ڊيرا اسماعيل خان ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊيرا اسماعيل خان ضلعو
Dera Ismail Khan District
ملڪ: پاڪستان
صوبو: خيبر پختونخوا
ضلعي گاديء جو ھنڌ: ڊيرا اسماعيل خان
ايراضي: 7,326 چورس ڪلوميٽر
آبادي: 852,995 [1]
ٻولي: *
تعلقا: 2
يونين ڪائونسلون: 51

ڊيرا اسماعيل خان ضلعو (اردو: ضلع ڈیرہ اسماعیل خان، انگريزي: Dera Ismail Khan District) پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخوا جو هڪ ضلعو آهي. هي صوبي جو سڀ کان ڏکڻيون ضلعو آهي. ان جي اُتر ۾ لڪي مروت ۽ ٽانڪ ضلعا آهن، جڏهن ته اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ پنجاب صوبو لڳي ٿو. ان جي اولھ ۾ قبائلي علائقا آهن.

مشهور نقشبندي درگاه خانقاه احمديه سعيديه هن ضلعي جي موسيٰ زئي شريف شهر ۾ واقع آهي جتي ڪيترن ئي نقشبندي صوفي بزرگن جون قبرون موجود آهن. هن درگاه جي بنياد حاجي دوست محمد قندهاري وڌي جيڪو شاه احمد سعيد مجددي مهاجر مدني جو وڏو خليفو هو. سنڌ جي نقشبندي بزرگ پير مٺا سائين جو سلسلو به هن درگاه سان ملي ٿو.