1972ع}
  19. {جي ايم سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جلد2 ص497، سنڌي ادبي بورڊ سال 1979ع ۽ پڻ ڏسجي ”پيعام لطيف“ ص5 از جي ايم سيد، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي سال 1974ع }
  20. {جنب گذاريم جن سين جلد2 ص498 }
  21. { مڪلي نامہ از :پير حسام الدين راشديص ص89-90 }
  22. "دولهه درياءَ خان جي اوطاق بابت تاريخ جي درستگي ٿيڻ گهرجي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-09-27. 
  23. { سنڌ جو سيلاني ص68-69 سال 1923عڊاڪٽر بلوچ هن مسئلي تي وڌيڪ روشني وڌي آهي. (ڏسجي ٺٽي جو اسلامي فن تعمير انگريزي ضميمو ص201-202)}
  24. { ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مشهور سنڌي قصا، سنڌ جا عشقيه داستان-1، مقدمو ص25-26 سنڌي ادبي بورڊ سال 1964ع}
  25. { مڪلي نامہ ص حاشيو ص101-102پير حسام الدين راشدي}
  26. "سنڌ جو سپوت شهيد دوله دريا خان". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  27. Says, دليپ ڪُمار ڪوٺارِي. "ڇا دولهه دريا خان جي مزار مڪليءَ ۾ آهي؟ ... عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-20. 
  28. "دولهه دريا خان جو مقبرو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-10-20.