ارغون حڪمران ۽ حڪمراني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نالو ارغون حڪمران
حڪومتي نظام شهنشاهي
بنياد وجهندڙ شاھ بيگ ارغون
گادي جو هنڌ بکر
حڪومتي علائقا سنڌ ، افغانستان ، ترڪمانستان,
شروع 1520ع
ختم 1555
سرڪاري ٻولي فارسي, (سرڪاري)
عربي ,(مذهبي) ،
سنڌي , هندي , سرائڪي , گجراتي 
مذهب اسلام, سني



ارغون ، چنگيز خان, جو اولاد آهن۔ جنهن جو تفصيل هن ريت آهي ، ارغون خان, ولد هلاڪو خان, ولد طوطي خان, ولد چنگيز خان، ارغون خان جي اولاد مان مرزا شاھ بيگ, ولد امير ذوالنون, ولد حسن بصري, 924 ھ مطابق 1520 ع بابر بادشاھه کان ناراض ٿي ، قندار کان سيوي ۽ گنج آم ( سبي ۽ گندا واه ) ، جي رستي ٺٽي آيو انهي وقت جي حڪمران ڄام فيروز سان لڙائي ڪري ، مٿس فتح حاصل ڪيائين ، ڄام فيروز اطاعت قبول ڪئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ت لڪ علوي ( لڪي) کان هيٺ وارو حصو سمنڊ جي ڪناري تائين ، ڄام فيروز جي هٿ ۾ رهندو ، مگر مير علي اڪبر ارغون, هن جو معون هوندو ، انهي معاهدي موجب مرزا شاھ بيگ ارغون - مير عليڪم ارغون - سلطان مقيم بيگلار , ۽ ڪبيڪ ارغون کي سيوهڻ ۾ مناسب عهدن تي مقرر ڪرڻ بعد ، پاڻ بکر, ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ اتي سلطان محمود خان, ولد مير فضل خان ، ڪوڪشاهن کي جو اڃا پندرهن سالن جو هو ۔ حاڪم مقرر ڪيائين ، بکر جو قلعو کيس پسند آيو ، ۽ رضوي ، ساداتن ۽ ترڪن وغيره کي ، جي گهڻي عرصي تائين اتي رهندا هئا ۔ روهڙي ۾ وڃي رهڻ جو حڪم ڏنائين.

تاريخ[سنواريو]

حڪمران[سنواريو]

مرزا شاھ بيگ (1521-1555

مرزا شاھ حسن (1555-1592)

ارغون دور جا اهم شاعر[سنواريو]

قاضي قاضن ( 1463 -1555)

سيد علي ثاني ٺٽوي (1486 - 1573)

راڄيو ستيو دل ( وفات 1569 ڌاري)

درس علاء الدين

شيخ لاڏجيو ( 1523 - 1598)

جرڪس فقير

7 شيخ حلو

8 مخدوم نوح (1506 - 1590)

سيد ابوبڪر لڪياري

ارغون دور جو ادبي جائزو[سنواريو]

1۔ هي دور فارسي زبان , جي تسلط جو دور آهي ، جنهن ۾ سنڌي قوم سان گڏ سنڌي ٻولي جو ب استحصال ٿيو ۔ فارسي سرڪاري دفتر ، انتظامي ڪاروبار ، خط و ڪتابت ، تعليم ۽ تصنيف ، ادب ۽ شاعري جي زبان بڻجي وئي ۔ فارسي جي ايتري اثر هئڻ باوجود ب ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سنڌي ٻولي ۾ اعليٰ  درجي جي شاعري ڪري پنهنجو تاريخي فرض ادا ڪيو.

2۔ هن دور ۾ رومانوي داستانن کي تمشيل طور استعمال ڪرڻ جو عام رواج پيو۔

بيت , ٻن ۽ ٽن سٽن کان وڌي پنجن ۽ڇهن سٽن تائين پهچي ويو۔

4۔ انهن ڏينهن ۾ ڪافي سنڌي شاعري ۾ عام مقبول صنف هئي ، جنهن کي سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ وائي چيو ويندو هو ، وائي جا ڪي باقاعده نمونا ت ن ملي سگهيا آهن ۔ پر آخري دور جي آخري شاعر شاھ عنايت رضوي جي رسالي ۾ وائي جا ڪجھ نمونا ملن ٿا۔

5۔ هن دور ۾ تصوف سان گڏ حسن و عشق ۽ هجر و فراق ب سنڌي سنڌي شاعري جا موضوع هئا ، ان کان سواء ان ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو ب عڪس ملي ٿو۔

6۔ سماع جون محفلون ب ٿينديون هيون ، جن ۾ سنڌي بيت پڙهيا ويندا هئا .

7۔ بيت ۾ وراڻ ۽ تڪرار جا اهڃاڻ ب ملن ٿا۔

8۔ مذهبي شاعري ب ڪئي وئي ، جنهن جو سٽاء گهڻو ڪري الف - اشباع تي ٻڌل هو۔

9۔ سنڌي ٻولي پنهنجي نج صورت ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي ، شاھ عبدالڪريم جي شاعري "ٺيٽ سنڌي" جو اعليٰ  مثال آهي۔

10۔ هن دور جي ڪافي شاعري ۾ "ترڪ دنيا" "فنا ۽ بقا" جي چڱي خاصي اپٽار ڪيل آهي ، ان کان علاوه هن دور جي شاعري تي مايوسي ۽ نااميدي جو ب ڪافي اثر آهي ۔ عثمان احساني جي شاعري پڙهڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ، ت ان وقت سنڌين سان ڪهڙي ويڌن هوندي۔

ارغون دور ۾ سنڌي ادب[سنواريو]

•هن دور ۾ ڪافين جي ڳائڻ ۽ چوڻ جو رواج پيو۔

• هن دور سان وابستا تحريري ادب جو دور شروع ٿيو۔

• هن دور ۾ سنڌي ۽ فارسي جو تعلق وڌيو۔

• هن دور جي شاعري ۾ ڪيترائي لفظ ۽ فقرا گروگرنٿ جاسنڌي ۾ ملن ٿا۔

• سنڌي ادب ۾ روايتي ادب جو اضافو ٿيو۔

• بيت جي سٽن ۾ سيد علي ثاني ٺٽوي اضافو آندو۔

• هن دور ۾ ملڪي واڳون ڏيهي حڪمرانن کان ڦري پرڏيهي حڪمرانن جي هٿ ۾ آيون ان جو ردعمل شاعري ۾ ملي ٿو۔

• هن دور ۾ نثر جا ب ڪيترائي اهڃان ملن ٿا۔

ارغون دور تي تبصرو[سنواريو]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

راء گهراڻي جي سنڌ تي حڪومت

برھمڻن جي سنڌ تي حڪومت

بنو اموين جي سنڌ تي حڪومت

غزنوين جي سنڌ تي حڪومت

غورين جي سنڌ تي حڪومت

بنو عباسين جي سنڌ تي حڪومت

سومرن جي سنڌ تي حڪومت

سمن جي سنڌ تي حڪومت

ارغونن جي سنڌ تي حڪومت

ترخانن جي سنڌ تي حڪومت

مغلن جي سنڌ تي حڪومت

ڪلهوڙن جي سنڌ تي حڪومت

ٽالپرن جي سنڌ تي حڪومت

انگريزن جي سنڌ تي حڪومت

حوالا[سنواريو]

1 سنڌي ادب جي مختصر تاريخ - عبدالجبار جوڻيجو

2۔ تاريخي معصومي - مير معصوم شاھ

3 تاريخ طاهري - محمد طاهر حسين