ٽنڊو الهيار ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Tando Allahyar
ٽنڊوالهيار ضلعو
سنڌ جو ضلعو
ٽنڊوالهيار ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ٽنڊوالهيار ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ڊويزن حيدرآباد ڊويزن
ضلعي صدر مقام ٽنڊوالھيار شھر
يونين ڪائونسلن جو تعداد 24
ضلعي جو قيام 5 مئي 2005ع
حڪومت
 • قسم ميونسيپل ڪاميٽي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل
پکيڙ
 • ڪل 1,588 ڪ.م2 (613 ميل2)
بلندي 13 ميل (43 ft)
آبادي ([1] 2017)
 • ڪل 8,36,887
ٽنڊوالهيار ۾ شاھ لطيف پارڪ

ٽنڊو الهيار ضلعو(انگريزي: Tando Allahyar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدرمقام ٽنڊو الھيار شهر آهي. هن ضلعي جي آبادي 2011 جي تخميني مطابق 6 لک 11 هزار ھئي جيڪا 2017ع ۾ وڌي 8،36،887 ٿي وئي. ان جي ڪُل پکيڙ 1581چورس ڪلوميٽر آھي[2]. ھن ضلعي جي اتر ۾ سانگھڙ، اوڀر ۾ ميرپور خاص، اولھ ۾ مٽياري، حيدرآباد ۽ ڏکڻ ۾ بدين ۽ ٽنڊو محمد خان واقع آهن. ٽنڊوالهيار جو پوسٽل ڪوڊ 70010 آھي[3].

پاڪستان جي نقشي ۾ ٽنڊوالهيار جو مقام

تاريخ[سنواريو]

ھن علائقي تي 1000 سال اڳ سومرن جي حڪومت ھئي ان بعد سمن، ارغونن، مغلن ۽ ڪلھوڙن جي راڄ جو حصو رھيو. ڪلھوڙن ھن علائقي جي نگراني دل ذات وارن جي حوالي ڪئي ھئي جن ۾ ھڪ دل سردار جو نالو ڪنڍي ھيو جنھن تان ٽنڊي الهيار جي علائقي تي ڪنڍي جي وسي (Kundhi ji Wasi) نالو پئجي ويو [2]. ڪلھوڙن بعد ٽالپرن سنڌ کي ستن انتظامي حصن ۾ ورھايو جن مان ڪنڍي جي وسي وارو حصو مير فتح علي خان ٽالپر اول جي نگراني ۾ آيو. [2]. سندس وفات بعد ھن علائقي جي نگراني سندس وڏي پٽ مير الھيار خان ٽالپر کي ملي[2].ٽنڊو الھيار شھر جو بنياد مير الھيار خان ٽالپر 1709ع ۾ اتي ڪچو قلعو ٺھرائي وڌو هو جيڪو موجوده شھر کان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اڏايل ھيو.

مير الھيار جو ٺھرايل ڪچو قلعو

قلعي جي قيام سان آبادي جي منتقلي قلعي طرف ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ آھستي آھستي شھر اڏجي ويو. 1906 ۾ برٽش انڊيا جي ھتي ريلوي اسٽيشن قائم ٿي جنھن سان ھن علائقي ۾ ترقي آئي. ڪچي قلعي ۾ برٽش سرڪار جو آفيسون قائم ڪيون ويون. ان ڪچي قلعي جي ديوارن جا ڪجهه آثار اڃان تائين موجود آھن. 1933ع ۾ ڪينال جي تعمير سان ھن علائقي جي زرعي ترقي ۾ وڏو چاڙھ آيو. ھي علائقو حيدرآباد ضلعي جو حصو رھيو ۽ ان کي تعلقي جو درجو مليو. 5 مئي 2005[2] ۾ سنڌ جي ڊاڪٽر ارباب رحيم واري حڪومت ٽنڊوالھيار تعلقي کي حيدرآباد ضلعي کان ڌار ڪري ھڪ الڳ ضلعي جو درجو ڏنو. پراڻي تعلقي ٽنڊوالهيار جي ٻن ننڍن شھرن چمبڙ ۽ جھنڊو مري کي تعلقي جي حيثيت ڏئي ھن ضلعي م برقرار رکيو ويو.ٽنڊوالهيار جي جڊيشل ضلعي جو قيام ڇھ سال بعد 2011 ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي قيام سان ٿيو.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ضلعي جي پکيڙ 1581چورس ڪلوميٽر آھي[2]. ايڪڙن م ايراضي 3،69،685 ايڪڙ اٿس. ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ 680 34’ 23” کان 680 57’ 35” تائين اوڀر ۾ 250 12’ 24’’ کان 250 45’ 17’’ تائين اتر ۾ واقع آهي. ان جون حدون اتر ۾ سانگھڙ، اولھ ۾ مٽياري ۽ حيدرآباد، اوڀر ۾ ميرپور خاص ۽ ڏکڻ ۾ بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن سان ملن ٿيون. ھن ضلعي جي آبهوا ٽيمپريٽ ۽ وڻندڙ آهي. اھا گرمين ۾ تمام گرم ۽ سردين ۾ تمام سرد ناھي رھندي[2]. سال جا گرم ترين مھينا جون ۽ جولاء ۽ سرد ترين مھينا ڊسمبر ۽ جنوري ھوندا آھن. اونھاري ۾ مئي کان آگسٽ تائين ھتي ڏکڻ کان اتر طرف ھوا گھلندي آھي ۽ سياري ۾ نومبر کان جنوري تائين اتر کان ڏکڻ طرف ھوائون گھلنديون آھن[2].

معيشت[سنواريو]

موافق موسم ۽ آبپاشي نظام ذريعي پاڻي جي فراواني ڪري ھن ضلعي جي زراعت خوشحالي واري آھي. ھتي ٿيندڙ فصلن ۾ ڪپھ، ڪڻڪ، ڪمند اھميت رکن ٿا. ان کان سواءِ ھتي ڪثرت سان سبزين ء ميون جي پوک پڻ ٿئي ٿي. ميون م انب ضلعي جي ھر پاسي پوکيو وڃي ٿو[2]. ھن ضلعي جي معيشت زرعي آھي. ھتي ڪيلو جو فصل پڻ عام آھن. ٽنڊوالهيار جي صنعت ۾ کنڊ جي صنعت سرفهرست آهي.

ٽنڊوالهيار شگر مل

ضلعي جي انتظامي ورهاست[سنواريو]

ھي ضلعو ٽن تعلقن ۾ ورھايل آھي جن مان ٽنڊو الهيار تعلقو، چمبڙ تعلقو ۽ جھنڊو مري تعلقو شامل آهن. ضلعي ۾ چار سرڪلون، 30 تپا ۽ 87 ديھون آھن. ھڪ ديھ شھري, ھڪ جزوي شھري ۽ باقي 85 ديھون ٻھراڙيءَ واريون آھن[2].

ٽنڊو الهيار ضلعي جي انتظامي ورهاست
تعلقو يونين ڪاؤنسلون آبادي (2011) آبادي[4] (2017)
1 ٽنڊو الهيار تعلقو 8 2,63,548 3,95,996
2 جهنڊو مري تعلقو 6 1,91,387 2,31,683
3 چمبڙ تعلقو 5 1,56,749 2,09,208
ڪل 24 6,11,684 8,36,887

سياسي نظام[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي جا ٻہ تڪ واقع آهن؛

پي ايس 51 مان 2018 جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو سيد ضياءُ عباس شاھ چونڊجي آيو جيڪو سيد علي نواز شاھ جو فرزند آهي ۽ سندس تعلق ٽنڊوالهيار تعلقي جي ڳوٺ شاھپور رضوي سان آھي ۽ ھي 12 آگسٽ 1975ع ۾ ٽنڊو الهيار شھر ۾ پيدا ٿيو ھو[5] سندس ڏاڏو سيد محمد حسن شاھ 1951ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو رڪن ٿيو ھو[5]. چاچو سيد اميد علي شاھ ۽ والد سيد علي نواز شاھ 1977ع ۾ قومي اسيمبليءَ جا رڪن منتخب ٿيا هئا. سندس والد 2082، 2008 ۽ 2013 ۾ سنڌ اسيمبلي جو رڪن ٿيو ھو[5]. پي ايس 52 مان 2018 واري چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو امداد علي پتافي چونڊجي آيو جيڪو مقامي زميندار آهي[5]. ھي پھرين جنوري 1974 ۾ ٽنڊوالهيار شھر م پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو بخش علي پتافي آھي[5]. ھن ضلعي مان قومي اسيمبليءَ ۾ نمائندگي صرف ھڪ تڪ جي آھي جيڪو اين اي 223 آھي. ضلعي جي ڪل درج ٿيل ووٽرن جو تعداد 2,86,956 آھي جن ۾ 1,52,049 مرد ۽ 1,34,907 عورت ووٽر شامل آهن [2]. 2018ع جي چونڊن م ذوالفقار ستار بچاڻي چونڊجي آيو.م جيڪو عبدالستار بچاڻي جو پٽ آھي.

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

ٽنڊوالهيار ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون
ٽنڊوالھيار ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[6]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 ٽنڊو سومرو 2 شاھپور رضوي 3 عثمان شاھ ھوري
4 دسوڙي 5 هنڱوراڻي 6 جھنڊو مري
7 ميرآباد 8 مئلموري 9 سلطان آباد اسٽيشن
10 مساڻ 11 ڪامارو 12 شيخ موسیٰ
13 [[]] 14 [[]] 15 کوکر
16 بڪيرا شريف 17 [[]] 18 جاڙڪي
19 بيگن جروار 20 لانڍي 21 دريا خان مري
22 راوت لغاري 23 نصير خان لغاري 24 مسو بوزدار
25 داد جروار - - - -

آبادي[سنواريو]

1998 جي آدمشماري مطابق آبادي 4,68,373 ھئي[2]. 2014ع جي ڪاٿي مطابق ھن ضلعي جي آبادي 6،84،598 ھئي[2]. 2016ع م ھن ضلعي جي آبادي جو ڪاٿو 7،19،042 ھئي جنھن ۾ 3،73،902 مرد ۽ 3،45،1400 عورتون ھيون[7]. ڪل گھرن جق تعداد 1،23،973 ھيو[7]. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي آبادي 8,36,887 ھئي[1]. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ھتي ھندو آبادي جي گھڻائي ھئي جيڪا انڊيا ھجرت ڪري وئي ۽ انھن جي جاء تي انڊيا مان مسلمان لڏي آيا. ھاڻي ھندن جي آبادي تمام گھٽ آھي[8]. 2017 جي آدمشماري مطابق 5,75,094 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ 2,61,793 ماڻھو شھرن ۾ رھن پيا[4] ھتان جي ماڻھن جي اڪثريت سنڌي ڳالھائيندڙ آھي ۽ شھرن ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد پڻ جھجھو آھي. ان کان سواءِ ھتي سرائڪي ۽ مارواڙي ٻوليون پڻ ڳالھايون وڃن ٿيون. آبادي جي غالب اڪثريت مسلمانن جي آهي. اقليتي مذھب ۾ ھندو مذھب وارا اچي وڃن ٿا.

ثقافت[سنواريو]

ھي ضلعو سنڌي ثقافت رکندڙ آهي. مرد شلوار قميص پائيندا آھن ۽ سنڌي ٽوپي جو استعمال پڻ ڪثرت سان ٿئي ٿو. عورتون شلوار ۽ چولو پائن ۽ ٻھراڙيءَ م گھاگھرو يا پڙو پڻ پائن ٿيون. عام طور عورتون چوڙيون پائينديون آهن. ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الھيار ھڪ مشھور سنڌي پھاڪو يا چوڻي آھي جيڪا ھن ضلعي جي شھر ٽنڊوالهيار سان منصوب آھي. مريم ميرن جو ھڪ توپ جو بہ نالو ھو. ان چوڻي جو ھڪ مطلب اھو به ڪڍيو ويو تہ جيڪڏهن غلط رستي تي هلبو ته منزل تي هرگز ڪين رسبو[9].

سياحت[سنواريو]

ٽنڊو الهيار شھر م ھندن جو ھڪ وڏو مندر رامپير مندر جي نالي سان اڃان تائين موجود آهي جيڪا پاڪستان ۾ ھندن جي ٻيون نمبر وڏي زيارتگاھ آهي[10] ھتي ساليانو ھڪ وڏو ميلو لڳندو آھي جنھن م شرڪت لاء پري پري کان ھندو ايندا آھن.

رامپير مندر جو داخلي دروازو

ھن ضلعي جي ماڳن م حاجي محمد بخش ٽالپر جو مقبرو، بلاول ڪوٽ جا آثار، جھنڊو خان مري ڀرسان نانگو شاھ جو مقبرو، نادر شاھ جي مزار، درگاھ موج درياء سماڌي مندر شامل آهن[11].

وتايو فقير جي چوکنڊي، وتايو فقير جي قبر راشد آباد لڳ قبا شريف ۾ واقع آهي

تعليم[سنواريو]

2017 ۾ پاڪستان جي ضلعن جي تعليم واري اشاريي مطابق ھي ضلعو تعليم م پاڪستان جي سمورن ضلعن ۾ 92 نمبر تي ھيو[12][13]. ضلعي ۾ تعليمي جي سھولتن لاء 827 تعليمي ادارا آھن جن ۾ پرائمري، سيڪنڊري ، ھائر سيڪنڊري اسڪول ۽ ڪاليجون شامل آهن[2]. تعليم يافته ماڻهن جي شرح 2012 ۽ 2013 ۾ 47 سيڪڙو ھئي جن مان مرد 63 ۽ عورتون 31 سيڪڙو ھئا[2].2013ع ۾ ضلعي ۾ پرائمري اسڪولن جو تعداد 750 ھيو جن ۾ 48,887 شاگرد داخل ٿيا جن مان 30789 ڇوڪرا ۽ 18,098 ڇوڪريون ھيون. پرائمري استادن جو ضلعي اندر تعداد 1,390 ھيو جن مان 1,079 مرد ۽ 311 عورتون ھيون. سراسري طور تي 65 شاگردن لاء 2 استاد ھيا. ڪلاسن ۾ حاضري جي شرح 33 شاگرد في ڪلاس رھي[2]. ان سال ضلعي ۾ 42 مڊل اسڪول ھئا جن ۾ 2,535 شاگرد داخل ٿيا جن مان 1,461 ڇوڪرا ۽ 1,074 ڇوڪريون ھيون[2]. مڊل اسڪولن م ڪل استادن جو تعداد 70 ھيو جن مان 51 مرد ۽ 19 عورتون ھيون. ان اسڪولن م ھر 60 شاگردن لاء 2 استاد ھيا پر اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري جي شرح في ڪلاس 20 شاگرد ھئي ۽ ھر اسڪول م سراسري 3 ڪلاس جا ڪمرا ھيا(انگريزي: رليف). 2013ع م ضلعي ۾ 30 سيڪنڊري اسڪول ھيا جن ۾ 9,978 شاگرد داخل ھيا جن مان 7,305 ڇوڪرا ۽ 2,673 ڇوڪريون ھيون. سيڪنڊري اسڪولن جي استادن جو تعداد 308 ھيو جن ۾ 280 مرد ۽ 28 عورتون ھيون. سراسري طور تي 333 شاگردن لاء 10 استاد ھيا. ھر سيڪنڊري اسڪول م سراسري 7 ڪلاس جا ڪمرا ھيا[2]. 2013 ۾ ضلعي اندر 5 ھائر سيڪنڊري تعليمي ادارا ھيا جن م 6,685 شاگرد داخل ھيا جن مان 2,898 ڇوڪرا ۽ 3,787 ڇوڪريون ھيون. انھن م 111 ليڪچرار جن مان 63 مرد ۽ 48 عورتون ھيون. ھر 1337 شاگردن لاء 22 ليڪچرار ھيا. ھر ڪاليج م سراسري 14 ڪلاسن جا ڪمرا ھيا ۽ ھر ڪلاس جي حاضري سراسري 94 ھئي[2]. 2013ع م ھن ضلعي ۾ صرف ھڪ ايليمينٽري اسڪول ھيو[2].

صحت[سنواريو]

2012 جي انگن اکرن مطابق ضلعي ۾ صحت جي سھولتن لاء 35 ادارا آھن جن ۾ اسپتالون، ڊسپينسريون، بنيادي صحت يونٽ ۽ ٻھراڙيءَ جا صحت مرڪز شامل آھن[2] ضلعي ۾ نون ڄاول ٻارن جي مرڻ جي شرح ھر ھڪ ھزار ۾ 81، پنجن مھينن جي عمر تائين ھر ھڪ ھزار ۾ 101 آھي . ھر ھڪ لک زندہ ڄمندڙ ٻارن ۾ 314 مئل ڄمن ٿا[2]. 2012 جي انگن اکرن مطابق ضلعي اندر ڪابہ سول اسپتال ڪانہ ھئي. رڳو ھڪڙي تعلقا اسپتال ٽنڊو الهيار م واقع ھئي. ٻين تعلقن جي صدر مقامن ۾ بنيادي صحت يونٽ ڪم ڪن پيا. 2012ع م ضلعي ۾ 2 رورل هيلٿ سينٽر، 13 بيسڪ هيلٿ يونٽ، 17 رورل ڊسپينسريون، 2 مڌر چائلڊ ھيلٿ ڪيئر سينٽر واقع ھيا[2]. تعلقا اسپتال ٽنڊوالهيار کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال يا سول اسپتال جو درجو ڏنو ويو آهي. اپريل 2021 م ان اسپتال م انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪيولر ڊزيزز NICVD اتي پنھنجو 30ھون سينٽر (چيسٽ پين يونٽ) قائم ڪيو آهي جنھن جو افتتاح اتان جي ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي کان ڪرايو ويو[14].

عدالتي نظام[سنواريو]

ھن ضلعي جون حدون سنڌ ھاء ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ حيدرآباد جي اختيار ۾ اچن ٿيون جنھن ڪري ھاء ڪورٽ جا ڪيس حيدرآباد واري رجسٽري ۾ داخل ٿيندا آهن. ضلعي عدالتن جي نظام ۾ ھتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ٽنڊوالھيار شھر ۾ واقع آهي جنھن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ٻہ عدالتون پڻ ڪم ڪن ٿيون[15]. اھي عدالتون ساڳي وقت ننڍين عدالتن جو اپيلون پڻ ٻڌنديون آھن. ھتي سينئر سول جج جون ٻہ عدالتن، چار سول ججن جون عدالتون ٽنڊوالهيار ۾ ۽ ٻہ سول ججن جون عدالتون چمبڙ ۾ ويھن ٿيون [16]. ضلعي ۾ ٽنڊوالهيار شھر ۾ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ ڪم ڪري ٿي. ضلعي اندر وڪيلن جي ضلعي بار ايسوسيئيشن پڻ قائم آهي جيڪا سنڌ بار ڪائونسل جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي.

آمدورفت[سنواريو]

ھن ضلعي جا شھر روڊن رستي چوڌاري سمورن ضلعن جي وڏن شھرن سان ڳنڊيل آھن. ضلعي اندر بھترين روڊن جو ڪل گڏيل ڊيگھ 258 ڪلوميٽر آهي[2].

آبپاشي[سنواريو]

ھن ضلعي جون زمينون سڌيون ۽ ھموار آھن ۽ اتي ھڪ فعال نھري نظام ڪم ڪري ٿو. سڀ کان وڏو واھ نصير واھ آھي جيڪو روھڙي ڪينال مان نڪري ٿو ۽ ڪيترن ئي شاخن ۽ ڊسثرين ذريعي پاڻي پري پري جي زمينن تائين پھچائي ٿو. ان کان سواءِ ھتي سرفراز واھ ۽ کيساڻو واھ پڻ وھن ٿا. ضلعي م نھري نظام تي آباد ٿيندڙ زمين 2008ع ۾ 46،144 ايڪڙ ھئي ۽ 2009ع ۾ 48،117 ايڪڙ ھئي. عام کوھن جي پاڻي جو ھن ضلعي ۾ زراعت لاء استعمال ڪانه ٿيندو آهي باقي ٽيوب ويلن ذريعي 2008 ۾ 24،681 ايڪڙ ۽ 2009ع ۾ 24،629 ايڪڙ زمينون آباد ٿيون[2].

راشد آباد[سنواريو]

ٽنڊوالهيار م راشد آباد نالي شھر شھيد راشد منھاس جي نالي سان قائم ٿيل آهن جتي پاڪستان ايئرفورس جي سرگوڌا ٽرسٽ جو ھڪ وڏو بورڊنگ وارو اسڪول قائم ٿيل آھي جتي ھائر سيڪنڊري تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. اتي ايل آر بي ٽي سيڪنڊري اکين جي اسپتال پڻ واقع آهي[17]. اتي سرگوڌا ٽرسٽ پاران منشيات جي مريضن لاء دارالسڪون جي نالي سان ھڪ ريھيبليٽيشن سينٽر پڻ قائم ڪيو ويو آهي[18].

غير سرڪاري تنظيمون[سنواريو]

ھن ضلعي م ھيٺيون غير سرڪاري تنظيمون ڪم ڪن ٿيون[2]:

شھر ۽ مشھور ڳوٺ[سنواريو]

ھن ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ مشھور ڳوٺن م شامل آهن: ٽنڊو الهيار، جھنڊو خان مري، چمبڙ، مبارڪ جروار، نصرپور، ٽنڊو سومرو، پيارو لنڊ، شاھپور رضوي، دسوڙي، ميرآباد، ڪامارو، بڪيرا شريف، مسو بوزدار شامل آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. صفحو. 8. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 2.23 2.24 2.25 › resourcesPDFTandoallahyar resources reliefweb
  3. {data.mongabay.com}
  4. 4.0 4.1 [ https://www.pbs.gov.pk › sindhPDFWeb resultstando allahyar summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL ...]
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 [ http://www.pas.gov.pk/index.php/members/profile/en/31/386 آرڪائيو ڪيا ويا 2023-10-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
  6. [ https://www.politicpk.com/tando-allahyar-district-uc-list-mna-mpa-seats-%d9%b9%d9%86%da%88%d9%88%d8%a7%d9%84%d9%84%d9%91%db%81-%db%8c%d8%a7%d8%b1-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%da%a9%db%8c-%db%8c%d9%88%d9%86%db%8c%d9%86-%da%a9%d9%88/] ٽنڊو الهيار، پوليٽيڪو. ڪام
  7. 7.0 7.1 [ http://www.rspn.org › 2019/03PDFTando Allahyar - Rural Support Programmes Network]
  8. https://reliefweb.int/sites/reliefweb.int/files/resources/PESA-Tandoallahyar-Sindh.pdf
  9. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (انجنيئر عبدالوھاب سھتو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-22 
  10. "Hindu's converge at Ramapir Mela near Karachi seeking divine help for their security - The Times of India". حاصل ڪيل 2020-09-09. 
  11. [ http://heritage.eftsindh.com/sites/pending/tandoAllahyar.php]
  12. Alif Ailaan 2017. Pakistan District Education Rankings 2017 آرڪائيو ڪيا ويا 2018-07-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Islamabad: Alif Ailaan. vi-66 pp. ISBN 978-969-7624-06-5
  13. Alif Ailaan 2018. 2013-2018 Five Years of Education Reforms. Wins, Losses and challenges for 2018-2023. Islamabad: Alif Ailaan. vi-42 pp. ISBN 978-969-7624-08-9 The LFTS (Leading Future Testing Service), has also launched for the testing purpose. the service launched for the purpose to promote test patterns and enrich the student's faculties. Its first project started as GAT General Assessment Test. Test Date will be 14th Oct, 2018. Website. www.lfts.jigsy.com https://elections.alifailaan.pk/wp-includes/file/SindhEducationReport18.pdf آرڪائيو ڪيا ويا 2018-08-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  14. [ https://www.thenews.com.pk/amp/813850-nicvd-sets-up-30th-centre-at-tando-allahyar]
  15. [ https://districtcourtssindh.gos.pk/district/badin/introduction.php آرڪائيو ڪيا ويا 2021-04-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
  16. [ http://43.245.130.98:8082/dwp/(S(p5frfnyfbs0ryypngnzwq5po))/dwp.aspx آرڪائيو ڪيا ويا 2021-04-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
  17. › lrbt-free-s...LRBT Free Secondary Eye Hospital Rashidabad – Tando Allahyar ...
  18. [ http://darulsukun.com › rehabilitatio...Rehabilitation Center - Tando Allahyar, Rashidabad - Darul Sukun]