مواد ڏانھن هلو

هوش محمد شيدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھوش محمد شيدي
Hosh Muhammad Shidi
عرفي نالو ھوشو
پيدائش 1801سنڌ
وفات 1843حيدرآباد ، سنڌ، برطانوي هندستان
جاءِ دفن حيدرآباد، سنڌ
وابستگي ٽالپر حاڪم
عهدو جنرل
سالار دٻي جي جنگ
جنگيون/سورهيه دٻي جي جنگ
اعزاز سرڪاري اعزاز سان تدفين
شريڪ حيات علينہ شيدي
ھوش محمد شيدي جي قبر

هوش محمد شيدي (انگريزي: Hosh Muhammad Shidi) (جنم: 1801ع- شهادت 24 مارچ 1843ع) سنڌ جو سورهيه جرنيل ٿي گذريو آهي جيڪو24 مارچ 1843ع تي دُٻي جي ميدان ۾ انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. هوش محمد شيدي سنڌ جي مير حڪمرانن جي فوج جو بهادر سپاهي هو، جنهن کي پنهنجي بيپناهه بهادري ۽ بيمثال حب الوطنيءَ باعث اڄ تائين ياد ڪيو ويندو آهي. مرويسُون مرويسون، سنڌ نه ڏيسُون / مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون. (We will rather die, than to surrender Sindh) جو مشهور نعرو هوشوءَ سان لاڳاپيل آهي.

هوش محمد 1801ع تي پيدا ٿيو. ھوشو اصل ۾ حبشي غلام ھو، جنھن جو والد مير فتح علي خان ٽالپر وٽ ڪم ڪندو ھو، جيڪو ايراني نار مان اسمگل ٿي ڪراچي بندر تي وڪاميو ھو. ھوش محمّد، مير فتح علي خان جي پٽ مير صوبدار جو ساٿي ۽ ساڳي عمر وارو ھو، ان ڪري ھو 1791ع ۾ ڄائو ھوندو. [1] ھو مير صوبدار سان گڏ رھيو، وڏو ٿيو ۽ پوءِ ٽالپرن جي توبخاني جو سنڀاليندڙ ٿيو. کيس بندوق ھلائڻ جي سٺي تربيت مليل ھئي. جناب مولائي شيدائي لکي ٿو ته “ھو ميرن جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ناليوارو جانباز توبچي ٿي گذريو آھي، جنھن آخري دم تائين، پنھنجي ايمانداري ۽ بھادريءَ جو ثبوت ڏيندي، دشمن سان وڙھندي ميدانِ جنگ ۾ شھيد ٿيو.[2] جڏھن انگريز، سنڌ ۾ آيا، تن ڏينھن ۾ ھوشو مير صوبدار خان جو اتاليق ۽ صلاحڪار خاص ھو. انگريزن جڏھن حيدرآباد تي ڪاھ ڪئي ۽ 17 فيبروري 1843ع ۾، دٻي جي جنگ لڳي، تنھن ۾ ھوشو شيدي توبخاني مٿان نگران مقرر ھو. ساندھ ٽي ڪلاڪ جنگ لڳي، جنھن ۾ گولن جي برسات ھئي. ان دوران ھڪ گولو ٽالپرن جي بارود خاني کي لڳو، جنھن ڪري سمورو بارود سڙي ويو. پر تڏھن به ھوشو بھادري سان وڙھيو.[3] هو حبشي غلام هو ۽ مير صوبدار خان جو خاص خدمتگار هو ۽ ڏاڍي همت ۽ جرات وارو هو. جڏهن مير صوبدار خان پنهنجن چاچن سان رُسي فساد ڪيو، تڏهن هوش محمد ۽ منشي پرتاب راءِ مير کي گهڻي مدد ڪئي ۽ سندس زيور وڪڻي گهڻا پيسا هٿ ڪري لشڪر تيار ڪيائون. پر مير مراد علي هن کي شڪست ڏني ۽ مير صوبدار کي نظربند ڪري وٺي آيو. وري سنه 1259ھ (سنه 1843ع) ۾ مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ جڏهن مير شير محمد خان انگريزن سان دٻي وٽ جنگ ٿي ڪئي، تڏهن هو هوش محمد به انهيءَ مير سان گڏ وڙهيو ۽ مارجي ويو ۽ مير پاڻ بچائي نڪري ويو. انهيءَ جو پٽ ڪريم داد ۽ انهيءَ جو پٽ بچل ۽ انهيءَ جو پٽ هوش محمد ۽ ٻيو سندس اولاد اڃا ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهندا اچن.[4]

تاريخ

[سنواريو]

چارلس نيپيئر جي سربراهيءَ ۾ برطانوي فوج سنڌ جي مير حڪمرانن سان جنگ ڪئي، جيڪا دٻي جي ميدان تي لڳي، جنهن کان پوءِ سنڌ تي برطانيa جو باقاعدي راڄ شروع ٿيو. 23 مارچ 1843ع جو ڏينهن سنڌ جي حاڪميت ۽ وارثن لاءِ هڪ اڀاڳ کڻي آيو هو. هڪ پاسي مير شير محمد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي فوج هئي ته ٻئي پاسي جديد هٿيارن سان برطانوي فوج هئي. دٻي جي ميدان تي ڌرتي ڌڻين جي فوج ۽ انگريزن جي فوج ۾ زبردست جنگ لڳي، جنهن ۾ سنڌ جي تقدير جو فيصلو ٿيڻو هو، پر موقعي پرستن ۽ وطن جي غدارن جي مخبريءَ سبب سنڌ جي فوج جي بارود کي به ساڙيو ويو. جڏهن سنڌ جي سپهه سالار هوش محمد محسوس ڪيو ته غدارن جي وطن دشمني جي ڪري سنڌ جي فوج وٽ بارود نه آهي ته پاڻ زبردست جنگي حڪمت عمليءَ سان انگريز فوج سان اهڙي ته دليري سان وڙهيو جو انگريزن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ هو اهو نعرو هڻندو رهيو ته، ”مر ويسون مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون“. اهو نعرو سنڌ جي تاريخ جو هڪ حصو بڻجي ويو آهي. سنڌ جا تاريخدان لکن ٿا ته، شهيد هوش محمد جو والد، مير فتح علي ٽالپر وٽ ڪم ڪندو، جيڪي ايران جي منڊي مان ڪراچي بندرگاهه ڏانهن موڪليا ويا. وليم نيپئر پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، شهيد هوشو جنگي مهارت فرينچ فوج کان حاصل ڪئي هئي. دٻي جي جنگ جي شام سنڌ جي لاءِ هڪ ڪاري شام هئي، جڏهن سنڌ جي فوج جو سپهه سالار هوش محمد شيدي شهيد ٿي چڪو هو. شهيد هوشو جي شهادت کانپوءِ چارليس نيپئر انگريز فوج جي فتح جو اعلان ڪيو ۽ نيرون ڪوٽ تان آزاد سنڌ جو جهنڊو لٿو، جيڪو وري جهولي نه سگهيو. دٻي جي جنگ ۾ جڏهن هوشو شهيد ٿيو ته به هن پنهنجي تلوار کي هيٺ ڪرڻ نه ڏٺو. تلوار هٿ ۾ ڏسي انگريز فوج تمام گهڻي حيران ٿي ۽ شهيد هوشو کي جهڪي سلام ڪيو ويو. شهيد هوشو سنڌ جو هڪ اهڙو قومي هيرو آهي، جنهن جي جرئت جي انگريز فوج به معترف آهي پر افسوس جو اسان اهڙي قومي هيرو جو ڪوبه قدر نه ڪيو آهي. انگريزن برطانيا ۾، دٻي جي جنگ ۾ مارجي ويل پنهنجن فوجين جا يادگار تعمير ڪرائي ڇڏيا آهن پر هن ملڪ جي قائم ٿيڻ جي 63 سالن جي تاريخ ۾ به سنڌ جو نوجوان نسل پنهنجي قومي سورمي کان اڻڄاڻ آهي. اڄ شهيد هوش محمد جي 166هين ورسي آهي. سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي گهرجي ته سنڌ جي قومي سورمي سپهه سالار شهيد هوشو کي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا ڏين.

هوشو جي قبر

[سنواريو]

انيس انصاري ’يادگيريون‘ ۾ ڪئپٽن معين الدين جي مضمون The day Sheedee fell (روزانو ڊان، 23 ڊسمبر 1962ع) جي حوالي سان لکيو آهي: ”هن نيپئر جي ڪتاب ’سنڌ جي فتح‘ ۾ پڙهيو هو، ته هوش محمد جي بهادري کان متاثر ٿي سندس لاش حيدرآباد قلعي ۾ آندو ويو، جتي کيس ملٽري اعزاز سان سپردخاڪ ڪيو ويو ۽ سندس قبر تي توپ رکي وئي هئي ۽ هڪ پٿر جو ڪتبو هنيو ويو هو، جنهن تي لکيل هو: “ The Monument Marks the last resting place of one of the Ameer’s soldiers, who was killed in the battle of Hyderabad while bravely fighting.”

مسٽر معين الدين، هوش محمد جي قبر ڳولهڻ لاءِ حيدرآباد جي قلعي ۾ ويو، پر اُتي زمين هموار ٿيل هئي. نيٺ هڪ پوڙهي جي ٻُڌائڻ تي هن هڪ هنڌ کوٽايو، ته هڪ توپ نڪري آئي. اها هوش محمد شيدي جي قبر هئي. ڪيترا محقق هوش محمد شيدي جي قبر جو قلعي اندر هجڻ کي قبول نٿا ڪن.[5]

ھوش محمد شيدي جي قبر



خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. اسان جي آزادي جا اڳواڻ. ص 189
  2. ھوش محمّد – ملا اسڪول مخزن – اپريل 1953ع
  3. سنڌ جا عوامي ڪردار (دادا سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-06-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-24 
  4. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. اشتياق انصاري؛مقالو:حيدرآباد جا ڪوٽ۽ قلعا; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ