ڀنڀور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Banbhore
ڀنڀور
{{{imagealttext}}}
ڀنڀور قلعي جو فضائي منظر
ڀنڀور is located in Pakistan
ڀنڀور
محل واقع Pakistan
ٻيو نالو Bhambore
Mithradatkirt
علائقو پاڪستان
جاگرافيائي بيھڪ 24°45′05″N 67°31′17″E / 24.7514°N 67.5213°E / 24.7514; 67.5213مڪانيت: 24°45′05″N 67°31′17″E / 24.7514°N 67.5213°E / 24.7514; 67.5213
قسم آبادي
تاریخ
ثقافت سنڌي
مقام جي باري ۾
حالت Ruined

ڀنڀور، ڪراچيءَ کان 65 ڪلوميٽر اوڀر واري طرف تاريخي ڦٽل شهر ڀنڀور موجود آهي. ڪن تاريخن مطابق هن شهر کي ديبل به سڏيو ويندو آهي، پر تاريخدانن وٽان اڄ تائين ان ڳاله جو تسلي بخش يا طئي ٿيل جواب نه ملي سگهيو آهي ته اهو شهر واقعي ڪنهن دور ۾ ديبل به هو يا نه.

ڀنڀور جي تاريخ

ڀنڀور گھارو ڪريڪ جي اتر پاسي، ڪراچيءَ جي اوڀر۾ 65 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ٺٽي ضلعي ۾ واقع آهي.[1]

تاريخ[سنواريو]

تاريخ مطابق ڀنڀور جو زوال تيرهين صدي عيسوي ۾ ٿيو. هن شهر جي تباهي جا ٻه سبب بيان ڪيا ويا آهن. هڪ سبب درياھ جو رخ مٽائڻ ۽ ٻيو اهو ته انهيءَ زماني ۾ هتي تمام وڏي لشڪر ڪشي ٿي، جنهن جا نشان ڀنڀور جي کنڊرن مان ملن ٿا. ڀنڀور جي کوٽائي مان کوڙ انساني ڍانچا بي ترتيب پيل مليا آهن، ان کانسواءِ سڙيل عمارتون ڪوئلن جا تھ به ڪنهن وڏي حملي، ڦر لٽ ۽ غارت غري کان پوءِ ڏنل باھ ڏانهن اشارو ڪن ٿا.

ڀنڀور عجائب گھر ۾ رکيل ڀنڀور مان مليل ھٿ جو ٺاھيل شيون.

هينري ڪزنس ۽ ڪنگهم لکن ٿا ته ڀنڀور 1250ع ڌاري تباھ ٿيو. ڀنڀور جي ٿيل کوٽائي مان جيڪي نشان مليا آهن، انهن مان چئن قديم تهذيبن جا آثار ظاهر ٿين ٿا. جيڪي مسلمانن جي اميه ۽ عباسي دور، هندو ساساني ۽ سٿيو پارٿي دورن تي مشتمل آهن. سڀ کان پهريان ڀنڀور جي کوٽائي 1929ع ۾ مجمدار صاحب ڪرائي. ان کوٽائيءَ مان هڪ ديوار جي ڀرسان عرب دور جا ٽامي جا سڪا ۽ ڪجھ ڪاشي جو سامان هٿ آيو. 1951ع ۾ مسٽر الڪاڪ هتي جي ڪجھ وڌيڪ کوٽائي ڪرائي.

آرڪيالاجي کاتي ايف اي خان جي اڳواڻي ۾ 1958ع کان 1965ع تائين کوٽايون ڪرايون جنهن مان ڪجھ ٻيا ثقافتي تھ ظاهر ٿيا. کوٽائيءَ ۾ ظاهر ٿيل پهريون تھ 12_10 صدي عيسوي تائين جو آهي. 750ع کان 892ع تائين جو عباسي دور. ان جي تهن مان ڪافي تعداد ۾ سڪا مليا آهن. هندو دورن جي نشانين ۾ شو مندر ۽ شو لنگم به گهڻي مقدار ۾ مليا آهن. هندو ساساني دور هيٺان سٿيو پارٿي پاڇيون به مليون آهن. ان دور جا مليل ٿانو يوناني ٿانون سان ملندڙ جلندڙ آهن. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته:ڀنڀور هڪڙو جهونو شهر ڦٽل گهاري جي ڪناري تي اتر پاسي آهي، جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي. هڪڙو ڦٽل قلعو به آهي. شڪ ناهي ته سندر بادشاهه جي ڏينهن ۾ سندس سردار جهازن تي درياهه جي رستي اتي آيو هو. شايد قديم ديبل بندر به اتي هو. جنهن تي محمد قاسم ثقفي ڪاهه ڪئي هئي. هيءُ شهر به زمين ڌٻڻ ڪري ناس ٿيو. جيئن برهمڻ آباد ٿيو هو. سسئي پنهونءَ جي قصي ۾ جو ڀنڀور چيل آهي، سو به اهو آهي، جنهن ۾ اهو ڌوٻي رهندو هو، جنهن وٽ سسئي پلجي وڏي ٿي هئي.[2] اميرالبحر اسڪائلس (514-517 ق.م) جو پشاور کان سنڌو درياء جي منهن تائين بحري سفر ۽ اُتان کان ڳاڙهي سمنڊ جي سري تائين سامونڊي سفر، سڪندر جي اميرالبحر (524-525 ق.م) جو پٽالا کان فرات درياء تائين سفر، مصر جي بادشاهه ٽالمي I سارٽر (285-3177 ق.م) جو فرعون نيڪو II جي واهه کي ٻيهر جاري ڪري نيل نديءَ کي ڳاڙهي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ سندس زماني جي جهازران فلپ جي ڳاڙهي سمنڊ ۾ تفتيش ڪرڻ، ٽالمي II فلاڊيلفس جي طرفان آرسنس ۽ برنس جا بندر ٺهرائڻ ۽ ٽالمي III يوريجيٽس II (246-1777 ق.م) جي حڪم مطابق يوڊڪسز جو مصر کان ننڍي کنڊ تائين سفر ڪرڻ جي ڪري، يوناني سلطنت توڙي اڀرندڙ رومي سلطنت جا واپاري ناتا ننڍي کنڊ سان شروع ٿي ويا. جيئن ته جهازن کي سمنڊ جي ڪناري سان لڳ سفر ڪرڻو پوندو هو، تنهنڪري ننڍي کنڊ جي ويجهي ۾ ويجهو بندر باربريڪان (ڀنڀور) ترقي ڪري سڄي ايشيا جي واپاري شين جو هڪ تمام اهم تجارتي گذرگاهه ٿي پيو،جتي وچ ايشيا، چين (سنڪيانگ جي رستي) ۽ اتر - اولهه ننڍي کنڊ مان ان سامان جا ڀريل جهاز اچي لنگر هڻندا هئا. گنگا نديءَ جي ماٿر مان پڻ تجارتي سامان خشڪيءَ رستي ستلج نديءَ مان پار ڪري جهازن ۾ سنڌو درياءَ جي رستي باربريڪان ڏانهن آندو ويندو هو، باربريڪان ۾ گرم مصالحو ملبار بندر تان آندو ويندو هو، جتي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو رهندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ان شهر کي پرديسين جو شهر سڏيو ويندو هو، جيئن ان جي نالي مان ظاهر ٿئي ٿو. ان زماني ۾ سنڪيانگ جو شهر کوٽان (Khotan) خاص ڪري چيني ريشمي ڪپڙي جو هڪ اهم تجارتي مرڪز ٿي پيو هو. کوٽان مان واپاري سامان بڪٽيريا (بلخ) اُماڻبو هو، جتان اهو اليگزينڊرو پولس (قنڌار) مان ٿيندو، خشڪيءَ رستي باربريڪان ايندو هو. اهو رستو سنڌ جي ڪاڇي مان ٿي جهانگارا کان جبل جو رستو وٺي جهمپير رستي ڀنڀور تائين رائج هو.[3]

گهاري وارو وهڪرو ۽ ڀنڀور[سنواريو]

ميڪمرڊو لکي ٿو، گهاري واري وهڪري، جنهن تي ڀنڀور آباد هئو، اهو سُڪي وڃڻ کان پهرين جهاز هلائڻ جي لائق نه رهيو هو. 1250 تائين ڀنڀور ۽ ديبل ويران ٿي چڪا هئا ڇو جو سنڌو درياءَ جي لَٽَ ان کي ڀري ڇڏيو هو. جڏهن 1336 ۾ ابن بطوطا لاڙي بندر ڏسڻ آيو ته اهو هڪ وڏو بندر هئو، جيڪو ديبل جي ويران کان پوءِ آباد ٿيو هو. [4]

Gallery[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named UNESCO
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. ايم.ايڇ.پنهور دنيا جو قديم ترين ۽ وسيع ترين قلعو: راڻي ڪوٽ؛ رسالو:مهراڻ رني ڪوٽ نمبر 2006 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  4. پیر پٹھو کی وادی: موجوں سے مَیلوں تک - Opinions - Dawn News