مواد ڏانھن هلو

ٿر

بيھڪ: 27°N 71°E / 27°N 71°E / 27; 71
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٿر
ڀارتي مھا رڻپٽ

ڀارت جي رياست راجسٿان ۾ ٿر رڻپٽ

ناسا جي سيارچي جي نڪتل تصوير ۾ پاڪ ڀارت سرحد جي ٻنھي پاسن تي واقع ٿر جو رڻپٽ
خطو 200٬000 km2 (77٬000 sq mi)
جاگرافي
ملڪ  ڀارت (85%) and  پاڪستان (15%)
ڀارتي رياستون راجسٿان, پنجاب, گجرات and ھريانه
پاڪستاني صوبا پنجاب and سنڌ
متناسق 27°N 71°E / 27°N 71°E / 27; 71


ٿر جو رڻپٽ، ٿر جو ريگستان، ( اردو: صحرائے تھر) (انگریزی:Thar Desert):ھي ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو رڻپٽ يا بيابان آهي ۽ 2,00,000 لک ھم چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي.اھو انڊيا۽ پاڪستان جي سرحد تي واقع آھي ۽ انھن ملڪن جي وچ ۾ هڪ قدرتي سرحد وانگر آهي. ھي دنيا جو ارڙهون وڏو رڻپٽ آهي.ان جو 85 سيڪڙو حصو انڊيا ۾ ۽ 15 سيڪڙو پاڪستان ۾ آهي .[1]انڊيا م ان جي پکيڙ اٽڪل 1,70,000 ھم چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پاڪستان ۾ 30,000 ھم چورس ڪلوميٽر آهي.انڊيا ۾ !ي بيابان انڊيا جو ٽوٽل ايراضيءَ جو ڏھون حصو آھي ۽ انڊيا جي رياست راجسٿان جو سٺ سيڪڙو حصو ان رڻپٽ ۾ آهي. بيابان جو راجسٿان کان علاوه باقي حصو انڊيا جي پنجاب، گجرات ، ھريانا ۽ پاڪستان جي پنجاب ۽ سنڌ ۾ آھي.[2]

انڊيا ۾ فتح پور شيخاوتي ۾ جوجابا ٻوٽا پوکي سرسبز بنائڻ لاءِ ڪيل ڪوشش.
ڪارو گڊ نر ۽ مادي گڏ
چنڪارو يا ھندستاني ھرڻ جيڪو ٿر جي رڻپٽ ۾ ملندو آھي

نالو ۽ مطلب

[سنواريو]

عام طرح ٿر لفظ جي لغوي معنيٰ وارياسي زمين ٻڌائي ويئي آهي. مزيد وضاحت سان ”اها وارياسي زمين، جنهن ۾ واريءَ جا وڏا دڙا هجن“ ٻڌايو ويو آهي.[3]عام طرح سنڌي زبان ۾ ٿر چيو ويندو آهي ان ملائيءَ جي تهه کي، جو کير ڪاڙهي رکڻ بعد ان جي مٿان نظر ايندو آهي. [3]اها سنسڪرت زبان جو لفظ ”اسجاٿل“. انهيءَ لفظ اسٿل جو اچار ڦري ”ٿل“ ٿي ويل ٿو ڏسجي .عام طرح هندو ماڻهو ائين چوندا آهن ته ”جل ٿل ۾ ايشور وسي ٿو.“ جل جي معنيٰ پاڻي آهي ۽ ٿل ان جو ضد آهي، جنهن مان مراد خشڪي آهي. باقي ٿل مان ڦري ٿر ڪيئن ٿيو، سو ان مان ظاهر آهي، جو ٿر ۾ رهندڙ ٺڪر، چارڻ ۽ ٻيون قومون هميشه ”ل“ کي ”ڙ“ ۾ بدلائينديون آهن، جهڙيءَ طرح ”تلاءُ“ کي ”تڙاءُ“ چوندا آهن. انهيءَ ڪري ئي ”ٿل“ مان ”ٿڙ“ ۽ پوءِ ”ٿر“ ٿي ويو آهي. ساڳيءَ طرح ”جل“ مان ”جڙ“ ۽ پوءِ ”جر“ ٿي ويو آهي.[3]”ٿر“ سنسڪرت لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي درياءُ ڪونهي). انهيءَ ”سٿل“ جو اچار اول ڦري ٿيو ”ٿل“، يعني خشڪ زمين (ضد جل معنيٰ پاڻي) ۽ ”ٿل“ جو اچار ڦري ٿيو ٿر [4] .[5]ٿر کي ريگستان به چون: ريگستان= واري + آستان= جاءِ، يعني واريءَ جي جاءِ. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون گهنيون آهن. ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو ”ٿري“ چوندا آهن. تنهن ڪري ڀٽن يعني ٿرين واري ڀاڱي کي ٿرين جو ملڪ يا ٿري جو ملڪ به چوندا آهن، جنهن مان ”ٿر“ لفظ ٺهيو آهي[4].

ٿر جو سنڌ وارو حصو

[سنواريو]
ٿر رڻپٽ

ٿر جو ڀاڱو ڍٽ، ھڪ رڻ پٽ آھي. ڪڇ جي رڻ جي اترئينءَ سرحد سان دنگئي آھي. ڊيگھ 120 ميل ۽ منڍو 40 کان 50 ميل کن ٿيندس. سندس ڪل پکيڙ 5400 چورس ميل ٿيندي.اولھ کان سنڌ ماٿري اٿس. اتريون دنگ نئون ڪوٽ جي اتر کان اوڀر ڏس تي ھلندو ۽ مٺيءَ سنگالا کان اتريون پاسو ڏيون ور وڪڙ کائيندو، مارواڙ ڏانھن وڃي ٿو. عمرڪوٽ جي علائقي جو ڪجهه حصو بھ منھنجي انتظام ھيٺ آھي. جيڪو ٿر جيان ھڪ رڻ پٽ آھي. ٿر جي اوڀر ۾ مارواڙ آھي ۽ ڪڇ جي رڻ جي سنھي پٽي، کيس گجرات جي ڦولن پور ضلعي کان جدا ڪري ٿي. ڏکڻ ڏس کان، رڻ، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن کي ڪڇ کان جدا ڪري ٿو. سارو ٿر واريءَ جي ڀِيٽن سان ڀريو پيو آھي. پري کان طوفاني موسم ۾ ڇوليون ماريندڙ سمونڊ پيو ڀاسبو. ڀٽن جي ڊگھائي اوڀر کان اولھ ڏسڻ ۾ ايندو ۽ عام طور تي ھن علائقي جي اولھ پاسي واريون ڀٽون، اوڀر طرف وارين ڀِٽن کان اتاھيون نظر اينديون. عام طور رڻ جي وٽ سان، ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان 6 کان 12 فوٽ ھيٺ جر جو پاڻي ملڻ جو امڪان ھوندو آھي. ڪن ٿورين جاين تي پاڻي ٻاڙو ھوندو، پر گھڻن ھنڌن تان پيئڻ جھڙو مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو. پاڻيءَ جي لاءِ عارضي قسم جا ڪچا کوھ کوٽيا ويندا آھن. منجھن تري ۾ چڪ (شھونگ) وھاري پاسن کي چوڌاريءَ ڊگھن ساون چھن سان واڻي، مٿان مٽي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندا آھن. جيتري وقت تائين کوھ استعمال ھيٺ ھوندو آھي، تھ پاڻي، واريءَ مان ڇڻي صاف ٿي ٻاھر کوھ جي تري ۾ گڏ ٿيندو ويندو آھي. ايترو وقت پاڻي پيئڻ لائق رھندو آھي . اندرين علائقن ۾ کوھ جي اونھائي ھڪ جھڙي ۽ ھڪ جيتري نه ھوندي آھي. ان جي نسبت رڻ جي فاصلي سان واسطو رکي ٿي. جيڪڏھن اونھائي ھيٺ گھڻي آھي، ته کوھ پڪين سرن سان ٻڌا ويندا آھن. پٿر ھتي سولائي سان ملي ڪونه سگھندو آھي. پاسن کي ڦوڳن جي چھن سان واڻڻ خطري کان خالي ڪونه ھوندو آھي. رڻ جي ڪناري کان 30 ميل پري کوھن جي اونھائي 60 گز ھوندي آھي. کيتي، ڀٽن کان ھيٺ تراين ۾ ٿيندي آھي. آباديءَ لائق زمين تمام ٿوري آھي. اھا تراين واري زمين ۽ ڀٽون وسڪاري ۾ ساوا ويءَ ۽ ولھار بڻجي ويندا آھن ۽ ڀانت ڀانت جي گاھن جون گلزاريون لڳي وينديون آھن. ٿر جو گاھ، ڀر وارن علائقن جي گاھ کان وڌيڪ طاقتور ھوندو آھي. اتان جا رھواسي مارو لوڪ جن جو گذر سفر پوکيءَ راھيءَ کان وڌيڪ مال تي ھوندو آھي، سي ٿوري وقت لاءِ ھن گاھ تي گذارو ڪري ڏاڍا خوش ٿيندا آھن. کيتيءَ لائق زمين ڪنھن ڪنھن ھنڌ تمام ٿوري آھي. ماڻھن جي ملڪيت ۽ سندن وجود ھميشه غيرمحفوظ ھوندو آھي ۽ حسب حال زندگي گذارڻ لاءِ، کين اڳ ۾ ئي ڪجهه سوچڻو پوندو آھي ڀٽن جي واري تمام سنھڙي ۽ صاف آھي. منجھس ڪجهه واريءَ جا ڀرڻا ڳوڙھا بھ ھوندا آھن. ان ايراضيءَ جي مٿاڇري جي صورت حال اھڙي آھي، جو ائين لڳندو تھ ڄڻ ڌرتي ڌڏڻ يا زمين جي اندروني آندولن ڪري ڀٽون مٿي اڀري آيون آھن. ٿر ۾ گھاڙ بھ ڏاڍي گھلندي آھي. واءُ ۾ واري بھ ھيڏي ھوڏي پئي وڙڪندي وتندي، ۽ ڀٽن کي نيون شڪليون ۽ صورتون پئي ڏيندي، پر ان ھوندي بھ ٿر جي ڀٽن جي ترتيب واسطي واءُ ايتري قدر ذميوار نھ آھي. پارڪر جو علائقو ٿر کان ڏکڻ – اوڀر واري ڏس تي آھي. اتر کان ڏکڻ سندس منڍو 60 ميل ۽ اولھھ کان اوڀر ڊيگھھ 30 ميل آھي. ھر ڳالھھ ۽ ڳڻ ۾ ٿر کان وکرو ۽ نرالو آھي. پارڪر ۾ سخت پاھڻ وارين ٽڪرين جو سلسلو موجود آھي. ٿر ۾ پٽ جھڙي ڪئنري واريءَ جون نرم ڀٽون آھن. پارڪر ۾، ويھن ميلن جي گھيري اندر ڪاٿي ننڍڙيون تھ ڪاٿي ڪجهه اتاھيون ٽڪريون موجود آھن .زمين جي مٿاڇري کان سندن اچائي وڌ ۾ وڌ 350 فوٽ کن ٿيندي. ھنن ٽڪرين جي وچ تي موجود ميداني علائقو، ڪڇ جي اوڀارئين حصي سان ھڪجھڙائي رکي ٿو، جيڪو وچ تي رڻ ڪري ڪڇ کان الڳ ٿي ويو آھي. ٿر يا پارڪر ۾ ڪوبھ درياه يا ھميشه وھندڙ نئن وغيرھ ڪانھ آھي. پارڪر جي سامھون، رڻ جي حدن اندر ويرا واھھ ڳوٺ جي ڀرسان ھڪ وڏي مشھور شھر جا کنڊر موجود آھن، جنھن جو ذڪر اڳتي ڪيو ويندو. جين ڌرم سان واسطو رکندڙ ڪن مندرن جون جايون بھ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پارڪر جي موجوده شھر ڀوڏيسر جي ڀرسان ھڪ ڦٽي جا اھڃاڻ آھن. پارڪر ۾ ڪيترن ئي پڪن تلائن جي اڏاوتن جي موجودگي اسان کي اھو ڏيکاري ٿي، تھ پارڪر موجوده ٻن ٽن صدين کان اڳ گھڻو ترقي يافتھ ۽ وڌيڪ مھذب ھو.[6]

تاريخ

[سنواريو]

ٿر بابت جيتريقدر تاريخي حقيقتون ملي سگهن ٿيون، ان مان پتو پوي ٿو ته امرڪوٽ ۽ پارڪر تمام جهونا وسايل ڀاڱا آهن. پارڪر واري ڀاڱي ۾ هندن جا جيڪي تيرٿ آستان آهن، تن جو هندو ڌرمي ڪتابن (پراڻن) ۾ به ذڪر آهي. اهي آستان جينين جا ٺهرايل آهن. پاري ننگر جو اتهاس تمام جهونو آهي ۽ امرڪوٽ بابت به ڪيترن ئي اتهاسن ۾ آڳاٽو احوال ملي ٿو. باقي ٿر جي وچ وارو ٽڪر به پراڻن کنڊهرن، کوهن ۽ ٻين نشانن مان سمجهجي ٿو ته وسندڙ ۽ آباد هو.[4]. ٿر ۾ پهريائين پرمار راجپوتن جي حڪومت هئي، ان بعد سومرا راجپوت قابض ٿيا. 1125ع ۾ سوڍا راجپوت ٿر ۾ آيا، جن اول امرڪوٽ هٿ ڪيو ۽ پوءِ اُن جو آسپاس وارو ملڪ هٿ ڪري پارڪر ڏي وڌيا. ان کان اڳ وچيون ٿر ڪڏهن آباد ته ڪڏهن ويران پئي رهيو ۽ منجهس ڦورو ۽ چور اچي پناهه وٺندا هئا. راجپوتن جي اچڻ بعد ڀيل به هت آيا، جي انهن جا ملٽري يا جنگي سپاهي هئا، جن هتي اچي ٻنيون ڪيون ۽ پنهنجا تڙ يعني کوهه کوٽي ڳوٺ ٻڌي ويٺا ۽ پوءِ کوسا به اچي رهيا. هندن مان راجپوت، ڀيل، ڪولهي مينگهواڙ، برهمڻ مهيسوري سونارا، نائي، چارڻ، سوٽهڙ، جاٽ، مالهي ۽ بجير سڀ مارواڙ کان آيل آهن. لهاڻا ۽ سارسوت برهمڻ، ٽالپورن جي ڏينهن ۾ سنڌ کان ملازمت ۽ واپار جي سانگي اچي رهيا.[4]. مسلمان قومون، کوسن کان سواءِ گهڻو ڪري ڪلهوڙن ۽ ميرن جي حڪومت يا ڪجهه وقت اڳ آيل آهن ۽ ڪي ذاتيون تازو هندن مان مسلمان ٿيل آهن، جهڙوڪ: سنگراسي، ڏوهٽ، ڀٽي، ڪيلهڻ، چوهاڻ، نٻا، نرا، بجير وغيره، جي اصل راجپوت هئا. ذاتين تي اڃا اُهو هندڪو نالو رکيل آهي.[4]. جيڪي ماڻهو ايندا ويا، تن مان گهڻا مارواڙ کان آيل آهن، جو اُتي سخت ڏڪار پوندا هئا، جنهنڪري گذران جي ارادي سان به آيا ۽ ڪي ٻين سببن جي ڪري به آيا هوندا. جيڪي آيا سي سکيا ٿيڻ ڪري پنهنجا ڳوٺ ٻڌي رهاڪو ٿيندا ويا. ٿر جا موجوده شهر، جهڙوڪ: مٺي، ڏيپلو، ڇاپرو، چيلهار، اسلام ڪوٽ، ڪانٽيو ۽ گڍڙو وغيره تازا وسايل آهن، جن جو بنياد ٽن چئن سون سالن جي اندر آهي.[4]. امرڪوٽ، پاري ننگر، ننگرپارڪر، ڀوڏيسر، ويراواهه، ڪيرٽي ۽ هنجتل وغيره (۽ ٻيا ڪي شهر هوندا جن جو اتهاس نٿو ملي) جهونا وسايل آهن.[4].سن 974ع ۾ سنڌ ۾ ڌرڻي براهه جو وڏو پٽ مهيپال عرف ديوراج آيو، جو راجا ٿيو. ٻئي پٽ باهڙ کي ڪجهه ڪونه مليو، تنهن ڪري هو وڃي راڌڻپور ۾ رهيو. هن کي ٽي پٽ سوڍو، سانکلو ۽ باگهه هئا.”سوڍن جي صاحبي“ صفحي 7 ۾ لکيل آهي ته سوڍو ۽ سانکلو شو ڪوٽڙي جي راجا چارراءِ جا پٽ هئا..[4] سوڍو، سن 1125ع برابر 1181 سنبت ۾، سنڌ جي سومري حاڪم وٽ لنگهي آيو (همير سنگ کان پوءِ سومرن جا ڪيترا ۽ ڪهڙا حاڪم ٿيا سو ڪنهن به اتهاس ۾ ڄاڻايل ڪونه آهي)، جنهن مهرباني طور کيس رتوڪوٽ ڏنو. رتوڪوٽ کپري تعلقي ۾، کپري شهر کان 6 ڪوهه کن پري واقع آهي. اهو ڪوٽ هاڻي ڊٺو پيو آهي، پر اُن جا کنڊر اڃا تائين ناري جي ڪپ تي ڏسڻ ۾ پيا اچن، پر رتوڪوٽ نالو اڃا قائم آهي. عام روايت موجب اهو ڪوٽ ”رتي“ نالي مغل ٻڌايو هو. مغل گهڻو پوءِ سنڌ ۾ آيا، انهيءَ ڪري اهو ڪوٽ به پوءِ جو آهي، مگر هن ڏندڪٿا موجب ائين ڄاڻايل آهي.[4] . ڪي چون ٿا ته سوڍو پاڻ سان راجپوتن جو وڏو ڪٽڪ وٺي آيو هو ۽ رتوڪوٽ سومري حاڪم کان پنهنجيءَ طاقت جي زور سان ورتائين.[4]. سوڍي جو پٽ ”چاچڪ ديو“ ۽ پوٽو ”راج ديو“ هتي رهيا ۽ هتي اچڻ کانپوءِ هو ”راڻا“ سڏجڻ لڳا. کپري تعلقي ۾ اڄ تائين ڳوٺ ”راڻاهو“ آهي، جتي ڪيترا سوڍا گهر ڪري وڃي ويٺا، جنهنڪري ڳوٺ تي اهو نالو پيو. کپري تعلقي ۾ ۽ پٿوري طرف ڪي پٽ وسايا هئا ۽ اُها سموري ايراضي رتيڪوٽ وارن راڻن جي هئي، جي اڄ تائين پنهنجي وڏي ڏاڏي پرمار جي پٺيان پاڻ کي ”پرمار سوڍا راجپوت“ سڏائيندا آهن.[4]سوڍن امرڪوٽ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حد اڳتي مٺيءَ تائين وڌائي ۽ راٺوڙن کي ڌڪي کائڙ به هٿ ڪيو، ۽ گادي نشين راڻي جي پاران اتي صوبا موڪليندا هئا. انهيءَ پاسي جيڪي راجپوت صوبا ٿي ويا، تن اُتي ڇڇر ۾ هڪ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن کي اول ڇڇر پوءِ ڇڇرو چوندا هئا، جو لفظ نيٺ ڇاڇرو ٿيو. آسپاس جي حد کي ”ڇاڇراٽي“ چوندا آهن. اڄ تائين به انهيءَ نالي سان ٿري سڏيندا آهن. ڇاڇري کان 24 ميل اولهه طرف چيلهار جو ڳوٺ آهي، جو چيلي نالي چارڻ اتي هڪ کوهه لڌو هو، پوءِ ماڻهو اچي ويٺا ۽ ڳوٺ تي نالو پيو چيلار ۽ هاڻي چيلهار سڏيندا آهن.[4].”سوڍن جي صاحبي“ صفحي 15 ۾ چيلو راجپوت لکيل آهي. جو غلط آهي. چيلو چارڻ هو.[4]. اهو ڳوٺ جنهن وقت ٻڌو ويو، تنهن وقت امرڪوٽ ۾ ڪلجي نالي سوڍو مشهور هو، جنهن کي ڪلو سوڍو به چوندا هئا. اهڙيءَ طرح سوڍا راجپوت، امرڪوٽ ۽ ٿر وسائي ويٺا، سامروٽي ۽ رحمڪي بازار ڏي ۽ سومرن جي تخت گاهه ڳهه ڪوٽ ڏي ڪونه ويا. مٺي تعلقي جو ڳچ ڀاڱو ۽ ننگر پارڪر جو ٿورو ڀاڱوجو ڪڇ جي رڻ جي ”وَٽ“ (ڪناري) سان آهي. ڪپري ۽ عمر ڪوٽ تعلقن جو اتر وارو ڀاڱو، جو گڍڙي وٽان لنگهي جوڌپور رياست سان گڏجي ٿو تنهن کي کائڙ سڏيندا هئا. ٿر جو باقي رهيل ڀاڱو، جو اُنهن ٻنهي ڀاڱن جي وچ ۾ آهي،ت نهن کي اصل ”ڍٽ“ يا ”ڍاٽ“ سڏيندا هئا. اُهو سمورو پاسو عمرڪوٽ جي راڻن جي هٿ ۾ هو ۽ عمرڪوٽ سندن گاديءَ جو هنڌ هو.[4].

رھڻي ڪھڻي

[سنواريو]
ٿر ۾ جيون

1855 ۾ ٿر جا ماڻھو گھڻو وقت ٻاھر سيءَ ۽ گرميءَ ۾ گذاريندا آھن. گھرن نہ ھجڻ ڪري، عمر جو گھڻو وقت بيمار رھندا آھن ۽ وقت کان گھڻو اڳي ڪراڙا ٿي ويندا آھن. ڏيپلي ۾ 122، مٺيءَ ۾ 266 ۽ اسلام ڪوٽ ۾ 50 گھر پڪا آھن. باقي ٿر جا سڀئي گھر ڪچا، ننڍڙا ۽ سوڙھا آھن. ٿورا پڃر رکي، جھنگ – جھاتر ڏئي مٿان لوھيڙن جا سر ۽ ڪانا سٿيندا آھن. اھڙي قسم جا گھر ٻن ٽن ڏينھن ۾ جڙي راس ٿين. گھرن ٺاھڻ ۾ ڪتب ايندڙ ھر شيءِ ڀرسان ڍيرن مھن ملي سگھندي آھي. پارڪر جي پاسي خاص طور ويرا واه ۽ ننگر ۾ سٺن گھرن ٺاھڻ جي لاءِ ھر چيز ججھي ملي وڃي ٿي. اتان جا رھاڪو پنھنجي رھڻ لاءِ سٺا گھر جوڙي وٺندا آھن، ڇاڪاڻ تہ اتي پڪيون سرون، پٿر، گارو ۽ ڪاشيءَ جون سرون جھجي انداز ۾ ملي وينديون آھن انھن ماڳن تي اڳ ۾ ئي پڪا ۽ ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل 50 کن گھر موجود آھن.[6]

مور وڻ تي ويٺل

سنڌ ۾ ٿر جون مشھور ڀٽون

[سنواريو]

ٿر ۾ گهڻيون ئي ڀٽون آهن جن مان مکيه هي آهن: ڪانڪر ڀٽ، هيءَ سڄي ٿر ۾ مٿانهين ڀٽ ڏيڍ ميل ڊگهي هيلاريو لنجا ۽ پوسرڪي ساندن جي وچ ۾ آهي. لوڻڪي ڀٽ، اوچائي 588 فوٽ [7] دادئي جي تڙ جي اوتر ۾. سانڏور ڀٽ، اوچائي 408 فوٽ. ارنيارو ڀت، اوچائي 484 فوٽ، روجهڙ ڀت، اوچائي 518 فوٽ، ڌاريندڙ ڀٽ اوچائي 529 فوٽ، عالم سر ڀٽ، اوچائي 492 فوٽ. ڪاري ڀٽ، ڳوٺ ٻسارڻيا کان اڍائي ميل پري، اوچائي 595 فوٽ. جهونڊ ڀٽ، جهونڊ ڳوٺ وٽ. اوچائي 373 فوٽ، ويراڙو ڀٽ، اوچائي 459 فوٽ، گنگا سرو ڀٽ، اوچائي 428 فوٽ. ويسروڙي ڀٽ، ساهوءَ جي تڙ جي اوڀر ۾. ڌنوڙي ڀٽ، اوچائي 512 فوٽ، تڳوسر جي اتر ۾. ڍوڪاڻي ڀٽ، چارنور جي اوڀر طرف. جهرڪلي ڀٽ، جيئندي جي تڙ جي اوڀر طرف. چانگي جو ٽونڪ چيلهار جي اولهه طرف. ٻانهياري ڀٽ، تڙ حمير وٽ. ڪرڪر ڀٽ جيسي جي پار جي اتر طرف. شهمير ڀٽ، شهمير جي تڙ جي اتر طرف. سونياٻهه ڀٽ، جيسي جي پار جي اتر طرف. هاڏاري ڀٽ، ٺاري جي تڙ جي اڀرندي طرف، ڪسل ڪوٽ ڀٽ، هن نالي سان ٻه ڀٽون آهن، هڪ چارنور جي الهندي طرف ۽ ٻي ڪانٽئي وٽ. ميگهي جي تڙ جي اولهه واري ڀٽ، هن تان تڙ حمير واري ڀٽ 36 ميلن تان ڏسجي ٿي. سامي ڀٽ، ميگهي جي تڙ جي اوڀر طرف. سائيني جي ڀٽ، ڇاڇري جي اولهه پاسي. هتان ڇوهٽڻ جو جبل 60 ميلن تان ڏسجي ٿو. ڪيل ڀٽ مٺي جي اتر طرف، جتان ڍوري ناري واري هوائي جهازن کي لائيٽ ڏيڻ جي روشنائي 74 ميلن تان ڏسجي ٿي. جهرڪلي ڀٽ، سال 1856 ۾ ڌرتي ڌٻڻ وقت ٻه اڌ ٿي پيئي هئي. ڪوهر اڙي ڀٽ، چيلهار جي ڏکڻ طرف، جتان ننگر پارڪر جي ڪارونجهر ٽڪري 72 ميلن تان ڏسجي ٿي. اسابو ٽُنڪ پاٻو ويري جي اڀرندي طرف، جتان ڇوهٽڻ جو جبل 60 ملين تان ڏسجي ٿو. مهڪي ڀٽ اُٺ ٿنڀي، نيتاري، گڏهه پٺو، ڳينڻ، گوگٽياري، ٽورياري ٽورو ٽونڪ ۽ مانگر ڀٽ وغيره. ازان سواءِ ٻيون به انيڪ ڀٽون آهن[4].

ٿر جي رڻپٽ ۾ جھوپڙيون.

ٿر ۾ زمين جا قسم

[سنواريو]

ٿر جي زمين جا طبعي حالتن جي ڪري مختلف نمونا آهن. انهن مان هرهڪ جو ڪونه ڪو نالو رکيل آهي، جن بابت مختصر احوال هيٺ ڌجي ٿو[8].:

  • ڏهر: ٿر ۾ ڪٿي ڪٿي ڀٽون هڪٻئي کي ويجهيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي وري ڳچ مفاصلو آهي ۽ وچ واري زمين جدا جدا نمونن جي هوندي آهي، تنهنڪري هرهڪ نموني لاءِ جدا جدا نالا ٺهرايل آهن. ڀٽن جي وچ ۾ ڏاڍيري زمين وارو وڏو ڪشادو ميدان، جو پوک لائق يا ڳوٺ ٻڌڻ لائق ۽ مال جو چراگاهه هجي، تنهن کي ’ڏهر‘ چئبو آهي.
  • ڏهري: ڀٽن جي وچ ۾ ٿورو زمين ٽڪر، جو ڪجهه سخت زمين وارو هجي تنهن کي ’ڏهري‘ چئبو آهي.
  • تَلي: ڀٽن جي وچ ۾ اونهو ۽ هيٺانهون سخت زمين وارو ڀاڱو، جتي برسات جو پاڻي سڀني پاسن کان لهي اچي ڪٺو ٿئي. انهي تري واري يا هيٺاهين زمين کي ’تلي‘ چئبو آهي. ڪن تلين ۾ پوک ڪندا آهن، ڪن ۾ مال لاءِ چراگاهه هوندو آهي. اتي سخت زمين ۾ گاهه خاص ڪري چيهو جام ٿيندو آهي.
  • مڙهو: جيڪڏهن ٻن ڀٽن جي وچ ۾ گهڻو مفاصلو نه هوندو آهي ۽ زمين به ڪجهه وارياسي هوندي آهي ته اهڙي ٿوري وارياسي سوڙهي زمين واري ٽڪر کي ’مڙهو‘ چوندا آهن.
  • مندَرَ: جيڪڏهن ٻه ڀٽون ڪنهن ڪنڊ تي پاڻ ۾ گڏيل هونديون ته انهي گڏيل هنڌ جي ويجهو هيٺاهينءَ زمين جي پاڻي کي ’مندر‘ چئبو آهي.
  • ڊاڳو: مڙهن ۾ اڪثر زمين ڪنئري ٿئي ٿي، پر ته به پنڌ ڪرڻ ۾ ڪا تڪيلف نٿي ٿئي. مگر ڪن ڪن هنڌن تي واري اهڙي ته نرم ٿئي ٿي جو هلڻ وقت ماڻهوءَ يا وهٽ جو پير ڪجهه اندر هليو ويندو آهي ۽ وک کڻڻ مشڪل ٿيو پوي، اهڙي نرم زمين کي گيسر، گُس، يا ڪيئُو چئبو آهي ۽ زمين جي اُنهي ٽڪري کي ’ڊاڳو‘ چئبو آهي.
  • جهول: ڪٿي ڪٿي ڏهرن جي سنئين زمين ۾ گهاٽا وڻ ۽ ٻوٽا هوندا آهن، اهڙي زمين ٽڪر کي ’جهول‘ چئبو آهي.
  • اَجهور: ڳوٺ جي چوڌاري ويجهڙائيءَ وار پسگردائيءَ جي زمين کي ’اجهور‘ چئبو آهي.
  • ويئرَ: ننڍي مڙهي کي ’ويئر‘ چئبو آهي.
  • گسَ: وارياسي زمين، جتان ماڻهو يا وهٽ جي لنگهڻ ڪري پير زمين اندر هليو وڃي، اهڙي ڪنئري زمين کي ’ريڪر‘ يا ’ڪيئو‘ به چوندا آهن.
  • ريلَ: ڳوٺن جي ڀرسان زمين جو سنئون ٽڪر، جتي ٻار رانديون ڪندا آهن.
  • گوچَر: ڳوٺ جي ويجهرائيءَ ۾ اهڙو زمين جو ٽڪر، جو فقط مال جي چراگاهه لاءِ ڇڏيل هجي ۽ جنهن ۾ پوک ڪرڻ تي خانگي طرح ڳوٺ جي ماڻهن جي ٻڌي سبب يا سرڪاري طرح بندش پيل هجي، اهڙي ٽڪر کي ’گوچر‘ يا ’گئوچر‘ چئبو آهي.[8].

سنڌ ۾ ٿر جا مشھور ڏھر

[سنواريو]

ڳچ مفاصلي ۾ سنئين سڌي زمين هجي، تنهن کي ڏهر چئجي، جتي آبادي ٿيندي آهي. ٿر ۾ هيٺيان وڏا ڏهر آهن:
1- ڏاڪي ڏهر، هن نالي سان ٽي ڏهر آهن: پهريون ڪيتار جي ڏکڻ- اولهه ۾ مٺا تڙ جي اتر طرف، ٻيو سلهه جي اولهه طرف ۽ اَڪلي جي اوڀر تائين ٽيون چار نور جي اولهه پاسي.
2- ڇڇي جو ڏهر، تاجي جي تڙ جي الهندي طرف، قابل شاهه جي اڀرندي طرف، ڪرنهور ڏيٿا ۽ سنگراسين جي وچ ۾.
3- وڇيري جو ڏهر، مصري شاهه جي اولهه طرف. جانب علي شاهه کان اڀرندي ۽ ڀڳيسل کان ڏکڻ طرف.
4- هيڪل ڪوري، ڌاريندڙي کان اولهه، ميگهي جي تڙ کان اوڀر ۽ رڙلي جي ڏکڻ اوڀر. 5- ميڻڇو ڏهر، ڌانڌو جي تڙ جي اولهه، وڪڙئي جي ڏکڻ ۽ جهرڪلي ڀٽ کان اوڀر طرف. 6 ڍوڪاري ڏهر. چارنور جي ڏکڻ ۽ ٻڍي جي تڙ جي اتر طرف.
7- لاٺي جو ڏهر، چارنور جي اتر اوڀر.
8- بي جو ڏهر، گوراڙي جي اولهه ۽ مصري شاهه جي اتر طرف.
9 ڏسارڻو ڏهر، رٻاسر جي ڏکڻ ۽ کُڏي جي اتر طرف،
10- پوسڪي جو ڏهر، پوسرڪي ۽ روهيڙي جي وچ ۾.
11- وي جو ڏهر، ڪانڪهئي جي اولهه، راڄوڙي جي اوڀر ۽ ڪرنهور کان اتر طرف.
12- ڀڪوئي جو ڏهر، ڀڪوئي ۽ عالم سر جي وچ ۾.
13- ٽانپي جو ڏهر، مٺا تڙ جي اولهه ۽ سوڀي جي تڙ جي اوڀر طرف. 14- ڇهو ڏهر، ڇاڇري جي اوڀر طرف، پريمي جي ويري وٽ.
15- گهوگهارو ڏهر، هريار جي اتر طرف. تالسر جو ڏهر. سينهار جو ڏهر، سجائي جو ڏهر، چوڻهار جو ڏهر ۽ ٻيا گهڻائي ڏهر آهن.[4].


دراوڙ فورٽ بھاولپور واري ٿر ۾

ٿر ۾ واقع تلاء

[سنواريو]

ٿر ۾ واريءَ جي ڀٽن هئڻ ڪري ندي، واهه يا ڍنڍ ڪانهي. ماڻهو پيئڻ لاءِ کوهن جو پاڻي ڪم آڻين. کوهه بلڪل اونها ٿا ٿين، جنهن جي ڪري پاڻيءَ جي سخت تڪليف آهي. ڪٿي ڪٿي ته چئن پنجن ميلن تان به ماڻهو پيئڻ جو پاڻي آڻيندا آهن. مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ برسات پوڻ وقت تلائن ۾ پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي، پر تلاءُ به بلڪل ٿورا آهن، جن ۾ پاڻي به ٿورو وقت رهندو آهي، برسات تي به پروسو ڪونهي. ڪٿي ڪٿي ته ننڍا ٽوڀا آهن، جن ۾ پنج- ست ڏينهن مس پاڻي رهندو آهي. مکيه تلاءَ هي آهن :
ڇڇي تلاءُ: قابل شاهه ڳوٺ جي اوڀر طرف، ڇڇي جي ڏهر ۾ آهي. هن ۾ اٽڪل اڍائي مهينا کن برساتي پاڻي رهندو آهي.
آڻند جي ترائي: گڍڙي کان ٻه ميل ڏکڻ طرف، ننگرپار ڪر ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هن ترائيءَ ۾ ٽي- چار مهينا پاڻي رهندو آهي.
گڍڙي جوتلاءُ: گڍڙي شهر جي ڏکڻ طرف آهي. هن ۾ ڇهه مهينا کن پاڻي رهندو آهي.
راڻاسر تلاءُ: چيلهار ڳوٺ جي اتر طرف ڏيڍ ميل پنڌ تي عمر ڪوٽ ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هن ۾ پنج – ڇهه مهينا پاڻي رهندو آهي. چيلهار ۾ ٻي آ ڇڇي نالي ترائي ۾ ٽي – چار مهينا پاڻي رهندو آهي.
ڪاٺو تلاءُ: چارنور جي اوڀر طرف ميل پنڌ تي آهي، ڌوڪاري جي ڏهر ۾ چار مهينا پاڻي رهي ٿو.
کينئسر جو تلاءُ: کينئسر ڳوٺ ۾ اوڀر طرف آهي. هتي چار مهينا پاڻي رهي ٿو.
مٺيءَ جو تلاءُ: مٺي شهر جي ڏکڻ طرف، هن ۾ اٽڪل ٽي مهينا پاڻي رهي ٿو.
ڀوڏيسر جو تلاءُ: ڀوڏيسر ڳوٺ وٽ، هن ۾ ست اٺ مهينا بعضي ٻارهن مهينا به پاڻي رهي ٿو. سانگاهه ۽ لورائي: پارڪر ۾ وڏا تلاءَ آهن جن جوبيان اچي چڪو آهي. ازان سواءِ ٻيا به ڪيترا ننڍا ننڍا تلاءَ آهن جن ۾ ٿورو گهڻو پاڻي رهي ٿو[4].

ھڪ خانا بدوش مارواڙي ڇوڪري ماني پچائيندي

ٿر جا ڀاڱا

[سنواريو]

ملڪ جي بيهڪ، طبعي بناوت، زمين جي خاصيت، ڀلائي، ڍلائي ۽ ٻين سببن جي ڪري ٿر جا جدا جدا ڀاڳا آهن، جيڪي ھيٺين طرح آھن.[4]:
1- کائڙ: ڇاڇري شهر کان وٺي اوڀرطرف ٿورو ۽ اتر طرف گڍڙي تائين، هن ڀاڱي کي کائڙ چوندا آهن. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون ننڍيون آهن ۽ وڏا ۽ ڊگها وڻ گهٽ آهن. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو.
2- ڪنٺو: هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻون ڀاڱو ۽ ننگرپارڪر تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي جي زمين ڀلي ۽ آباديءَ لائق آهي، جنهن ڪري کيتي سٺي ٿيندي آهي.
3- پارڪر: هن ۾ ننگر پارڪر تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. زمين سنئين ۽ ڪڪرالي آهي. هتي واريءَ جون ڀٽون ڪونه آهن، رائو گهڻو آهي. ڪارونجهر ٽڪري هن ئي ڀاڱي ۾ آهي.
4- سامروٽي: هن ۾ مٺي تعلقي جو ڏکڻ- اولهه ۽ ڏيپلي تعلقي جو اتروارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي جي زمين ڀلي آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ ۽ بصر به ٿئي.
5- ونگو: هن ۾ ڏيپلي ۽ تعلقي جو ڏکڻ – اولهندو ڀاڱو اچي وڃي ٿو.
6-وٽ: هن ۾ ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن جا ڏکڻ وارا ڀاڱا اچن ٿا. هي زمين جو ٽڪرو ڪڇ جي رڻ سان دنگئي ۽ ويجهو آهي، جنهن جي ڪري هتي پاڻي تانگهو آهي.
7- مھراڻو:اڱوڻيءَ مهراڻ نديءَ جي وهڪري جي ڀر وارو ڀاڱو آهي. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو اولهه ۽ عمر ڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ – اوڀر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا.
8-ڍاٽ: هي سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو ٿورو ٽڪر، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتريون ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن ڪري سڄي ملڪ کي ڍاٽ به سڏيندا آهن ۽ رهاڪن کي ڍاٽي چئبو آهي.
9-اڇڙو ٿر: هن عمر ڪوٽ تعلقي جو اتريون ڪنارو ۽ کپري تعلقي جو اتر- اڀر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو ۽ اڳتي خيرپور رياست ۽ جيسلمير تائين دنگ اٿس. هن کي بوئٺ ۽ ڊيئا به چوندا آهن. هتي آبادي گهٽ ۽ ماڻهن جي بستي ڇڊي آهي[4].

ٿر جي ٻولي

[سنواريو]

ٿر کي ”ڍاٽ“ چوندا آهن، تنهنڪري ٻوليءَ کي ”ڍاٽڪي“ چون. سڀيئي ٿري ماڻهو ڪو ڍاٽڪي ٻولي ڪونه ڳالهائيندا آهن. مسلمان ۽ لهاڻا سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن ته به ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندا آهن. ٿر جي سنڌي ٻولي به نج ڪانهي. ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ بنهه ٿر جي جدا جدا ڀاڱن جي رهاڪن جي وچ ۾ لفظن جو ڪجهه نه ڪجهه تفاوت ضرور آهي. چوندا آهن ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“. پارڪر گجرات کي ويجهو آهي، تنهنڪري پارڪر جي ٻوليءَ تي گجراتي ٻولي جو اثر وڌيڪ آهي. ڍاٽ جا گهڻا رهاڪو اصل مارواڙ کان آيل آهن، تنهنڪري اتي مارواڙي ٻوليءَ جو اثرآهي. مهراڻو ناري کي ويجهو آهي، تنهنڪري اتي سنڌي ٻوليءَ جو اثر وڌيڪ آهي.[8]. ڍاٽڪي در حقيقت ڪا خاص زبان ڪانهي، پر مارواڙي، گجراتي، ڪڇي ۽ سنڌي ٻولين جي گاڏڙ صورت جي ٺهيل آهي. ملڪ جي جدا جدا ٽڪرن جي ٻوليءَ ۾ اتي ڦير ڦار آهي، پنهنجي جدا جدا ذاتين جيئن ٻانڀڻن، واڻين، ٺڪرن، مينگهواڙن، سوٽهڙن، ڀيلن، چارڻن ۽ جاٽن جي ٻوليءَ ۾ به تفاوت آهي.[8].

ٿر ۾ ڳوٺن جا نالا

[سنواريو]

جيئن سنڌ ۾ ڳوٺن جي نالي پٺيان يا اڳيان، آباد، ٽنڊو، ڪوٽ، پور يا ٻيا اهڙا لفظ ڳنڍيل هوندا آهن، تيئن ٿر جي به ڪن ڳوٺن جا نالا اهڙيءَ طرح ڪن لفظن جي ملائڻ سان ٺهيل آهن، جيئن ته: ڪي نالا ”هار“ پڇاڙيءَ تي ٺهيل آهن، مثلاً، چيلهار، سينهار، ڪاريهار، مالهار، ڏيڏهار، ويڙهار، کانکڻهار، ڪلڻهار، روڏهار، قمڙهار، اڙٻلهار، لونڊهار، ڦلڙهار، امرهار، وغيره، ڪي نالا ”يار“ پڇاڙيءَ تي ٺهيل آهن، مثلاً صوڀيار، مالهيار، موڪڙيار، واوڙيار، گوڙهيار، سارنگهيار، نيڻيار، چاڙهيار، ويجهيار، گوڌيار، ڏيپيار ۽ راڙهيار، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ”ري“ اکر هوندو آهي. جيئن ته، ٻلهياري، جاڳهاري، وينجهڻياري، سينگاري، پتنگياري، ميهاري، کيتلاري، ڪيتياري، گهرٽياري، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ”ٻَهه“ لفظ ڏنل هوندو آهي، جيئن ته، ڳجڻاٻَھ، همڙاٻَھ، ويريا ٻَھ، سونل ٻھ، گُرڙاٻھ ۽ ڦلڙاٻھ وغيره.[8]. ڪن نالن جي پٺيان ”لس“ لفظ هوندو آهي، مثلاً، گنگالس، ٻنڌڻالس، چوڻالس ۽ واريالس، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ”سر“ لفظ هوندو آهي، جيئن ته رامسر، راوتسر، کينئسر، عالمسر، ڪڙڪاسر، لڪڙاسر، تڳوسر، سومراسر، راڻا سر، ڀوڏيسر، گوگاسر، ڪپوسر ۽ ڀيماسر، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ”لو“ اکر هوندو آهي، جيئن ته ڀوريلو، ڄاريلو، رنگيلو، شولو، ٻاورلو، لپلو، ڍاڪلو ۽ ٻانڀڻلو، وغيره.[8]. ڪي ڳوٺ تڙن، پارن ۽ ويرين جي نالن تي سڏبا آهن ۽ انهن سان گڏ تڙ، پار يا ويِري کڻائيندڙ جو نالو به ڳنڍيل هوندو آهي ۽ اهي ڳوٺ انهن جي نالي سڏبا آهن. ڪي گهڻا گڏجي کڻائيندا آهن ته پوءِ پنهنجيءَ ذات جو نالو ڳوٺ تي رکندا آهن، جيئن ته جهنجهئن جو تڙ، جهنجهي ذات جي مسلمانن جو کڻايل، دلن جو تڙ، دل ذات جي مسلمانن جو کڻايل. ڪي ماڻهو اڪيلا کڻائيندا آهن ته اهو ڳوٺ سندن نالي سڏبو آهي، جيئن ته تڙ احمد، احمد نالي مسلمان جو کڻايل، ميگهي جو تڙ، ميگهي نالي ورن ٺڪر جو کڻايل. اهڙيءَ طرح آدم جو تڙ، متاري جو تڙ، جيئندي جو تڙ، طالب جو تڙ، صالح جو تڙ، ڏاتر ڏني جو تڙ، پيلوءَ جو تڙ، وغيره. ڪن ماڻهن جي نالي پٺيان سندن ذات به گڏيل هوندي آهي جيئن ته بنگل رند، سمو رند، ٻانڀڻو ڀيل، وغيره. اهي به ڳوٺن جا نالا آهن.[8]. پنجن – ستن ويرين جي مجموعي کي چون پار. ڪي ڳوٺ انهيءَ نالي سان سڏبا آهن، جيئن ته جيسي جو پار، جيسي نالي راهمي مسلمان جو کڻايل، قبولئي جو پار، قبول نالي مسلمان جو کڻايل. اهڙيءَ طرح کيمي جو پار، اڳي جو پار، پيراڻو پار، وغيره. ڪن نالن جي پٺيان ويري لفظ هوندو آهي، جيئن ته ڪاري ويري، واگهي جي ويري، ڪولهي ويري، گوگا ويري، ڪونڀي جي ويري، ليتا ويري، رامجي جي ويري، ڀڳتن جي ويري، وغيره.[8]. ڪن کوهن جو پاڻي مٺو هوندو آهي ته ڳوٺن جي نالن ۾ مٺڙيو اکر گڏيل هوندو آهي، ۽ اهو کوهه ڪو ماڻهو يا ذات وارا کڻائيندا آهن ته ان جي نالي سڏبو آهي، جيئن ته مٺڙيو ڀٽي، ڀٽي ذات جي راجپوتن جو ڳوٺ، مٺريو چارڻ، چارڻن جو ڳوٺ، مٺڙيو ڪيلهڻ، ڪيلهڻ ذات جي راجپوتن جو ڳوٺ، مٺڙيو سوٽهڙ، سوٽهڙن جو ڳوٺ، مٺڙيو هاليپوٽا، هاليپوٽا مسلمانن جو ڳوٺ، مٺريو جوڻيجا، جوڻيجا ذات جي مسلمانن جو ڳوٺ، وغيره.[8].

حوالا

[سنواريو]
  1. Sinha, R. K., Bhatia, S., & Vishnoi, R. (1996). Desertification control and rangeland management in the Thar desert of India. RALA Report No. 200: 115–123.
  2. Sharma, K. K. and S. P. Mehra (2009). The Thar of Rajasthan (India): Ecology and Conservation of a Desert Ecosystem. Chapter 1 in: Sivaperuman, C., Baqri, Q. H., Ramaswamy, G., & Naseema, M. (eds.) Faunal ecology and conservation of the Great Indian Desert. Springer, Berlin Heidelberg.
  3. 3.0 3.1 3.2 ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 4.12 4.13 4.14 4.15 4.16 4.17 4.18 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.
  6. 6.0 6.1 ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال;مصنف:ايس اين رئڪس ;مترجم:ڊاڪٽر نواز علي شوق؛ايڊيشن: ٻيون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو
  7. گريٽ ٽريگنا ميٽريڪل سروي آف انڊيا. سال 1863ع، صفحه 163- 166.
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 8.4 8.5 8.6 8.7 8.8 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو