محمد بن قاسم

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

محمد بن قاسم (, انگريزي ٻولي: Muhammad Bin Qasim , عربي ٻولي: محمد بن القاسم الثقفي) جو پورو نالو عماد الدين محمد بن قاسم هو جيڪو بنو اميه جي هڪ مشهور سپه سالار حجاج بن يوسف جو ڀائٽيو هيو. محمد بن قاسم 17 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ فتح ڪري هندستان ۾ اسلام کي متعارف ڪرايو. هن کي عظيم جي ڪري هندستان ۽ پاڪستان جي مسلمانن ۾ هڪ هيرو جو اعزاز حاصل آهي ۽ ان لاءِ سنڌ کي ”بابُ الاسلام“ يعني اسلام جو دَرُ پڻ چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ اسلام جو دروازو هِتان ئي کُليو. محمدبن قاسم 694ع ۾ طائف ۾ پيدا ٿيو. جڏهن حجاج بن يوسف کي عراق جو گورنر مقرر ڪيو ويو ته هُن ثقفي خاندان جي وڏن ماڻهن کي مختلف عهدن تي مقرر ڪيو، انهن ۾ محمد جوپيءُ قاسم به هو جيڪو بصره جو گورنر هو. اهڙي طرح محمد بن قاسم جي شروعاتي تربيت بصره ۾ ٿِي ۽ تقريبن 5 سالن جي ڄمار ۾ اُن جو پيءَ لاڏاڻو ڪري ويو.

شروعاتي دور[سنواريو]

ننڍپڻ کان ئي محمد مُستقبل جو ذهين ۽ قابل شخص ايندو هو. غربت جي ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش پوري نه ڪري سگھيو ان ڪري شروعاتي تعليم کان پوءِ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. سپه گيري جي فَن جي تربيت هُن دمشق ۾ حاصل ڪئي ۽ انتهائي گھٽ عمر ۾ پنهنجي قابليت ۽ غير معمولي صلاحيت ڪري فوج ۾ اعليٰ عهدو حاصل ڪيو.

شروعاتي ڪارناما[سنواريو]

15 سالن جي عمر ۾ 708ع ايران ۾ ڪُردن سان بغاوت جي خاتمي لاءِ سپه سالاري جا فرض سونپيا ويا. تنهن وقت بنو اميه جي حڪمران وليد بن عبدالملڪ جو دور هو ۽ حجاج بن يوسف عراق جو گورنر هو، اِن مهم ۾ محمد بن قاسم ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ هڪ معمولي ڇاوڻي شيراز کي هڪ خاص شهر ڪري ڇڏيائين. تنهن دوران محمد بن قاسم کي فارس (ايران) جي گاديءَ جي هنڌ شيراز جو گورنر مقرر ڪيو ويو، ان وقت سندس عمر 17 سال هُئي.[1] پنهنجي صلاحيتن سان حڪومت ڪندي هُن پنهنجي قابليت ۽ ذهانت جو ڌاڪو ڄمايو ۽ 17 سالن جي عمر ۾ ئي سنڌ جي مُهم تي سالار بڻائي موڪليو ويو. محمد بن قاسم جي فتحن جو سلسلو 711ع کان شروع ٿيو ۽ 713ع تائين جاري رهيو.[2] هُن سنڌ جا اهم علائقا فتح ڪيا ۽ ملتان کي فتح ڪري سنڌ جي فتح مڪمل ڪئي پر اُتر هندوستان طرف وڌڻ جي خواهش حالتن پوري ٿيڻ نه ڏنس.

رواداري وارو نظام[سنواريو]

محمد بن قاسم نه صرف جنگون فتح ڪري نالو ڪمايو پر هڪ سٺي منتظم هئڻ جو ثبوت پڻ ڏنو. هُن تقريبن 4 سال سنڌ ۾ گذاريا پر اِن ٿوري وقت ۾ فتح سان گڏوگڏ سلطنت جو اعليٰ انتظام پڻ ڪيو ۽ سنڌ ۾ هڪ اهڙي حڪومتي نظام جو بنياد وڌو جنهن انصاف جي سڀني تقاضائن کي پورو ڪيو. محمد بن قاسم پنهنجي صلاحيتن، جرئت ۽ اخلاق جي ڪري هندوستان ۾ جيڪي ڪارناما ڪيا اُهي ذڪر لائق آهن. سنڌ جي عوام لاءِ هُن رواداري جي سٺي پاليسي اختيار ڪئي. محمد بن قاسم جِي سنڌ جي فتح سياسي ، سماجي، مذهبي ۽ علمي لحاظ کان بي شمار اثر ڇڏيا.  

شخصيت ۽ ڪردار[سنواريو]

محمد بن قاسم هڪ ڳڀرُو جوان هو. اُن ننڍي عمر ۾ سنڌ تي ڪاھ جي مهم ۾ سپه سالار جي حيثيت سان جيڪي ڪارناما انجام ڏنا اُهي سندس ڪردار جي عڪاسي ڪَن ٿا. هُو جنگي قابليت ۽ انتظامي صلاحيتن جو مالڪ هو. هُن جي صلاحيتن جي ثبوت لاءِ سنڌ جي مُهم ئي ڪافي آهي. سندس اخلاق ۽ ڪردار جو اندازو هِن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ غير قوم ان جي ماتحت ٿي وئي. سنڌ جو عوام ساڻس چاهت جو اظهار ڪرڻ لڳو هو. تاريخِ سنڌ جي مصنف اعجاز الحق قدوسي لکن ٿا ته : ”محمد بن قاسم جڏهن سنڌ مان واپس پئي ويو ته پوري سنڌ ۾ سندس وڃڻ تي ڏُک جو اظهار ڪيو ويو هو. سندس وفات تي شهر ڪيرج جي هندوئن ۽ ٻُڌن پنهنجي شهر ۾ سندس هڪ مجسمو ٺاهي ساڻس عقيدت جو اظهار ڪيو.“[3] ساڳيو ئي ذڪر فتوح البلدان جي مصنف بلاذري پڻ ڪيو آهي. ”محمد بن قاسم جي شخصيت انتهائي پُروقار هُئي. سندس اخلاق ٻين کي موهي وجھندو هو. سندس زبان جي مِٺي ۽ چهرو مسڪرائيندڙ هو. هو هڪ باهمت، بامروت، رحمدل ۽ ملڻو (ملندڙ) انسان هو. هو هر شخص سان محبت سان پيش ايندو هو ۽ سندس ماتحت سندس وڏي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. عام زندگي ۾ ماڻهن سان غم ونڊيندو هو. هُن هر موڙ تي عقل ۽ دانائيءَ کي پوري طرح استعمال ڪيو ۽ ان جو هر قدم ڪاميابي جون راهون تلاش ڪندو هو. سندس بلند خيالي ۽ مستحڪم ارادا سندس جي ڪاميابيءَ جا ثبوت آهن. “  

سنڌ تي حملي جا ڪارڻ[سنواريو]

  1. سنڌ تي 711ع بمطابق 10 رمضان المبارڪ 93 هجري ۾ حملو ڪيو ويو۔ ان وقت اسلامي خليفو وليد بن مالڪ هو۔
  2. ان زماني ۾خليج فارس بحيره عرب جي رستي پري پري تائين واپار ٿيندو هو۔ هڪ ڀيرو لنڪا کان هڪ جهاز بصره وڃي رهيو هو۔ ان جهاز ۾ واپار جي سامان سان گڏوگڏ ڪجهه بيوه عورتون ۽ يتيم ٻار به سفر ڪري رهيا هئا۔ بدقسمتي سان بحري قزاقن ان تي حملو ڪيو ۽ قيمتي سامان، عورتون ۽ ٻار به ساڻ اغوا ڪري کڻي ويا۔ جڏهن اموي خليفي وليد بن مالڪ کي خبر پئي ته پاڻ سنڌ جي حڪمران راجا ڏاهر کي خط لکيائون ته انهن قزاقن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي ۽ سامان۔ عورتون ۽ ٻار آزاد ڪرايا وڃن۔ راجا ڏاهر ان خط جو جواب موڪليو ته بحري قزاقن سان منهنجو ڪو واسطونه آهي انڪري مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان۔ان واقعي سان گڏوگڏ ڪجهه ٻيا به اڻوڻدڙ واقعا پيش آيا جنهن کانپوءِ حجاج بن يوسف خليفي کان سنڌ تي حملي جي اجازت ورتي۔ ٿوري ئي عرصي ۾حجاج بن يوسف پنهنجي ڀائيٽي محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ورتو۔
  3. اهو اسلامي لشڪر اٽڪل 6 هزار سپاهين تي مشتمل هو۔ جڏهن ته راجا ڏاهر جي فوج اٽڪل 60 هزار جي لڳ ڀڳ هئي جنهن ۾ جنگي هاٿي به شامل هئا۔
  4. ان حملي وقت سنڌ جي اڪثر آبادي جومذهب ٻُڌمت هو۔
  5. حملي وقت محمد بن قاسم جي عمر 17 سال هئي ۽ اهو حملو مڪران جي رستي تان ٿيو۔ پهريو نشانو ديبل هو۔ ديبل ان وقت سنڌ جي گاڌي جو شهر هو۔ ديبل فتح ڪرڻ کانپوءِ نيرون ڪوٽ تي چڙهائي ڪئي وئي۔ هي شهر موجوده حيدرآباد جي ڏکڻ ۾سنڌودريا جي اُلهندي ڪناري تي هو۔ديبل کان نيرون جو فاصلو ان وقت اٽڪل 3 ڏهاڙا کن هو.
  6. نيرون ڪوٽ ۾ راجا ڏاهر جو پٽ جي سنگهه پنهنجي فوج سان گڏ موجود هو۔محمد بن قاسم جي حملي جو ٻُڌي هو الور (اروڙ) ڀڄي ويو۔
  7. نيرون جي حاڪم اسلامي لشڪر آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ شڪست تسليم ڪندي شهر کي عربن حوالي ڪيو۔
  8. جنهن کانپوءِ اسلامي لشڪر سيوستان(سيوهڻ) ڏانهن وڌيو۔ اتي راجا ڏاهر جو ڀائيٽو راج حاڪم هو۔معمولي مقابلو ڪرڻ کانپو هو رات جي اونداهي ۾ ٻُڌيا شهر ڀڄي ويو۔
  9. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ عربن ٻُڌيا تي به قبضو ڪري ورتو۔ اهڙي طرح سنڌ جي اولهه پاسي جا سڀ علائقا فتح ڪرڻ کانپو اسلامي لشڪر سنڌو دريا پار ڪري ٻئي طرف جي علائقن کي فتح ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون۔
  10. محمد بن قاسم جي لشڪر سنڌو دريا ٻيڙين وسيلي پار ڪيو۔
  11. جهم جي مقام تي راجا موڪا بن سبايا جي مشورن سان راجا ڏاهر جي فوج تي حملو ڪيوويو۔ جنگ دوران راجا ڏاهر هاٿي جي مست ٿي وڃڻ جي ڪري وڏي مشڪل سان ڀڄي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي سگهيو ۽ ان راوڙ جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي۔[4]

افسوسناڪ انجام[سنواريو]

ملتان جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم اُتر هندوستان جي سرسبز علائقن ڏانهن متوجه ٿيڻ لاءِ قدم وڌايو. پهرين قنوج جي راجه کي اسلام جي دعوت ڏني پر هُن قبول نه ڪئي ته محمد بن قاسم قنوج تي حملي تياري شروع ڪري ڏني. ان دوران 95ھ ۾ حجاج بن يوسف جو انتقال ٿي ويو جنهن تي محمد بن قاسم قنوج تي ڪاھ بجاءِ واپس آيو. حجاج بن يوسف جي لاڏاڻي جي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ وليد بن عبدالملڪ اوڀرئين ملڪن جي سڀني گورنرن جي نالي حڪم جاري ڪيا ته هُو جنگون روڪين. محمد بن قاسم کي اُتر هندوستان تي حملي جي حالتن اجازت نه ڏني ۽ ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ خليفو وليد بن عبدالملڪ پڻ 96ھ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اموي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي لاڏاڻي سان گڏ فاتح سنڌ محمد بن قاسم جو زوال شروع ٿيو ڇو ته وليد کان پوءِ سندس ڀاءَ سليمان بن عبدالملڪ جانشين مقرر ٿيو جيڪو حجاج بن يوسف جو سخت دشمن هو. حجاج جو انتقال سندس تخت تي ويهڻ کان اڳ ئي ٿيو پر ان دشمنيءَ جو بدلو هُن حجاج جي پوري خاندان کان ورتو ۽ محمد بن قاسم جي سڀني ڪارنامن کي نظر انداز ڪندي کيس حجاج جي خاندان جو فرد ٿيڻ جي ڏوھ ۾ عتاب جو نشانو بڻايو. سليمان، يزيد بن ابي ڪشبه کي سنڌ جو والي مقرر ڪري موڪليو ۽ حڪم ڏنو ته محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري موڪل. محمد بن قاسم جي ساٿين کي جڏهن اِن گرفتاريءَ جي خبر پئي ته انهن محمد بن قاسم کي چيو ته اسان توکي پنهنجو امير سمجھون ٿا ۽ ان لاءِ توهان جي هٿ تي بيعت ٿا ڪريون، خليفي جو هٿ تو تائين پهچڻ نه ڏينداسين پر محمد بن قاسم خليفي جي حڪم سامهون پنهنجي پاڻ کي جھُڪايو. هيي سندس عظمت جو وڏو مثال آهي. جيڪڏهن هُو ائين نه ڪري ها ته سندس مدد لاءِ سنڌ جي ٿَر جو هر ذرو اڳيان اچي ها پر هُن ائين نه ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ ابي ڪشبه حوالي ڪيو. محمد بن قاسم کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ دمشق موڪليو ويو. سليمان کيس واسط جي جيل ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو. 7 مهينا جيل جون سزائون ڀوڳڻ کان پوءِ هُن لاڏاڻو ڪيو.

سنڌ جو هيرو ڪير؟[سنواريو]

سنڌ جي تاريخ جي ٻن اهم ڪردارن محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر بابت هميشه ٻه مختلف رايا رهيا آهن۔ بد قسمتي سان اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته انهن ٻنهي مان سنڌ جو هيرو ڪير آهي۔ جيتوڻيڪ اڪثريت محمد بن قاسم کي محسنِ سنڌ سمجهي ٿي پر ڪن جي نظر ۾ اڄ به راجا ڏاهر ئي سنڌ جو هيرو آهي۔سنڌ جي تاريخ جي ڪمزور پهلوئن ۾شامل هي ٻه ڪردار پنهنجي صحيح مرتبي تي پهچڻ لاءِ تحقيق گهرن ٿا۔

محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر بابت ٻه مختلف خيال ڪجهه هن طرح بيان ٿيندا آهن۔

  1. سنڌ جو هيرو راجا ڏاهرآهي: هي سوچ رکندڙ ماڻهن جو خيال آهي ته محمد بن قاسم ناجائز حملو ڪري سنڌ تي قضو ڪيو ۽ راجا ڏاهر جيڪو سنڌ جو جائز حڪمران هو تنهن سان زبردستي جنگ ڪري کيس ماريو ويو۔راجا ڏاهر سنڌ ڌرتي جي دفاع ۾ جان جي بازي لڳائي ڇڏي هئي تنهن ڪري سنڌ جو هيرو راجا ڏاهر آهي۔
  1. سنڌ جو هيرو محمد بن قاسم آهي:هي سوچ اڪثريت جي آهي۔ ان مطابق محمد بن قاسم سنڌ ڌرتي تي حملو هڪ نيڪ ارادي سان ڪيو ۽ سنڌ تي ظالم حڪمران راجا ڏاهر جي ناانصافين کان عام ماڻهن کي آزادي ڏيارڻ جو سهرو محمد بن قاسم تي آهي۔ سنڌ جي فتح کانپو ڪفر ۽ شرڪ جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ ڌرتي کي باب الاسلام جو شرف حاصل ٿيو۔[5]

حوالا[سنواريو]

  1. جنۃ السندھ
  2. انسائیکلوپیڈیا مسلم انڈیا، حصہ دوم، صفحہ77
  3. تاریخ سندھ از اعجاز الحق قدوسی صفحہ 226
  4. http://www.sindhsalamat.com/threads/30043/
  5. http://www.sindhsalamat.com/threads/30043/