صوفي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

صوفي __(Sufi)

”صوفي“ جو تعلق ”تصوف“ سان آهي. ”تصوف“ جو مطلب آهي، ”حقيقت کان واقف ٿيڻ“ يا ”الله تعاليٰ جي واٽ ۾ پاڻ کي گم ڪرڻ.“ مطلب ته صوفي اهو الله لوڪ انسان آهي، جو پنهنجي دل ۾ هڪ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به تمنا يا شوق نه ٿو رکي. هو دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي، دل جي گهراين سان الاهي عشق ۾ اهڙو ته محو ٿي وڃي ٿو، جو مٿس سرمستي ۽ بيخوديءَ جي حالت طاري ٿي وڃي ٿي. هن جو اندر (دل) هميشه پاڪ ۽ صاف رهي ٿو. هن جي دل ۾ ڪنهن به انسان يا ساهواري لاءِ وير ۽ دشمني، بغض ۽ ڪينو، حسد ۽ ساڙ نه ٿو رهي. هو ڪنهن به مذهب يا فرقي سان غير نه ٿو رکي. صوفي سڀني انسانن ۽ سندن مذهبن لاءِ عزت، احترام ۽ احساس رکي ٿو. هو پنهنجي ۽ اُنهن جي وچ ۾ ذري جيترو به فرق نه ٿو رکي. صوفي پنهنجي جسم تي اڪثر سادا ڪپڙا پهريندا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته صوفي لفظ ’صوف‘ يعني چشم يا ان جي ڪپڙي مان ورتل آهي، ڇو ته صوفي اوني ڪپڙا پائيندا آهن. اڄڪلهه صوفي گيڙو رنگ جا ڪپڙا به اوڍيندا آهن. صوفين جون چار منزلون ٿين ٿيون، جن مان هو پاڻ کي پار ڪرڻ لاءِ رياضتون ڪن ٿا. اُهي چار منزلون مختصر وضاحت سان هت ڏجن ٿيون: (1) شريعت، (2) طريقت، (3) حقيقت ۽ (4) معرفت. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي