مواد ڏانھن هلو

رني ڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Rani Kot
رني ڪوٽ

رني ڪوٽ سنڌ جو ھڪ سياحتي مقام آهي
خطو ڄامشورو ضلعو، سن شھر کان 32 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ،کيرٿر جي لڪي جبلن واري آخري قطار تي اڏيل  پاڪستان
مقانيت ڊگھائي ڦاڪ 67.83333 ۽ ويڪرائي ڦاڪ 26.08333
قسم ديوار يا قلعو
ڊيگهہ 32ڪلوميٽرن جي گھيري ۾ ٺھيل
تاريخ
ٺاھيندڙ نامعلوم
ثقافتون سنڌي
جڳھہ بابت
حالت ثابت
ملڪيت سنڌ حڪومت
انتظاميا سنڌ حڪومت جو سياحت کاتو
عوامي پھچ ھا
دنيا جي ٻين وڏي ديوار
رني ڪوٽ

رني ڪوٽ قلعو (Ranikot Fort) آهي. هيءُ قلعو ضلعي ڄامشورو ۾ آهي. هي قلعو سنڌ جي تاريخي شهر سَنَ کان اٽڪل 35 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي اولھ طرف آهي. هي انڊس هاءِ وي جي الهندي پاسي آهي.

رني ڪوٽ ديوار کي قلعو بہ چوندا آهن

رني ڪوٽ (نيرون ڪوٽ) فوجي انجينيئرنگ جوهڪ شاهڪار قلعو آهي، جيڪو سمورو پٿرن جو ٺهيل آهي. هي قلعو ضلعي ڄامشوري ۾ سن شهر کان ڏکڻ اولھ طرف 32 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي، هي قلعو, کير ٿر سلسلي (Kirthar range) جي آخري جابلو قطار لڪي جابلو قطار تي ٺهيل آهي. لڪي جابلو قطار ٽن حصن ۾ ورهائجي رني ڪوٽ تائين پهڄي ٿي، رني ڪوٽ انهن ٽن قطارن تي ٺهيل آهي، انهن ٽن جابلو قطارن يا سلسلن کجا نالا هي آهن، لُنڊي جبل، ڪارو جبل ۽ پوڙي جبل، هن قلعي جو مُڪمل گھيرو سَوا 20 ميل يعني 32 ڪلوميٽر آهي. هي قلعو بچاءُ جي حوالي سان ڏاڍو اهم قلعو آهي، هي قلعو الڳ الڳي قسمن جي ديوارن سان محفوظ ٿيل آهي، هڪ انساني هٿن جي ٺهيل ديوار ۽ ٻي قدرتي ديوار يعني جبلن جي اوچي چوٽين ۽ کاهين تي مُشتمل آهي، ۽ ٻي اُها ديوار جيڪا انساني هٿن جي ٺهيل آهي، اها ديوار صرف ان جڳھ تي ٺاهي وئي آهي، جتان ماڻهن ۽ جانورن جا قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ جا رستا آهن، انهن رستن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ حفاظتي طور تي ان ديوارن تي ڪيترائي حفاظتي بُرج ٺاهيا ويا آهن، بلڪه سموري ديوار اهڙي طرح جُڙيل آهي، جو ان ۾ تيرن هڻڻ لاءِ مارا ٺاهيا ويا آهن،بعد ۾ ان ۾ اضافو ڪري بندوقن ۽ توپن هلائڻ لاءِ ان ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي.رني ڪوٽ جي قلعي اندر داخل ٿيڻ جا ٻه دروازا آهن هڪ سن گيٽ ۽ ٻيو موهن گيٽ،جن ٻنهي گيٽن تي اسان کي اوائلي قسم جي پُل جا نشان نظر اچن ٿا، ۽ انهن دروازن جي حفاظت لاءِ ٻنهي پاسي مورچا يعني بُرج ڏنل آهن. پر ڪُجهه محققن رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ جا چار رستا به ٻڌايا آهن، جن ۾ آمري گيٽ ۽ شاهه پير گيٽ به ٻڌايا ويا آهن، پر مُنهنجي خيال ۾ ته اهي ڪنهن به صورت ۾ دروازا ناهن. آمري گيٽ، جنهن کي مقامي ماڻهو ٻڌاي موري پڻ چون ٿا، اها دراصل پاڻيءَ جي گُذر گاهه آهي نه ڪي گيٽ يا دروازو، اهرِءَ ريت شاهه پير گيٽ به مون کي دروازو نه ٿو لڳي، بعد ۾ جانورن يا ڌنارن پنهنجي صهولت لاءِ اها ديوار ٽوڙي ان کي رستو بڻايو ويو آهي. سنڌ جو بهترين مُحقق بدر ابڙي جي به اها ساڳي راءِ آهي، جنهن سان آئون مُتفق آهيان، محترم بدر ابڙي رني ڪوٽ متعلق لکيل پنهنجي ڪتاب ”ـديوارِسنڌ رني ڪوٽ“ ۾ ان شيءِ جو واضح ۽ چٽو اظهارڪيو آهي. رني ڪوٽ اندر ٽي ننڍا ڪوٽ پڻ آهن هڪ ميري ڪوٽ، ٻيو شير ھڙهه ۽ ٽيون موهن ڪوٽ. شير ڳڙهه قلعو اولهه ۾ ڪاري جبل جي چوٽيءَ تي اندازي مُطابق 1750 فُٽن جي بُلنديءَ تي ٺهيل آهي، هن قلعي تان رني ڪوٽ جي اندر توڙي ٻاهر ٿيندڙ چُرپُر تي نظر رکي سگهجي ٿي. شير ڳڙهه پنهنجي جوهر ۾ هڪ مڪمل قلعو آهي، جنهن ۾ پنج بُرج يا حفاّظتي مورچا آهن. ٻيو قلعو ميري آهي جيڪو به هڪ مڪمل قلعو آهي ، ميري ۽ شير ڳڙهه قلعي ۾ هڪجهڙائي آهي، ميري ۾ به پنج حفاظتي مورچا آهن،پر ميري شير ڳڙهه کان سائيز ۾ ٿورو وڏو آهي، ميري ڪوٽ سمنڊ جي سطح کان 500 فُٽن جي اوچائي تي آهي، هن قلعي ۾ ڪُجهه رهائش لاءِ ڪوٺيون به ٺهيل آهن، جن ما ايئن محسوس ٿو ٿئي ته شاهي گھراڻي يا سپهه سالار جي رهڻ جي جڳهه به ٿي سگھي ٿي، هن قلعي ۾ پاڻيءَ جي بندوبست لاءِ هڪ وڏو انهو کوهه به پڻ موجود آهي. ان کان علاوا هن قلعي جي دروازن ۾ ڪُجهه شاندار قس جا نقشَ به چِٽيل نظر اچن ٿا، جيڪي پڻ قديم دور جي نشاندهي ڪن ٿا. ٽيون ڪوٽ بلڪل اولهه ۾ قدرتي چشمي ، جنهن کي مقامي ماڻهو ”پَرين جو تَڙ“ به چون ٿا، ان کان مٿان موهن دروازي کان اندازي مُطابق 1650 فُٽن جي بُلندي تي آهي، هي ڪوٽ هڪ قلعي بجاءِ هڪ وڏو چوڪور بُرج يا مورچو آهي، ڇو ته هن ۾ هڪ به بُرج ناهي هي رني ڪوٽ اندر وڏي ۾ وڏو مستطيل بُرج يا مورچو آهي. رني ڪوٽ ڪڏهن ٺهيو، ڪنهن ٺاهيو، ان جو اڃا تائين مُحقق ڪو پتو لڳائي نه سگھيا آهن،پر اسان جي عالمن ان تي طبع آزمائي ضرور ڪئي آهي، جيڪا اندازن ۽ رِوايتن تي جُڙيل آهي، البته ڪُجهه محققن سنڌ جي تاريخ جي مُطالعي مان ڪُجهه ڪڙيون ملائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، پر اهي به ڪا حتمي راءِ نه ڏئي سگھيا آهن ته هي قلعو ڪنهن ٺهرايو يا ڪڏهن ٺهيو. ڪن ليکڪن جو رايو آهي ته هي قلعو سنڌ جي ٽالپر حُڪمرانن ٺهرايو آهي، تي ڪي وري عرب کي کي هن قلعي جو ٺاهيندڙ چون ٿا، ته ڪي وري سٿين ۽ پارٿين ڏانهن منسوب ڪن ٿا، ته ڪي وري ايرانين ۽ يونانين ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته اشوڪ يا راڻي دهشلا لاءِ ٿا چون ته ان ٺهرايو آهي. پر اڃا تائين ڪا به حتمي ۽ مدلل ڳالهه تحقيقي طور تي سامهون اچي نه سگهي آهي. مُنهنجي ريسرچ مُطابق هي قلعو قبل مسيح جي دور جو ٺهيل آهي، ان جي طرزِ تعمير ۽ ڪُجهه تاريخي ڪتابن ۾ ان قلعي جا حوالا ملن ٿا. نيرون ڪوٽ جي نالي سان تاريخي ڪتابن ۾ جيڪو ذڪر ٿيل آهي اهو، حيدرآباد واري قلعي جو نه بلڪه رني ڪوٽ وارو قلعي جو ذڪر آهي، محترم رشيد ڀٽي، بدر ابڙي جي ان راءِ سان آئون متفق آهيان ته رني ڪوٽ ئي نيرون ڪوٽ آهي نه ڪي حيدرآباد وارو قلعو. مان تاريخي ڪتابن چچ نامي، ۽ ٻين تاريخ جي ڪتابن جي مُطالعي ۽ رني ڪوٽ مُطعلق لکيل مقالن ۽ بدر ابڙي صاحب جي رني ڪوٽ مُطعلق لکيل ڪتاب جي مُطالعي ۽ تقريبن 16 دفعا هي قلعو مڪمل گهُمي ڏسڻ کان پوءِ اهو چوان ٿو ته هي قلعو نيرون ڪوٽ ئي آهي ، جنهن جو ذڪر تاريخي ڪتابن ۾ آهي.[1]

ڪنهن دور ۾ ايران قديم پارسيا جون حدون سنڌو نديءَ تائين هيون ڪراچي کان وٺي سيوهڻ ۽ جيڪب آباد تائين علائقو ايران جو حصو هو ۽ رني ڪوٽ جي قلعي جي باري ۾ هڪ خيال اهو بہ آهي تہ اهو ايرانين اڏيو.[2][3] مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته،"رنيءَ جو ڪوٽ سن جي شهر کان ٽن چئن ڪوهن تي جبل ۾ آهي. اهو سنه 1812ع ڌاري مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان ٺهرايو هو. جو اتي پاڻيءَ جي واهي آهي. اهو انهيءَ لاءِ ٺهرايو ويو ته مشڪلات جي وقت انهيءَ ۾ وڃي پناهه وٺجي پاسي کان رنيءَ جي نئي ٿي وهي."[4]”مير حسن علي خان ٽالپر (متوفي 1324/1909) پنهنجي ”فتحنامي“ (سنڌي مثنوي) ۾ ”رني ڪوٽ“ جو تفصيلوار بيان ڪيو آهي، ۽ ان کي مير ڪرم علي خان (مير مراد علي خان سان شامل) (1227-1244) جي دور حڪومت جو هڪ ممتاز ڪارنامو ٺهرايو آهي ۽ ان جا چند پهلو هيٺئين ريت واضح ڪيا اٿس: ”رني ڪوٽ، اسان جي ابن ڏاڏن جو ڇڏيل نشان آهي. جڏهن ڪاريگرن ان تي ڪم ڪيو، تڏهن ٽڪريءَ جي گهيري جي چوگرد جيڪي به شگاف ۽ کڏا هئا، تن کي ڀري ڇڏيائون ۽ بنياد کان وٺي چوٽيءَ تائين ان کي قدرتي هموار زمين بنائي ڇڏيائون. ان بعد هنن مٿانهين سطح واري زمين کي به هموار ڪيو، ۽ ان تي هڪ ديوار کڙي ڪئي. سڄي ديوار پٿر جي هئي. جنهن جي ڊيگهه ڪوهن تائين پکڙيل هئي. ٽڪر جي هڪ پاسي تي لوهي برج کڙا ڪيل هئا. ازان سواءِ هزارن وڏن ۽ لاتعداد ننڍن ڪنگرن سان سينگاريل هئي. ٻيو قلعو، جو شير ڳڙهه سڏجي ٿو، سو ان جي اندر هو. چار فصيلون يا پشتپناهون، شير ڳڙهه قلعي جي ديوار تي بيهاريل هيون. ٻي به هڪ مضبوط اڏاوت هئي، جنهن کي ميري سڏيو ٿي ويو، جا چئن فصيلن سان جڙيل هئي.“[5] اڪٽر اين. اي. بلوچ پنهنجي هڪ خط ۾ ڪرنل رشيد جو ڌيان هن پاسي ڇڪايو آهي ته وڏو قلعو اندرين ٻن ننڍن قلعن سميت نواب ولي محمد خان لغاريءَ پنهنجي نظرداريءَ هيٺ ٽالپور حاڪمن جي لاءِ ٺهرايو هو، پر قلعي جا وڏا دروازا جيڪي هن جي غير حاضريءَ ۾ ٺاهيا ويا هئا، تن ۾ نقص رهجي ويو هو ۽ اهي ۽ اهي فولادي دروازا، جن ۾ لوهي سيخون لڳل هيون، سي مينهن جي پاڻيءَ ۾ اهڙيءَ طرح ته لڙهي ويا هئا، جو لوهي سيخون رسن وانگر وٽجي سٽجي ويون هيون. ان قلعي جي اڏاوت تي سترهن لک روپيا خرچ آيو هو. فتح نامي جي لکڻ مطابق اهو قلعو سال 1227 کان 1244 هجري مطابق 1812 کان 29-1825 عيسوي تائين جي عرصي ۾ جڙي راس ٿيو هو. اي. ڊبليو. هيوز پنهنجي ”سنڌ گزيٽيئر- 1876ع“ ۾ ان ساڳئي بيان جي تصديق ڪندي لکيو آهي ته اهو قلعو ٻن ٽالپور اميرن اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٺهرايو هو. هو ڪئپٽن ڊيلهـُـوسٽ، اسسٽنٽ ڪواٽر ماسٽر جنرل آف بمبئي آرمي جو حوالو ڏئي ٿو، جنهن جو بيان هو ته اهو قلعو مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سن 1822ع ۾ ٻارهن لک رپين ۾ جوڙايو هو. عظيم الدين ٺٽوي، فتح نامه جي مصنف ميرن جي تعريف ۾، جن جو هو ملازم هو، 1812ع واري مرمت کي بدلائي کين هن قلعي جو ٺاهيندڙ بنايو آهي.[6] ايم ايڇ پنهور ته اهو به ڄاڻايو آهي ته 1526-1525ع ڌاري بابر رني ڪوٽ جي قلعي۾ ۾ رهيو هو.[7] بدر ابڙو سان سهمت ٿيندي ڪن ٻين محققن به اها راءِ ڏني آهي ته رني ڪوٽ قلعو نهايت قديم آهي. چچنامي وارو جيڪو نيرون ڪوٽ آهي سو اصل ۾ رني ڪوٽ آهي.[8] رني ڪوٽ قلعي اندر شاھ پير واري لنگھ سان پٿرن تي چٽسالي ملي آهي. محققن جو رايو آهي ته انهي چٽساليءَ جي ڄمار ڪَٿَڻ سان به قلعي جي قدامت تي روشني پئجي سگهي ٿي.[9]

قلعي جا دروازا

[سنواريو]

هن قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪي دروازا ٺهيل آهن، سي اهڙا رواجي نه آهن، جيئن عام قلعن ۾ ٻاهران ئي نمايان ڏسڻ ۾ ايندا آهن، بلڪ هي هڪ قسم جا رڳو لنگهه Entrance آهن. هن قلعي کي اهڙا چار لنگهه يا گذرگاهه آهن، جن جا نالا هي آهن: (1) سن يا اڀرندو دروازو، (2) آمري يا اتر- اڀرندو دروازو، (3) شاهه پير يا ڏکڻ دروازو ۽ (4) الهندو يا مٿانهون دروازو (موهن دروازو).

اڀرندي وارو ”سن دروازو“ هڪڙي ننڍڙي ديهه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جا قلعي کان اٺ ميل اڀرندي طرف آهي. ”آمري دروازو“ ، آمريءَ جي نالي پويان سڏجي ٿو، جو آثارقديمه جو هڪ نهايت مشهور ۽ تاريخي مقام آهي. ان جي کوٽائي آثار قديمه جي ماهرن طرفان ٻه دفعا ٿي چڪي آهي. سندس’پراڻي تهذيب‘ ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي. آمري، سن کان پندرهن ميل پري، اُتر ۾ لاڙڪاڻي ڏانهن ويندڙ مکيه رستي تي سنڌونديءَ سان لڳولڳ آهي. هن کي ڏسڻ سان، قلعي جي عظيم آثارن بابت پڻ دل ۾ ڪيترائي خيال پيدا ٿين ٿا. شايد هيءُ قلعو تڏهن ٺهيل ٿو ڏسجي، جڏهن آمري شهر اڃا سرسبز ۽ آباد هو. اهو ئي سبب آهي، جو اتر- الهندي دروازي کي هن ئي مشهور شهر جي پويان نالو ڏنو ويو آهي، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ شهرن ، ڳوٺن، توڙي قلعن جي دروازن کي، مشهور آبادين ۽ بستين جي نالن پويان سڏجڻ جو رواج عام هوندو هو.

ڏاکڻو گذرگاهه يا ”شاهه پير دروازو“ ، آمري دروازي کان البت هيٺائين سطح تي آهي. اڀرندي وارو دروازو يا ”سن دروازو“ تمام گهڻو نشيب ۾ آهي. هن مان ڏسبو ته باالآخر الهندو دروازو ئي واحد مٿانهون دروازو آهي (مهين جو دڙو)، جو اتي بيٺل اتاهين ڪوٽ کي ويجهو آهي.

ازان سواءِ ٻه ٻيون خاص اڏاوتون به قلعي جي ديوارن جي وچ ۾ موجود آهن، جن مان هيٺئين اڏاوت کي ”ميري“ سڏيو وڃي ٿو ۽ مٿئين اڏاوت کي ”شير ڳڙهه“ قلعو سڏيو وڃي ٿو. اهي ٻئي رهائشي قلعا آهن ۽ يقيناً واليء رياست جا اڏايل هئا. ”ميري“ قلعو، هن قلعي بنديءَ جي قريب قريب مرڪز ۾ آهي، سو سن واري دروازي کان اٽڪل ٽن ميلن تي ٿيندو ۽ اتان الهندو دروازو وري تقريباً ٻيا ٻه ميل مفاصلو ٿيندو. اهو مفاصلو ماپ ڪيل نه آهي، پر جيڪو وقت مسافريءَ ۾ لڳو، تنهن مان اندازو لڳائي بيان ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سان اندروني ايراضيءَ جو قطر پنج ميل ٿيندو. سموري ايراضيءَ جو تـخمينو جدا جدا لڳايو ويو آهي، جو پندرهن کان ارڙهن ميلن تائين چئبو. انهيءَ ماپ کي به آخري طور تڪميل شده نه سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ان جو دائرو سڌيءَ ليڪ ۾ نه آهي. ديوارون ور وڪڙ کائينديون، ٽڪرين جي مٿان ۽ هيٺان، پيچ در پيچ مڙنديون وڌنديون هلن ٿيون. هيوز جو اندازو پندرهن ميل آهي. محترم جي.ايم. سيد جي خيال ۾ پکيڙ ارڙهن ميل ٿيندي. نقشي ۾ وري دائري جي ماپ تيرهن ميل ڏيکاريل آهي. ماٿريءَ جي هيٺ ۽ مٿي ۽ آسپاس جي سموري پکيڙ اٽڪل سورهن - سترهن ميل ٿيندي. ٻه ڪوٽ، جن جو اڃا هاڻي ذڪر ڪيو ويو، سي به ڪن اهم عملي مقصدن جي لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. اهي به انهيءَ مقرر ڪيل ايراضيءَ جي اٽڪل روءِ مرڪز ۾ اچي وڃن ٿا ۽ هن ايراضيءَ جي هڪ اهم ۽ پيچيده جڳهه والارين ٿا. انهن ٻن قلعن جو آءٌ اُن وقت تفصيل سان ذڪر ڪندس، جڏهن انهن جي اڏاوت جي سوال تي ايندس. سڄي اندروني ماٿريءَ جو نظارو انهن ٻن قلعن مان صاف طرح سان نظر اچي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته فوجي اسبابن ۽ ذريعن جي استعمال وقت، دفاع جي سلسلي ۾ هي ٻئي قلعا، ٻئي ۽ ٽئين دفاعي محاذ ۽ ڪارروائيءَ ۾ چڱيءَ طرح سان ڪم آيا هوندا. انهن ٻن ڪوٽن ۾ اضافي طور ٻيون به قلعي جهڙيون اڏاوتونلڌيون ويون آهن. هڪڙي الهندي دروازي جي نزديڪ آهي ۽ قريب قريب ديوار سان متصل آهي ۽ ٻي اڏاوت اڀرندي دروازي جي نزديڪ آهي ۽ ٽڪريءَ جي مٿانهين هنڌ تي ٻڌل آهي. ٻنهي اڏاوتن تي ڪشادا، مستطيل منارا ٺهيل آهن. پهرين کي ”چن ياري“ سڏيو وڃي ٿو.[5] تاج پور وارن نوابن (18) جا، جيڪي نواب ولي محمد خان لغاريءَ جا پويان آهن، جنهن انهيءَ قلعي جي رٿابنديءَ ۽ تعمير جي نگراني ڪئي هئي، تن جا خانداني دستاويزات ۽ روايات پڻ قلعي جي اڏاوت جي انهيءَ بيان جي تصديق ڪن ٿا. هاڻي فقط قلعي مان گذرندڙ جابلو نئن جي پيٽ ۾، پلين جي هيٺان لوهه جي مضبوط سيخن سان دروازا ئي کوڙڻ باقي هئا، ته نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي قنڌار جي شاهه شجاع الملڪ جي مقابلي ڪرڻ لاءِ منتقل ڪيو ويو، جيڪو سنڌ ۾ ڪاهي آيو هو، ۽ شڪارپور تي قبضو ڪري ويٺو هو. ان کان پوءِ اهي دروازا اطمينان بخش نموني سان نه لڳائجي سگهيا، جنهن ڳالهه قلعي کي حملي لاءِ آسان بڻائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ قلعي جي ٻن صدر دروازن جي برجن تي توبون نصب ڪيون ويون، ان جي باوجود ٽالپر خاندان جي آخري 25 سالن (1259ع - 1234ع) جي دوران هن قلعي جي مضبوط پناهگاھ جي حيثيت سان نئين سر آبادڪاري ٿي نه سگهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. ديوارِ سنڌ رني ڪوٽ (نيرون ڪوٽ) | SindhSalamat, وقت 2017-07-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-05-21 
  2. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  3. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، ليکڪ: گل حسن ڪلمتي
  4. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع.  ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. 5.0 5.1 ليفٽيننٽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد--رني ڪوٽ - دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو؛ رسالو:مهراڻ رني ڪوٽ نمبر 2006 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  6. ايم.ايڇ. پنهور دنيا جو قديم ترين ۽ وسيع ترين قلعو: راڻي ڪوٽ؛ رسالو:مهراڻ رني ڪوٽ نمبر 2006 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  7. "Rani Kot Fort". panhwar.com. حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  8. "تاريخي ماڳ نيرون ڪوٽ ڪٿي آهي؟...................عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  9. "رني ڪوٽ ۾ پٿرن تي چٽسالي .....عزيز ڪنگراڻي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-17.