ٿرپارڪر ضلعو
ٿرپارڪر | |
|---|---|
ضلعو | |
ٿرپارڪر ضلعو ۽ ان جا تعلقا | |
| Coordinates: 24°42′N 69°43′E / 24.700°N 69.717°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ڊويزن | ميرپور خاص ڊويزن |
| ضلعي صدر مقام | مٺي شھر |
| تعلقا | 4 |
| ايراضي | |
| • ڪل | 19,638 km2 (7,582 sq mi) |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 1,649,661 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| رهاڪو نالو | ٿري |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت) |
| HDI (2015)[1] Rank in Pakistan | |
| ويب سائيٽ | www.tharparkar.com www.tharparkar.pk |
| تڪ
صوبائي اسيمبلي پي ايس-54-ٿرپارڪر-I - عبدالرزاق راھمون پي ايس 55 ٿرپارڪر-II - محمد قاسم سومرو پي ايس 56 ٿرپارڪر-III - فقير شير محمد بلالاڻي پي ايس 57 ٿرپارڪر-IV - ارباب لطف الله قومي اسيمبلي اين اي-221 ٿرپارڪر-I - پير نورمحمد شاھ جيلاني اين اي-222 ٿرپارڪر-II - مھيش ڪمار مالاڻي | |
ٿرپارڪر ضلعو:(انگريزي: Tharparkar District ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ميرپورخاص ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام مِٺي شهر آهي. ٿرپارڪر نالي سان ڪو شھر ڪانھي پر اھو ٻن علائقن : ٿر ۽ پارڪر جو نالو آهي جيڪو ھن ضلعي تي رکيو ويو. شروع م ميرپورخاص ھن ضلعي جو تعلقو ۽ ضلعي صدر مقام ھيو پر ان جي ڌار ٿيڻ بعد ھن ضلعي جو صدر مقام مٺي کي بڻايو ويو.

ھي ضلعو پکيڙ ۾ سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي[2][3] سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪَ ھندو آبادي ھن صوبي ۾ رھندڙ آھي[4][5][6] ھي ضلعو سنڌ جي انساني ترقي جي اشاريي جي گھٽ ترين شرح وارو ضلعو آهي.

نالي جو پسمنظر ۽ معنيَ
[سنواريو]ٿر سنسڪرت لفظ سٿل مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ. انهيءَ سٿل جو اچار اول ڦري ٿيو ٿل، يعني خشڪ زمين (ان جو ضد: جل معنيٰ پاڻي) ۽ ٿل جو اچار ڦري ٿيو ٿر.[7]. جيڪڏهن سندن ڪو ڍور ڊوڙي ڊوڙي وڃي هڪ جاءِ تي بيٺو ته ، چوندا ته مس مس وڃي ٿري بيٺو آهي. ڪاڙهيل کير جي ٿڌي ٿيڻ سان مٿان ٺهندڙ تھ کي به ٿر چئبو آهي[8]. اهڙي ريت ٿر ۾ واري جون ڀٽون به ڄميل ۽ ٽڪي ٻڌل آهن، انهي ڪري انهن کي ٿري چيو وڃي ٿو[8]. جيئن ته ٿر ۾ گهڻيون ڀٽون آهن. تنهنڪري ڀٽن يعني ٿرين وارو ملڪ يا ٿري وارو علائقو ، جنهن مان ٿر نالو ٺهيو[8]. قديم وقت ۾ پارڪر واري ڀاڱي ۽ ڪڇ جي ملڪ جي وچ ۾ بيٺل ڪڇ جي رڻ ۾ پاڻي هوندو هو. جنهن کي کاري چوندا هئا. ماڻهن کي اچ وڃ لاءِ اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي. جنهن ڪري چوندا هئا پارکاري يا پار اُڪر، جنهن مان ڦري ٿيو پارکار ۽ پوءِ نالو پيو پارکر يا پارڪر[7]. ٿر ۽ پارڪر وارو ٽڪر، ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ جي ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ڪن بيانن موجب چوڻ ۾ اچي ٿو ته پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي پهڻ يا پٿر جو ملڪ. ڇاڪاڻ جو هن ڀاڱي ۾ چوڌاري ننڍا ننڍا ٽڪر آهن باقي وچ ۾ ننگر پارڪر شهر وٽ ڪارونجهر ٽڪري آهي[7].
جاگرافي
[سنواريو]ٿرپارڪر سنڌ جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي واقع آهي جيڪو قدرتي طور ٻن حصن ۾ ورهايل آهي:
اھو حصو 109 جابلو ٽڪرين جي بيدي نما سلسلي ڪارونجهر جبل ۽ انجي وچ ۽ پاسن واري سڌي زرخيز زمين وارو آهي جنهن ۾ ڪارونجهر جبل جي قطار ۽ ٻيون 45 ننڍيون وڏيون جابلو ٽڪريون پڻ موجود آهن. ان جي ڏکڻ اولھ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي.
پارڪر واري ھن علائقي ۾ ڪارونجهر جي جابلو سلسلي جي ختم ٿيڻ سان اتر طرف ڀٽن وارو علائقو شروع ٿو ٿئي . ٿر کي ريگستان به چون ٿا. ريگ معني واري ۽ آستان معني جاءِ . يعني واري جي جاءِ يا وارياسو علائقو. هن علائقي ۾ واري جون ڀٽون تمام گهڻيون آهن. ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو ٿري چوندا آهن[8]. پاڪستان ۽ هندستان جي ٿر واري گڏيل ريگستان جي پکيڙ تقريبن ٻه لک چورس ڪلوميٽر آهي. پر انهي ريگستان جي ننڍي ٽڪري جيڪا سنڌ ۾ آهي اھا ٻن حصن: اڇڙو ٿر ۽ ٿرپاڪر ۾ ورھايل آھي.. جيئن ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿر ۽ پارڪر جا ٻئي علائقا شامل آهن، انهي ڪري ئي هن ضلعي جو نالو ٿرپارڪر آهي. هن ضلعي جي پکيڙ 19638 چورس ڪلوميٽر آهي[8]. ھن ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ ڊگھائي ڦاڪ ۾ 69° 3′ 35″ ۽ 71° 7′ 47″ ڊگري اوڀر ۽ ويڪرائي ڦاڪ ۾ 24° 9′ 35″ ۽ 25° 43′ 6″ ڊگري اتر طرف واقع آهي[9][10] ان جي اوڀر ۾ انڊيا جي رياست راجستان جا جيسلمير، بارمير ۽ جيلور ضلعا, ڏکڻ ۾ انڊيا جي گجرات رياست جو ڪڇ، اتر ۾ عمرڪوٽ ضلعو ۽ اولھ ۾ بدين ضلعو ۽ ميرپور خاص ضلعو واقع آهن.
تاريخ
[سنواريو]ٿر جو علائقو شروع ۾ ريگستان نہ ھيو پر ھڪ سرسبز علائقو ھيو جنھن مان سنڌو نديءَ جي ھڪ شاخ پڻ وھندي ھئي. رگويد ۾ ان کي سرسوتي ندي سڏيو ويو آهي. اٽڪل 2000 ق م کان 1500 ق م واري دؤر ۾ ھي سرزمين ريگستان ۾ تبديل ٿي وئي. ھندن جي مقدس ڪتاب رامائڻ ۾ ھن علائقي کي لاون ساگر جي نالي سان سڏيو ويو آهي جنھن جي معنيَ آهي لوڻ وارو سمنڊ. ھن علائقي تي ماضي ۾ سومرا گھراڻي[11], سمون گھراڻي، ارغون گھراڻي، ڪلھوڙن جي گھراڻي ۽ ٽالپر گھراڻن جو راڄ رھيو آھي. 1843ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪاري راڄ جو حصو رھيو. ڪمپني سرڪار سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي جو حصو بڻايو تہ ٿرپارڪر بمبئي سرڪار جي نگراني ۾ رھيو. 1858ع ۾ بمبئي سرڪار ان کي حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪري ڇڏيو. 1860 ۾ برٽش سرڪار سنڌ جي ڊويزن م اوڀر سنڌ سرحد نالي ھڪ نئون علائقو قائم ڪري ان جو صدر مقام عمرڪوٽ شھر کي بڻايو ۽ 1882 ۾ ان کي ضلعي جو درجو ڏني ٿرپارڪر نالو رکيو ويو جنھن جو صدر مقام ساڳيو عمرڪوٽ ۾ رکيو ويو ۽ اتي ڊپٽي ڪمشنر جي مقرري ڪئي. 1906ع ۾ ان جو صدر مقام ميرپور خاص شھر ۾ منتقل ڪيو ويو. 31 آڪٽوبر 1990ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي کي ٽوڙي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو جن مان ھڪ ميرپور خاص ضلعو جنھن جو صدر مقام ميرپور خاص شھر کي بڻايو ويو ۽ ٻيو ٿرپارڪر ضلعو جنھن جو صدر مقام عمرڪوٽ شھر ۾ منتقل ڪيو ويو. 17 اپريل 1993ع ۾ ٿرپارڪر کي وري ٽوڙي عمرڪوٽ ضلعو ٺاھي ان جي صدر مقام عمرڪوٽ شھر ۽ ٿرپارڪر ضلعي جو صدر مقام مٺي شھر ۾ منتقل ڪيو ويو[11][12][13][14]
معيشت
[سنواريو]ھي ضلعو سنڌ جي غريب ضلعن ۾ شمار ٿئي ٿو جتي ماڻھن لاء بنيادي سھولتن جو وڏو فقدان آهي. پاڪستان ۾ ھن ضلعي جي انساني ترقي جي اشاريي جي شرح 2017ع ۾ 0.227 ھئي.[15] ان سال پاڪستان جي 114 ضلعن ۾ ھن ضلعي جو شمار 109ئون ھيو ۽ 2013ع ۾ گھٽجي 103ئين نمبر تي پھتو جيڪو پوء بہ سنڌ جي ضلعن ۾ سڀ کان گھٽ ۾ گھٽ درجو ھيو. 2005 ۽ 2015 ۾ ھي ضلعو پاڪستان جي ڏھن سڀ کان وڌيڪ بدحال ضلعن ۾ شامل ھو. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي گھڻ رخي غربت واري اشاريي جي رپورٽ مطابق ٿرپارڪر جو 87 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رهيو آهي[16][17][18] اھو ئي سبب آهي تہ اتي نئين ڄاول ٻارن جي موت جي شرح تمام گھڻي آھي[19][20][21] ھن ضلعي جي 96 سيڪڙو آبادي ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ آھي جنھن ڪري ھن ضلعي جي معيشت زراعت ۽ چوپائي مال جي افزائش آھي.[13]

زراعت ۾ گھڻي ڀاڱي برسات تي دارومدار رھي ٿو پر ننگرپارڪر واري علائقي ۾ ٽيوب ويلن جو استعمال پڻ ٿئي ٿو. ضلعي جي ڪل ايراضي 2,011,000 ھيڪٽر آھي جنھن جو %50.4 يعني 1,014,000 ھيڪٽرن ۾ پوکي ٿئي ٿي. [13] ھن ضلعي جي 94 سيڪڙو آبادي گھرن ۾ چوپايو مال رکي ٿي ۽ 77.64. سيڪڙو آبادي چوپائي جي سنڀال جي سرگرمين ۾ شامل رھندي آھي[22] ھتان جي ھر گھر ۾ سراسري 8 ڍور آھن ۽ ضلعي اندر چوپائي مال جو تعداد جو تخمينو 77 لک ڍور آھي[23][24]. ضلعي جي چوپائي مال جي ضلعي معيشت ۾ رڍون ڏاڍيون اھم آھن جن مان ساليانو 33 لک ڪلوگرام اُن سالياني پيدا ٿئي ٿي[25] ٿرپارڪر ۾ رڍن جي سنڌ جي ڪل رڍن جو 40 سيڪڙو آبادي آهي ۽ اھو ضلعو سنڌ اندر رڍن جي افزائش کاء لاءِ سڀ کان موافق صوبو آهي[26] ھتان جي 70.30 سيڪڙو زرعي زمين م ھر لاء ڍورن جو استعمال عام آھي[27]. ھتي جو. چوپائي ۾ گڏھ جو تعداد تمام گھڻو آھي ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪَ گڏھ ھن ضلعي ۾ پلجن ٿا. چوپائي مال جي وڏي تعداد باوجود ھن ضلعي ۾ ويٽرنري يا جانورن جي ڊاڪٽرن جو تعداد نالي ماتر آهي.

| چوپايو مال | آبادي | نسل |
|---|---|---|
| چوپايو | 752,265 | ڪانڪڪريج (ڳائو مال)[30] |
| مينھن | 46,328 | Kundhi[31] |
| رڍ | 1,185,122 | Kooka,[32] ماگرا, سوناڊي، ڪڇي,[33] رڍ |
| ٻڪري | 2,217,876 | ٿرڪي، ڪاموري، ڇپر[34] |
| اٺ | 135,356 | Dhatti[35] |
| گھوڙو | 8,519 | Baluchi[36] |
| خچر | 1,475 | |
| گڏھ | 246,657 | گدخور |
| پالتو ڪڪڙ | 263,431 | |
| ڪل | 4,857,029 |
صنعت
[سنواريو]ھنر ۽ ڪاريگري سنڌوءَ واري تھذيب جي دور کان وٺي ٿري سماج جو حصو رھيا آھن. ھٿ جي ھنر ۾ رلھي، مٽي جا ٿانوَ، گڏيون، ڪارپيٽ، روايتي سينگار واريون شيون، ڪاٺي جي ٺپن واري پرنٽنگ، چمڙي جو ڪم، ڪپڙن جو ڀرت شامل آهن. رڳو ڇاڇري تعلقي ۾ 6000 لومز آھن.
توانائي ۽ معدنيات
[سنواريو]پاڪستان ۾ ڪوئلو دنيا جي اندر ڪوئلي جو ستون وڏو ذخيرو آهي جنھن ۾ 185.175 ارب ٽن لگنائيٽ ڪوئلو موجود آهي[37][38][39]. ان مان ٿرپارڪر جو ڪوئلو 175.506 ارب ٽن آھي جيڪو پاڪستان جي ڪوئلي جو 95 سيڪڙو آهي. ان ڪوئلي مان سعودي عرب ۽ ايران جي ذخيرن مان پيدا ٿي سگھندڙ توانائي جي صلاحيت کان بہ وڌيڪ توانائي حاصل ڪري سگھجي ٿي[40]. پاڪستان ۾ ان ڪوئلي مان بجلي ٺاھيندڙ ڪمپنين کي انڪم ٽيڪس ۽ ٽرن اوور ٽيڪس جي ڇوٽ مليل آهي ۽ بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽن جي ھر قسم جي درآمد کي ٽيرف ۾ مڪمل ڇوٽ ڏنل آهي[41] انھن پروجيڪٽن ۾ چيني شينھوئا ڪمپني جي سيڙپڪاري سان 600 ميگاواٽ بجلي ۽ ٿر اينگرو پاور پروجيڪٽ ذريعي 1200 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿئي ٿي[42][43][44][45]سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ٿرپارڪر ۾ بجلي نيشنل گرڊ کي مھيا ڪري ٿي[46]
انتظامي ورهاست
[سنواريو]ٿرپارڪر ضلعي ۾ ست تعلقا ، 64 يونين ڪاؤنسلون، 172 ديھون ۽ 2365 ڳوٺ واقع آهن[47][48][49][50][51]



ٿرپارڪر ضلعي ۾ هيٺيان ست تعلقا ۾ ورهايل آهن:
| تعلقو[52] | يونين ڪاؤنسلون | آبادي (2017)[52] | |
|---|---|---|---|
| 1 | مِٺي | 12 | 2,19,071 |
| 2 | ڏِيپلو | 8 | 1,47,978 |
| 3 | ڇاڇرو | 17 | 3,51,263 |
| 4 | ننگرپارڪر | 7 | 2,60,170 |
| 5 | ڏاھلي | 3,08,487 | |
| 6 | اسلام ڪوٽ | 2,44,662 | |
| 7 | ڪلوئي | 1,18,030 | |
| ڪل | ٿرپارڪر ضلعو | 64 | 1,649,661[52] |
ٿرپارڪر جون يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]ٿرپارڪر ضلعي ۾ 64 يونين ڪائونسلون آهن[52]:
| # | يونين ڪاؤنسل | # | يونين ڪائونسل | # | يونين ڪاؤنسل |
|---|---|---|---|---|---|
| 1 | موھراڻو | 2 | بجھوتو | 3 | پوسارڪو |
| 4 | جوڙئو | 5 | مٺڙيو ڀٽي | 6 | |
| 7 | ڀاڪئو | 8 | ويجھيار | 9 | چيلھار |
| 10 | مانجٿي | 11 | ٻوھاريڙي | 12 | باپوھار |
| 13 | اسلام ڪوٽ | 14 | سونل بيھ | 15 | ڪيھري |
| 16 | ڪڙيو غلام شاھ | 17 | سينگاريو | 18 | جيئندو درس |
| 19 | گريانڇو | 20 | 21 | ||
| 22 | 23 | تالو ڄام | 24 | داڀرو | |
| 25 | سرھوڙي | 26 | ٻلھڙي | 27 | |
| 28 | کيٽلاري | 29 | 30 | ڦانٽ | |
| 31 | ڪلوئي | 32 | ڇاڇرو | 33 | ڪنٽيو |
| 34 | ڌاريندرو | 35 | سارنگيار | 36 | راجوڙو |
| 37 | ھرار | 38 | جانجھي | 39 | تڙ دوس |
| 40 | چارنوڙي گاجو | 41 | مٺڙيو چارڻ | 42 | تڙ احمد |
| 43 | ڪمرھار | 44 | کينسر | 45 | ڏاھلي |
| 46 | سيار | 47 | ڪلريو | 48 | گڏڙو |
| 49 | جيسي جو پار | 50 | پرڻو | 51 | لپلو |
| 52 | گل محمد راهمون | 53 | ننگرپارڪر | 54 | پٿاپور |
| 55 | بھراڻو | 56 | اڌگام | 57 | ھاڙھو |
| 58 | ويرواھ | 59 | چوتال | 60 | ساٽي ديرا |
| 61 | تگوسر | 62 | پِلُو | 63 | مصري شاھ، ٿرپارڪر |
| 64 | ڊاڀو | - | - | - | - |
ٿرپارڪر ضلعي جون ديهون
[سنواريو]آبادي
[سنواريو]1981 جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي آبادي 5,40,985 ھئي[53]. 1998ع جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي آبادي 9,14,291 ھئي جنھن ۾ 4،99،859 مرد ۽ 4,14,432 عورتون ھيون. ان سال آبادي جي گھاٽائي جي شرح 46.6 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ھئي[53]. 39,827 ماڻھو شھري ۽ 8,74,464 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ ھيا[53]. 2017ع جي آدمشماري ۾ ٿرپارڪر جي آبادي 16،49,661 ھئي. 2014 ع جي ڪاٿي مطابق آبادي جو %51.29 انھن ماڻھن جو ھيو جن جي عمر 15 سالن کان گھٽ ھئي. %3.73 65 سالن جي عمر کان مٿي وارن جو ھيو. 2014ع جي ڪاٿي مطابق آبادي ۾ ھر 100 عورتن لاء 121 مرد ھيا.
| تعلقو | 1998ع | 2013ع | 2017ع |
|---|---|---|---|
| مٺي | 125,137 | 201,850 | 219,071 |
| اسلام ڪوٽ | 137,826 | 190,664 | 244,662 |
| ڏيپلو | 92,047 | 230,890 | 147,978 |
| ڪلوئي | 73,651 | ڊيٽا غير موجود | 118,030 |
| ڇاڇرو | 167,235 | 232,210 | 351,263 |
| ڏاهلي | 165,289 | 225,710 | 308,487 |
| ننگرپارڪر | 153,106 | 218,411 | 260,170 |
| ڪل آبادي | 914,291 | 1,299,735* | 1,649,661 |
- 2013ع ۾ ڪلوئي جي آباديءَ جا انگ اکر دستياب نه آهن، تنهنڪري ڪل آبادي نامڪمل آهي.
| اشاري | انگ اکر |
|---|---|
| ڪل آبادي | 1,778,407 |
| ايراضي | 19,637 چورس ڪلوميٽر |
| آبادي جي گهاٽائي | 90.56 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر |
| سالياني آبادي واڌ (2017–2023) | 1.3٪ |
| مرد | 925,679 (52.1٪) |
| عورتون | 852,691 (47.9٪) |
| خواجه سرا | 18 |
| 0–14 سال | 213,225 (43.6٪) |
| 15–64 سال | 260,524 (53.3٪) |
| 65 سال يا وڌيڪ | 14,973 (3.1٪) |
| ٻهراڙي آبادي | 347,824 (70.9٪) |
| شهري آبادي | 142,562 (29.1٪) |
| خواندگي (10+ سال) | 125,884 (37.7٪) |
| اڻپڙهيل (10+ سال) | 208,019 (62.3٪) |
| درجو | ٻولي | ڳالهائيندڙ |
|---|---|---|
| 1 | سنڌي | 474,244 |
| 2 | هندڪو | 3,428 |
| 3 | پنجابي | 2,834 |
| 4 | سرائيڪي | 1,982 |
| 5 | پشتو | 1,874 |
| 6 | اردو | 1,353 |
| 7 | براهوئي | 1,083 |
| 8 | بلوچي | 768 |
| 9 | ڪوهستاني | 110 |
| 10 | ميواتي | 2 |
| ٻيون ٻوليون | 1,044 | |
آباديءَ جي جوڙجڪ (2023ع)
[سنواريو]| اشاري | انگ | سيڪڙو |
|---|---|---|
| مرد | 928,333 | 52.2٪ |
| عورتون | 850,041 | 47.8٪ |
| خواجه سرا | 33 | 0.0٪ |
| ڪل آبادي | 1,778,407 | 100٪ |
جنس جي لحاظ کان پائي چارٽ
[سنواريو]جنس جي لحاظ کان آبادي (2023ع)
عمر جا وڏا گروهه
[سنواريو]| عمر | آبادي | سيڪڙو |
|---|---|---|
| 0–14 سال | 922,411 | 51.9٪ |
| 15–64 سال | 795,869 | 44.8٪ |
| 65 سال يا وڌيڪ | 59,843 | 3.4٪ |
عمر جا گروهه ـ پائي چارٽ
[سنواريو]عمر جي لحاظ کان آبادي (2023ع)
عمر جي ورڇ
[سنواريو]| عمر | آبادي |
|---|---|
| 0–9 سال | 689,148 |
| 10–19 سال | 392,807 |
| 20–29 سال | 234,917 |
| 30–39 سال | 166,062 |
| 40–49 سال | 130,569 |
| 50–59 سال | 79,965 |
| 60–69 سال | 45,652 |
| 70 سال يا وڌيڪ | 39,003 |
شهري ۽ ٻهراڙي آبادي
[سنواريو]| قسم | آبادي | سيڪڙو |
|---|---|---|
| ٻهراڙي | 1,634,002 | 91.9٪ |
| شهري | 144,405 | 8.1٪ |
شهري ۽ ٻهراڙي پائي چارٽ
[سنواريو]شهري ۽ ٻهراڙي آبادي (2023ع)
خواندگي
[سنواريو]| حيثيت | آبادي | سيڪڙو |
|---|---|---|
| پڙهيل لکيل | 396,323 | 36.4٪ |
| اڻپڙهيل | 692,652 | 63.6٪ |
خواندگي پائي چارٽ
[سنواريو]خواندگي جي شرح (2023ع)
مادري ٻوليون
[سنواريو]| درجو | ٻولي | ڳالهائيندڙ |
|---|---|---|
| 1 | سنڌي | 1,766,714 |
| 2 | هندڪو | 2,736 |
| 3 | پشتو | 1,410 |
| 4 | اردو | 1,061 |
| 5 | پنجابي | 854 |
| 6 | سرائيڪي | 346 |
| 7 | بلوچي | 342 |
| 8 | براهوئي | 7 |
| 9 | ڪوهستاني | 1 |
| — | ٻيون ٻوليون | 4,652 |
مادري ٻولين جو پائي چارٽ
[سنواريو]مادري ٻوليون (2023ع)
تعليم
[سنواريو]
سنڌ حڪومت 2011 کان 2016 تائين صوبي جي تعليمي بجيٽ م 90 سيڪڙو اضافو ڪيو جيڪو 14.26 ارب روپين کان 148 ارب روپيا ھيو ان جي باوجود بہ ھن ضلعي جو تعليمي نظام خراب حالت ۾ آھي. 10 سالن کان مٿي جي عمر وارن جو پڙھيل لکيل ھجڻ وارو تناسب 46 سيڪڙو آھي جنھن مان مردن جي شرح 65 سيڪڙو آهي ۽ عورتن جي 25 سيڪڙو. شھري علائقن جي شرح 65 سيڪڙو جن مان مرد 81 سيڪڙو ۽ عورتون 54 سيڪڙو پڙھيل لکيل آھن. ٻھراڙيءَ ۾ اھا شرح 45 سيڪڙو جن مان مرد 64 سيڪڙو ۽ عورتون 23 سيڪڙو پڙھيل لکيل آھن.

2017ع ۾ ھن ضلعي م پڙھندڙ شاگردن جو تعداد 2،21،203 جن م ھيو 125,189 ڇوڪرا ۽ 96,014 ڇوڪريون ھيون. ضلعي جي ڪل اسڪولن جو تعداد 4,152 ھيو جن مان 620 ڇوڪرن جا، 629 ڇوڪرين جا ۽ 2,903 ٻنھي جا ھيا. 2017ع ۾ استادن جو تعداد 5,469 ھيو جن مان 4,813 مرد ۽ 656 عورتون ھيون. ھر اسڪول م سراسري 53 شاگردن لاء 1.3 استاد ھيا. ۽ اھا شرح سراسري طور تي ڪجهه ڪلاسن جي 40 ھئي. سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس مطابق ھن ضلعي ۾ اسڪولن جو تعداد 4010 آھي جيڪو پوري سنڌ جي شرح مطابق سڀ کان اوچي سطح وارو آھي پر انھن اسڪولن مان رڳو 4.4 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي ميسر آھي. پيئڻ جي پاڻي جي سھولت 16.0 سيڪڙو ۽ ڪاڪوس جي سھولت رڳو 34.6 سيڪڙو اسڪولن ۾ آھي. 0.4 سيڪڙو اسڪولن ۾ لائبريري ۽ 0.6 سيڪڙو اسڪولن ۾ ليبارٽري جو سھولت، 2.2 سيڪڙو اسڪولن ۾ راندين جي ميدان جي سھولت ميسر آهي. 74.5 اسڪولن ۾ اسڪول مينيجمينٽ ڪاميٽيون جڙيل آھن[56].
| سطح | اسڪولي تعداد | شاگرد | ڇوڪرا | ڇوڪرين | استاد | مرد | عورتون | شاگرد استاد نسبت | ڪلاسن جا ڪمرا (سراسري) |
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| پرائمري | 3,873 | 190,370 | 105,494 | 84,876 | 4,625 | 4,057 | 568 | 41 | 1 |
| مڊل | 234 | 15,052 | 8,587 | 6,465 | 362 | 344 | 18 | 42 | 2 |
| سيڪنڊري | 40 | 12,130 | 7,833 | 4,297 | 403 | 333 | 70 | 30 | 7 |
| ھائر سيڪنڊري | 5 | 3,651 | 3,275 | 376 | 79 | 79 | 0 | 46 | 17 |
| ڪل | 4,152 | 221,203 | 125,189 | 96,014 | 5,469 | 4,813 | 656 | 40 | 1.1 |
ھن ضلعي ۾ ڪابه يونيورسٽي ڪانہ آھي جنھن ڪري 2019 ۾ اعليَ تعليمي ادارن لاء مطالبو زور وٺي ويو[57] [58] نتيجي ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي، سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي شراڪت سان اسلام ڪوٽ ۾ ٿر انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي نالي سان اين اي ڊي يونيورسٽي جو ذيلي ڪيمپس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو[59][59] [60][60][61] بعد ڪيمپس جي جاء اسلام ڪوٽ مان تبديل ڪري مٺي ۾ رکي وئي جتي سنڌ حڪومت 317 ايڪڙ زمين خريد ڪئي ۽ عارضي طور تي ڪيمپس بينظير ڪلچرل ڪامپليڪس مٺي ۾ رکيو ويو جتي آڪٽوبر 2019ع ۾ ڪيمپس جو افتتاح ڪيو ويو. [62][63][64][65][66][67][68][69]
صحت
[سنواريو]ٿرپارڪر ضلعي ۾ ھڪ سول اسپتال، ھڪ تعلقه اسپتال، 2 رورل هيلٿ سينٽر، 36 بيسڪ هيلٿ يونٽ، 38 ڊسپينسريون واقع آهن[70].
آمدورفت
[سنواريو]
ڪيڪڙو ھڪ ٽرڪ جو ٿرپارڪر ۾ ڏنل نالو آهي جنھن کي ڇڪڙو پڻ سڏيندا آهن جيڪا اتي آمدورفت جو ھڪ وڏو ذريعو آهي. اھا واري واري رستن تي ھلندڙ ھڪ عام سواري آھي ۽ ان کي ٿر جو اٺ پڻ سڏيندا آهن. ان ۾ بيڊ فورڊ ڪمپني جي طاقتور انجڻ لڳل ھوندي آھي. اھا بار کڻڻ جي ڪم ايندي آهي[71][72][73][74][75][76][77][78][79][80].
ٻوليون
[سنواريو]
ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪَ ڳالھائي ويندڙ ٻولي ڍاٽڪي آھي. ان کان سواءِ ٻيون ڳالھائيون ويندڙ ٻوليون گجراتي، پارڪري ڪولي، جوڳي، سنڌي ۽ اردو آھن[82][83][84][85] [86]
مذھب
[سنواريو]

پاڪستان جي قيام کان اڳ ٿرپارڪر جي آبادي ۾ 80 سيڪڙو ھندو ھيا. پاڪستان جي قيام بعد اوچي ذات وارن ھندن جو وڏو حصو ھتان لڏي انڊيا ھليو ويو ۽ لڳ ڀڳ 3500 مسلمان خاندان انڍيا مان ھتي لڏي آيا جن کي 12 ايڪڙ في خاندان جي حساب سان 42،000 ايڪڙ زمين ڏني وئي[87][88][89] 1998 م ضلعي جي 59 سيڪڙو آبادي مسلمان ۽ 41 سيڪڙو ھندو ھئي[4][5][90][91] مٺي ۾ ھندو آبادي شھر جي ڪل آبادي جو 80 سيڪڙو آھي[92]. ٿرپارڪر ۾ وسندڙ ھندو آبادي جون مکيه ذاتيون لوھاڻا، مکي، راجپوت، ٺاڪر، سوتراڌر، سوني، ميگھواڙ، برھمڻ يا مھراج، مھيشوري، گواسمي، رباڙي، ڪوھلي، لوھر، ڪنڀر، ارباب، خاصخيلي، بجير آهن[11][14][93][94][95][96][97][98][99]
موسم
[سنواريو]

ھن ضلعي جي آبھوا ٽراپيڪل آھي[100] اونھاري ۾ ڏينھن سخت گرم جڏھن ته راتيون ٿڌيون ھونديون آھن سال ۾ اپريل، مئي ۽ جون گرم ترين ۽ ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري سرد ترين مھينا ھوندا آھن. سياري ۾ گرمي پد 28 کان 9 سينٽي گريڊ رھندو آھي. سالياني برسات جي سراسري ھر ھنڌ ھڪڪري نہ رھندي آھي ۽ ڪجهه ھنڌن تي 100 ملي ميٽر کان بہ گھٽ رھندي آھي. گھڻي ڀاڱي برسات ڏکڻ اولھ واري مون سون ۾ جولاءِ ۽ سيپٽمبر وچ ۾ پوندي آهي[13][101].
| Year | مٺي | اسلام ڪوٽ | ڏيپلو | ڪلوئي | ڇاڇرو | ڏاھلي | ننگرپارڪر |
|---|---|---|---|---|---|---|---|
| 2014 | 180 | 167 | 33 |
|
7 |
|
43 |
| 2015 | 422 | 362 | 512 |
|
363 | 26 | 588 |
| 2016 | + | + | + | + | + | + | + |
| 2017 | 261 | 337 | 379 | 11 | 1 | 123 | 324 |
| 2018 | 58 | 24 | 51 | 10 | 10 | 120 | 40 |
1997 کان ھتي سڀ کان وڌيڪ برسات 2011ع ۾ پئي ھئي جيڪا 1306 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي ھئي[102] ھن ضلعي ڪيترائي ڏھاڪا خشڪ سالي ڏٺي آهي ۽ ان دؤر م صوبائي حڪومت ان کي ڏڪاريل علائقو قرار ڏنو ھو [103][104][105][106][107] سرڪاري طور تي ٿرپارڪر کي 1968, 1978, 1985, 1986, 1987, 1995, 1996, 1999, 2001, 2004, 2005, 2007, 2012, 2013, 2014, 2015 ۽ 2018 ۾ ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏنو ويو هو.[102]
وڻ ٽڻ ٻوٽا
[سنواريو]
ٿرپارڪر ۾ لڳ ڀڳ ٻوٽن جون 89 جنسون ۽ 26 خاندان ملن ٿا. ڪافي ٻوٽا ۽ جھاڙيون برساتي موسم ۾ ڦٽن ٿيون.
جاندار
[سنواريو]



جاندار جي فراواني ٿر جي ھڪ خصوصيت ۾ شمار ٿئي ٿي. قديم زماني کان لوڪ ڌنن کان وٺي فن جي نمونن ۾ اتان جا جاندار ٿر جي لازمي جز طور شامل رھيا آھن. جاندار ھتان جي فن ، ثقافت، علائقائي ورثي ۽ تاريخ جي وڏن واقعن جو حصو رھيا آھن[108][109][110][111][112][113][114][115][116][117][118][119].
جاندارن جي حرمت وارا ھنڌ
[سنواريو]ٿرپارڪر ۾ جاندار جي تحفظ لاء مخصوص ھنڌن مان ھڪ چنڪارا وائلڊ لائيف سينڪچوئري آھي جيڪو 940 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي جتي شڪار منع ٿيل آھي. ان سينڪچوئري جي اتر ۾ چلھار، ڏکڻ اوڀر ۾ ڀوريلو، ۽ اولھ م مٺي ۽ وجتو واقع آهن[120]. ٻيو ھنڌ ڳجھن ۽ مسافر پکين جي سينڪچوئري آھي جيڪا پکين جي حرمت واري جاء آھي جتي نابودي جي خطري ۾ آيل ڳجھن جي مختلف قسمن کي تحفظ ڏنو ويو آهي.
ڳوراڻو کي پڻ مسافر پکين جي رھائش قرار ڏئي تحفظ ڏنو ويو آهي[121][122][123][124]. مور پکي کي پڻ ھن ضلعي ۾ تحفظ مليل آهي[125][126][127][128][129][130][131][132].
ٿري ثقافت
[سنواريو]ٿري عورتن جو لباس گھاگھرو آھي. اھي عام طور تي چاندي جا زيور پائينديون آهن[133]. ڪنواريون پنھنجيون سڄيون ٻانھون اڇي رنگ جي چوڙين سان ڍڪينديون آھن[133].

ٿرپارڪر کي ملڪ جو پرامن علائقو سمجهيو ويندو آهي ۽ صدين کان اتي مذھبي رواداري برقرار رھي آھي. ٿر جي ثقافت ڪثيرالگروھي ھڪجھڙائي واري سنڌ جي روادار صوفياڻي ثقافت سمجھي ويندي آھي. رمضان جي مھيني ۾ ھندو مسلمانن دوستن لاء افطار جون دعوتون ڪندا آهن ۽ موٽ ۾ ھندن جي عقيدي جي احترام ۾ مسلمان ڳئون ذبح نہ ڪندا آهن. نوراتڙي دوران مسلمان گوشتخوري کان پاسو ڪندا آهن ۽ محرم جي مھيني ۾ ھندو ڪوبه شاديانو ڪانه ڪن. غربت جي شدت ھوندي بہ ھتي ڏوھن جي شرح تمام گھٽ ھجڻ ڪري ھي علائقو سڄي ملڪ ۾ ھڪ منفرد حيثيت رکي ٿو[134][135][136][137][138].

ٿرپارڪر جو ھڪ اھم فصل آھي ۽ چڀڙ واري گورا ھتان جو مشهور طعام آهي[139][140] ميون ۽ ڪائر جي گلن مان کٽاڻ پڻ ٺاھي ويندي آهي. ڪائرن جي ڀاڄي پڻ ٺاھي ويندي آهي

سڱري بنجر زمين ۾ سال جي ھر مند ۾ ڦٽندي آهي. ٿر ۾ سڱرين جي ڀاڄي پڻ ٺاھي ويندي آهي[141][142]
ٽيجڙي يا ٽيج ٿر ۾ ملھائجندڙ ھڪ ڏڻ آهي جنھن ۾ عورتون روزو رکنديون آهن ۽ چنڊ نڪرڻ وقت پوڄا ڪنديون آهن جنھن بعد روزو کولي شادي شده عورتون پنھنجي مڙسن جي صحت لاء ۽ ڪنواريون پنھنجي شادي لاء دعا گھرنديون آھن[143][144][145]. ٿر جي کوڙ شاديانن ۾ ستو ۽ لولا گھڻو استعمال ٿيندو آهي. خاص ڪري ستو ٽيجڙي ۾ ۽ لولو ٿڌڙي ۾ استعمال ٿئي ٿو.


ٿڌڙي ٿرپارڪر ۾ ھندن جو ھڪ ڏڻ آهي جيڪو ڪرشنا جنم اسٿمي کان ھڪ ٽٿي اڳ ملھائي ويندي آهي جنھن ۾ ڏھي ۽ کٽاڻ کاڌي ويندي آهي. ٿڌڙي شيتالا جي ارپنا کي ظاھر ڪندي آهي[146][147]. ھن ضلعي ۾ ھندو چيٽي چنڊ وارو ڏڻ پڻ ملھائيندا آھن[148][149] جيڪو سنڌي مھيني چيٽ جي پھرين ڏينھن تي ملھايو ويندو آهي.


نوراتڙي ھتي سال ۾ ٻہ ڀيرا درگا ديوي جي شان ۾ ملھائي ويندي آهي. ان ڏڻ جو مدو نو راتيون ۽ ڏھ ڏينھن ھوندو آھي جن دوران روزا رکيا ويندا آهن ۽ گوشت وغيره کان پرھيز ڪئي ويندي آهي ۽ لازمي طور تي سبزي تي گذارو ڪيو ويندو آهي. ناومي يا ھوما جي رسم کان پوء اسٿمي تي نو جوان ڇوڪرين کي نو ماتا اوتار سمجھندي ڳاڙھي چنري يا رئو تحفي ۾ ڏئي کين کير ۽ ماني ڏني ويندي آهي. نو راتيون ڏيئن جي يا درگا جي تصوير جي چؤگرد گاربا رقص ڪيو ويندو آھي. ڏھين ڏينھن تي رام ليلا ادا ڪئي ويندي آهي[150][151]. ٿرپارڪر ۾ ڏياري پڻ ملھائيندا آھن جيڪو ھندن جو اھم ڏڻ آهي جيڪو نوراتڙي کان ارڙھن ڏينھن پوء ملھايو ويندو آهي[146][147]. چيٽ چنڊ ھندن جي نئين سال جي شروعات جو جشن ھوندو آھي[148]

سياحت
[سنواريو]
ٿرپارڪر ۾ جين مذهب جا 14 مندر ننگرپارڪر ۽ ڀوڏيسر واري مسجد تعلقي ۾ واقع آهن[154] ويرواھ کان 14 ميل اتر اولھ پاسي مشھور گوري مندر واقع آهي جيڪو 6250 چورس ڦٽن تي مشتمل ڀوڏيسر مندر جي طرزِ اڏاوت سان ٺھيل آھي. ان جي اڏاوت ۾ راجپوتانا جي ماربل جو استعمال ڪيو ويو ھو[155]. ٿرپارڪر ۾ نئون ڪوٽ وارو قلعو پڻ سياحت جو مرڪز آھي[155].

ڏيپلو تعلقي ۾ واقع پاربرھم آشرم جنھن کي ويڊيجپ ڌام يا ڇڙي صاحب ڌام پڻ سڏين ٿا مذھبي سياحت جو ماڳ آهي[156][157][158][159][160][161][162][163][164] ڄيٺ جي مھيني ۾ اتي پاربرھم جو ميلو لڳندو آھي جنھن ۾ شرڪت لاء دنيا جي مختلف علائقن مان ھندو زيارت لاءِ ايندا آهن.
مٺي جو بلند ترين مقام گادي ڀٽ آهي جتي ھڪ يادگار تعمير ٿيل آهي جيڪو مٺي شھر م۾ پڻ نظر ايندو آهي. ٿرپارڪر ۾ چوڙيو جبل تي درگا ديوي جو ھڪ تاريخي مندر واقع آهي جنھن جي زيارت لاء نيپال ۽ انڊيا مان ھر سال اٽڪل ٻہ لک ماڻھو ايندا آهن. ھندو پنھنجي عزيزن جي چتائن جي خاڪ اتي پاڪ پاڻي ۾ وجھندا آھن[165][166][167]. ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڀالوا لڳ ماروي جو کوھ پڻ سنڌ جو ثقافتي ورثو آهي[168][169][170].

سنت نيڻورام آشرم جنھن کي پرڻڀارتي آشرم يا ) آکاڊون پڻ سڏين ٿا اسلام ڪوٽ لڳ واقع آهي جيڪو مذھبي سياحت جو ھڪ مرڪز آھي[171] جتي ڪيترائي ماڻھو زيارت لاءِ ايندا آهن. اتي ھر سال ٽي ڏينھن سنت جو ميلو ٿيندو آهي جنھن ۾ ھندن سان گڏ مسلمان پڻ ايندا آهن[172]. ٿرپارڪر ۾ ننگرپارڪر لڳ ڪارونجھر جبل پڻ سياحتي مرڪز آھي جيڪو 19 ڪلوميٽر ڊگھو آھي ۽ ان جي اوچائي 305 ميٽر آھي.
ٿرپارڪر جا ننڍڙا شھر
[سنواريو]ٿرپارڪر ضلعي جا ھڪ لک کان ست هزار تائين واري آبادي جا وڏا ، ننڍا ۽ ننڍڙا شھر[52]:
پرڻو (آبادي:110,318)، گڏرو (آبادي: 97,432), کينسر (آبادي:93,261 )، ڪلوئي (آبادي:85,544 )، ويرواھ (آبادي:83,799 )، تر دوس (آبادي:81,256 ), سارنگيار (آبادي:79,605 )، ڏيپلو (آبادي:76,573 ),ننگرپارڪر (آبادي:66,540 ) ، تر احمد (آبادي:59,463 ), ڇاڇرو (آبادي:57,834 )، تگوسر (آبادي:56,064 ), راڄوڙو (آبادي:55,693 ), ڪنٽيو (آبادي: 53,539), ڪڙيو غلام شاھ (آبادي:51,912 ), ماجھاٽي (آبادي: 51,292)، سنگاريو (آبادي:51,229 ), ٻلھڙي (آبادي:51,080 ),ڏاھلي (آبادي:50,179 )، گڏڙو (آبادي: 47,253)، مٺي ٽائون ڪاميٽي (آبادي:47,073 ), ٻپھار (آبادي: 46,825)، کيٽلاري (آبادي:43,669 ), ھاڙھو، ڪمرھار، گل محمد راهمون، پليو، مٺڙيو چارڻ، جوڙئو، چرنور، ڀيٽارو، ڪنرال، چيلھار، موھراڻو، ڌارندارو، راحمڪي بازار، ويرواھ، اسلام ڪوٽ، پٿاپور، ڪاھري، اڍگام، ساٽيديرا، ڇوٽل، رواتسر، ڀٽارو، چرنور، داڀو، ھرار، ممچيرو، ھنجتال، تر حمير، پوسارڪو، وجيتو، جھوڻ، وجھيار، سونالبو، رارلي، کڏي، ساجن جو پار، جيسي جو پار، سوڀيار، ڪرن، روھڙ ڪيلھڻ، ويروري، پوسارڪو، الھرکي جو پار، اکيراج، اربيليھار، جھڻجي، ڪنڀاريو، پيراڻو جو پار، ھراڙ ڊيڊا، ڦانٽ، جوڳيويرو، ڇھو، ڏوھڙي، گريانچو، ڪيرٽي، نئون ڪارٽو، چچي مورا، کراريون، قصبو، حميراباھ، کيٽلاري، ڪرڙيو، کيمي جو پار، راٺي، گھوٽي
مشھور شخصيتون
[سنواريو]
- نھالچند پٻاڻي (1913–1997)، اسلام ڪوٽ جو اڳوڻو چيئرمين ۽ سماجي ڪارڪن
- فوزيا سومرو(1966–2002) سنڌي ٻولي، مارواڙي ٻولي ۽ ٿري ٻولي جي لوڪ گلوڪاره
- مائي ڀاڳي اصل نالو ڀاڳڀري (1920–1986) جنھن کي ٿر جي ڪوئل سڏيندا آهن[173]
- محمد عثمان ڏيپلائي (پ: 13 جون 1908 ۽ و: 8 فيبروري 1981) ليکڪ[174]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "PakistanHuman Development Index Report" (PDF). United Nations Development Programme. 2 May 2018. 30 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Population - Pakistan Bureau of Statistics" (PDF). www.pbscensus.gov.pk/.
- ↑ "Use of space-based technology to search for alternate sources of water in Tharparkar | Space4Water Portal". space4water.org. 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Population of Hindus in the Pakistan". Pakistan Hindu Council.
- 1 2 Editor, T. N. S. (2019-10-20). "Thar: where Muslims and Hindus live in complete religious harmony". TNS - The News on Sunday (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}:|last=has generic name (مدد) - ↑ Khan, M. Ilyas (6 November 2019). "Pakistan police investigate 'joint suicide' of sisters-in-law". BBC News. 15 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- 1 2 3 4 5 [ http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=124 آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر ]
- ↑ "Pakistan Emergency Situational Analysis - District Tharparkar, May 2014 - Pakistan". ReliefWeb (انگريزي ۾). 2019-07-16 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan Tourism Development Corporation->destinations>Sindh->Tharparkar->Introduction". www.tourism.gov.pk. اصل نسخو مان 16 July 2019 تي محفوظ ڪيل. 2019-07-16 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 Beg, Mirza Arshad Ali (en ۾). Social & Environmental Baseline of Tharparkar District 2013. https://www.academia.edu/8052687.
- ↑ Accounts and Papers of the House of Commons (انگريزي ۾). Ordered to be printed. 1843.
- 1 2 3 4 5 A profile of District Tharparkar- ReliefWeb report
- 1 2 "Web Portal of Population Welfare Department Government of Sindh". pwdsindh.gov.pk. 2019-09-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2021-04-28 تي محفوظ ڪيل, 2021-04-28 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Multidimensional Poverty in Pakistan by UNDP" (PDF). UNDP Pakistan.
- ↑ Gokulan, Dhanusha. "Dubai-based Indian businessman builds 62 water hand pumps in Pakistan". Khaleej Times. 2019-06-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Dubai-Based Indian Man Installs Hand Pumps In Poor Pak District: Report". NDTV.com. 2019-06-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "SC plans body to examine govt measures in Tharparkar - Pakistan". ReliefWeb (انگريزي ۾). 2019-06-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Youth Empowerment Program". www.hhrd.org. 2019-08-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "BISP, WFP ink MoU to mitigate food insecurity in drought-ht Tharparkar". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2019-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Drought In District Tharparkar Rapid Need Assessment Report October 2018 - Pakistan". ReliefWeb (انگريزي ۾). 2019-07-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tribune.com.pk (2018-11-26). "Free fodder for 20,000 households breeding livestock in Tharparkar". The Express Tribune (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-07-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Times, The Sindh (2019-05-09). "Livestock management in Thar". The Sindh Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-07-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Boosting wool output and carpet industry in Sindh". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2007-11-26. 2019-07-31 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Quality wool production". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2002-04-29. 2019-07-31 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Livestock Productivity in the Desert Ecologies of Pakistan: Setting the Development Priorities" (PDF). Pakistan Institute of Development Economics. 31 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan Livestock Census 2006 | Pakistan Bureau of Statistics". www.pbs.gov.pk. 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "LIVESTOCK RESOURCES OF PAKISTAN: PRESENT STATUS AND FUTURE TRENDS" (PDF). Science Vision - A Journal of Science for Development. 31 July 2019 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: line feed اکر in|website=at position 43 (مدد) - ↑ "Zebu cattle of India and Pakistan" (PDF). The Food and Agriculture Organization (FAO) of the United Nations. 31 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pak Dairy Info - Kudhi Buffalo". www.pakdairyinfo.com. 2019-07-31 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Breeds of Livestock - Kooka Sheep — Breeds of Livestock, Department of Animal Science". afs.okstate.edu. 2019-07-31 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Breeds of Livestock - Kachhi Sheep — Breeds of Livestock, Department of Animal Science". afs.okstate.edu. 2019-07-31 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Goat Breeds In Sindh". AgriHunt - A hunt for agriculture knowledge. 31 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pre-Feasibility Study CAMEL FARM" (PDF). Agriculture Marketing Information Service. 31 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Livestock". thar (انگريزي ۾). 2012-12-11. 2019-07-31 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Coal Resources of Pakistan: new coalfields". ResearchGate (انگريزي ۾). 2019-08-27 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan Coal Power Generation Potential - June 2004" (PDF). National Electric Power Regulatory Authority (NEPRA). 27 August 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan's Thar Coal Power Generation Potential - July 2008" (PDF). National Centre of Excellence in Analytical Chemistry - University of Sindh (ISO Certified 9001 - 2008, 14001 -2004). 27 August 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2021-04-28 تي محفوظ ڪيل, 2021-04-28 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2021-07-10 تي محفوظ ڪيل, 2021-04-28 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2021-05-20 تي محفوظ ڪيل, 2021-04-28 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2019-08-27 تي محفوظ ڪيل, 2021-04-28 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Govt adds new members to Thar coal board". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2019-08-27 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Abbtakk.tv: Latest News Breaking Pakistan, World, Live Videos". Abb Takk News (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-08-27 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tribune.com.pk (2019-03-19). "Thar coal starts power supply to national grid | The Express Tribune". tribune.com.pk. 2019-08-27 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Drought Situation Report of Sindh Particularly in District Tharparkar-2018" (PDF). NATIONAL DISASTER MANAGEMENT AUTHORITY - GOVERNMENT OF PAKISTAN.
- ↑ "PBS Census". PBS Census. اصل نسخو مان 2017-06-16 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ "Relief Goods Dispatched in District Tharparkar" (PDF). Provincial Disaster Management Authority - Government of Sindh.
- ↑ "Sindh Drought Needs Assessment (SDNA) Report January 2019 - Pakistan". ReliefWeb (انگريزي ۾). 2019-07-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Reform Support Unit School Education & Literacy Department - Government of Sindh" (PDF).
- 1 2 3 4 5 "Tharparkar District – Population of Cities, Towns and Villages 2017-2018" (انگريزي ۾). 2018-05-28. 2026-03-07 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 › contentDistrict at a glance Tharparkar | Pakistan Bureau of Statistics
- ↑ "Tharparkar (District, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location". citypopulation.info.
- ↑ "Development Statistics of Sindh - Year 2018" (PDF). Sindh Bureau of Statistics.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2022-01-20 تي محفوظ ڪيل, 2021-04-29 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Rizvi, Raza. "Thar District to Get Its First University" (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-09-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ {{Cite web|url=http://politicalpanadol.com/thar-needs-university/|title=Thar[مئل ڳنڍڻو] Needs University|last=admin|date=2019-04-09|website=Political Panadol|language=en-US|access-date=2019-09-03}
- 1 2 "NED University establishing campus in Tharparkar". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2019-09-03 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "MoU signed to establish NED Campus in Thar this year". Business Recorder (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-08-09. 2019-09-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "NED signs MoU with SECMC, TCF". Business Recorder (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-08-20. 2019-09-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "CM okay setting up TIEST at Mithi | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. 2019-09-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "CM approves establishment of engineering institute in Thar". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2019-09-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Murad approves establishment of engineering institute in Thar". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2019-09-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Rs1.5bn science & technology institute to be set up in Thar | ePaper | DAWN.COM". epaper.dawn.com. 2019-09-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Report, Recorder (2019-10-24). "NED university campus opens in Tharparkar". Business Recorder (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-10-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Thar Institute of Engineering, Sciences & Technology | NEDUET Website". www.neduet.edu.pk. 2019-10-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "JOB OPPORTUNITIES FOR NED UNIVERSITY CAMPUS AT ISLAMKOT, THAR" (PDF). NED University of Engineering & Technology. 24 October 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Admission Notice for Thar Institute of Engineering, Sciences and Technology (TIEST)" (PDF). Thar Institute of Engineering, Sciences & Technology. 24 October 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ › ...Pakistan: Health facilities in Tharparkar- Sindh province ...
- ↑ "Thar desert | ThingsAsian". thingsasian.com. 2019-08-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ThingsAsian: Kekra, a form of local transport made from American Army Trucks, used by Pakistan Army and later auctione… | It's all about the journey... | Beautiful places to travel, Travel, Deserts". Pinterest (انگريزي ۾). 2019-08-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Tharparker: a peek into the deserted jewel". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2017-09-19. 2019-08-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Editor, T. N. S. (2018-10-14). "The harmony of Mithi". TNS - The News on Sunday (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-08-01 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}:|last=has generic name (مدد) - ↑ "Hunger amidst the dunes?". The Friday Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2016-03-18. 2019-08-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Saqib, Ramla (2018-10-30). "Here's Why Visiting Tharparkar In November Will Be The Best Decision You'll Ever Make!". Parhlo (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-08-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Dawn.com (2011-06-30). "The rickety 'Kekra' of Thar". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-08-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan". www.trekearth.com (انگريزي ۾). 2019-08-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Kekra ---- The King Of Thar (انگريزي ۾), 2019-08-01 تي حاصل ڪيل
- ↑ Thar Jo Registani Jahaz ..... .....Kekra Of Thar (انگريزي ۾), 2019-08-01 تي حاصل ڪيل
- ↑ Dhatki, the language of Thar desert - BBCURDU (انگريزي ۾), 2019-10-29 تي حاصل ڪيل
- ↑ "Pakistan & Afghanistan - Carte linguistique / Linguistic map". www.muturzikin.com. 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Gujarati". Ethnologue (انگريزي ۾). 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Jogi". Ethnologue (انگريزي ۾). 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Koli, Kachi". Ethnologue (انگريزي ۾). 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Koli, Parkari". Ethnologue (انگريزي ۾). 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Hasan, Arif; Raza, Mansoor (2009). Migration and Small Towns in Pakistan. IIED. ص. 15–16. ISBN 9781843697343.
In the 1965 war, Pakistan captured a large area of the Indian part of the Thar desert, and in 1971 India captured a large part of the Thar desert in Pakistan. Many UCs in Pakistani Thar were Hindu majority areas, and Pakistani Thar as a whole was dominated by the Hindu upper caste who controlled most of the productive land and livestock. They also dominated the politics of Thar and strictly enforced caste divisions, making upward social and economic mobility almost impossible for the Hindu lower castes. Their control over the caste system also ensured the maintenance of agriculture-related infrastructure through baigar (forced labour) and the protection of forests and pasture lands. Following the 1965 and 1971 wars, the Hindu upper castes and their retainers fled to India. As a result, the feudal institutions that managed agricultural production and the maintenance of infrastructure collapsed. This has had severe repercussions on the natural environment of Thar. In addition, the lower castes were freed from serfdom and to some extent from discrimination. Many of their members, as a result, have acquired education and are important professionals and NGO leaders. Apart from the migration of Hindus to India, 3,500 Muslim families moved from Indian Thar to Pakistani Thar. They were given 12 acres of land per family (a total of 42,000 acres), thus introducing another factor in the social and political structure of Thar and creating a new interest group.
- ↑ Maini, Tridivesh Singh (15 August 2012). "Not just another border". Himal South Asian.
It was not 1947 but the Indo-Pak war of 1971 which proved to be the game changer on this part of the border, since it was then that Hindus from Sindh, worried about persecution in Pakistan, fled to India. The cross-border train service had already been stopped following the 1965 war between India and Pakistan, and resumed only in 2006. Hindu Singh Sodha, a 15-year-old at that time he fled Pakistan in 1971, has set up the Seemant Lok Sangathan, which has been fighting for citizenship rights for all Hindu refugees from Sindh. During the war, Muslims from this region also fled to Pakistan.
- ↑ Arisar, Allah Bux (6 October 2015). "Families separated by Pak-India border yearn to see their loved ones". News Lens Pakistan. اصل نسخو مان 25 December 2016 تي محفوظ ڪيل. 25 December 2016 تي حاصل ڪيل.
Another woman, Amnat, a resident of Umerkot had a similar story to tell. She was married at the age of 17 and her husband took her to Pakistan. She is presently 60 years old. Her husband passed away 23 years ago. "My father Abdul Karim had also migrated from Rajasthan, India to Umerkot". One reason is because his daughter lives in Sindh. Her father narrated to her that at the time of Pak-India wars, Muslims in the border's districts were robbed, killed and harassed by the Indian army, hence he preferred to migrate to a Muslim country like Pakistan to avoid confrontation. She recalled that in the 1965 War between Pakistan and India; Kaprao, Konro, Boath, Vauri, Gahrr jo Tarr, Dedohar, Mate ka Talha, Bijhrar, and a number of other border villages were evacuated. Four persons were killed in the village of Kaprao by the Indian Army based on the allegations that they had been helping the Pakistan Army.
{{cite news}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "District Profile". August 30, 2011. اصل نسخو مان 2011-08-30 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ "Drought In Thar, Pakistan And The Lives of Hindu Minorities". Countercurrents (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-10-02. 2019-10-05 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Census 2017: Two years on, govt mum on official minority count". The Express Tribune. 9 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Suthar candidate from Thar vows better education facilities for girls". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-06-25. 2019-09-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ says, K. Hussan Zia (2018-05-04). "Nanakpanthis in Mithi". The Friday Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-09-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Correspondent, The Newspaper's (2012-02-28). "Tharis continue long march". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-09-25 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}:|last=has generic name (مدد) - ↑ Newspaper, From the (2019-04-25). "Buses for Tharparkar". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-09-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tribune.com.pk (2012-09-03). "Helping Thar's residents: Wheat distribution starts amid allegations of corruption". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2019-09-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "This Pakistani Hindu woman is gearing up to fight feudal system in upcoming polls". The Financial Express (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-06-06. 2019-09-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Tharparkar Contact list Drought 2014". Humanitarian Response -- OCHA. 26 سيپٽمبر 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ koeppen-geiger.vu-wien.ac.at/present.htm
- ↑ http://www.tourism.gov.pk/climate_tharparkar_sindh.html[مئل ڳنڍڻو]
- 1 2 Kumar, Teerath (2018-11-03). "Last 20 Years Rainfall Record of Tharparkar and Drought History | Jhangi Zone" (انگريزي ۾). 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pakistan: Prolonged drought threatens communities in Thar Desert". www.aljazeera.com. 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Evaluation of Thar Rural Development Project" (برطانوي انگريزي ۾). 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Comprehensive Assessment of Drought and Famine in Sind Arid Zones" (برطانوي انگريزي ۾). 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Reporter, The Newspaper's Staff (2018-10-20). "Over 500 children died in drought-hit Thar this year, Murad told". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Thar, Drought and Change" (برطانوي انگريزي ۾). 2019-08-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Mammalian Diversity in Thar Desert Habitat of Tharparkar District by Zoological Society Of Pakistan" (PDF). www.zsp.com.pk. 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Conservation of endangered wild species in Thar demanded". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2017-01-26. 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Gorano declared new habitat for migratory birds in Thar". The Nation (انگريزي ۾). 2019-02-05. 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Illegal business of snakes, scorpions thriving in interior Sindh | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "One scorpion, two venoms". The Hindu. 13 March 2003. اصل نسخو مان 17 May 2003 تي محفوظ ڪيل. 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "At Pakistan border, BSF fights snakes, Scorpions and porcupines too". The New Indian Express. 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Newspaper, From the (2011-10-28). "Snake invasion spreads terror in Thar". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The unexpected little underdogs of the big bad desert". Mongabay-India (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-02-18. 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Orthopteran Biodiversity of Thar Desert, Sindh, Pakistan | Riffat Sultana | Request PDF". ResearchGate (انگريزي ۾). 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindh Minister's Solution to Locust Attack Is Eating Insects". Lens (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-07-01. 2019-07-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tyagi, B. K.; Baqri, Q. H. (2005-05-01). Changing Faunal Ecology in the Thar Desert (انگريزي ۾). Scientific Publishers. ISBN 9789387307506.
- ↑ "Sindh wildlife at risk due to drought". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-10-08. 2019-07-16 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Admin. "Chinkara Wildlife Sanctuary – Wildlife of Pakistan" (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Gorano Reservoir declared as Ecotourism destination in Thar". Business Recorder (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-08-08. 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Rizvi, Kazim Raza (2019-02-04). "IUCN declares Gorano in Tharparkar a new habitat for migratory birds". CustomNews.pk (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "IUCN Identifies Tharparkar As A Major Sanctuary For Endangered Species Of Vulture". UrduPoint (انگريزي ۾). 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Thar declared major vulture sanctuary in Sindh - Zameen News". www.zameen.com. 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Abbtakk.tv: Latest News Breaking Pakistan, World, Live Videos". Abb Takk News (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pakistan, S. K. (2017-03-01). "More Than 170 Peacocks Have Died In Thar Due To A Contagious Disease And Everyone Is Quiet!". Parhlo (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ says, Bader (2016-02-12). "Lighting up the dunes". The Friday Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "رانی کھیت کی بیماری،2روزمیں15مورمرگئے". jang.com.pk. 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "At least 20 peacocks 'mysteriously' die in Tharparkar over weekend". PKKH.tv (آمريڪي انگريزي ۾). 2017-04-16. 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Explorer, Pakistan (2012-08-01). "Deadly Ranikhet devours 100 wild Peacocks in Tharparkar". Pakistan Explorer (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "In Tharparkar, a teacher struggles to keep peacocks alive". The Express Tribune. 20 October 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "55 more peacocks die in one week in Tharparkar - Pakistan". Dunya News. 2019-10-20 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 [ https://historypak.com › ... › SindhTharparkar - History Pak]
- ↑ "No cow slaughtering in Pakistan's border district, not under compulsion but respect". Arab News (انگريزي ۾). 2018-08-23. 2019-09-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Abraham, Katherine (2018-12-28). "Mithi: Pakistan's Lost Symbol of interfaith harmony". News and Analysis from India. A Refreshing approach to news. (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-09-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Raza, Hassan (2015-03-04). "Mithi: Where a Hindu fasts and a Muslim does not slaughter cows". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2019-09-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tribune.com.pk (2014-12-21). "Impoverished but peaceful: Poverty breeds crime, but not in Thar". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2019-09-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Voices, Pak (2017-03-12). "Co-existence and Caste System in Tharparkar: A Land of Contrasts". PakVoices (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-09-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "TDAP holds seminar on export potential of guargum". The Nation (انگريزي ۾). 2018-05-10. 2019-09-18 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Figure 3.7: Guar is a major food crop in Tharparkar". ResearchGate (انگريزي ۾). 2019-09-18 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Khaskheli, Jan. "Bountiful desert". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2019-09-08 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sangri". www.specialtyproduce.com (انگريزي ۾). 2019-09-18 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Teejri Rituals". teejri.com. 2019-09-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Teejri". www.jhulelal.com. 2019-09-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ٽيجڙي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org.
{{cite web}}: Unknown parameter|a ccess-date=ignored (مدد) - 1 2 "Sindhi Hindus celebrate Thadri today". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-09-02. 2019-09-10 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Thadri festival~ Food And Rituals" (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-09-10 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Mark-Anthony Falzon (2004). Cosmopolitan Connections: The Sindhi Diaspora, 1860–2000. BRILL. ص. 60–63. ISBN 90-04-14008-5.
- ↑ S. Ramey (2008). Hindu, Sufi, or Sikh: Contested Practices and Identifications of Sindhi Hindus in India and Beyond. Palgrave Macmillan. ص. 8, 36. ISBN 978-0-230-61622-6.
- ↑ "'Navratri, Ghatasthapana and Cheti Chand festivals celebrated in Sindh". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2017-03-28. 2019-10-05 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Dancing up a storm on Navratri". The Express Tribune. 23 October 2015. 5 October 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Meet Rana Hamir Singh, PPP's first pick on minority reserved seat in Sindh". The Express Tribune. 3 August 2018. 2 October 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Tentative Lists". UNESCO. 16 سيپٽمبر 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Centre, UNESCO World Heritage. "Nagarparkar Cultural Landscape". UNESCO World Heritage Centre (انگريزي ۾). 2019-08-23 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 [ https://www.stdc.gos.pk › categoryTharparkar - Sindh Tourism Development Corporation]
- ↑ "Yatris see 'the light' at Shri Parbirham mela". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2019-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Fakeer Parbirham Aashram (Verijhap Dham)". wikimapia.org (انگريزي ۾). 2019-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "NA resolution calls for protection of minorities' holy sites | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. 2019-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Tribune.com.pk (2014-05-16). "National Assembly session: MPs back move to protect holy sites of minorities". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2019-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ CHHARHI YATRA - FAKEER PARBIRHAM - ISLAMKOT | Creative Media TV (انگريزي ۾), 2019-08-23 تي حاصل ڪيل
- ↑ "Fakeer Parbirham - Apps on Google Play". play.google.com (انگريزي ۾). 2019-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Dado Parbirham". www.fakirparbirham.blogspot.com. 2019-08-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Welcome To Sindhi Saints: Faqir Parbirham فقير پاربرهم". Welcome To Sindhi Saints. 2019-08-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Par Bharam Parmeshwar, Sadashiv Chhari Mandir, Kubernagar. 02.07.2018 Video. (انگريزي ۾), 2019-08-23 تي حاصل ڪيل
- ↑ https://tribune.com.pk/story/130210/contractor-blasting-through-tharparkar-temple-in-search-of-granite/
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2018-07-13 تي محفوظ ڪيل, 2021-04-29 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Beauty of Thar's Karoonjhar mountains marred by illegal cutting, crushing | Samaa Digital". Samaa TV (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-11-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Umar Marvi" (انگريزي ۾). 2019-08-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Marvi's Well, Tharparkar". heritage.eftsindh.com. 2019-08-24 تي حاصل ڪيل.
- ↑ SHABBIR IBNE ADIL, PTV, Marvi Well in Thar (News Report) (انگريزي ۾), 2019-08-24 تي حاصل ڪيل
- ↑ Akash Hamirani, Bashir Ahmad (April 26, 2018). "Nenu Ram Ashram: A place of refuge for everyone". Pak Voices. اصل نسخو مان August 4, 2020 تي محفوظ ڪيل. April 29, 2021 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ Zia Ur Rehman (2018-10-30). "Sindh festival promotes religious harmony". Pakistan Forward.
- ↑ "Legendary folk singer Mai Bhagi remembered". The Nation (انگريزي ۾). 2018-07-08. 2021-04-28 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Report, Bureau (2012-02-08). "Usman Diplai's contribution to Sindhi literature highlighted". DAWN.COM (انگريزي ۾). 2021-04-28 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}:|first=has generic name (مدد)
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- CS1 errors: generic name
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 errors: invisible characters
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from October 2023
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Articles with dead external links from November 2024
- CS1 برطانوي انگريزي-language sources (en-gb)
- پاڪستان جا ضلعا
- سنڌ جا ضلعا
- ضلعو ٿرپارڪر
- ٿر
- ٿر پارڪر