اونهارو


اونھاروانگريزي ٻولي: Summer هڪ موسم جو نالو آهي.هن موسم ۾ ڏينهن وڏا ٿيندا آهن ۽ راتيون ننڍيون۔ گرمي پد وڌيڪ هوندو آهي۔ سال جو سڀ کان وڏو ڏينهن 21 جون هن موسم ۾ ٿيندو آهي.شمسي سال جي حساب سان اپريل جو اڌ، مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جو اڌ، اونهاري جا مهينا ليکيا ويندا آهن.[1] سال جي چئن ٽيمپريٽ مندن منجهاران ھڪ مند جو نالو جيڪا سڀ کان وڌيڪَ گرم ھوندي آھي ۽ بھار کانپوءِ شروع ٿيندي آهي ۽ جنهن کانپوءِ سرء جي مند شروع ٿيندي آهي. اونهاري ۾ ڏينھن وڏا ۽ راتيون ننڍيون ٿينديون آهن. تاريخ 21 جون ھن مند جو وچ ھوندو آھي .[2]موسمياتي ڄاڻ پٽاندڙ ھيءَ مند خط استوا جي اتر واري اڌ گول ۾ جون، جولائي ۽ آگسٽ ۾ ٿيندي آهي ۽ ڏکڻ واري ڌرتي جي اڌ گول ۾ ڊسمبر، جنوري ۽ فبروري ۾ ٿيندي آهي.[3][4] موسمياتي علمن پٽاندڙ سموريون مندون ڪيلينڊر جي مھيني جي پھرين تاريخ تي شروع ٿينديون آهن ۽ آخري تاريخ تي ختم ٿينديون آهن. [3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
- ↑ Cecil Adams (11 مارچ 1983), "Is it true summer in Ireland starts May 1?", The Straight Dope, 30 August 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 27 سيپٽمبر 2011۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ 3.0 3.1 Meteorological Glossary. London: HMSO. p. 260. ISBN 0-11-400363-7.
- ↑ "Professor Paul Hardaker answers questions on meteorological forecasting" آرڪائيو ڪيا ويا 2 February 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Royal Geographical Society.