هندو ڪش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھندوڪش جبل جون قطارون:

جبلن جون ھي قطارونپامير جي مٿانهين پٽ واري پاسي کان شروع ٿين ٿيون، جيڪيقراقرم جبل جي اولھ ۾ واقع آھن. ھنن جو ڳپل حصو افغانستان ۾ آھي.ھنن جبلن جي سڀ کان وڏي چوٽي جو نالو ترچ مير آھي جيڪا 7690 ميٽرن جي اوچائيءَ تي آھي. سياري جي موسم ۾ ھن جبل جون قطارون برف سان ڍڪيل ھونديون آھن. ھندوڪش جون جابلو قطارون، بنگال جي کاري ۽ عربي سمنڊ کان مينھن آڻيندڙ چوماسي ھوائن جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن.اھي ھوائون جبلن مٿان گھلي نہ ٿيون سگھن، تنھن ڪري پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مينھن وسائين ٿيون. ساڳئي وقت ھي قطارونوچ ايشيا کان ايندڙ سخت سرد ھوائن کي روڪي، ڍال جو ڪم ڏين ٿيون، جنھن ڪري پاڪستان جا ماڻھو سرديءَ جي شديد لھر کان محفوظ رھن ٿا.