ٿرپارڪر ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٿرپارڪر
ضلعو
ٿرپارڪر ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ٿرپارڪر ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ٿرپارڪر is located in سنڌ
ٿرپارڪر
ٿرپارڪر
ٿرپارڪر is located in Pakistan
ٿرپارڪر
ٿرپارڪر
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°42′N 69°43′E / 24.700°N 69.717°E / 24.700; 69.717مڪانيت: 24°42′N 69°43′E / 24.700°N 69.717°E / 24.700; 69.717
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن ميرپور خاص ڊويزن
ضلعي صدر مقام مٺي شھر
تعلقا 4
پکيڙ
 • ڪل 19,638 ڪ.م2 (7,582 ميل2)
آبادي (2017)
 • ڪل 1,649,661
تڪ

صوبائي اسيمبلي

پي ايس-54-ٿرپارڪر-I - عبدالرزاق راھمون

پي ايس 55 ٿرپارڪر-II - محمد قاسم سومرو

پي ايس 56 ٿرپارڪر-III - فقير شير محمد بلالاڻي

پي ايس 57 ٿرپارڪر-IV - ارباب لطف الله

قومي اسيمبلي

اين اي-221 ٿرپارڪر-I - پير نورمحمد شاھ جيلاني

اين اي-222 ٿرپارڪر-II - مھيش ڪمار مالاڻي


ٿرپارڪر ضلعو:(انگريزي: Tharparkar District ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ميرپورخاص ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام مِٺي شهر آهي. ٿرپارڪر نالي سان ڪو شھر ڪانھي پر اھو ٻن علائقن : ٿر ۽ پارڪر جو نالو آهي جيڪو ھن ضلعي تي رکيو ويو. شروع م ميرپورخاص ھن ضلعي جو تعلقو ۽ ضلعي صدر مقام ھيو پر ان جي ڌار ٿيڻ بعد ھن ضلعي جو صدر مقام مٺي کي بڻايو ويو.

ٿرپارڪر جي سڃاڻپ مور

ھي ضلعو پکيڙ ۾ سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي[2][3] سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪَ ھندو آبادي ھن صوبي ۾ رھندڙ آھي[4][5][6] ھي ضلعو سنڌ جي انساني ترقي جي اشاريي جي گھٽ ترين شرح وارو ضلعو آهي.

سنڌ جي نقشي ۾ ٿرپارڪر ضلعي جو مقام

نالي جو پسمنظر ۽ معنيَ[سنواريو]

ٿر سنسڪرت لفظ سٿل مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ. انهيءَ سٿل جو اچار اول ڦري ٿيو ٿل، يعني خشڪ زمين (ان جو ضد: جل معنيٰ پاڻي) ۽ ٿل جو اچار ڦري ٿيو ٿر.[7]. جيڪڏهن سندن ڪو ڍور ڊوڙي ڊوڙي وڃي هڪ جاءِ تي بيٺو ته ، چوندا ته مس مس وڃي ٿري بيٺو آهي. ڪاڙهيل کير جي ٿڌي ٿيڻ سان مٿان ٺهندڙ تھ کي به ٿر چئبو آهي[8]. اهڙي ريت ٿر ۾ واري جون ڀٽون به ڄميل ۽ ٽڪي ٻڌل آهن، انهي ڪري انهن کي ٿري چيو وڃي ٿو[8]. جيئن ته ٿر ۾ گهڻيون ڀٽون آهن. تنهنڪري ڀٽن يعني ٿرين وارو ملڪ يا ٿري وارو علائقو ، جنهن مان ٿر نالو ٺهيو[8]. قديم وقت ۾ پارڪر واري ڀاڱي ۽ ڪڇ جي ملڪ جي وچ ۾ بيٺل ڪڇ جي رڻ ۾ پاڻي هوندو هو. جنهن کي کاري چوندا هئا. ماڻهن کي اچ وڃ لاءِ اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي. جنهن ڪري چوندا هئا پارکاري يا پار اُڪر، جنهن مان ڦري ٿيو پارکار ۽ پوءِ نالو پيو پارکر يا پارڪر[7]. ٿر ۽ پارڪر وارو ٽڪر، ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ جي ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ڪن بيانن موجب چوڻ ۾ اچي ٿو ته پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي پهڻ يا پٿر جو ملڪ. ڇاڪاڻ جو هن ڀاڱي ۾ چوڌاري ننڍا ننڍا ٽڪر آهن باقي وچ ۾ ننگر پارڪر شهر وٽ ڪارونجهر ٽڪري آهي[7].

جاگرافي[سنواريو]

ٿرپارڪر سنڌ جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي واقع آهي جيڪو قدرتي طور ٻن حصن ۾ ورهايل آهي:

اھو حصو 109 جابلو ٽڪرين جي بيدي نما سلسلي ڪارونجهر جبل ۽ انجي وچ ۽ پاسن واري سڌي زرخيز زمين وارو آهي جنهن ۾ ڪارونجهر جبل جي قطار ۽ ٻيون 45 ننڍيون وڏيون جابلو ٽڪريون پڻ موجود آهن. ان جي ڏکڻ اولھ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي.

پارڪر واري ھن علائقي ۾ ڪارونجهر جي جابلو سلسلي جي ختم ٿيڻ سان اتر طرف ڀٽن وارو علائقو شروع ٿو ٿئي . ٿر کي ريگستان به چون ٿا. ريگ معني واري ۽ آستان معني جاءِ . يعني واري جي جاءِ يا وارياسو علائقو. هن علائقي ۾ واري جون ڀٽون تمام گهڻيون آهن. ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو ٿري چوندا آهن[8]. پاڪستان ۽ هندستان جي ٿر واري گڏيل ريگستان جي پکيڙ تقريبن ٻه لک چورس ڪلوميٽر آهي. پر انهي ريگستان جي ننڍي ٽڪري جيڪا سنڌ ۾ آهي اھا ٻن حصن: اڇڙو ٿر ۽ ٿرپاڪر ۾ ورھايل آھي.. جيئن ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿر ۽ پارڪر جا ٻئي علائقا شامل آهن، انهي ڪري ئي هن ضلعي جو نالو ٿرپارڪر آهي. هن ضلعي جي پکيڙ 19638 چورس ڪلوميٽر آهي[8]. ھن ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ ڊگھائي ڦاڪ ۾ 69° 3′ 35″ ۽ 71° 7′ 47″ ڊگري اوڀر ۽ ويڪرائي ڦاڪ ۾ 24° 9′ 35″ ۽ 25° 43′ 6″ ڊگري اتر طرف واقع آهي[9][10] ان جي اوڀر ۾ انڊيا جي رياست راجستان جا جيسلمير، بارمير ۽ جيلور ضلعا, ڏکڻ ۾ انڊيا جي گجرات رياست جو ڪڇ، اتر ۾ عمرڪوٽ ضلعو ۽ اولھ ۾ بدين ضلعو ۽ ميرپور خاص ضلعو واقع آهن.

تاريخ[سنواريو]

ٿر جو علائقو شروع ۾ ريگستان نہ ھيو پر ھڪ سرسبز علائقو ھيو جنھن مان سنڌو نديءَ جي ھڪ شاخ پڻ وھندي ھئي. رگويد ۾ ان کي سرسوتي ندي سڏيو ويو آهي. اٽڪل 2000 ق م کان 1500 ق م واري دؤر ۾ ھي سرزمين ريگستان ۾ تبديل ٿي وئي. ھندن جي مقدس ڪتاب رامائڻ ۾ ھن علائقي کي لاون ساگر جي نالي سان سڏيو ويو آهي جنھن جي معنيَ آهي لوڻ وارو سمنڊ. ھن علائقي تي ماضي ۾ سومرا گھراڻي[11], سمون گھراڻي، ارغون گھراڻي، ڪلھوڙن جي گھراڻي ۽ ٽالپر گھراڻن جو راڄ رھيو آھي. 1843ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪاري راڄ جو حصو رھيو. ڪمپني سرڪار سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي جو حصو بڻايو تہ ٿرپارڪر بمبئي سرڪار جي نگراني ۾ رھيو. 1858ع ۾ بمبئي سرڪار ان کي حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪري ڇڏيو. 1860 ۾ برٽش سرڪار سنڌ جي ڊويزن م اوڀر سنڌ سرحد نالي ھڪ نئون علائقو قائم ڪري ان جو صدر مقام عمرڪوٽ شھر کي بڻايو ۽ 1882 ۾ ان کي ضلعي جو درجو ڏني ٿرپارڪر نالو رکيو ويو جنھن جو صدر مقام ساڳيو عمرڪوٽ ۾ رکيو ويو ۽ اتي ڊپٽي ڪمشنر جي مقرري ڪئي. 1906ع ۾ ان جو صدر مقام ميرپور خاص شھر ۾ منتقل ڪيو ويو. 31 آڪٽوبر 1990ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي کي ٽوڙي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو جن مان ھڪ ميرپور خاص ضلعو جنھن جو صدر مقام ميرپور خاص شھر کي بڻايو ويو ۽ ٻيو ٿرپارڪر ضلعو جنھن جو صدر مقام عمرڪوٽ شھر ۾ منتقل ڪيو ويو. 17 اپريل 1993ع ۾ ٿرپارڪر کي وري ٽوڙي عمرڪوٽ ضلعو ٺاھي ان جي صدر مقام عمرڪوٽ شھر ۽ ٿرپارڪر ضلعي جو صدر مقام مٺي شھر ۾ منتقل ڪيو ويو[11][12][13][14]

معيشت[سنواريو]

ھي ضلعو سنڌ جي غريب ضلعن ۾ شمار ٿئي ٿو جتي ماڻھن لاء بنيادي سھولتن جو وڏو فقدان آهي. پاڪستان ۾ ھن ضلعي جي انساني ترقي جي اشاريي جي شرح 2017ع ۾ 0.227 ھئي.[15] ان سال پاڪستان جي 114 ضلعن ۾ ھن ضلعي جو شمار 109ئون ھيو ۽ 2013ع ۾ گھٽجي 103ئين نمبر تي پھتو جيڪو پوء بہ سنڌ جي ضلعن ۾ سڀ کان گھٽ ۾ گھٽ درجو ھيو. 2005 ۽ 2015 ۾ ھي ضلعو پاڪستان جي ڏھن سڀ کان وڌيڪ بدحال ضلعن ۾ شامل ھو. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي گھڻ رخي غربت واري اشاريي جي رپورٽ مطابق ٿرپارڪر جو 87 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رهيو آهي[16][17][18] اھو ئي سبب آهي تہ اتي نئين ڄاول ٻارن جي موت جي شرح تمام گھڻي آھي[19][20] [21] ھن ضلعي جي 96 سيڪڙو آبادي ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ آھي جنھن ڪري ھن ضلعي جي معيشت زراعت ۽ چوپائي مال جي افزائش آھي.[13]

Thari women working on fields
ٿري عورتون ٻني تي ڪم ڪندي

زراعت ۾ گھڻي ڀاڱي برسات تي دارومدار رھي ٿو پر ننگرپارڪر واري علائقي ۾ ٽيوب ويلن جو استعمال پڻ ٿئي ٿو. ضلعي جي ڪل ايراضي 2,011,000 ھيڪٽر آھي جنھن جو %50.4 يعني 1,014,000 ھيڪٽرن ۾ پوکي ٿئي ٿي. [13] ھن ضلعي جي 94 سيڪڙو آبادي گھرن ۾ چوپايو مال رکي ٿي ۽ 77.64. سيڪڙو آبادي چوپائي جي سنڀال جي سرگرمين ۾ شامل رھندي آھي[22] ھتان جي ھر گھر ۾ سراسري 8 ڍور آھن ۽ ضلعي اندر چوپائي مال جو تعداد جو تخمينو 77 لک ڍور آھي[23][24]. ضلعي جي چوپائي مال جي ضلعي معيشت ۾ رڍون ڏاڍيون اھم آھن جن مان ساليانو 33 لک ڪلوگرام اُن سالياني پيدا ٿئي ٿي[25] ٿرپارڪر ۾ رڍن جي سنڌ جي ڪل رڍن جو 40 سيڪڙو آبادي آهي ۽ اھو ضلعو سنڌ اندر رڍن جي افزائش کاء لاءِ سڀ کان موافق صوبو آهي[26] ھتان جي 70.30 سيڪڙو زرعي زمين م ھر لاء ڍورن جو استعمال عام آھي[27]. ھتي جو. چوپائي ۾ گڏھ جو تعداد تمام گھڻو آھي ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪَ گڏھ ھن ضلعي ۾ پلجن ٿا. چوپائي مال جي وڏي تعداد باوجود ھن ضلعي ۾ ويٽرنري يا جانورن جي ڊاڪٽرن جو تعداد نالي ماتر آهي.


Thari camel herd
ٿري اٺن جو ڌڻ
ٿرپارڪر جي چوپائي مال جي آبادي ۽ نمايان نسل (2006)[28][29]
چوپايو مال آبادي نسل
چوپايو 752,265 ڪانڪڪريج (ڳائو مال)[30]
مينھن 46,328 Kundhi[31]
رڍ 1,185,122 Kooka,[32] ماگرا, سوناڊي، ڪڇي,[33] رڍ
ٻڪري 2,217,876 ٿرڪي، ڪاموري، ڇپر[34]
اٺ 135,356 Dhatti[35]
گھوڙو 8,519 Baluchi[36]
خچر 1,475
گڏھ 246,657 گدخور
پالتو ڪڪڙ 263,431
ڪل 4,857,029
Thari women working on Charkha
ٿري عورت چرخي تي ڪم ڪندي

صنعت[سنواريو]

ھنر ۽ ڪاريگري سنڌوءَ واري تھذيب جي دور کان وٺي ٿري سماج جو حصو رھيا آھن. ھٿ جي ھنر ۾ رلھي، مٽي جا ٿانوَ، گڏيون، ڪارپيٽ، روايتي سينگار واريون شيون، ڪاٺي جي ٺپن واري پرنٽنگ، چمڙي جو ڪم، ڪپڙن جو ڀرت شامل آهن. رڳو ڇاڇري تعلقي ۾ 6000 لومز آھن.

توانائي ۽ معدنيات[سنواريو]

پاڪستان ۾ ڪوئلو دنيا جي اندر ڪوئلي جو ستون وڏو ذخيرو آهي جنھن ۾ 185.175 ارب ٽن لگنائيٽ ڪوئلو موجود آهي[37][38][39]. ان مان ٿرپارڪر جو ڪوئلو 175.506 ارب ٽن آھي جيڪو پاڪستان جي ڪوئلي جو 95 سيڪڙو آهي. ان ڪوئلي مان سعودي عرب ۽ ايران جي ذخيرن مان پيدا ٿي سگھندڙ توانائي جي صلاحيت کان بہ وڌيڪ توانائي حاصل ڪري سگھجي ٿي[40]. پاڪستان ۾ ان ڪوئلي مان بجلي ٺاھيندڙ ڪمپنين کي انڪم ٽيڪس ۽ ٽرن اوور ٽيڪس جي ڇوٽ مليل آهي ۽ بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽن جي ھر قسم جي درآمد کي ٽيرف ۾ مڪمل ڇوٽ ڏنل آهي[41] انھن پروجيڪٽن ۾ چيني شينھوئا ڪمپني جي سيڙپڪاري سان 600 ميگاواٽ بجلي ۽ ٿر اينگرو پاور پروجيڪٽ ذريعي 1200 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿئي ٿي[42][43][44][45]سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ٿرپارڪر ۾ بجلي نيشنل گرڊ کي مھيا ڪري ٿي[46]


انتظامي ورهاست[سنواريو]

ٿرپارڪر ضلعي ۾ ست تعلقا ، 64 يونين ڪاؤنسلون، 172 ديھون ۽ 2365 ڳوٺ واقع آهن[47][48][49][50][51]

Map of Tharparkar District with its administrative divisions.
ٿرپارڪر ضلعي جو نقشو
Tribal settlement in Tharparkar
ٿرپارڪر ۾ قبائلي وسنديون
Rural Tharparkar
ھڪ ڳوٺ جو منظر

ٿرپارڪر ضلعي ۾ هيٺيان ست تعلقا ۾ ورهايل آهن:

ٿرپارڪر ضلعي جا تعلقا
تعلقو[52] يونين ڪاؤنسلون آبادي
(2017)[52]
1 مِٺي 12 2,19,071
2 ڏِيپلو 8 1,47,978
3 ڇاڇرو 17 3,51,263
4 ننگرپارڪر 7 2,60,170
5 ڏاھلي 3,08,487
6 اسلام ڪوٽ 2,44,662
7 ڪلوئي 1,18,030
ڪل ٿرپارڪر ضلعو 64 1,649,661[52]

ٿرپارڪر جون يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

ٿرپارڪر ضلعي ۾ 64 يونين ڪائونسلون آهن[52]:

ٿرپارڪر ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 موھراڻو 2 بجھوتو 3 پوسارڪو
4 جوڙئو 5 مٺڙيو ڀٽي 6
7 ڀاڪئو 8 ويجھيار 9 چيلھار
10 مانجٿي 11 ٻوھاريڙي 12 باپوھار
13 اسلام ڪوٽ 14 سونل بيھ 15 ڪيھري
16 ڪڙيو غلام شاھ 17 سينگاريو 18 جيئندو درس
19 گريانڇو 20 21
22 23 تالو ڄام 24 داڀرو
25 سرھوڙي 26 ٻلھڙي 27
28 کيٽلاري 29 30 ڦانٽ
31 ڪلوئي 32 ڇاڇرو 33 ڪنٽيو
34 ڌاريندرو 35 سارنگيار 36 راجوڙو
37 ھرار 38 جانجھي 39 تڙ دوس
40 چارنوڙي گاجو 41 مٺڙيو چارڻ 42 تڙ احمد
43 ڪمرھار 44 کينسر 45 ڏاھلي
46 سيار 47 ڪلريو 48 گڏڙو
49 جيسي جو پار 50 پرڻو 51 لپلو
52 گل محمد راهمون 53 ننگرپارڪر 54 پٿاپور
55 بھراڻو 56 اڌگام 57 ھاڙھو
58 ويرواھ 59 چوتال 60 ساٽي ديرا
61 تگوسر 62 پِلُو 63 مصري شاھ، ٿرپارڪر
64 ڊاڀو - - - -

آبادي[سنواريو]

1981 جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي آبادي 5,40,985 ھئي[53]. 1998ع جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي آبادي 9,14,291 ھئي جنھن ۾ 4،99،859 مرد ۽ 4,14,432 عورتون ھيون. ان سال آبادي جي گھاٽائي جي شرح 46.6 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ھئي[53]. 39,827 ماڻھو شھري ۽ 8,74,464 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ ھيا[53]. 2017ع جي آدمشماري ۾ ٿرپارڪر جي آبادي 16،49,661 ھئي. 2014 ع جي ڪاٿي مطابق آبادي جو %51.29 انھن ماڻھن جو ھيو جن جي عمر 15 سالن کان گھٽ ھئي. %3.73 65 سالن جي عمر کان مٿي وارن جو ھيو. 2014ع جي ڪاٿي مطابق آبادي ۾ ھر 100 عورتن لاء 121 مرد ھيا.

تعلقن جي آبادي (ٿرپارڪر ضلعي جا تعلقا(+=ڊيٽا غيرموجود)[13][54][55]
سال مٺي اسلام ڪوٽ ڏيپلو ڪلوئي ڇاڇرو ڏاھلي ننگرپارڪر
1998 125,137 137,826 92,047 73,651 167,235 165,289 153,106
2013 201,850 190,664 230890 + 232,210 225,710 218,411
2017 219,071 244,662 147,978 118,030 351,263 308,487 260,170

تعليم[سنواريو]

Entrance board of a school in Tharparkar
ھڪ اسڪول جو داخلي بورڊ

سنڌ حڪومت 2011 کان 2016 تائين صوبي جي تعليمي بجيٽ م 90 سيڪڙو اضافو ڪيو جيڪو 14.26 ارب روپين کان 148 ارب روپيا ھيو ان جي باوجود بہ ھن ضلعي جو تعليمي نظام خراب حالت ۾ آھي. 10 سالن کان مٿي جي عمر وارن جو پڙھيل لکيل ھجڻ وارو تناسب 46 سيڪڙو آھي جنھن مان مردن جي شرح 65 سيڪڙو آهي ۽ عورتن جي 25 سيڪڙو. شھري علائقن جي شرح 65 سيڪڙو جن مان مرد 81 سيڪڙو ۽ عورتون 54 سيڪڙو پڙھيل لکيل آھن. ٻھراڙيءَ ۾ اھا شرح 45 سيڪڙو جن مان مرد 64 سيڪڙو ۽ عورتون 23 سيڪڙو پڙھيل لکيل آھن.

Unprivileged child teaching other school children how to milk a goat in Tharparkar
ٻار اسڪول ٻاھران ٻڪري جو کير ڏھندي

2017ع ۾ ھن ضلعي م پڙھندڙ شاگردن جو تعداد 2،21،203 جن م ھيو 125,189 ڇوڪرا ۽ 96,014 ڇوڪريون ھيون. ضلعي جي ڪل اسڪولن جو تعداد 4,152 ھيو جن مان 620 ڇوڪرن جا، 629 ڇوڪرين جا ۽ 2,903 ٻنھي جا ھيا. 2017ع ۾ استادن جو تعداد 5,469 ھيو جن مان 4,813 مرد ۽ 656 عورتون ھيون. ھر اسڪول م سراسري 53 شاگردن لاء 1.3 استاد ھيا. ۽ اھا شرح سراسري طور تي ڪجهه ڪلاسن جي 40 ھئي. سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس مطابق ھن ضلعي ۾ اسڪولن جو تعداد 4010 آھي جيڪو پوري سنڌ جي شرح مطابق سڀ کان اوچي سطح وارو آھي پر انھن اسڪولن مان رڳو 4.4 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي ميسر آھي. پيئڻ جي پاڻي جي سھولت 16.0 سيڪڙو ۽ ڪاڪوس جي سھولت رڳو 34.6 سيڪڙو اسڪولن ۾ آھي. 0.4 سيڪڙو اسڪولن ۾ لائبريري ۽ 0.6 سيڪڙو اسڪولن ۾ ليبارٽري جو سھولت، 2.2 سيڪڙو اسڪولن ۾ راندين جي ميدان جي سھولت ميسر آهي. 74.5 اسڪولن ۾ اسڪول مينيجمينٽ ڪاميٽيون جڙيل آھن[56].

اسڪولي سطح مطابق تعليمي شماريات
سطح اسڪولي تعداد شاگرد ڇوڪرا ڇوڪرين استاد مرد عورتون شاگرد استاد نسبت ڪلاسن جا ڪمرا (سراسري)
پرائمري 3,873 190,370 105,494 84,876 4,625 4,057 568 41 1
مڊل 234 15,052 8,587 6,465 362 344 18 42 2
سيڪنڊري 40 12,130 7,833 4,297 403 333 70 30 7
ھائر سيڪنڊري 5 3,651 3,275 376 79 79 0 46 17
ڪل 4,152 221,203 125,189 96,014 5,469 4,813 656 40 1.1

ھن ضلعي ۾ ڪابه يونيورسٽي ڪانہ آھي جنھن ڪري 2019 ۾ اعليَ تعليمي ادارن لاء مطالبو زور وٺي ويو[57] [58] نتيجي ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي، سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي شراڪت سان اسلام ڪوٽ ۾ ٿر انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي نالي سان اين اي ڊي يونيورسٽي جو ذيلي ڪيمپس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو[59][60] [60][59][61] بعد ڪيمپس جي جاء اسلام ڪوٽ مان تبديل ڪري مٺي ۾ رکي وئي جتي سنڌ حڪومت 317 ايڪڙ زمين خريد ڪئي ۽ عارضي طور تي ڪيمپس بينظير ڪلچرل ڪامپليڪس مٺي ۾ رکيو ويو جتي آڪٽوبر 2019ع ۾ ڪيمپس جو افتتاح ڪيو ويو. [62][63][64][65][66][67][68][69]

صحت[سنواريو]

ٿرپارڪر ضلعي ۾ ھڪ سول اسپتال، ھڪ تعلقه اسپتال، 2 رورل هيلٿ سينٽر، 36 بيسڪ هيلٿ يونٽ، 38 ڊسپينسريون واقع آهن[70].

آمدورفت[سنواريو]

A Kekra truck unloading construction material in Islamkot
ڪيڪڙو ھڪ ٽرڪ جو نالو آهي جيڪا بار کڻڻ لاء ڪتب ايندي آهي

ڪيڪڙو ھڪ ٽرڪ جو ٿرپارڪر ۾ ڏنل نالو آهي جنھن کي ڇڪڙو پڻ سڏيندا آهن جيڪا اتي آمدورفت جو ھڪ وڏو ذريعو آهي. اھا واري واري رستن تي ھلندڙ ھڪ عام سواري آھي ۽ ان کي ٿر جو اٺ پڻ سڏيندا آهن. ان ۾ بيڊ فورڊ ڪمپني جي طاقتور انجڻ لڳل ھوندي آھي. اھا بار کڻڻ جي ڪم ايندي آهي[71][72][73][74][75][76][77][78][79][80].

ٻوليون[سنواريو]

ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪَ ڳالھائي ويندڙ ڍاٽڪي ٻولي جي مختلف لھجن جا مثال[81]


ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪَ ڳالھائي ويندڙ ٻولي ڍاٽڪي آھي. ان کان سواءِ ٻيون ڳالھائيون ويندڙ ٻوليون گجراتي، پارڪري ڪولي، جوڳي، سنڌي ۽ اردو آھن[82][83][84][85] [86]

مذھب[سنواريو]

چوريو جبل تي واقع درگا ماتا جو مندر
A temple in Chelhar
چيلھار جو ھڪ مندر

پاڪستان جي قيام کان اڳ ٿرپارڪر جي آبادي ۾ 80 سيڪڙو ھندو ھيا. پاڪستان جي قيام بعد اوچي ذات وارن ھندن جو وڏو حصو ھتان لڏي انڊيا ھليو ويو ۽ لڳ ڀڳ 3500 مسلمان خاندان انڍيا مان ھتي لڏي آيا جن کي 12 ايڪڙ في خاندان جي حساب سان 42،000 ايڪڙ زمين ڏني وئي[87][88][89] 1998 م ضلعي جي 59 سيڪڙو آبادي مسلمان ۽ 41 سيڪڙو ھندو ھئي[90][5][4][91] مٺي ۾ ھندو آبادي شھر جي ڪل آبادي جو 80 سيڪڙو آھي[92]. ٿرپارڪر ۾ وسندڙ ھندو آبادي جون مکيه ذاتيون لوھاڻا، مکي، راجپوت، ٺاڪر، سوتراڌر، سوني، ميگھواڙ، برھمڻ يا مھراج، مھيشوري، گواسمي، رباڙي، ڪوھلي، لوھر، ڪنڀر، ارباب، خاصخيلي، بجير آهن[11][93][14][94][95][96][97][98][99]

موسم[سنواريو]

Nagarparkar after rains
ننگرپارڪر برسات بعد
Deadly scorpions of Tharparkar
ٿرپارڪر جا خطرناڪ وڇون

ھن ضلعي جي آبھوا ٽراپيڪل آھي[100] اونھاري ۾ ڏينھن سخت گرم جڏھن ته راتيون ٿڌيون ھونديون آھن سال ۾ اپريل، مئي ۽ جون گرم ترين ۽ ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري سرد ترين مھينا ھوندا آھن. سياري ۾ گرمي پد 28 کان 9 سينٽي گريڊ رھندو آھي. سالياني برسات جي سراسري ھر ھنڌ ھڪڪري نہ رھندي آھي ۽ ڪجهه ھنڌن تي 100 ملي ميٽر کان بہ گھٽ رھندي آھي. گھڻي ڀاڱي برسات ڏکڻ اولھ واري مون سون ۾ جولاءِ ۽ سيپٽمبر وچ ۾ پوندي آهي[101][13].

تعلقن ۾ سالياني برسات (ملي ميٽر) (اختصار + =ڊيٽا غيرموجود, # = تعلقو قائم نہ ٿيل)
Year مٺي اسلام ڪوٽ ڏيپلو ڪلوئي ڇاڇرو ڏاھلي ننگرپارڪر
2014 180 167 33 # 7 # 43
2015 422 362 512 # 363 26 588
2016 + + + + + + +
2017 261 337 379 11 1 123 324
2018 58 24 51 10 10 120 40

1997 کان ھتي سڀ کان وڌيڪ برسات 2011ع ۾ پئي ھئي جيڪا 1306 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي ھئي[102] ھن ضلعي ڪيترائي ڏھاڪا خشڪ سالي ڏٺي آهي ۽ ان دؤر م صوبائي حڪومت ان کي ڏڪاريل علائقو قرار ڏنو ھو [103][104][105][106][107] سرڪاري طور تي ٿرپارڪر کي 1968, 1978, 1985, 1986, 1987, 1995, 1996, 1999, 2001, 2004, 2005, 2007, 2012, 2013, 2014, 2015 ۽ 2018 ۾ ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏنو ويو هو.[102]

وڻ ٽڻ ٻوٽا[سنواريو]

Leaves of Ak are used while prayers during Teejdi festival
ٿرپارڪر ۾ اڪ جو ٻوٽو

ٿرپارڪر ۾ لڳ ڀڳ ٻوٽن جون 89 جنسون ۽ 26 خاندان ملن ٿا. ڪافي ٻوٽا ۽ جھاڙيون برساتي موسم ۾ ڦٽن ٿيون.

جاندار[سنواريو]

Sparrow in Tharparkar
ٿرپارڪر جون قديم جھرڪيون
Chinkara is also known as the Indian gazelle.
ٿر ۾ لڀندڙ چنڪارا جنھن کي ھندي ھرڻ پڻ سڏين ٿا
Indian robin in Tharparkar
ٿرپارڪر م ملندڙ ھڪ ھندي رابن
Dragon Lizard of Tharparkar
ٿرپارڪر جي ھڪ ڪرڙي ٽاري تي ويٺل

جاندار جي فراواني ٿر جي ھڪ خصوصيت ۾ شمار ٿئي ٿي. قديم زماني کان لوڪ ڌنن کان وٺي فن جي نمونن ۾ اتان جا جاندار ٿر جي لازمي جز طور شامل رھيا آھن. جاندار ھتان جي فن ، ثقافت، علائقائي ورثي ۽ تاريخ جي وڏن واقعن جو حصو رھيا آھن[108][109][110][111][112][113][114][115][116][117][118][119].

جاندارن جي حرمت وارا ھنڌ[سنواريو]

ٿرپارڪر ۾ جاندار جي تحفظ لاء مخصوص ھنڌن مان ھڪ چنڪارا وائلڊ لائيف سينڪچوئري آھي جيڪو 940 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي جتي شڪار منع ٿيل آھي. ان سينڪچوئري جي اتر ۾ چلھار، ڏکڻ اوڀر ۾ ڀوريلو، ۽ اولھ م مٺي ۽ وجتو واقع آهن[120]. ٻيو ھنڌ ڳجھن ۽ مسافر پکين جي سينڪچوئري آھي جيڪا پکين جي حرمت واري جاء آھي جتي نابودي جي خطري ۾ آيل ڳجھن جي مختلف قسمن کي تحفظ ڏنو ويو آهي.

Poisonous snake in Tharparkar
ٿرپارڪر جو ھڪ زھريلو نانگ

ڳوراڻو کي پڻ مسافر پکين جي رھائش قرار ڏئي تحفظ ڏنو ويو آهي[121][122][123][124]. مور پکي کي پڻ ھن ضلعي ۾ تحفظ مليل آهي[125][126][127][128][129][130][131][132].

ٿري ثقافت[سنواريو]

ٿري عورتن جو لباس گھاگھرو آھي. اھي عام طور تي چاندي جا زيور پائينديون آهن[133]. ڪنواريون پنھنجيون سڄيون ٻانھون اڇي رنگ جي چوڙين سان ڍڪينديون آھن[133].

چونرو: ٿر ۾ روايتي گھر
سنڌ جي نقشي ۾ ٿرپارڪر

ٿرپارڪر کي ملڪ جو پرامن علائقو سمجهيو ويندو آهي ۽ صدين کان اتي مذھبي رواداري برقرار رھي آھي. ٿر جي ثقافت ڪثيرالگروھي ھڪجھڙائي واري سنڌ جي روادار صوفياڻي ثقافت سمجھي ويندي آھي. رمضان جي مھيني ۾ ھندو مسلمانن دوستن لاء افطار جون دعوتون ڪندا آهن ۽ موٽ ۾ ھندن جي عقيدي جي احترام ۾ مسلمان ڳئون ذبح نہ ڪندا آهن. نوراتڙي دوران مسلمان گوشتخوري کان پاسو ڪندا آهن ۽ محرم جي مھيني ۾ ھندو ڪوبه شاديانو ڪانه ڪن. غربت جي شدت ھوندي بہ ھتي ڏوھن جي شرح تمام گھٽ ھجڻ ڪري ھي علائقو سڄي ملڪ ۾ ھڪ منفرد حيثيت رکي ٿو[134][135][136][137][138].

Guar Chibhad ji bhaaji
گوار جي ڀاڄي

ٿرپارڪر جو ھڪ اھم فصل آھي ۽ چڀڙ واري گورا ھتان جو مشهور طعام آهي[139][140] ميون ۽ ڪائر جي گلن مان کٽاڻ پڻ ٺاھي ويندي آهي. ڪائرن جي ڀاڄي پڻ ٺاھي ويندي آهي

Singhrian ji Bhaaji
سڱري جي ڀاڄي

سڱري بنجر زمين ۾ سال جي ھر مند ۾ ڦٽندي آهي. ٿر ۾ سڱرين جي ڀاڄي پڻ ٺاھي ويندي آهي[141][142]

ٽيجڙي يا ٽيج ٿر ۾ ملھائجندڙ ھڪ ڏڻ آهي جنھن ۾ عورتون روزو رکنديون آهن ۽ چنڊ نڪرڻ وقت پوڄا ڪنديون آهن جنھن بعد روزو کولي شادي شده عورتون پنھنجي مڙسن جي صحت لاء ۽ ڪنواريون پنھنجي شادي لاء دعا گھرنديون آھن[143][144][145]. ٿر جي کوڙ شاديانن ۾ ستو ۽ لولا گھڻو استعمال ٿيندو آهي. خاص ڪري ستو ٽيجڙي ۾ ۽ لولو ٿڌڙي ۾ استعمال ٿئي ٿو.

Sattu is prepared for Teejdi (or Teej) festival
ستو
Lola (Lolo in singular) prepared on Thadri in Tharparkar Sindh
لولا

ٿڌڙي ٿرپارڪر ۾ ھندن جو ھڪ ڏڻ آهي جيڪو ڪرشنا جنم اسٿمي کان ھڪ ٽٿي اڳ ملھائي ويندي آهي جنھن ۾ ڏھي ۽ کٽاڻ کاڌي ويندي آهي. ٿڌڙي شيتالا جي ارپنا کي ظاھر ڪندي آهي[146][147]. ھن ضلعي ۾ ھندو چيٽي چنڊ وارو ڏڻ پڻ ملھائيندا آھن[148][149] جيڪو سنڌي مھيني چيٽ جي پھرين ڏينھن تي ملھايو ويندو آهي.

Kumkuma
ڌنتتراس تي گائو پوڄا ۾ گاء ماتا يا ڳئون جي سڱ تي ڪمڪم لڳائي ويندي آهي
Diwali Patikas
ڏياري واري ڏڻ تي برھمڻ در در ڀڪشا وٺڻ لاء ويندا آھن ۽ موٽ ۾ ڏياري پترڪاس (پنا) ورھائيندا آھن جن تي لڪشمي ديوي جي تصوير ڇاپيل ھوندي آھي

نوراتڙي ھتي سال ۾ ٻہ ڀيرا درگا ديوي جي شان ۾ ملھائي ويندي آهي. ان ڏڻ جو مدو نو راتيون ۽ ڏھ ڏينھن ھوندو آھي جن دوران روزا رکيا ويندا آهن ۽ گوشت وغيره کان پرھيز ڪئي ويندي آهي ۽ لازمي طور تي سبزي تي گذارو ڪيو ويندو آهي. ناومي يا ھوما جي رسم کان پوء اسٿمي تي نو جوان ڇوڪرين کي نو ماتا اوتار سمجھندي ڳاڙھي چنري يا رئو تحفي ۾ ڏئي کين کير ۽ ماني ڏني ويندي آهي. نو راتيون ڏيئن جي يا درگا جي تصوير جي چؤگرد گاربا رقص ڪيو ويندو آھي. ڏھين ڏينھن تي رام ليلا ادا ڪئي ويندي آهي[150][151]. ٿرپارڪر ۾ ڏياري پڻ ملھائيندا آھن جيڪو ھندن جو اھم ڏڻ آهي جيڪو نوراتڙي کان ارڙھن ڏينھن پوء ملھايو ويندو آهي[152][153]. چيٽ چنڊ ھندن جي نئين سال جي شروعات جو جشن ھوندو آھي[148]

ٿري گھر جي ھڪ دري
ٿري گھر جو ھڪ در
ڌاڳو ٺاھڻ لاء استعمال ٿيندڙ ائٽ
ٿري گھر جو ھڪ در
Thari Patko(Turban). Title in Vaniki script also known as Khudawadi script
ٿري پٽڪو، جيڪو ٿر جو روايتي پٽڪو آھي[154]

سياحت[سنواريو]

قديم جين مندر جي ديوار تي نقشنگاري.[155]

ٿرپارڪر ۾ جين مذهب جا 14 مندر ننگرپارڪر ۽ ڀوڏيسر واري مسجد تعلقي ۾ واقع آهن[156] ويرواھ کان 14 ميل اتر اولھ پاسي مشھور گوري مندر واقع آهي جيڪو 6250 چورس ڦٽن تي مشتمل ڀوڏيسر مندر جي طرزِ اڏاوت سان ٺھيل آھي. ان جي اڏاوت ۾ راجپوتانا جي ماربل جو استعمال ڪيو ويو ھو[157]. ٿرپارڪر ۾ نئون ڪوٽ وارو قلعو پڻ سياحت جو مرڪز آھي[157].

پاربرھم آشرم

ڏيپلو تعلقي ۾ واقع پاربرھم آشرم جنھن کي ويڊيجپ ڌام يا ڇڙي صاحب ڌام پڻ سڏين ٿا مذھبي سياحت جو ماڳ آهي[158][159][160][161][162][163][164][165] [166] ڄيٺ جي مھيني ۾ اتي پاربرھم جو ميلو لڳندو آھي جنھن ۾ شرڪت لاء دنيا جي مختلف علائقن مان ھندو زيارت لاءِ ايندا آهن.

گادي ڀٽ جي يادگار جو منظر

مٺي جو بلند ترين مقام گادي ڀٽ آهي جتي ھڪ يادگار تعمير ٿيل آهي جيڪو مٺي شھر م۾ پڻ نظر ايندو آهي. ٿرپارڪر ۾ چوڙيو جبل تي درگا ديوي جو ھڪ تاريخي مندر واقع آهي جنھن جي زيارت لاء نيپال ۽ انڊيا مان ھر سال اٽڪل ٻہ لک ماڻھو ايندا آهن. ھندو پنھنجي عزيزن جي چتائن جي خاڪ اتي پاڪ پاڻي ۾ وجھندا آھن[167][168][169]. ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڀالوا لڳ ماروي جو کوھ پڻ سنڌ جو ثقافتي ورثو آهي[170][171][172].

سنت نيڻورام آشرم

سنت نيڻورام آشرم جنھن کي پرڻڀارتي آشرم يا ) آکاڊون پڻ سڏين ٿا اسلام ڪوٽ لڳ واقع آهي جيڪو مذھبي سياحت جو ھڪ مرڪز آھي[173] جتي ڪيترائي ماڻھو زيارت لاءِ ايندا آهن. اتي ھر سال ٽي ڏينھن سنت جو ميلو ٿيندو آهي جنھن ۾ ھندن سان گڏ مسلمان پڻ ايندا آهن[174]. ٿرپارڪر ۾ ننگرپارڪر لڳ ڪارونجھر جبل پڻ سياحتي مرڪز آھي جيڪو 19 ڪلوميٽر ڊگھو آھي ۽ ان جي اوچائي 305 ميٽر آھي.

ٿرپارڪر جا ننڍڙا شھر[سنواريو]

ٿرپارڪر ضلعي جا ھڪ لک کان ست هزار تائين واري آبادي جا وڏا ، ننڍا ۽ ننڍڙا شھر[52]:
پرڻو (آبادي:110,318)، گڏرو (آبادي: 97,432), کينسر (آبادي:93,261 )، ڪلوئي (آبادي:85,544 )، ويرواھ (آبادي:83,799 )، تر دوس (آبادي:81,256 ), سارنگيار (آبادي:79,605 )، ڏيپلو (آبادي:76,573 ),ننگرپارڪر (آبادي:66,540 ) ، تر احمد (آبادي:59,463 ), ڇاڇرو (آبادي:57,834 )، تگوسر (آبادي:56,064 ), راڄوڙو (آبادي:55,693 ), ڪنٽيو (آبادي: 53,539), ڪڙيو غلام شاھ (آبادي:51,912 ), ماجھاٽي (آبادي: 51,292)، سنگاريو (آبادي:51,229 ), ٻلھڙي (آبادي:51,080 ),ڏاھلي (آبادي:50,179 )، گڏڙو (آبادي: 47,253)، مٺي ٽائون ڪاميٽي (آبادي:47,073 ), ٻپھار (آبادي: 46,825)، کيٽلاري (آبادي:43,669 ), ھاڙھو، ڪمرھار، گل محمد راهمون، پليو، مٺڙيو چارڻ، جوڙئو، چرنور، ڀيٽارو، ڪنرال، چيلھار، موھراڻو، ڌارندارو، راحمڪي بازار، ويرواھ، اسلام ڪوٽ، پٿاپور، ڪاھري، اڍگام، ساٽيديرا، ڇوٽل، رواتسر، ڀٽارو، چرنور، داڀو، ھرار، ممچيرو، ھنجتال، تر حمير، پوسارڪو، وجيتو، جھوڻ، وجھيار، سونالبو، رارلي، کڏي، ساجن جو پار، جيسي جو پار، سوڀيار، ڪرن، روھڙ ڪيلھڻ، ويروري، پوسارڪو، الھرکي جو پار، اکيراج، اربيليھار، جھڻجي، ڪنڀاريو، پيراڻو جو پار، ھراڙ ڊيڊا، ڦانٽ، جوڳيويرو، ڇھو، ڏوھڙي، گريانچو، ڪيرٽي، نئون ڪارٽو، چچي مورا، کراريون، قصبو، حميراباھ، کيٽلاري، ڪرڙيو، کيمي جو پار، راٺي، گھوٽي

مشھور شخصيتون[سنواريو]

Nihalchand Pabani giving a speech on 14 August (Independence Day)
نھالچند پٻاڻي 14 آگسٽ تي تقرير ڪندي

حوالا[سنواريو]

  1. "PakistanHuman Development Index Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 30 July 2019. 
  2. "Population - Pakistan Bureau of Statistics" (PDF). www.pbscensus.gov.pk/. 
  3. "Use of space-based technology to search for alternate sources of water in Tharparkar | Space4Water Portal". space4water.org. حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  4. 4.0 4.1 "Population of Hindus in the Pakistan". Pakistan Hindu Council. 
  5. 5.0 5.1 Editor, T. N. S. "Thar: where Muslims and Hindus live in complete religious harmony". TNS - The News on Sunday. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  6. Khan, M. Ilyas (6 November 2019). "Pakistan police investigate 'joint suicide' of sisters-in-law". BBC News. https://www.bbc.com/news/world-asia-50306153. 
  7. 7.0 7.1 7.2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 8.4 [ http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=124 آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر ]
  9. "Pakistan Emergency Situational Analysis - District Tharparkar, May 2014 - Pakistan". ReliefWeb. حاصل ڪيل 2019-07-16. 
  10. "Pakistan Tourism Development Corporation->destinations>Sindh->Tharparkar->Introduction". www.tourism.gov.pk. وقت 16 July 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-07-16.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. 11.0 11.1 11.2 Beg, Mirza Arshad Ali (en ۾). Social & Environmental Baseline of Tharparkar District 2013. https://www.academia.edu/8052687. 
  12. (en ۾) Accounts and Papers of the House of Commons. Ordered to be printed. 1843. https://books.google.com/books?id=hXVbAAAAQAAJ. 
  13. 13.0 13.1 13.2 13.3 13.4 A profile of District Tharparkar- ReliefWeb report
  14. 14.0 14.1 "Web Portal of Population Welfare Department Government of Sindh". pwdsindh.gov.pk. حاصل ڪيل 2019-09-25. 
  15. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2021-04-28 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-04-28 
  16. "Multidimensional Poverty in Pakistan by UNDP" (PDF). UNDP Pakistan. 
  17. Gokulan, Dhanusha. "Dubai-based Indian businessman builds 62 water hand pumps in Pakistan". Khaleej Times. حاصل ڪيل 2019-06-20. 
  18. "Dubai-Based Indian Man Installs Hand Pumps In Poor Pak District: Report". NDTV.com. حاصل ڪيل 2019-06-20. 
  19. "SC plans body to examine govt measures in Tharparkar - Pakistan". ReliefWeb. حاصل ڪيل 2019-06-20. 
  20. "Youth Empowerment Program". www.hhrd.org. حاصل ڪيل 2019-08-06. 
  21. "BISP, WFP ink MoU to mitigate food insecurity in drought-ht Tharparkar". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-08-23. 
  22. "Drought In District Tharparkar Rapid Need Assessment Report October 2018 - Pakistan". ReliefWeb. حاصل ڪيل 2019-07-02. 
  23. Tribune.com.pk. "Free fodder for 20,000 households breeding livestock in Tharparkar". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2019-07-02. 
  24. Times, The Sindh. "Livestock management in Thar". The Sindh Times. حاصل ڪيل 2019-07-02. 
  25. "Boosting wool output and carpet industry in Sindh". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  26. "Quality wool production". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  27. "Livestock Productivity in the Desert Ecologies of Pakistan: Setting the Development Priorities" (PDF). Pakistan Institute of Development Economics. حاصل ڪيل 31 July 2019. 
  28. "Pakistan Livestock Census 2006 | Pakistan Bureau of Statistics". www.pbs.gov.pk. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  29. "LIVESTOCK RESOURCES OF PAKISTAN: PRESENT STATUS AND FUTURE TRENDS" (PDF). Science Vision - A Journal of Science for Development. حاصل ڪيل 31 July 2019.  line feed character in |website= at position 43 (مدد)
  30. "Zebu cattle of India and Pakistan" (PDF). The Food and Agriculture Organization (FAO) of the United Nations. حاصل ڪيل 31 July 2019. 
  31. "Pak Dairy Info - Kudhi Buffalo". www.pakdairyinfo.com. حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  32. "Breeds of Livestock - Kooka Sheep — Breeds of Livestock, Department of Animal Science". afs.okstate.edu. حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  33. "Breeds of Livestock - Kachhi Sheep — Breeds of Livestock, Department of Animal Science". afs.okstate.edu. حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  34. "Goat Breeds In Sindh". AgriHunt - A hunt for agriculture knowledge. حاصل ڪيل 31 July 2019. 
  35. "Pre-Feasibility Study CAMEL FARM" (PDF). Agriculture Marketing Information Service. حاصل ڪيل 31 July 2019. 
  36. "Livestock". thar. حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  37. "Coal Resources of Pakistan: new coalfields". ResearchGate. حاصل ڪيل 2019-08-27. 
  38. "Pakistan Coal Power Generation Potential - June 2004" (PDF). National Electric Power Regulatory Authority (NEPRA). حاصل ڪيل 27 August 2019. 
  39. "Pakistan's Thar Coal Power Generation Potential - July 2008" (PDF). National Centre of Excellence in Analytical Chemistry - University of Sindh (ISO Certified 9001 - 2008, 14001 -2004). حاصل ڪيل 27 August 2019. 
  40. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2021-04-28 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-04-28 
  41. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2021-07-10 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-04-28 
  42. https://nepra.org.pk/Policies/Coal%20Potential%20in%20Pakistan.pdf
  43. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2019-08-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-04-28 
  44. "Govt adds new members to Thar coal board". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-08-27. 
  45. "Abbtakk.tv: Latest News Breaking Pakistan, World, Live Videos". Abb Takk News. حاصل ڪيل 2019-08-27. 
  46. Tribune.com.pk. "Thar coal starts power supply to national grid | The Express Tribune". tribune.com.pk. حاصل ڪيل 2019-08-27. 
  47. "Drought Situation Report of Sindh Particularly in District Tharparkar-2018" (PDF). NATIONAL DISASTER MANAGEMENT AUTHORITY - GOVERNMENT OF PAKISTAN. 
  48. "PBS Census". PBS Census. وقت 2017-06-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  49. "Relief Goods Dispatched in District Tharparkar" (PDF). Provincial Disaster Management Authority - Government of Sindh. 
  50. "Sindh Drought Needs Assessment (SDNA) Report January 2019 - Pakistan". ReliefWeb. حاصل ڪيل 2019-07-22. 
  51. "Reform Support Unit School Education & Literacy Department - Government of Sindh" (PDF). 
  52. 52.0 52.1 52.2 52.3 52.4 [ https://www.politicpk.com/tharparkar-district-population-of-cities-towns-and-villages-2017-2018/#Tharparkar_Districts_Map_UC_List_MNA_MPA_Seats]
  53. 53.0 53.1 53.2 › contentDistrict at a glance Tharparkar | Pakistan Bureau of Statistics
  54. "Tharparkar (District, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location". citypopulation.info. حاصل ڪيل 2019-08-28. 
  55. "Development Statistics of Sindh - Year 2018" (PDF). Bureau of Statistics Planning & Development Department - Government of Sindh. حاصل ڪيل 22 September 2019. 
  56. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2022-01-20 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-04-29 
  57. Rizvi, Raza. "Thar District to Get Its First University". حاصل ڪيل 2019-09-03. 
  58. {{Cite web|url=http://politicalpanadol.com/thar-needs-university/%7Ctitle=Thar[مئل ڳنڍڻو] Needs University|last=admin|date=2019-04-09|website=Political Panadol|language=en-US|access-date=2019-09-03}
  59. 59.0 59.1 "NED University establishing campus in Tharparkar". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-09-03. 
  60. 60.0 60.1 "MoU signed to establish NED Campus in Thar this year". Business Recorder. حاصل ڪيل 2019-09-03. 
  61. "NED signs MoU with SECMC, TCF". Business Recorder. حاصل ڪيل 2019-09-03. 
  62. "CM okay setting up TIEST at Mithi | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. حاصل ڪيل 2019-09-03. 
  63. "CM approves establishment of engineering institute in Thar". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-09-03. 
  64. "Murad approves establishment of engineering institute in Thar". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-09-03. 
  65. "Rs1.5bn science & technology institute to be set up in Thar | ePaper | DAWN.COM". epaper.dawn.com. حاصل ڪيل 2019-09-03. 
  66. Report, Recorder. "NED university campus opens in Tharparkar". Business Recorder. حاصل ڪيل 2019-10-24. 
  67. "Thar Institute of Engineering, Sciences & Technology | NEDUET Website". www.neduet.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-10-24. 
  68. "JOB OPPORTUNITIES FOR NED UNIVERSITY CAMPUS AT ISLAMKOT, THAR" (PDF). NED University of Engineering & Technology. حاصل ڪيل 24 October 2019. 
  69. "Admission Notice for Thar Institute of Engineering, Sciences and Technology (TIEST)" (PDF). Thar Institute of Engineering, Sciences & Technology. حاصل ڪيل 24 October 2019. 
  70. › ...Pakistan: Health facilities in Tharparkar- Sindh province ...
  71. "Thar desert | ThingsAsian". thingsasian.com. حاصل ڪيل 2019-08-01. 
  72. "ThingsAsian: Kekra, a form of local transport made from American Army Trucks, used by Pakistan Army and later auctione… | It's all about the journey... | Beautiful places to travel, Travel, Deserts". Pinterest. حاصل ڪيل 2019-08-01. 
  73. "Tharparker: a peek into the deserted jewel". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-08-01. 
  74. Editor, T. N. S. "The harmony of Mithi". TNS - The News on Sunday. حاصل ڪيل 2019-08-01. 
  75. "Hunger amidst the dunes?". The Friday Times. حاصل ڪيل 2019-08-01. 
  76. Saqib, Ramla. "Here's Why Visiting Tharparkar In November Will Be The Best Decision You'll Ever Make!". Parhlo. حاصل ڪيل 2019-08-01. 
  77. Dawn.com. "The rickety 'Kekra' of Thar". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-08-01. 
  78. "Pakistan". www.trekearth.com. حاصل ڪيل 2019-08-01. 
  79. Kekra ---- The King Of Thar, حاصل ڪيل 2019-08-01 
  80. Thar Jo Registani Jahaz ..... .....Kekra Of Thar, حاصل ڪيل 2019-08-01 
  81. Dhatki, the language of Thar desert - BBCURDU, حاصل ڪيل 2019-10-29 
  82. "Pakistan & Afghanistan - Carte linguistique / Linguistic map". www.muturzikin.com. حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  83. "Gujarati". Ethnologue. حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  84. "Jogi". Ethnologue. حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  85. "Koli, Kachi". Ethnologue. حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  86. "Koli, Parkari". Ethnologue. حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  87. Hasan, Arif; Raza, Mansoor (2009). Migration and Small Towns in Pakistan. IIED. pp. 15–16. ISBN 9781843697343. https://books.google.com/books?id=U7imPH4KVJUC&q=arif+hasan+thar+desert+migration&pg=PA15. "In the 1965 war, Pakistan captured a large area of the Indian part of the Thar desert, and in 1971 India captured a large part of the Thar desert in Pakistan. Many UCs in Pakistani Thar were Hindu majority areas, and Pakistani Thar as a whole was dominated by the Hindu upper caste who controlled most of the productive land and livestock. They also dominated the politics of Thar and strictly enforced caste divisions, making upward social and economic mobility almost impossible for the Hindu lower castes. Their control over the caste system also ensured the maintenance of agriculture-related infrastructure through baigar (forced labour) and the protection of forests and pasture lands. Following the 1965 and 1971 wars, the Hindu upper castes and their retainers fled to India. As a result, the feudal institutions that managed agricultural production and the maintenance of infrastructure collapsed. This has had severe repercussions on the natural environment of Thar. In addition, the lower castes were freed from serfdom and to some extent from discrimination. Many of their members, as a result, have acquired education and are important professionals and NGO leaders. Apart from the migration of Hindus to India, 3,500 Muslim families moved from Indian Thar to Pakistani Thar. They were given 12 acres of land per family (a total of 42,000 acres), thus introducing another factor in the social and political structure of Thar and creating a new interest group." 
  88. Maini, Tridivesh Singh (15 August 2012). "Not just another border". Himal South Asian. http://himalmag.com/just-another-border/. "It was not 1947 but the Indo-Pak war of 1971 which proved to be the game changer on this part of the border, since it was then that Hindus from Sindh, worried about persecution in Pakistan, fled to India. The cross-border train service had already been stopped following the 1965 war between India and Pakistan, and resumed only in 2006. Hindu Singh Sodha, a 15-year-old at that time he fled Pakistan in 1971, has set up the Seemant Lok Sangathan, which has been fighting for citizenship rights for all Hindu refugees from Sindh. During the war, Muslims from this region also fled to Pakistan." 
  89. Arisar, Allah Bux (6 October 2015). "Families separated by Pak-India border yearn to see their loved ones". News Lens Pakistan. http://www.newslens.pk/families-separated-pak-india-border-yearn-see-loved-ones/. "Another woman, Amnat, a resident of Umerkot had a similar story to tell. She was married at the age of 17 and her husband took her to Pakistan. She is presently 60 years old. Her husband passed away 23 years ago. “My father Abdul Karim had also migrated from Rajasthan, India to Umerkot”. One reason is because his daughter lives in Sindh. Her father narrated to her that at the time of Pak-India wars, Muslims in the border’s districts were robbed, killed and harassed by the Indian army, hence he preferred to migrate to a Muslim country like Pakistan to avoid confrontation. She recalled that in the 1965 War between Pakistan and India; Kaprao, Konro, Boath, Vauri, Gahrr jo Tarr, Dedohar, Mate ka Talha, Bijhrar, and a number of other border villages were evacuated. Four persons were killed in the village of Kaprao by the Indian Army based on the allegations that they had been helping the Pakistan Army." 
  90. "District Profile". وقت 2011-08-30 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  91. "Drought In Thar, Pakistan And The Lives of Hindu Minorities". Countercurrents. حاصل ڪيل 2019-10-05. 
  92. "Census 2017: Two years on, govt mum on official minority count". The Express Tribune. حاصل ڪيل 9 November 2019. 
  93. "Suthar candidate from Thar vows better education facilities for girls". Daily Times. حاصل ڪيل 2019-09-24. 
  94. says, K. Hussan Zia. "Nanakpanthis in Mithi". The Friday Times. حاصل ڪيل 2019-09-25. 
  95. Correspondent, The Newspaper's. "Tharis continue long march". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-09-25. 
  96. Newspaper, From the. "Buses for Tharparkar". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-09-25. 
  97. Tribune.com.pk. "Helping Thar's residents: Wheat distribution starts amid allegations of corruption". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2019-09-25. 
  98. "This Pakistani Hindu woman is gearing up to fight feudal system in upcoming polls". The Financial Express. حاصل ڪيل 2019-09-25. 
  99. "Tharparkar Contact list Drought 2014". Humanitarian Response -- OCHA. حاصل ڪيل 26 September 2019. 
  100. koeppen-geiger.vu-wien.ac.at/present.htm
  101. http://www.tourism.gov.pk/climate_tharparkar_sindh.html
  102. 102.0 102.1 Kumar, Teerath. "Last 20 Years Rainfall Record of Tharparkar and Drought History | Jhangi Zone". حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  103. "Pakistan: Prolonged drought threatens communities in Thar Desert". www.aljazeera.com. حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  104. "Evaluation of Thar Rural Development Project". حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  105. "Comprehensive Assessment of Drought and Famine in Sind Arid Zones". حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  106. Reporter, The Newspaper's Staff. "Over 500 children died in drought-hit Thar this year, Murad told". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  107. "Thar, Drought and Change". حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  108. "Mammalian Diversity in Thar Desert Habitat of Tharparkar District by Zoological Society Of Pakistan" (PDF). www.zsp.com.pk. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  109. "Conservation of endangered wild species in Thar demanded". Daily Times. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  110. "Gorano declared new habitat for migratory birds in Thar". The Nation. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  111. "Illegal business of snakes, scorpions thriving in interior Sindh | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  112. "One scorpion, two venoms". The Hindu. 13 March 2003. https://www.thehindu.com/thehindu/seta/2003/03/13/stories/2003031300070200.htm. 
  113. "At Pakistan border, BSF fights snakes, Scorpions and porcupines too". The New Indian Express. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  114. Newspaper, From the. "Snake invasion spreads terror in Thar". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  115. "The unexpected little underdogs of the big bad desert". Mongabay-India. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  116. "Orthopteran Biodiversity of Thar Desert, Sindh, Pakistan | Riffat Sultana | Request PDF". ResearchGate. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  117. "Sindh Minister's Solution to Locust Attack Is Eating Insects". Lens. حاصل ڪيل 2019-07-14. 
  118. Tyagi, B. K.; Baqri, Q. H. (2005-05-01) (en ۾). Changing Faunal Ecology in the Thar Desert. Scientific Publishers. ISBN 9789387307506. https://books.google.com/books?id=IAVLDwAAQBAJ&q=Insects+in+Thar&pg=PA137. 
  119. "Sindh wildlife at risk due to drought". Daily Times. حاصل ڪيل 2019-07-16. 
  120. Admin. "Chinkara Wildlife Sanctuary – Wildlife of Pakistan". حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  121. "Gorano Reservoir declared as Ecotourism destination in Thar". Business Recorder. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  122. Rizvi, Kazim Raza. "IUCN declares Gorano in Tharparkar a new habitat for migratory birds". CustomNews.pk. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  123. "IUCN Identifies Tharparkar As A Major Sanctuary For Endangered Species Of Vulture". UrduPoint. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  124. "Thar declared major vulture sanctuary in Sindh - Zameen News". www.zameen.com. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  125. "Abbtakk.tv: Latest News Breaking Pakistan, World, Live Videos". Abb Takk News. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  126. Pakistan, S. K. "More Than 170 Peacocks Have Died In Thar Due To A Contagious Disease And Everyone Is Quiet!". Parhlo. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  127. says, Bader. "Lighting up the dunes". The Friday Times. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  128. "رانی کھیت کی بیماری،2روزمیں15مورمرگئے". jang.com.pk. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  129. "At least 20 peacocks 'mysteriously' die in Tharparkar over weekend". PKKH.tv. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  130. Explorer, Pakistan. "Deadly Ranikhet devours 100 wild Peacocks in Tharparkar". Pakistan Explorer. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  131. "In Tharparkar, a teacher struggles to keep peacocks alive". The Express Tribune. حاصل ڪيل 20 October 2019. 
  132. "55 more peacocks die in one week in Tharparkar - Pakistan". Dunya News. حاصل ڪيل 2019-10-20. 
  133. 133.0 133.1 [ https://historypak.com › ... › SindhTharparkar - History Pak]
  134. "No cow slaughtering in Pakistan's border district, not under compulsion but respect". Arab News. حاصل ڪيل 2019-09-02. 
  135. Abraham, Katherine. "Mithi: Pakistan's Lost Symbol of interfaith harmony". News and Analysis from India. A Refreshing approach to news. حاصل ڪيل 2019-09-02. 
  136. Raza, Hassan. "Mithi: Where a Hindu fasts and a Muslim does not slaughter cows". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-09-02. 
  137. Tribune.com.pk. "Impoverished but peaceful: Poverty breeds crime, but not in Thar". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2019-09-02. 
  138. Voices, Pak. "Co-existence and Caste System in Tharparkar: A Land of Contrasts". PakVoices. حاصل ڪيل 2019-09-02. 
  139. "TDAP holds seminar on export potential of guargum". The Nation. حاصل ڪيل 2019-09-18. 
  140. "Figure 3.7: Guar is a major food crop in Tharparkar.". ResearchGate. حاصل ڪيل 2019-09-18. 
  141. Khaskheli, Jan. "Bountiful desert". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-09-08. 
  142. "Sangri". www.specialtyproduce.com. حاصل ڪيل 2019-09-18. 
  143. "Teejri Rituals". teejri.com. حاصل ڪيل 2019-09-10. 
  144. "Teejri". www.jhulelal.com. حاصل ڪيل 2019-09-10. 
  145. "ٽيجڙي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi).  Unknown parameter |a ccess-date= ignored (مدد)
  146. "Sindhi Hindus celebrate Thadri today". Daily Times. حاصل ڪيل 2019-09-10. 
  147. "Thadri festival~ Food And Rituals". حاصل ڪيل 2019-09-10. 
  148. 148.0 148.1 Mark-Anthony Falzon (2004). Cosmopolitan Connections: The Sindhi Diaspora, 1860–2000. BRILL. pp. 60–63. ISBN 90-04-14008-5. https://books.google.com/books?id=ljbS-I5Y8WMC&pg=PA62. 
  149. S. Ramey (2008). Hindu, Sufi, or Sikh: Contested Practices and Identifications of Sindhi Hindus in India and Beyond. Palgrave Macmillan. pp. 8, 36. ISBN 978-0-230-61622-6. https://books.google.com/books?id=Bv2ADAAAQBAJ. 
  150. "'Navratri, Ghatasthapana and Cheti Chand festivals celebrated in Sindh". Daily Times. حاصل ڪيل 2019-10-05. 
  151. "Dancing up a storm on Navratri". The Express Tribune. حاصل ڪيل 5 October 2019. 
  152. "Sindhi Hindus celebrate Thadri today". Daily Times. حاصل ڪيل 2019-09-10. 
  153. "Thadri festival~ Food And Rituals". حاصل ڪيل 2019-09-10. 
  154. "Meet Rana Hamir Singh, PPP's first pick on minority reserved seat in Sindh". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2 October 2019. 
  155. "Tentative Lists". UNESCO. حاصل ڪيل 16 September 2017. 
  156. Centre, UNESCO World Heritage. "Nagarparkar Cultural Landscape". UNESCO World Heritage Centre. حاصل ڪيل 2019-08-23. 
  157. 157.0 157.1 [ https://www.stdc.gos.pk › categoryTharparkar - Sindh Tourism Development Corporation]
  158. "Yatris see 'the light' at Shri Parbirham mela". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-08-23. 
  159. "Fakeer Parbirham Aashram (Verijhap Dham)". wikimapia.org. حاصل ڪيل 2019-08-23. 
  160. "NA resolution calls for protection of minorities' holy sites | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. حاصل ڪيل 2019-08-23. 
  161. Tribune.com.pk. "National Assembly session: MPs back move to protect holy sites of minorities". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2019-08-23. 
  162. CHHARHI YATRA - FAKEER PARBIRHAM - ISLAMKOT | Creative Media TV, حاصل ڪيل 2019-08-23 
  163. "Fakeer Parbirham - Apps on Google Play". play.google.com. حاصل ڪيل 2019-08-23. 
  164. "Dado Parbirham". www.fakirparbirham.blogspot.com. حاصل ڪيل 2019-08-24. 
  165. "Welcome To Sindhi Saints: Faqir Parbirham فقير پاربرهم". Welcome To Sindhi Saints. حاصل ڪيل 2019-08-24. 
  166. Par Bharam Parmeshwar, Sadashiv Chhari Mandir, Kubernagar. 02.07.2018 Video., حاصل ڪيل 2019-08-23 
  167. https://tribune.com.pk/story/130210/contractor-blasting-through-tharparkar-temple-in-search-of-granite/
  168. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2018-07-13 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-04-29 
  169. "Beauty of Thar's Karoonjhar mountains marred by illegal cutting, crushing | Samaa Digital". Samaa TV. حاصل ڪيل 2019-11-13. 
  170. "Umar Marvi". حاصل ڪيل 2019-08-24. 
  171. "Marvi's Well, Tharparkar". heritage.eftsindh.com. حاصل ڪيل 2019-08-24. 
  172. SHABBIR IBNE ADIL, PTV, Marvi Well in Thar (News Report), حاصل ڪيل 2019-08-24 
  173. Akash Hamirani, Bashir Ahmad (April 26, 2018). "Nenu Ram Ashram: A place of refuge for everyone". Pak Voices. http://www.pakvoices.pk/nenu-ram-ashram-a-place-of-refuge-for-everyone/. 
  174. Zia Ur Rehman (2018-10-30). "Sindh festival promotes religious harmony". Pakistan Forward. http://pakistan.asia-news.com/en_GB/articles/cnmi_pf/features/2018/10/30/feature-02. 
  175. "Legendary folk singer Mai Bhagi remembered". The Nation. حاصل ڪيل 2021-04-28. 
  176. Report, Bureau. "Usman Diplai’s contribution to Sindhi literature highlighted". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-04-28.