مدد:فهرست سکيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(مدد:فهرست کان چوريل)

فائل:Community temp.JPG

جيڪي به هتي ميمبر آهن انهن جي هڪڙي ئي خواهش آهي ته سنڌي پيڊيا ترقي ڪري ۽ ان ۾ دوست دلچسپي وٺن. هتان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو درست اکرن يا فانٽس جي استعمال جو آهي. ٻي ڳاله ته هڪ ايڊمن هجڻ سبب ان جي غير موجودگيءَ ۾ غير مناسب لفظن جو استعمال ٿيندو رهي ٿو. ان ڪري مان اوهان اڳيان اها ڳاله رکان ٿو ته مهرباني ڪري هن پروجيڪٽ کي وڌائڻ ۽ سنوارڻ ۾ اوهان به سرگرم ڪردار ادا ڪيو.

ان لاءِ صرف هيٺين ٻن ڳالهين تي عمل ڪريو ته جيئن اسان سڀ گڏجي ”سنڌي پيڊيا“ تي ٻين ٻولين جيان ڄاڻ جو بهترين مجموعو بنائي سگهون. (مان صلاح ڏيان ٿو)

1 ـ هيٺ ڏنل ايڊريس تي وڃي انگريزيءَ ۾ پنهنجا ڪمينٽس لکي اچو ته جيئن ”ميٽا وڪي“ وارن کي خبر پوي ته هتي اسان سان ڪهڙيون دشواريون آهن. هيٺ ڏنل ميٽا وڪي ايڊريس کولي ميمبر ٿي پوءِ اوهان اتي صلاح لکو ته بهتر ٿيندو: (ياد رهي ته اُتي انگريزيءَ ۾ لکڻو آهي.)

2 ـ جيڪڏهن اتي وڃي ميمبر ٿيڻ نٿا چاهيو ته هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري پنهنجي راءِ انگريزيءَ ۾ لکو، ياد رهي ته هي بحث ميٽا وڪي لاءِ ڪيو پيو وڃي.

Note for those who don't know Sindhi, please read above link "Request for comment" I kept same matter here before Sindhi community. You are welcome to comment here

سنڌي پيڊيا کي استعمال ڪرڻ لاءِ عام هدايتون هيٺ ڏجن ٿيون. اڃا به جيڪڏهن ڪي شيون رهجي ويو هجن ته هن صفحي مٿان موجود لفظ ”سنواريو“ تي ڪلڪ ڪري بلڪل هيٺان پنهنجو مسئلو يا راءِ پيش ڪري سگهو ٿا.

مضمون لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪجي؟[سنواريو]

سڀ کان پهريان اوهان سرچ يا تلاش خاني ۾ اهي لفظ ٽائپ ڪريو جيڪو موضوع اوهان ڏسڻ گهرو ٿا. جيڪڏهن صفحو اڳ ئي موجود آهي ته ان کي سنوارڻ ۽ وڌائڻ ۾ مدد ڪريو. پر جيڪڏهن اهو موضوع سنڌي پيڊيا تي موجود نه هجي ته اوهان کي هيٺان هڪ صلاح ملندي جيڪا ڳاڙهن اکرن جي لنڪ (يعني جيڪو موضوع اوهان ڳوليو پئي) ملندي ان تي ڪلڪ ڪري اوهان نئون موضوع شروع ڪري سگهو ٿا. ڇاڪاڻ ته في الحال سنڌي پيڊيا جا ”سي ايس ايس“ فائلز آخري مرحلي تائين نه پهتا آهن تنهن ڪري اوهان نئون موضوع لکڻ واري باڪس ۾ سڀ کان اڳ {{f}} لکي پوءِ اڳتي لکڻ شروع ڪندا ته اکر ”ايم بي سنڌي“ ۾ نظر ايندا.

مضمون جا حق ۽ واسطا[سنواريو]

هتي لکيو ويندڙ مواد ڪنهن به هڪ ماڻهو جي ملڪيت نه هوندو. جيڪڏهن ڪنهن مضمون جي شروعات ڪئي آهي ته هر ميمبر کي حق حاصل هوندو ته ان کي وڌيڪ سنواري ۽ وڌائي. ڪٿان به مواد چوري ڪري يا ڪاپي ڪري هتي پيسٽ نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ڪنهن به موضوع ۾ اوهان حصيداري ڪريو ٿا ته حوالا ڏئي مواد شامل ڪري سگهو ٿا. حوالا واضع ۽ چٽا هجڻ گهرجن. ڪتابي حوالا به قابل قبول آهن پر ان شرط سان گڏ ته ڪتاب جو نالو، ليکڪ جو نالو ۽ جيڪڏهن ترجمو آهي ته ترجمي نگار جو نالو ڏيڻ ضروري هوندو. جيڪڏهن ڇپائيءَ جو سال يا صفحو نمبر وغيره لکيو ويندو ته ڳاله وڌيڪ تصديق شده ٿي پوندي. ان کان علاوه آن لائن مواد جا حوالو به ڏئي سگهجن ٿا ان لاءِ صرف اها لنڪ مهيا ڪرڻي پوندي جتان مواد حاصل ڪري پنهنجن لفظن ۽ جملن ۾ لکيو ويو.

ڇا نٿو لکي سگهجي[سنواريو]

هتي ڪا به ذاتي اشتهار بازي، پنهنجي ويب سائٽ يا بلاگ جي شهرت وڌائڻ لاءِ هروڀرو لنڪ ڏيڻ منع آهي. پنهنجو ذاتي مواد اوهان صرف پنهنجي تعارفي صفحي تي ڏئي سگهو ٿا. بقايا مواد ۾ اهڙو عمل سنڌي پيڊيا جي قائدن ابتڙ سمجهيو ويندو. مضمون لکڻ وقت ان ڳاله جو خاص خيال رکيو وڃي ته پنهنجي ذاتي خيال ۽ راءِ کي ٻين تي مڙهڻ جي هرگز اجازت نه آهي. سموري مواد جي پرک ان بنياد تي هوندي ته اهو تصديق شده ۽ سچ تي مشتمل هجي.

مان به ڪجهه مواد ڏيڻ چاهيان ٿو، پر اهو صحيح طريقي سان اپڊيٽ نٿو ٿئي، مواد پيسٽ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو اصل فارميٽ وڃائي ويهي ٿو. ڇا ڪرڻ گهرجي؟

اوهان شايد اعجاز آهيو، جڏهن اوهان نئون مواد لکو ته سڀ کان پهريان هي لفظ جيئن جو تيئن لکو {{f}} ان کان پوءِ پنهنجو مواد لکو. ان کان علاوه هڪ ڳاله ياد رکو ته جڏهن ”سائن ان“ ٿيل هجو ته پنهنجي ڳاله لکي ان کان پوءِ هي نشانيون ~~~~ ضرور هڻندا ڪريو ته اوهان جو نالو پاڻهي ئي ظاهر ٿي پوندو. Alixafar 09:34, 24 نومبر 2011 (UTC)

مهرباني ادا، پر مان بلڪل نئون يوزر آهيان ان ڪري في الحال ڪجهه به نٿو ڄاڻان، منهنجي ذهن ۾ هن وقت ڪافي سوال آهن. منهنجو اڪائونٽ ٺهيل آهي، هاڻي مان ڪنهن ٽاپڪ تي لکيل مواد رکڻ چاهيان ٿو، پر مونکي ڪابه اهڙي لنڪ نظر نه پئي اچي جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ کانپوءِ مان ان ٽاپڪ تي لکڻ شروع ڪيان؟ اهو لکيل مواد ڪهڙي طريقي سان سرچ ٿي پڙهندڙ تائين پهچي سگهي ٿو؟ ان ٽاپڪ جي فهرست وغيره ڪيئن جوڙي سگهجي ٿي؟ ان ٽاپڪ جي مناسبت سان ڪا تصوير ڪيئن رکي سگهجي ٿي؟ رهنمائي ڪندا، مهرباني Aijazali2080 09:48, 24 نومبر 2011 (UTC)

اوهان هڪ ئي وقت ڪيئي سوال ڪيا آهن. آسان طريقو اهو آهي ته جنهن ٽاپڪ کي چونڊيو ٿا پهريان اهو سرچ ۾ لکي ڳولا ڪيو، جيڪڏهن اڳ موجود هجي ته ان ۾ اصلاح ڪيو جيڪڏهن ناهي ته هيٺان ڳاڙهن اکرن ۾ اهي ٽاپڪ وارا لفظ ظاهر ٿيندا ان تي ڪلڪ ڪري لکڻ شروع ڪيو. لکڻ جي شروعات متعلق هدايتون مٿي ڏنل آهن. Alixafar 09:53, 24 نومبر 2011 (UTC)

سوال[سنواريو]

جيڪڏهن ڪو يوزر اسان جي ڪنهن لکيل مواد ۾ تبديلي ڪري ته، اڇا اسان کي ان جي آگاهي ملي سگهندي؟--Aijazali2080 12:48, 24 نومبر 2011 (UTC)

ها، اوهان ”سائن ان“ آهيو ته مٿان لکيل منهنجي فهرست کولي پاڻ سان وابسته تازي تبديلي ڏسي سگهو ٿا ۽ عام تبديليون ڏسڻ لاءِ وڪي پيڊيا مونو جي هيٺان لکيل ”تازيون تبديليون“ ڏسڻ گهرجي ـ Alixafar 13:05, 24 نومبر 2011 (UTC)

پنهنجي ليک سان لاڳاپيل ڪا تصوير ڪيئن ٿي اپلوڊ ڪري سگهجي؟--Aijazali2080 13:10, 24 نومبر 2011 (UTC)

مون اڳ به مٿي لکيو آهي ته ذاتي مضمونن جي هتي ڪابه گنجائش ناهي. جيڪو ڪنهن مضمون جي شروعات ڪندو ان جو رڪارڊ پاڻهي ئي سيوَ ٿيندو ويندو. هتي ذاتي مضمون رکڻ منع آهن ڇاڪاڻ ته اهي توهان جي اندروني خيالن جا عڪس هوندا آهن انهن ۾ تصديق بجاءِ اندروني ڪيفتون وڌيڪ ظاهر ٿيندون آهن. تنهن ڪري اوهان جو لکيل ذاتي مضمون ڪنهن به وقت ڊهي سگهي ٿو. هتي رڳو اهو مواد ايندو جيڪو ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه هوندو. مثال لاءِ اوهان ٻيا ڪيترائي صفحا وزٽ ڪري سگهو ٿا ان ۾ ليکڪ جو نالو هوندو ئي ناهي. سمورا مضمون هتي ڪميونٽيءَ جي گڏيل ملڪيت آهن. تنهن ڪري هر ڪنهن کي اختيار آهي ته موضوع کي وڌيڪ ڪارائتو بنائڻ لاءِ ان کي وڌيڪ بهتر ۽ تصديق شده بنائي پر بنا پنهنجو پاڻ ظاهر ڪندي. هتي ڪنهن ماڻهو جي ذاتي آرٽيڪل يا ڪهاڻيءَ لاءِ ڪابه گنجائش موجود ناهي. وڌيڪ ڪو سوال هجي ته هتي لکندا ـ

مثال لاءِ ڏسو هيٺيان مضمون

Alixafar 19:10, 24 نومبر 2011 (UTC)

مان پنهنجو ليک ڪهڙي طرح ڊاهي سگهان ٿو، رهنمائي گهرجي. Aijazali2080 07:54, 25 نومبر 2011 (UTC)

اوهان جو مضمون في الحال ڀلي پيو هجي، اڳتي هلي اهو طئي ڪري سگهجي ٿو ته هن سنڌي پيڊيا تي ذاتي مضمون رکجن يا نه، اهڙو فيصلو طئي ٿيل ناهي تنهن ڪري ان صفحي کي ڊاهڻ جي ضرورت ناهي Alixafar 10:42, 25 نومبر 2011 (UTC)