سجاول ضلعو
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
سجاول | |
---|---|
ضلعو | |
ضلعه سجاول | |
![]() سجاول ضلعو سنڌ جي نقشي م نمايان ٿيل | |
بيھڪ: 24°44′N 68°04′E / 24.733°N 68.067°Eمڪانيت: 24°44′N 68°04′E / 24.733°N 68.067°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | ڀنڀور ڊويزن |
تعلقا | 5 |
سجاول ضلعو (اُچار: سُجاوَل زِلو، اردو: ضلعہ سجاول) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو گاديءَ جو هنڌ سجاول شهر آهي. هن ضلعي جي پيدائش آڪٽوبر 2013 ۾ ٿي. ان کان پهريان سجاول ٺٽي ضلعي جو هڪ تعلقو هو.[1] ھن ضلعي جي پنج تعلقن ۾ 37 يونين ڪاؤنسلون، 336 روينيو کاتي جا منظور ڪيل ڳوٺ، 3221 مختلف ننڍڙيون آباديون ۽ ڪل 99860 گھر واقع آھن جن ۾ 655341 ماڻھو رھن ٿا 341874 مرد ۽ 313467 عورتون شامل آهن[2].
ضلعي جا تعلقا[سنواريو]
سجاول ضلعي ۾ هيٺيان پنج تعلقا شامل آهن.
تعلقو | يونين ڪاؤنسلون | آدمشماري 1998 | |
---|---|---|---|
1 | سجاول تعلقو | 6 | 1,27,299 |
2 | کاروڇاڻ تعلقو | ||
3 | ميرپور بٺورو تعلقو | 8 | |
4 | شاه بندر تعلقو | 5 | |
5 | جاتي تعلقو | 6 | |
ڪل |
ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]
ھن ضلعي ۾ ڪل 37 يونين ڪاؤنسلون آهن[2].
آبادي[سنواريو]
سجاول ضلعي جي آبادي 781967 آھي ۽ ٽوٽل گھرن جو تعداد 153018 آھي.