راجا چچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
راجا چچ
سنڌ جو مھا راجا
سن652 کان 691 تائين
پيشروراء سھاسي
جانشينراجا چندر
جيون ساٿيراڻي سھاندي
نسلراجا ڏاهر، ماين
مڪمل نالو
راجا چچ پٽ سيلائج
خاندانبرھمڻ
شاھي خاندانبرھمڻ گھراڻو
وفاتالور
مذھبهندو مت

مھاراجہ چچ پٽ سيلائج: سنڌ جو حاڪم جنھن سنڌ ۾ برھمڻ گھراڻي جي بادشاھي جو بنياد وڌو. ان کان اڳ راء گھراڻي جي آخري بادشاهه جو وزير ھيو جنھن جي وفات کانپوءِ سندس بيوہ راڻي سھاندي جي مدد سان ھي سنڌ جو راجا بڻجي راڻي سھاندي سان شادي ڪيائين.[1]چچنامي ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳڙھن جي ڪامياب گھيرن جو احوال ڏنل آھي: چچ عسقلند، ملتان، سيوستان ۽ برھمڻ آباد تي قبضو ڪري ٿو.

راجا مھرت سان جنگ[سنواريو]

ايڇ ٽي لئمبرڪ روايتي ڪھاڻي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:. چچ پنهنجي محبوبه کان صلاح پڇي ٿو، سُهندي مٿس کلي ٿي ۽ چوي ٿي، ”آءٌ ته پردي ۾ رهندڙ هڪ عورت آهيان.جيڪڏهن مون کي ٻاهر نڪري وڙهڻو آهي، ته پوءِ منهنجا ڪپڙا پاءِ ۽ تون هتي ويهه، ۽ پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته آءٌ ٻاهر وڃي جنگ ڪريان..... جڏهن هيءَ بادشاهي تنهنجي قسمت ۾ آئي آهي، ته پوءِ توکي منهنجي مشوري جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ پنهنجي ڪمر ڪشي هڪ گجندڙ شير وانگر ڪڏندو ٻاهر نڪر...... پنهنجي دشمن جي صفن ۾ اندر گهڙي، انهن کي منجهائي ڇڏ، ۽ هڪ مرد وانگر اڳتي وڌ.“ اهڙيءَ طرح، شرمسار ٿي، چچ پنهنجو لشڪر گڏ ڪيو، ۽ ان جي مهنداري پاڻ ڪئي، اهڙي قبضي جو هڪ دلچسپ خواه امڪاني واقعو هيءُ آهي ته هاڻي هن مخالف ڌر جي نمايان ۽ اهم شخصيتن کي قيد مان آزاد ڪيو، جيڪي سابق حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ کان وٺي جيل ۾ رهيا هئا، ۽ هن کين انعامن ۽ اڪرامن سان نوازي ۽ ڪجهه وعدا وعيد ڏيئي، سندن وفاداري ڳنهي ورتي. انهيءَ ڳالهه مان گهٽ ۾ گهٽ هي اندازو ضرور ٿئي ٿو ته ملڪ تي ڪاهه ڪري ايندڙ کي اتان جي تخت تي جيڪا دعويٰ هئي، سا خود چچ جي دعويٰ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وزنائتي ڪانه هئي..[2] ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ زبردست جنگ ٿي، ۽ جيئن ته ڪنهن هڪ ڌر کي ٻئي جي مٿان نمايان فتح حاصل ٿيندي نه پئي معلوم ٿي، ان ڪري ”مهارت بادشاهه“ صلح جي شرطن طئي ڪرڻ لاءِ صلح مشورو ڪيو ۽ اها تجويز پيش ڪئي ته هو ۽ چچ دوبدو مقابلي ذريعي پنهنجون دعوائون طئي ڪن. چچ اها ڳالهه قبول ڪئي، پر هن هڪ شرط تي ته، جيئن ته هو هڪ برهمڻ هو ۽ شهسوار نه هو، ان ڪري هو ٻيئي پيادل مقابلو ڪن. اها ڳالهه مهارت قبول ڪئي؛ پر حرفتي چچ پنهنجي سئيس جي هٿان پنهنجو گهوڙو پنهنجي پٺيان گهرايو، ۽ جيئن ئي هو مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو، تيئن آخري گهڙيءَ ۾ ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهي ويٺو ۽ ان کي ڪڏائيندو اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي مخالف کي ترار سان ڌڪ هڻي ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ سنڌ جي لشڪر هڪدم نئين سر حملو ڪري دشمن کي ڀڄائي ڇڏيو، ۽ چچ فاتح بڻجي الور واپس آيو. اهو واقعو اسان کي افضل خان سان شيواجيءَ جي دغابازيءَ واري مقابلي وارو واقعو ياد ڏياري رهيو آهي. چچ کي حڪومت ڪندي اڃا ٻه چار مهينا ئي مس گذريا هئا ته سهاسي جي موت جي خبر سندس ڀاءُ چتور جي راجا مهرت کي پئي ته سندس اندر باهه وانگر ڀڙڪڻ لڳس. وڏو لشڪر ساڻ ڪري راجا چچ کان ڀاءُ جو بدلو وٺڻ لاءِ اچي الور نڪتو. شهر کان ٽي ميل پري خيما کوڙي چچ ڏانهن خط اماڻيائين ته جنهن تخت تي تون ويٺو آهين اهو اسان جي خانداني ملڪيت آهي.[3] جنگ لڳي راجا مھرت مارجي ويو ۽ ان جي فوج کي شڪست ملي.ايڇ ٽي لئمبرڪ ھن جنگ واري واقعي جو تنقيدي جائزو وٺندي لکي ٿو ته:هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ”جتور“ مان مطلب ”جئپور“ آهي،۽ نه ”چتور“، پر ٻنهي صورتن ۾ انهيءَ علائقي جي صحيح سڃاڻپ جي راهه ۾ هڪجهڙي مشڪلات درپيش آهي. اهي ٻيئي جايون راجپوتانا جي اڀرندي طرف آهن ۽ ساڳئي وقت انهن علائقن ۽ سنڌ جي وچ ۾ عظيم گرجرا بادشاهيءَ حائل هئي. انهن جا سردار گهڻو ڪري ان بادشاهي جي پاريهر حڪمران جا باجگذار ۽ شايد کشتري نسل جا هئا. هيءَ ڳالهه انتهائي غيرامڪاني معلوم ٿئي ٿي ته اهڙي اعليٰ مرتبي وارا امير سنڌ جي گهٽ خاندان وارن راءِ بادشاهن سان شاديءَ ۽ سڱابنديءَ ذريعي تعلق رکندا هجن؛ ۽ هيءَ ڳالهه ويتر وڌيڪ غير امڪاني نظر اچي رهي آهي ته انهن جو بالاحاڪم پنهنجي سرحد وچان کين لشڪر سميت لنگهي سنڌ جي بادشاهي فتح ڪرڻ لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏئي ها. هن ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته جيڪڏهن اسين انهيءَ ملڪ کي سنڌ جي پاڙيسري ملڪ طور تسليم ڪرڻ ۾ صحيح آهيون، جيڪو هن وقت جيسلمير جي نالي سان مشهور آهي، ته پوءِ اها ڪوشش رمل جي سردار طرفان شايد سندس بالاحاڪم گرجرا قوم جي بادشاهه سان طئي ڪيل انتظام ۽ سندس اڳواٽ منظوريءَ سان ڪئي ويئي هوندي[2].

چندر جي وليعھدي[سنواريو]

راجا چچ پنهنجي ڀاءُ چندر کي الور جو والي بڻائي فرمان جاري ڪيائين ته هي راهبن جو سردار هاڻي هر ماڻهوءَ جو سردار آهي. منهنجي موجودگي ۽ اڻ موجودگيءَ ۾ سڀني ملڪي معاملن کي هي نڀائيندو. راجا جي ان حڪم تي سڀني وزيرن ۽ ڪارندن اطاعت جو دم ڀريوچچ الور ۾ پنهنجي ڀاءُ چندر کي منصب تي ويهاري پاڻ لشڪر سوڌي آڻ نه مڃيندڙ راجائن کي سيکت ڏيڻ لاءِ نڪري پيو. سڀ کان پهريان ان لشڪر ڀاٽيا (بابيا) جيڪو بياس درياءُ جي ڏکڻ کان هو، تي حملو ڪيو. خونريز جنگ لڳي ۽ آخر ڀاٽيا جي والي ڀڄي وڃي اسڪلنده ۾ پناهه ورتي.
ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ته چچنامي مطابق چچ کي سندس راڻي سُهنديءَ مان ٻه پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو ڏهرسيه ۽ ٻئي جو ڏاهر هو، ۽ هن کي ٻائيءَ نالي هڪ ڌيءَ به هئي، جيڪا ائين پيو معلوم ٿئي ته سندس ٻيءَ زال مان هئي[4] . چچ جي مرڻ تي، جيڪو عام طور سن 671ع ڌاري ٿيل سمجهيو ويندو آهي، تخت ۽ تاج جو ورثو انهن ٻنهي پٽن مان ڪنهن به هڪ کي نه مليو، بلڪ اهو هن جي ڀاءُ چندر کي مليو، جيڪو، اسين مٿي ڏسي آيا آهيون، الور جي حاڪم جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو هو. مشرق جي بادشاهين ۾ اها روايت، جنهن جي ذريعي پٽ جي ڀيٽ ۾ هڪ ڀاءُ وارث بڻبو آهي، انهيءَ حالت ۾ موزون هوندي آهي، جڏهن پٽ صغير هوندو آهي، يا ٻئي ڪنهن نموني ۾ حڪومت هلائڻ جي لائق نه هوندو آهي، ۽ انهيءَ روايت تي سنڌ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپر گهراڻن ۾ عام طور عمل ڪيو ويندو هو. هيءَ حقيقت ”تذڪري“ مان واضح آهي ته چچ جي ٻنهي پٽن مان هڪ به نابالغ ڪونه هو؛ انهن ٻنهي کي سندن چاچي، تخت تي ويهڻ کان ٿوروئي پوءِ، سخت خطرن جي حالت ۾ اهم فرض سونپيا هئا؛ پر اسان کي ڪابه اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي، جنهن مان اندازو ٿئي ته انهن مان ڪنهن هڪ به تخت لاءِ دعويٰ ڪئي هجي. اها ڳالهه يقيناً عجيب معلوم ٿيندي، خصوصًا ان ڪري، جو چندر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو اڃا به پنهنجو گهڻو وقت مذهبي معاملن ۾ صرف ڪندو ٿي رهيو. ”تذڪري“ جي تحرير مان شايد اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته چندر لاءِ شاهي اختيار جي اهميت، خاص ڪري هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي گهڻي ڀاڱي اڃا ٻڌ ڌرم ڇانيل هو، فقط ايتري هئي، جو ان وسيلي هو اتي پنهنجي ايماني عقيدي، يعني برهمڻڪي مذهب، کي پکيڙي سگهيو ٿي.

اسڪلنده جي فتح[سنواريو]

جڏهن چچ کي خبر پيئي ته ڀاٽيا جي والي اسڪلنده ۾ پناهه ورتي آهي ته پاڻ اسڪلنده جي هڪ هلندي پڄندي واري ماڻهو شجاع ڏانهن جنهن سان سندس پراڻا واسطا هئا، کي پيغام موڪليو ته جيڪڏهن تون اسڪلنده جي راءِ چتر (چتيسر) کي مارائيندين يا قيد ڪرائيندين ته تو کي اسڪلنده جو والي بڻائيندس. شجاع ان جو ذمو کڻي ضمانت طور پنهنجو پٽ چچ ڏانهن اماڻيو. آخرڪار شجاع، چتر کي سازش ڪري مارائي وڌو ۽ سندس سر چچ ڏانهن موڪلي انعام ۽ اسڪلنده جو قبضو ورتو.[5] لئمبرڪ مطابق:سڀ کان اڳ ۾ هن انهيءَ صوبي تي ڪاهه ڪئي، جيڪو بياس نديءَ جي ڪناري هو، ۽ هن ان جي ڏاکڻي ڪپ تي بيٺل قلعي ”بابيا“ تي حملو ڪيو، جنهن جي گورنر، نالي چَتيرا يا چَتر، هن سان جنگ ڪئي ۽ ان ۾ شڪست کاڌي. چَتر ڀڄي، وڃي قلعي اندر پناهه ورتي، ۽ جڏهن ان جي گهيري کي ڪجهه عرصو گذري ويو، تڏهن هو راتو رات قلعي مان ڪنهن طرح سان ڀڄي ويو، ۽ اسڪلند نالي صوبي جي گاديءَ واري شهر ڏانهن وڃي نڪتو. چچ هن جي پٺيان ويو، ۽ پنهنجي هڪ حاشيه بردار سان، جيڪو انهيءَ هنڌ موجود هو، ان باري ۾ خط و ڪتابت ڪيائين، جنهن ۾ هن کيس وعدو ڏنو ته جيڪڏهن هو چَتر کي قتل ڪندو ته کيس قلعي ۽ صوبي جو گورنر بنايو ويندو. انهيءَ سازش جي ڪاميابيءَ سان تڪميل ڪئي ويئي، ۽ شهر جا معزز چچ جي اڳيان پيش پيا، ۽ انهن نئين گورنر جي اطاعت ڪرڻ جو اقرار ڪيو.[2].

سڪا ۽ ملتان جي فتح[سنواريو]

اسڪلنده کان فارغ ٿي ڪري چچ سڪا ۽ ملتان ڏانهن وڌيو، جتي راجا سهاسي جو ويجهو مائٽ بجهيراءُ حڪومت ڪندو هو. بجهيري جڏهن چچ جي حملي جو ٻڌو ته لشڪر جرار تيار ڪري اچي راوي ڪناري پهتو، هوڏانهن سڪا جو گورنر سندس ڀائٽيو سيهول (سوهيول) ۽ ان جو سؤٽ اجسين چچ جي مقابلي لاءِ اچي نڪتا. راءِ چچ ۽ سندس لشڪر بياس نديءَ جي ڪناري تي هن ڀر ٽن مهينن تائين ترسي پيو ڇاڪاڻ ته درياءَ جو گرمين ڪري پيٽ تمام ويڪرو هو. جڏهن پاڻي لٿو ته درياءُ پار ڪري وڃي سيهول سان جنگ جوٽيائين ۽ سڪا جي قلعي جو گهڻي وقت تائين گهيرو ڪري کيس اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، سيهول سڪا مان ڀڄي وڃي ملتان ۾ پناهه ورتي. هيڏانهن چچ سڪا شهر ۾ داخل ٿي دشمن جي فوج مان پنج هزار سپاهين کي موت جو کاڄ بڻائي ۽ باقين کي گرفتار ڪري غلام بڻايو. چچ سڪا ۾ پنهنجي هڪ خاص ماڻهوءَ عين الدين ريحان مدني کي سردار بڻائي ملتان ڏانهن روانو ٿيو ملتان جو حاڪم بجهيراءَ وڏو لشڪر ساڻ ڪري هاٿين تي چڙهي مقابلي لاءِ شهر کان ٻاهر آيو، آخر بجهيراءَ مجبور ٿي ڪري چچ اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ کيس ملتان جو قبضو ڏئي ڪري ٻارن ٻچن سوڌو ڪشمير جي جبلن ڏانهن نڪري ويو. چچ ملتان ۾ داخل ٿيو.[6] ملتان هڪ ٺاڪر جي حوالي ڪري چچ برهماپور، ڪرار ۽ اشهار ۾ آيو جتان جي والين بنا ڪنهن ٽڪراءَ جي اطاعت قبول ڪئي. اتان وڌي ڪري چچ مشهور قلعي شاڪلها وٽ پهتو، جيڪو ڪمبا جي نالي سان به سڃاتو ويندو هو. شاڪلها تاڪيا کان ڪجهه پرڀرو ڪشمير جي سرحد ويجهو هو. هتي چچ هڪ مهيني تائين ديرو ڄمائي ويٺو رهيو ۽ آس پاس جي سردارن کي سيکت ڏئي امن امان قائم ڪري، سنڌ جي سرحد جي دنگ طور ٻه وڻ لڳايا، جن جي جوان ٿيڻ تائين اتي ئي ترسيو ۽ پوءِ الور ۾ واپس آيو.[7]"پنجاب تي راءِ سهاسيءَ جا مائٽ حڪومت ڪندا هئا، جن کي چچ هڪ ٻئي پٺيان ماري مڃايو. بياس نديءَ واري قلعي ببيا کي فتح ڪري، اتي جي راجا چتيسر کي مارائي، هن اسڪلنده (اُچ) جو قلعو فتح ڪيو. اچ مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ چچ سڪه جي راجا سوهيول کي شڪست ڏئي ملتان ڏانهن وڌيو. هتي جو راجا بجهيراءِ هاٿين جي دستي سان مقابلو ڪريڻ لاءِ نڪتو، پر پوءِ امان گهري ملتان ڇڏي ڀڄي ويو. ملتان فتح ڪرڻ کان پوءِ برهماپور، ڪروڙ، اشهار ۽ شاهڪلا جي راجائن کي ڪابل تائين مات ڪري، ڪشمير جي سرحد تي ديار جا وڻ پوکرائي، چچ الور ڏانهن موٽيو." [8] لئمبرڪ لکي ٿو تہ:بادشاهه هاڻي ملتان ڏانهن پيشقدمي ڪئي، جيڪو هڪ وڏي پرڳڻي جي گاديءَ جو شهر هو، جنهن تي باجيراءِ نالي هڪ حڪمران حڪومت ڪندو هو، ۽ چيو وڃي ٿو ته اهو راءِ سهاسيءَ جو ويجهو مائٽ هو. پهرين جنگ ”سِڪا“ نالي هڪ شهر تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪئي ويئي. جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ”اڀرندي طرف ملتان جي سامهون“ هو. چچ بياس ندي پار ڪري ويو، ۽ دشمنن، باجيراءِ جي پٽ سيهوال ۽ سندس سؤٽ اَجئه سين کي، جنگي فن ۾ شڪست ڏيئي، ملتان طرف ڀڄائي ڪڍيو. انهيءَ وچ ۾ چچ ”سِڪا“ قلعي تي حملو ڪيو، ۽ سنڌ جي هڪ اهم ۽ وڏ گهراڻي نواب کي انهيءَ شهر جي چارج وٺڻ لاءِ مقرر ڪيو. پوءِ هن راوي نديءَ کي پار ڪيو، جيڪا انهيءَ زماني ۾ ملتان جي ڏکڻ کان وهندي هئي، ۽ هن اتي راجا باجيراءِ جي مکيه لشڪر سان سخت جنگ ڪئي، جنهن کي پڻ آخر ۾ قلعه بند شهر ۾ پناهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو.[2].

الور ڏانهن موٽ[سنواريو]

راجا چچ الور واپس اچي سال تائين آرام ڪندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي وزير کي گهرائي اولهه ۽ ڏکڻ جو حال ورتائين. وزير وراڻيو واقعي اوهان جي اوڀر ڏانهن وڃڻ ڪري ڏاکڻي علائقي وارا والي بي فڪر ٿي ويٺا آهن ۽ ڍل ڏيڻ کان کٿو جواب ڏنو اٿائون.

سيوستان طرف روانگي[سنواريو]

انهيءَ صلاح کان پوءِ چچ دهتايت ڳوٺ وٽان مهراڻ پار ڪري جيڪا سما قوم ۽ الور جي سرحد هئي،ٻڌيا ۽ سيوستان ڏانهن روانو ٿيو. ٻڌيا تي ان وقت سرڪونڌ پٽ ڀنڊرگو ڀاگو حڪمراني ڪندو هو ۽ پرڳڻي جو تخت گاهه ڪاڪا راڄ هو. اتان جي ماڻهن کي سيويس چوندا هئا. چچ تيزيءَ سان قلعي تي حملو ڪري فتح ڪري ورتو ۽ اتان جي ئي هڪ ٻئي حاڪم ڪاڪا جي پٽ وڪيي هر سال ڏن ڏيڻ جو واعدو ڪري اطاعت قبول ڪئي. هتان چچ سڌو سيوستان تي چڙهائي ڪئي. سيوستان جو گورنر متو، مقابلي جي سگهه نه ساري سگهيو ۽ قلعي ۾ وڃي قيد ٿيو. هفتي جي گهيري کان پوءِ آڻ مڃي اچي چچ اڳيان ايلاضي ٿيو. چچ مٿس رحم کائي سندس گورنري واري حيثيت رهڻ ڏني پر ساڻ نائب جي حيثيت ۾ پنهنجو ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيائينس. ڪجهه ڏينهن اتي رهي ڪري چچ برهمڻ آباد اچي نڪتو.[9] لئمبرڪ لکي ٿو ته:هن جي طرفان سندس بادشاهيءَ جي ڏاکڻن علائقن ۾ ڪيل ڪارروايون البت وڌيڪ مضبوط ۽ پختن بنيادن تي بيٺل معلوم ٿين ٿيون. هو هڪ سال تائين الور ۾ قيام ڪرڻ کان پوءِ ”مهراڻ کي ”ديهايت“ نالي هڪ ڳوٺ وٽان پار ڪري، جيڪو سما ۽ الور جي درميان سرحدي ڳوٺ هو“، ٻُڌيه ۽ سيوستان طرف ويو.[2]. ٻُڌيه جي سردار جي نالي کي جدا جدا نموني لکيو ويو آهي، ۽ هوديوالا اها راءِ ڏيئي ٿو ته ”باگهو“ لقب يا ذات جي نالي جي اصلي شڪل شايد ”ڀڪو“ هجي، جنهن مان اهو انومان نڪري ٿو ته هو شايد ٻڌ ڌرم جو ٻائو هو [10] هن جي گاديءَ واري شهر جو نالو ”ڪڪراج“ هو، جتان جي رهاڪن کي ”سيوي“ سڏيو ويندو هو. چچ حملو ڪري سيوُين جو قلعو قبضي ۾آندو- ڪن جي طرفان انهيءَ کي جديد ”سبي“ سمجهيو ويو آهي، حالانڪ ان ”سيوين“ جي شهر جو اتر طرف ايتري وڏي مفاصلي تي هئڻ غير امڪاني نظر اچي ٿو،[11]-- ۽ سردار جي پٽ پنهنجي پيءُ جي پاران آڻ مڃي. معلوم ٿئي ٿو ته هنن کي سندن سابق عهدن ۽ اختيارن تي اتي ئي قائم رکيو ويو.[2]. ائين پيو نظر اچي ته سيوستان ۾پڻ واقعن جي ڌارا ذري ۾ گهٽ ساڳيوئي رخ اختيار ڪيو؛ اتان جي ”مَتا“ نالي گورنر پهريائين مقابلو ڪيو، پر شڪست کائڻ تي هن پاڻ کي چچ جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو. بادشاهه فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي، ”مَتا“ کي سندس اڳوڻي عهدي تي بحال ڪيو، پر ساڳئي وقت پنهنجن معتمدن منجهان هڪڙي کي شاهي مفادن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هن جي مٿان نظرداريءَ لاءِ مقرر ڪيائين.[2].

برهمڻ آباد جي والي ڏانهن پيغام[سنواريو]

برهمڻ آباد جي ويجهو پهچڻ کان پوءِ چچ برهمڻ ۽ لوهاڻا جي والي لاکن، سمن ۽ سهتن جي سردار اگهم ڏانهن پنهنجي اطاعت ڪرڻ جو پيغام اماڻيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ خط اگهم جو سيوستان جي گورنر متي جي نالي پڪڙجي پيو جنهن مان ٻنهي جي سازش جو ڀانڊو ڦاٽي پيو. ان خط ۾ ٻنهي جي اتحاد ۽ هڪ ٻئي جي هر طرح سان مدد ڪرڻ جو ذڪر هو اگهم لوهاڻي جي خط پڪڙجڻ جي خبر جڏهن متي کي پئي ته ڀڄي وڃي ريگستان جي راجا نيرمل وٽ ويٺو، جنهن کي ڀٽي به چون ٿا. وري ٻيهر اگهم ڏانهن پيغام موڪليو ته ”تون پنهنجو پاڻ کي هن دؤر جو وڏو راجا سمجهين ٿو ۽ تو کي پنهنجي انهيءَ خانداني رياست تي وڏو ناز آهي پر مون کي دولت ۽ طاقت، وراثت ۾ ناهي ملي، ايشور جي ان ۾ مهرباني شامل آهي. هي سڄو ڪم انهيءَ ذات جو آهي جنهن جو ڪوئي شريڪ ناهي.“ منهنجي هر ڪم ۾ سيلائج جي دعا ۽ مولا جي مدد شامل هوندي آهي ۽ مان ٻي ڪنهن کان ڪائي اميد ناهيان رکندو. منهنجي سڀني ڪاميابين جو سرچشمو اها ئي ذات آهي. پر جيڪڏهن تون پنهنجي طاقت ۽ قوت کي ذاتي ڪوشش جو نتيجو سمجهين ٿو ته پوءِ زوال تنهنجي ويجهو آهي ۽ تو کي مارڻ جائز آهي.[12]

برهمڻ آباد جي فتح[سنواريو]

ان پيغام کان پوءِ چچ، اگهم تي حملو ڪيو، پر ان وقت هو دوري تي ٻاهر ويل هو ۽ حملي جي خبر پيس ته جلدي واپس اچي فوج کي تيار ڪيائين، جنگ جو بغل وڳو. ٻنهي طرفن کان تيزي سان حملا ٿيڻ لڳا، پر چچ جي اڳيان ڪنهن کي بيهڻ جي طاقت هئي! اگهم ڀڄي وڃي قلعي ۾ ويٺو ۽ قنوج جي راجا راسل جي پٽ ستياب کان مدد لاءِ ماڻهو موڪليائين پر جواب اچڻ کان اڳ ۾ ئي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس پٽ سربند سال ڊگهي محاصري جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ چچ سان اچي ٺاهه ڪيائين اگهم جو هڪڙو ٻڌمت جو پروهت جوشمني المعروف ٻڌرڪو مرشد هو ۽ هو مشهور بتخاني ٻڌنو وهار ۾ ڪنوهار بت جو پڄاري ۽ سنڀاليندڙ هو. اگهم پاڻ ٻڌ مذهب جو پيروڪار هجڻ ڪري ٻڌر ڪو جي هر صلاح تي آمنا صدقنا چوندو هو. اگهم جي مرڻ کان پوءِ ٻڌرڪو، مندر ۾ وڃي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. ٻڌرڪو جي ڀڳتي ۽ بندگي ڪري شهر ۾ سندس هزارين پوئلڳ هئا. هن اصطرلاب کڻي حساب ڪتاب لڳايو ته هي ملڪ راجا چچ جي حوالي ٿيندو ۽ هو منهنجو معتقد رهندو. جڏهن چچ سوڀارو ٿي شهر ۾ داخل ٿيڻ لڳو ته ڪنهن ان ڊگهي محاصري جو سبب پروهت ٻڌرکو جي چالاڪين ۽ چالبازين کي ٻڌايو. پاڻ عهد ڪيائين ته ان کي هٿ ڪري سندس کل لهرائي نقارن تي مڙهائيندس ته جيئن هر وقت ڪٽيو وڃي. ٻڌرڪو کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته چيائين ”چچ کي ايتري طاقت ناهي جو مون کي مارائي سگهي.“ چچ شهر ۾ داخل ٿيندي ئي سربند ۽ ٻين ماڻهن کي اجازت ڏني ته هو هتي رهڻ چاهين ٿا ته آزادي سان رهن ۽ وڃڻ پسند ڪن ٿا ته انهن جي مرضي. سربند اتي ئي رهي پيو چچ برهمڻ آباد ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ اگهم جي بيوه گهرواري کي پنهنجي عقد ۾ ورتو ۽ پنهنجي ڀائٽيي ڌرسيا جي ڌيءَ کي سربند سان شادي ڪرايائين. ٻٽن ڏينهن جي آرام کانپوءِ پنهنجي وزيرن کان ٻڌرڪو ڀڳت جي باري ۾ معلومات ورتائين جن کيس ٻڌايو ته هو ڪنوهار بت جي پوڄارين مان آهي، تنهن ڪري اتي ئي هوندو. چيو وڃي ٿو ته سندس دانائي ۽ ڪمالات ڪري سڀ ڀڳت ۽ پروهت وڏي عزت ڪندا اٿس. چچ فوج ساڻ ڪري ڪنوهار بتخاني ڏانهن وڌيو ۽ سپاهين کي چئي ڇڏيائين ته منهنجي هڪ اشاري سان سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏجوس. بتخاني وٽ پهچي چچ اندر داخل ٿيو ته ٻڌرڪو ڳوهيل مٽي مان مهر سان وڏي ڌيان ۽ گيان سان بت پيو ٺاهي. چچ احترام خاطر ڪلاڪ بيٺو رهيو. ٻڌرڪو جڏهن فارغ ٿيو ته چيائين ”سيلائج ڀڳت جو پٽ آيو آهي“ چچ جواب ڏنو ها عبادت گذار پروهت! پروهت گاهه جي ٺهيل موڙي تي چچ کي ويهاري پڇا ڪئي ته خير ۾ آيو آهين؟ چچ چيو، مان چاهيان ٿو ته تون برهمڻ آباد ۾ هلي سربند کي پنهنجي قيمتي مشورن سان نوازيندو رهه. پروهت وراڻيو مون کي تنهنجي حڪومت جي ڪائي ضرورت ناهي. مون کي انهن معاملن سان ڪائي دلچسپي ناهي. پوءِ چچ چيس، ڀلا اهو ٻڌاءِ ته تون سربند جي منهنجي خلاف مدد ڇو ڪئي؟ مان ته سر بند کي مصالحت جو مشورو ڏنو هو ڇو ته هو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڏاڍو پريشان هو. منهنجي خيال ۾ دنيا جي سرداريءَ کان ٻڌ جي خدمت ۽ فقيري بهتر آهي. ان سان آخرت ٺهي ٿي. پروهت جواب ڏنو. چچ جي گهڻي چوڻ کان پوءِ آخر پروهت پنهنجي قبيلي ۽ پيروڪارن سوڌو شهر آيو ۽ چچ جو ساٿاري بڻجي ويو ۽ مندر جي حفاظت جي به ضمانت ورتائين. هن ٻڌنو وهار مندر جي قديم عمارت کي جوڙائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جيڪا چچ خوشيءَ سان قبولي ورتي. ان کان پوءِ چچ برهمڻ آباد قلعي ۾ اچي ملڪي معاملن کي نئين سر سنواريو ۽ جتن ۽ لوهاڻن کي سڌاري، انهن جي ڏنگن سردارن کي قلعي ۾ نظربند ڪري مٿن قوم تي هيٺيان قاعدا ۽ قانون مڙهيا. اصلي تلوار ساڻ نه کڻندا. ريشمي، مخمل ۽ ٻيا قيمتي ڪپڙا نه پائيندا. گهوڙي سواري لغام بنا ڪندا. پير ۽ مٿي اگهاڙا گهمندا. برهمڻ آباد جي گورنر جي باورچي خاني لاءِ ڪاٺيون ڍوئيندا ۽ سندس لاءِ جاسوسي ۽ ٻيون خدمتون ڏيندا. جيڪڏهن انهن مٿين قانونن جي پابندي نه ڪئي ته پوءِ کين سخت سزا ڏني ويندي. اهڙيون شرطون لاڳو ڪري انهن مان ڪن چڱن ماڻهن کي چونڊي ڪري ملڪي معاملن ۾ شامل ڪيو ويو.[13] جنت السنڌ جي بيان مطابق:"ڪجهه وقت الور ۾ آرام وٺڻ کان پوءِ لشڪر ۽ سامان گڏ ڪري، هي اورچ ۽ سمجهدار راجا ڏکڻ اولهندي طرف ڪاهي ويو. اتي سيوستان جي راجا متو ۽ ٻڌيا (ٻڌاپور) جي حاڪمن سندن آڻ مڃي. فقط برهمڻ آباد جي راجا اگهم لوهاڻي مقابلي لاءِ تياري ڪئي، پر هو ان وچ ۾ مري ويو. هتي جي ٻڌنوڌار جي مندر جي وڏي پنڊت ٻڌرڪوءَ، چچ کي بشارت ڏني ته هو سڄو ملڪ فتح ڪندو. ستت ئي اگهم جو پٽ سريند اچي سندس پيش پيو. چچ سريند جي بيوه ماءُ کي نڪاح ۾ آڻي، پنهنجي ڀائٽي جي ڌيءُ ڌرسيا، سريند کي شادي ڪرائي. فارغ ٿيڻ کان پوءِ، جاٽن ۽ لوهاڻن تي سخت پابنديون وجهي مڪران پهتو"[8]لئمبرڪ مطابق:چچ هاڻي برهمڻ آباد طرف وڌيو، آگهم جي فوج کي شڪست ڏنائين ۽ ان کي ڀڄي قلعي ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيائين؛ پر چچ لاءِ اهو قلعو اڏول ثابت ٿيو. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي سال تائين بي نتيجي جنگ گهلبي رهي، ۽ اهو سڄو مقابلو وڏي ڀاڱي هڪ ٻوڌ ٻائي جي اثر جي سڌي نتيجي ۾پيش ٿي رهيو هو، جنهن لاءِ شهزادي توڙي سندس ماڻهن کي وڏو احترام هو. آگهم پاڻ گهيري ۾ مارجي ويو ۽ سندس پٽ سربند هن جو جائنشين مقرر ٿيو. ائين پيو معلوم ٿئي ته آخرڪار انهيءَ ٻائي، ٻُڌگوئي يا ٻڌراکو، کي نيٺ پڪ ٿي ويئي ته چچ کي نيٺ به ڪاميابي حاصل ٿيندي، ۽ پوءِ سربند چچ سان صلح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو صلح ”قبيلن جي سردارن جي وچ ۾ پوڻ سان ٿي سگهيو.“ صلح جا شرط بيحد نرم ۽ فائدي وارا هئا،۽ انهن هيٺ سربند کي چچ جي حڪومت ۾ اتان جي گورنر جي حيثيت ۾ قائم رکيو ويو.[2].برهمڻ آباد جو صوبو سنڌ اندر ٻڌ ڌرم وارن جو مکيه ۽ مضبوط ڳڙهه هو، ۽ چچ اهو محسوس ڪيو ته هو اتي ڦهليل مذهب جي فائدي ۾ رهڻ سان ئي ملڪ تي قبضو قائم رکي سگندو. ٻوڌ اميرن ۽ وڏن ماڻهن جي تعاون ۽ حمايت کان سواءِ هو اتان جي ”سخت ۽ ڪٺور فطرت“ رکندڙ جتن ۽ لوهاڻي قبيلي جي ماڻهن تي انهن سخت قاعدن ۽ قانونن کي مسلط ڪرڻ جي اميد ڪري نه پئي سگهيو، جن جو ”تذڪري“ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، مثلاً مٿن سواريءَ لاءِ هني استعمال ڪرڻ جي منع، مٿي تي پٽڪي ٻڌڻ جي منع ۽ اوچن ڪپڙن پائڻ جي منع عائد ڪرڻ، ۽ ٻئي طرف هنن تي اهو لازم ڪري ڇڏڻ ته هو برهمڻ آباد جي حاڪم لاءِ ٻارڻ جون ڪاٺيون مهيا ڪن، جيڏانهن وڃن اوڏانهن ڪتا ساڻ رکن، ۽ پنهنجي حاڪمن لاءِ جاسوسن ۽ سونهن جو ڪم ڏين وغيره. هن ڳالهه جو به امڪان نظر اچي ٿو ته اهي اڻ سڌريل ماڻهو، جيڪي بظاهر اُهي ساڳيائي ماڻهو هئا، جن يوئان چوانگ جي قول مطابق ”جان وٺڻ کي پنهنجو ڌنڌو بڻايو هو“، گهڻي زماني کان وٺي ملڪ لاءِ هڪ وڏي شامت بڻيا ٿي رهيا، ۽ چچ پهريون حڪمران هو، جنهن انهيءَ مسئلي کي اثرائتي طريقي سان هٿ ڳنڍيا. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اها ڳالهه هن حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ته هو انهيءَ صوبي جي ماڻهن کان سندس حڪومت کي تسليم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ڪيئن ٿيو.[2].

ڪرمان جي فتح[سنواريو]

چچ هتان فارغ ٿي ڪري 2 هه (613ع ) ايران جي قبضي هيٺ آيل ڪرمان تي ڪاهه ڪئي. هي اهو زمانو هو جڏهن ايران جو بادشاهه ڪسريٰ بن هرمز گذاري چڪو هو ۽ سندس تخت تي هڪ عورت قابض هئي، جنهن جي ڪري سڀ امير ۽ وزير پريشان هئا چچ سڀ کان اڳ ۾ ارمابيل (لس ٻيلو) پهتو، جتان جو راجا ٻڌ مذهب جو پنڊت ۽ راجا سيهرس راءِ جي گورنرن جي اولاد منجهان هو ۽ ايمانداري ڪري اتي مقرر ڪيو ويو هو، پر پوءِ بغاوت ڪري خود مختار بڻجي ويو. ارمابيل جي راجا کي جڏهن چچ جي اچڻ جي خبر پيئي ته سندس آڌرڀاءُ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيو. چچ کانئس وفاداريءَ جو واعدو وٺي پنج پور جنهن کي عرب تاريخدانن، فنزپور لکيو آهي، پهتو ۽ اتي هڪ پراڻي قلعي جي مرمت ڪرائي هندن جي رسم مطابق پنجتوري يعني پنجن سازن واري نوبت رکرائي ڪري جيڪا باک ڦٽڻ ۽ سج لهڻ مهل وڄائي ويندي آهي، ڪرمان ۽ مڪران جي وچ واري ندي جي ڪپ تي خيما کوڙيائين. ان جاءِ تي کجي جا وڻ پوکي ايران ۽ سنڌ جي اوڀر کان حد قائم ڪيائين، جيڪا اڄ تائين موجود آهي[14].جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو تہ:ارمن بيل کي زير ڪرڻ کان پوءِ قنزپور (پنجگور) جي قلعي کي نئين سر تعمير ڪرائي، مڪران جي سرحد ڪرمان وٽ کجور جا وڻ پوکرائي پوءِ جهالاوان ۽ سراوان کان ٿيندو، ڪڇيءَ پهتو. اتي جي ڪردن سندس آڻ مڃي، چچ مٿن هڪ لک درهم ۽ هڪ سؤ گهوڙا ساليانو خراج مقرر ڪري، الور ڏانهن موٽيو، جتي آخري دم تائين وڏي دٻدٻي ۽ شان سان حڪومت ڪندو رهيو. سندس حڪومت جملي چاليهه ورهيه قائم رهي.[8] مولائي شيدائي وڌيڪ لکي ٿو تہ:حضور ﷺ جن ايران جي ڪسريٰ خسرو پرويز کي اسلام جو دعوت نامو موڪليو هو، پر هن مغروريءَ سان ڦاڙي ڦٽو ڪيو. اڳتي هلي هو پنهنجي پٽ هٿان مارجي ويو ۽ سندس اهڙيءَ ريت قتل ٿيڻ کان پوءِ عظيم الشان سلطنت اندر بادشاهه گردي پيدا ٿي ۽ ان جي ابتريءَ جو دؤر شروع ٿيو. خسرو جي پٽ شيرويه فقط اٺ مهينا حڪومت ڪئي، هن پنهنجي خاندان جي 15 شهزادن کي مارائي ڇڏيو. کانئس پوءِ سندس پٽ اردشير ستن ورهين جي عمر ۾ تخت تي ويٺو، پر ڏيڍ سال گذرڻ بعد، حڪومت جي اراڪين جوان شير کي تخت تي ورهايو. جو قضا الاهي هڪ سال اندر مري ويو. درٻارين پرويز جي ڌيءُ بوران دخت کي تخت تي ٿاڦيو(1) جنهن تي شاهي خاندنا ۾ ڏڦيڙ پوڻ ڪري درٻارين وري يزدگرد کي تخت تي آندو، جو ان وقت فقط 16 ورهين جو هو. يزدگرد جي تخت تي ويهڻ وقت، خلافت صديقيءَ جو زمانو هو، جڏهن سنه 11 هجري (سنه 632ع) ۾ اسلامي لشڪر ايران کي شڪست ڏيئي، حيراه ۽ عراق جي ڪن حصن تي قبضو ڪيو هو. تڏهن مٿينءَ ابتريءَ مان چچ بن سيلائج به فائدو وٺي، دشت ندي ٽپي، سنه 635ع ۾ ڪرمان تي ڪاهه ڪئي هئي، مگر ايراني سلطنت اڃا مضبوط هئي، وٽس لشڪر ۽ خزانن جي ڪابه ڪمي ڪانه هئي، فقط قوم مان اخلاق محاسن فنا ٿي ويا هئا ۽ چچ ڪرمان تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو هو.[8]

قندابيل تي ڪاهه[سنواريو]

اتان چچ ارمابيل واپس پهچي توران آيو ۽ يورال ندي کان مٿان ٿيندو اچي قندابيل (قنڌار) تي حملي ڪرڻ جو سوچي سيني درياءُ جي ڪپ تي خيما هڻي سندن گهيرو ڪري ويهي رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شهرين مجبور ٿي ڪري سؤ خچر ۽ هڪ لک درهم ڍل طور ادا ڪيا ۽ آئنده ڏيڻ جو به واعدو ڪيائون.[15]

خلافت سان چڪريون[سنواريو]

حضرت فاروق اعظم رضه کانپوءِ، سنه 24 هجريءَ ۾ پڻ جڏهن حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنـﮧ جو دورِ خلافت شروع ٿيو ته: بصري جي حاڪم عبدالله بن عامر مڪران جي حاڪم عبدالرحمان بن سمره کي اجازت ڏني ته: سنڌي فوج کي جا راجا چچ جي اولو العزميءَ جي سبب، مڪران جي سرحد تي گڏ ٿي ڪري، حملي ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏيئي رهي هئي، ان تي حملو ڪري، ٻاهر ڪڍي ڇڏي. انهيءَ ڪري، عبدالرحمان بن سمره پنهنجي قبيلي جي جوانن کي همراهه ڪري، سنڌ جي فوج تي حملو ڪري ڏنو. سنڌ جي فوج ڀڄي ويئي، ۽ سامونڊي علائقن تي، عربن جي مال سان ڀريل جهازن کي لٽ ڦر ڪرڻ کان علاوه پڻ سندن سامونڊي واپار ڪرڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇاڪاڻ ته: پهرئين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان واپار ڪرڻ جي سانگي سامونڊي ڪنارن سان، مالابار سيلون ۽ جزيرهء چين تائين، ايندا ويندا رهندا هئا. جنهنڪري عبدالرحمان بن سمره ڪيڪان تائين جو سامونڊي علائقو سنڌ جي راجا کان کسي ورتو. جنهن کي اڄ ڪوڪن سڏيندا آهن. هن حملي کي سنڌ تي، اسلام جو پهريون حملو چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته: اصلي سنڌ ۾ اڃا تائين، اسلامي لشڪر داخل نه ٿيو هو.[16]

ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سنڌ ۾ راجا چچ جي حڪومت جي ڏينهن ۾ حضرت عثمان ابن ابي عاص پنهنجي ڀاءُ مغيره جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ بحري ٻيڙو ديبل جي بندرگاهه ڏانهن اماڻيو. چچ نامي ۾ ان جو احوال هن طرح آهي. ”مغيره جڏهن ديبل تي حملو ڪيو ان وقت ديبل تي چچ طرفان ساميو بن ڏيوائچ والي هو. ساميو لشڪر سان گڏ قلعي کان نڪري مغيره سان مقابلو ڪيو. مغيره تلوار ڪڍي الله اڪبر چئي لشڪر ۾ گهڙي پيو ۽ مارجي ويو.“ سنڌ تي اهو مسلمانن جو پهريون باقاعده حملو هو.[17]مولائي شيدائي جنت السنڌ ۾ لکي ٿو تہ:خليفي "عثمان رضه جي ڏينهن ۾، چچ اسلامي سلطنت سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ لڳو. اميرالمومنين عثمان رضه مڪران جي والي عبدالرحمان بن ثمره کي فسادن روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو. ٻيو گهمرو وري چچ جي چرچ تي مڪران جي سرحد تي وڏو فساد ٿيو، مگر ڪرمان جي حاڪم حارث بن عامر، سنه 38هه ۾ ويهن هزارن فسادين کي روڪڻ ۽ دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سنه 42هه ۾، راشد بن عمر چئن هزارن فوجين سان مڪران جي سرحد تي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو. چچ هڪڙي ڀيري هڪ پهاڙي دري (لڪ) کان ڏهن هزارن فوجن سان اوچتو اسلامي ڇانوڻيءَ تي ڪاهه ڪئي؛ مٿين مهم ۾ هو ڪامياب ٿي نه سگهيو ۽ سندس اٺ هزار فوجي، مجاهدن هٿان شهيد ٿيا، مگر راشد بن عمر وڙهندي شهيد ٿيو. سنه 52هه ۾ چچ جي مئي کان پوءِ، سندس ڀاءُ ندر سنه 60هه تائين حڪومت ڪئي. مٿين اَٺن سالن اندر، هن اسلامي سلطنت سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪانه ڪئي، مگر چندر جي مرڻ کان پوءِ ڏاهر سنڌ جو حاڪم ٿيو، جو هٺيلو، متعصب ۽ لالچي هو. هو چچ جي پاليسي اختيار ڪري مڪران ۾ فسادن جي باه ڀڙڪائڻ لڳو، حالانڪ مڪران کان سواءِ سنه 38هه ۾، خلافت حيدريءَ جي زماني ۾ تغار بن صغير ۽ حارث بن مره عبديءَ، ويهه هزار باغين کي سڪست ڏيئي، قيقان (جهالاوان) تي اسلامي جهنڊي کي کوڙيو هو، جنهن جون حدون سنڌ سان لاڳو هيون."[8]سنه 39هه (سنه 659ع) تائين حارث بن عبديءَ حضرت علي المرتضيٰ رضه جي حڪم سان، سرحد جو ڪاميابيءَ سان انتظام رکيو. سنه 44هه (سنه 664ع) ۾ امير معاويه بن ابوسفيان جي دمشق جي تخت تي ويهڻ وقت، سيستان، ڪرمان ۽ قيقان ۾ فساد ٿيا. سنه 42هه ۾ حارث عبدي قيقان جي باغين سان وڙهندي شهيد ٿيو. خليفي معاويه بصري جي ولايت جون واڳون عبدالله بن عامر جي حوالي ڪيون، جنهن مهلب کي سرحد جي نگرانيءَ تي مقرر ڪيو. هن سنڌ جي اتر وارن ضلعن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا.[8]

چچ جو وفات[سنواريو]

مٿئين معاهدي کان پوءِ چچ واپس الور آيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ چاليهه سال حڪومت ڪري 40 هه (660ع) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس گهر واري سونهن ديوي مان ٻه پٽ ڏاهر ۽ ڏهرسين ۽ هڪڙي ڌيءَ مائين هئي.[18]

برھمڻ گھرائي جي راجائن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ.سانچو:چچنامو صہ 235 http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي سانچو:Http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book page2.html }
  4. ٻائي ڏاهر ۽ ڏهر سيهه جي سڳي ڀيڻ نه هئي، سا ڳالهه ڏاهر جي طرفان بعد ۾ چيل هن ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي، جنهن ۾ هن ان کي ”جاٽن جي ڌي“ جي بري لقب سان ياد ڪيو هو- قليچ بيگ ص 48.
  5. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي سانچو:Http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book page2.html }
  6. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي سانچو:Http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book page2.html }
  7. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي سانچو:Http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book page2.html }
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 8.4 8.5 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، باب ٻيون، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  9. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي سانچو:Http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book page2.html }
  10. هودي والا،ص 84. ريورٽيءَ ڀنڊار ڪر ڀاگوءَ جو پٽ ڪوٽل ٻڌايو آهي.
  11. ريورٽيءَ ”نوٽس آن افغانستان“، ص 564.
  12. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي سانچو:Http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book page2.html }
  13. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  14. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي سانچو:Http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book page2.html }
  15. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي سانچو:Http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book page2.html }
  16. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ؛ ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس
  17. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  18. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }