صنعت
ڪنھن صنعت جي وصف معاشيات جي حساب سان هڪ مخصوص جاگرافيائي دائري ۾ ڪنھن مخصوص زمري جي مصنوعات (products) جي تياري ڪندڙ تمام ادارن تي ٿيندي آهي. مثال طور ڀارت ۾ رياست مهاراشٽر جي کنڊ جي صنعت. ان ۾ گني (ڪمند) جا هاري ۽ اهي سڀ ڪارخانيدار اچي وڃن ٿا جيڪي کنڊ ۽ ان سان لاڳاپيل شين جھڙوڪ ڳڙ ٺاهڻ سان جڙيل آهن. کير جي صنعت سان اهي سارا ڪاروبار جڙيل آهن جيڪي کير جي ڪاروبار ۽ ان مان بنجڻ وارين شين سان لاڳاپيل آهن. کير مان جيڪي شيون ٺهي نڪرن ٿيون تن ۾ ڏهي، لسي، تڙو (ڇانڇ)، آئس ڪريم وغيره شامل آهن. ڪنهن صنعت ۾ شين جي نوعيت جي حساب سان ان جون مخصوص خاصيتون هونديون آهن. مثال طور کير مان ٺهيل شين جي شيلف لائف (خراب نه ٿيڻ جو مدو) محدود هوندي آهي. تنهنڪري انهن جي وڪري يا ته فوراً ٿيڻ گهرجي يا وري اهي شيون بيڪار ٿي وينديون آهن. پر ڪجهه مصنوعات جي شيلف لائف وڌيڪ هوندي آهي. ڪيتريون ئي دوا ساز ڪمپنيون پنهنجي دوائن تي ٻن ٻن سالن تائين استعمال جو مدو لکنديون آهن. ڪجهه مصنوعات اهڙيون به آهن جن جي شيلف لائف لامحدود آهي يا شين جي سار سنڀال تي منحصر آهي، جهڙوڪ پلاسٽڪ ۽ اسٽيل مان ٺهندڙ شيون. اهي عملي طور رک رکاءُ تي منحصر رهن ٿيون ۽ پنهنجي بنجڻ جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ به وڪري جي لائق هونديون آهن.
معيشت ۾ صنعتن جي اهميت
[سنواريو]ڪنهن به فعال معيشت ۾ صنعتن جي پنهنجي اهميت هوندي آهي. گڏيل گهرو پيداوار (جي ڊي پي) جو حساب شين ۽ خدمتن جي ڪُل تعداد جي حساب سان ٿيندو آهي. جڏهن هي وڌيڪ هوندا آهن، ته ملڪ ۾ گهٽ قيمتن تي وڌيڪ شيون دستياب هونديون. اهڙي طرح ٻاهرين ملڪن ۾ ان ملڪ جي سڪي جي قيمت به وڌيڪ هوندي. ملڪ جون پيداواري شيون ٻين ملڪن ۾ وڪامنديون. پر انهن جي ڪميءَ جي صورت ۾ ملڪ ۾ گردش ڪندڙ دولت جي اندروني افاديت بيحد گهٽجي ويندي. ٻاهرين ملڪن ۾ به ان ملڪ جون مصنوعات گهٽ ئي وڪامنديون ۽ اهڙي طرح ان ملڪ جي سڪي جي قيمت به گهٽ تصور ڪئي ويندي.
هڪ ئي وقت صنعتن جو متاثر ٿيڻ
[سنواريو]2015ع ۾، پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن جي هڪ بيان مطابق گذريل ٽي ماهي دوران ملڪ جي ٽيڪسٽائل برآمدات ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي هئي، جنهن جو بنيادي سبب برآمدات ۾ ڪمي آهي.[1]