مواد ڏانھن هلو

پنجاب، پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پنجاب
پنجاب
صوبو
پنجاب
جھنڊو
پنجاب
مھر
Location of Punjab in Pakistan
Location of Punjab in Pakistan
ملڪ پاڪستان
قيام 1 July 1970
گاديء جو ھنڌ فائل:Lahore Emblem.png Lahore
سڀ کان وڏو شهر فائل:Lahore Emblem.png Lahore
حڪومت
 • قسم خودمختيار صوبو وفاق ھيٺ
 • گورنر ملڪ محمد رفيق راجوانہ[1]
 • وزير اعليَ شھباز شريف
 • مقننہ صوبائي اسيمبلي
 • ھاء ڪورٽ لاھور ھاءِ ڪورٽ
پکيڙ
 • ڪل 205,344 ڪ.م2 (79,284 ميل2)
آبادي (2015)[2]
 • ڪل 101,391,000


پنجاب
بادشاهي مسجد لاهور

پنجاب سنڌو ماٿر جي تهذيب (انڊس ويلي سولائيزيشن) ۾ سنڌوءَ جو مٿيون علائقو (اپر انڊس ويلي) پنجاب سڏجي ٿو.

نالو

ان تي اهو نالو پنج + آب = پنج، پاڻي واري معنيٰ ۾ پنجن ندين جي وهڻ ڪري پيو، اهي نديون آهن: ستلج، بياس، راوي، چناب ۽ جهلم. پنجاب جي سرزمين تهذيبي ۽ تمدني لــحــاظ کــان تـمــام گهــڻي قـديــم آهـي، جنهن جا آثار سنڌو تهذيب جي اهم ماڳ هڙاپا مان بخوبي ڏسي سگهــجــن ٿــا. هيءَ تهذيب سنڌو تهذيب جو نمونو آهي، جنهن جــا ثـقـافـتــي اثــر افغانستان ۽ خود ڏکڻ ايشيا ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. 1857ع ۾ لاهور- ملتان روڊ ٺاهڻ دوران هــن تــاريـخي مــاڳ هڙاپا کي ناقابل تلافي نقصان پهتو، تنهن هوندي به معلوم ٿئي ٿو ته هتي گنڌاوا مهاجنداس موريا، ڪشن ۽ هندو شاهي وارين بادشاهن جا دؤر گذريا آهن، پنجاب تي مختلف وقتن تي اولهه کان يلغارون ٿينديون رهيون آهن ۽ مختلف ڌرين جهڙوڪ پارسين، يونانين، ترڪن ۽ افغانين حملا ڪري علائقي کي زير ڪيو، تاريخي طور هتي جا ثقافتي قدر اوائل کان هيل تائين هندومت، ٻڌمت، اسلام ۽ سک ازم عنصرن سان مطابقت رکندي نظر اچن ٿا. مثال طور: پنجاب ۾ موجود تاريخي ماڳ ٽيڪسيلا لاءِ روايت آهي ته هي شهر پهريون ڀيرو رامچندر جي ڀاءُ تڪش پٽ ڀرت آباد ڪيو، جتي دنيا جي قديم ترين يونيورسٽي تڪشلا هئي جنهن جا آثار موجود آهن (ڏسو: ٽيڪسيلا) ۽ هتي ئي پاڻيڻي نالي وڏي ودوان دنيا جي هن پهرينءَ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو ۽ هتي ئي سنسڪرت جو گرامر لکيو. پاڪستان ٺهڻ وقت پنجاب ورهائجي ويو، جنهن مان مشرقي پنجاب ڀارت ۾ ۽ مغربي پنجاب پاڪستان ۾ شامل ٿيو ۽ هن وقت پنجاب پاڪستان جو هڪ صوبو آهي، جنهن کي پنجن درياهن جي سر زمين پڻ چيو وڃي ٿو. اهي سڀ درياهه مٺڻ ڪوٽ واري هنڌ پنج ند وٽ، سنڌو درياهه ۾ اچي گڏجن ٿا. هن خطي تي تاريخي طور اهو نالو مغل دؤر ۾ شهنشاهه اڪبر جي دؤر کان استعمال ٿيڻ لڳو. پنجاب جون حدون مختلف دورن ۾ جدا جدا رهيون آهن. 1947ع کان پوءِ پنجاب جو اولهندو حصو پاڪستان جو صوبو بنيو، جنهن ۾ ملتان ۽ اڳوڻي بهاولپور رياست به شامل آهي ۽ اڀرندو حصو ڀارت جي ٽن رياستن ’هماچل پرديش‘ پنجاب ۽ هرياڻا تي مشتمل آهي. مغلن جي دؤر کان اڳ هي علائقو ملتان صوبي، بهاولپور، پٽيالا ۽ ٻين ڪيترين ئي رياستن ۾ ورهايل هو. پنجاب جي اولهه ۾ ٿر ۽ ڏکڻ ۾ چولستان جا ريگستان آهن. هڙپا ۽ ٽيڪسيلا جا کنڊر هن صوبي جي قديم تهذيب جا شاهد آهن.

تاريخ

تاريخدانن موجب 327 ق. م ۾ سڪندر اعظم ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ پنجاب جي هن علائقي ڏانهن وڌيو. درياهه جي ڪناري تي راجا پورس کي شڪست ڏئي، يونانين جو اقتدار قائم ڪيائين. چندر گپت موريا يونانين کي سنڌو ماٿر جي هن حصي مان ڪڍي موريا سلطنت جو بنياد وڌو. پنجاب جي قديم ترين تهذيب جا زنده نشان هڙپا ۽ ٽيڪسيلا جي آثارن مان بخوبي ڏسي سگهجن ٿا، هتي 4000 ق.م دراوڙي تهذيب موجود هئي ۽ اڍائي هزار سال (ق.م) ۾ آرين اچي ننڍيون ننڍيون رياستون قائم ڪيون.

پهريون حملو

راجا رنجيت سنگھ

پنجاب تي مسلمانن جو پهريون حملو امير معاويي جي دؤر ۾ مهلب بن ابي سغره جي سرڪردگيءَ ۾ ٿيو، جيڪو ڪامياب نه ٿيو، پر بعد ۾ 711ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي حملي بعد سنڌ وانگر پنجاب واري ڏکڻ اولهندي حصي تي قبضو ڄمائي ورتو ۽ محمود غزنويءَ پاران پنجاب تي ڪيل حملي تائين پنجاب تي عربن جو قبضو هو، پنجاب واري سموري علائقي جي صحيح معنيٰ ۾ مسلمانن جو تسلط محمود غزنويءَ جي دؤر ۾ 1001ع ۾ جئپال جي شڪست کائڻ سان ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح 1022ع ۾ محمود غزنويءَ پنجاب کي سلطنت غزنيءَ سان ملائيندي لاهور ۾ ملڪ اياز کي پنهنجو خاص ايلچي مقرر ڪيو، جنهن بعد مسلسل محمود غزنويءَ جا جانشين ئي پنجاب تي حڪمراني ڪندا آيا، 1192ع ۾ شهاب الدين تراوڙي واري مقام تي راجا پرٿويءَ کي شڪست ڏئي پنهنجي غلام قطب الدين ايبڪ کي هن علائقي جو حاڪم مقرر ڪيو قطب الدين ايبڪ پنهنجي سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ دهلي مقرر ڪيو، پر اڪثر پنجاب ۾ وقت گذاريائين ۽ سندس موت پڻ لاهور ۾ ٿيو. 1451ع ۾ لوڌين حڪومت قائم ڪئي، جن کي 1526ع ۾ مغليه سلطنت جي باني بابر شڪست ڏئي لاهور تي قبضو ڪري ورتو، ان وچ ۾ شير شاهه سوريءَ پڻ پنجاب تي قبضو ڪيو، پر 15 سالن جي جلاوطني کان پوءِ همايونءَ ٻيهر ان جو قبضو ڇڏائي ورتو، مغل شهنشاهه اڪبر جي وقت کان پهرين پنجاب سياسي طور ٻن حصن ۾ ورهايل هو، جنهن ۾ هڪ حصي تي سڌو سنئون مغلن جو غلبو هو ۽ ٻئي اترئين حصي تي مختلف راجائون ننڍڙين ننڍڙين رياستن جي صورت ۾ حڪمران بڻيل هئا، پر اڪبر جي وقت ۾ انهن سڀني ننڍين رياستن کي مغل سلطنت ۾ ضم ڪيو ويو، مغل سلطنت وارو دؤر ئي هو، جنهن ۾ سک هڪ طاقت ٿي اڀرڻ لڳا ۽ جيئن ئي اورنگزيب وفات ڪئي ته هيڪاري سندن زور وڌي ويو ۽ نيٺ 18 صدي عيسويءَ جي آخر ۾ رنجيت سنگهه جي اڳواڻيءَ هيٺ پنجاب تي قبضو ڪيو ويو ۽ تقريباً 40 سالن تائين سکن جي حڪومت قائم رهي ۽ برصغير ۾ انگريز واپارين مختلف هنڌن تي واپاري ڪوٺيون قائم ڪرڻ بعد سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ٿورو ئي عرصي کان پوءِ 1849ع ۾ انگريزن هن سرزمين تي قبضو ڪري برٽش اقتدار هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ جڏهن 1947ع ۾ برصغير هند جو ورهاڱو ڪري نئين ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان جو وجود پيو، تڏهن سنڌ، خيبر پختونخوا (سرحد) ۽ بلوچستان وانگر پنجاب کي به پاڪستان جو صوبو بڻايو ويو، پاڪستان ٺهڻ بعد رياستي سرشتي هيٺ صوبي ۾ مختلف وقتن تي گورنر ۽ وڏا وزير مقرر ٿيندا رهيا، جن جو تاريخ وار ترتيب سان هيٺ تذڪرو ڪجي ٿو.

پاڪستان کان پوءِ

1947ع تائين پنجاب تي انگريزن جو اقتدار قائم رهيو. ورهاڱي وقت انبالا ۽ جالنڌر وارن ضلعن کان سواءِ، ضلعي گورداسپور ۽ تعلقي چونيان جو اڌ حصو ڀارت ڏانهن هليو ويو، جنهن کي ’اوڀر پنجاب‘ جو نالو ڏنو ويو. 14 آڪٽوبر 1955ع تي پنجاب صوبي کي، بهاولپور رياست سميت ون يونٽ (اولهه پاڪستان) ۾ ضم ڪيو ويو ۽ پهرين جولاءِ 1970ع تائين پنجاب غير صوبائي حيثيت جو حامل رهيو. لاهور کي ون يونٽ جو تخت گاهه بنايو ويو هو. ڀارت سان 1965ع ۽ 1971ع وارين جنگين ۾ شروعاتي ۽ اهم محاذ پنجاب جي سرحد تي کوليا ويا. وفاقي گاديءَ وارو هنڌ اسلام آباد، پنجاب ۾ راولپنڊي کان چئن ميلن جي فاصلي تي واقع آهي. 1977ع ۾ اسلامي ڪانفرنس به پنجاب (لاهور) ۾ منعقد ٿي.

گورنر

پاڪستان جي قيام عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پنجاب تي صوبائي حڪومت جي تناظر ۾ ترتيبوار هيٺيان گورنر مقرر ٿيندا آيا:

  • (1) 15 آگسٽ 1949ع کان 12 آگسٽ 1949ع تائين سر رابرٽ فرانس موڊي،
  • (2) 12 آگسٽ 1949ع کان 24 نومبر 1951ع تائين سردار عبدالرب نشتر


  • (3) 30 نومبر 1951ع کان 2 مئي 1953ع تائين آءِ آءِ چندريگر
  • (4) 4 مئي 1953ع کان 24 جون 1954ع تائين ميان امين الدين
  • (5) 24 سيپٽمبر کان 26 نومبر 1954ع تائين حبيب ابراهيم رحمت الله،
  • (6) 27 نومبر 1954ع کان 14 آڪٽوبر 1955ع تائين ميان مشتاق احمد گورماڻي،
  • (7) پهرين جولاءِ 1970ع کان 23 ڊسمبر 1971ع تائين ليفٽيننٽ جنرل عتيق الرحمان ،
  • (8) 23 ڊسمبر 1971ع کان 12 نومبر 1973ع تائين غلام مصطفيٰ کر،
  • (9) 12 نومبر 1973ع کان 13 جولاءِ 1975ع تائين نواب صادق حسين قريشي،
  • (10) 31 جولاءِ 1975ع کان 5 جولاءِ 1977ع تائين نواب محمد عباس عباسي،
  • (11) 5 جولاءِ 1977ع کان 18 سيپٽمبر 1978ع تائين جسٽس اسلم رياض حسين،
  • (12) 18 سيپٽمبر 1978ع کان3 اپريل 1980ع تائين ليفٽيننٽ جنرل سوار خان،
  • (13) پهرين مئي 1980ع کان 1985ع تائين ليفٽيننٽ جنرل غلام جيلاني خان،
  • (14) ڊسمبر 1995ع کان ڊسمبر 1988ع تائين مخدوم سجاد حسين قريشي،
  • (15) ڊسمبر 1988ع کان آگسٽ 1990ع تائين جنرل (ر) ٽڪا خان،
  • (16) آگسٽ 1990ع کان آگسٽ 1992ع تائين ميان محمد اظهر،
  • (17) آگسٽ 1992ع کان 21 مئي 1995ع تائين چوڌري الطاف حسين،
  • (18) 19 جون 1995ع کان 5 نومبر 1996ع تائين ليفٽيننٽ (ر) راجا سروپ خان،
  • (19) 5 نومبر 1996ع کان 10 مارچ 1997ع تائين خواجه طارق رحيم،
  • (20) 10 مارچ 1997ع کان 17 آگسٽ 1999ع تائين شاهد حميد،
  • (21) 17 آگسٽ 1999ع کان 21 آڪٽوبر 1999ع تائين ذوالفقار علي کوسا،
  • (22) 21 آڪٽوبر 1999ع کان 29 آڪٽوبر 2001ع تائين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد صفدر،
  • (23) 29 آڪٽوبر 2001ع کان 16 مئي 2008ع تائين ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد مقبول،
  • (24) 17 مئي 2008ع کان 4 جنوري 2011ع تائين سلمان تاثير.
  • (25) 11 جنوري 2011ع کان 22 ڊسمبر 2012ع تائين لطيف کوسا.
  • (26) 10 مئي 2015ع کان حال ملڪ محمد رفيق رجواڻا.

پنجاب جا وزيراعليٰ

ميان شهباز شريف، وزير اعليَ پنجاب

1947ع کان وٺي هيل تائين ملڪي سرشتي جي اصولن پٽاندر جيڪي به وزيراعليٰ منتخب ٿيندا آيا آهن، تن جو تعلق مختلف سياسي پارٽين سان رهيو آهي، هيٺ پنجاب جي وڏن وزيرن جو تفصيل ترتيبوار ڏجي ٿو:

  • (1) 15 آگسٽ 1947ع کان 25 جنوري 1929ع تائين افتخار حسين خان، (مسلم ليگ)،
  • (2) 25 جنوري 1949ع کان 5 اپريل 1951ع تائين گورنر رول،
  • (3) 15 اپريل 1951ع کان 3 اپريل 1953ع تائين ميان ممتاز دولتانا، (مسلم ليگ)،
  • (4) 3 اپريل 1953ع کان 21 مئي 1955ع تائين فيروز خان نون، (مسلم ليگ)
  • (5) 21 مئي 1955ع کان 14 آڪٽوبر 1955ع تائين عبدالحميد خان دستي، (مسلم ليگ)،
  • (6) 14 آڪٽوبر 1955ع کان 30 جون 1970ع ون يونٽ جي دؤر ۾ پوسٽ ختم ڪيل،
  • (7) پهرين جولاءِ 1970ع کان 2 مئي 1972ع تائين مارشلا،
  • (8) 2 مئي 1972ع کان 12 نومبر 1973ع تائين ملڪ معراج خالد، (پيپلز پارٽي)،
  • (9) 12 نومبر 1973ع کان 15 مارچ 1974ع تائين غلام مصطفيٰ کر، (پيپلز پارٽي)،
  • (10) 15 مارچ 1974ع کان 15 جولاءِ 1975ع تائين حنيف رامي، (پيپلز پارٽي)،
  • (11) 15 جولاءِ 1975ع کان 5 جولاءِ 1977ع تائين صادق حسين قريشي، (پيپلز پارٽي)،
  • (12) 5 جولاءِ 1977ع کان 9 اپريل 1985ع تائين مارشلا،
  • (13) 9 اپريل 1985ع کان 13 آگسٽ 1990ع تائين نواز شريف، (مسلم ليگ)،
  • (14) 8 نومبر 1990ع کان 25 اپريل 1993ع تائين غلام حيدر وائين (اسلامي جمهوري اتحاد)،
  • (15) 25 اپريل 1993ع کان 19 جولاءِ 1993ع تائين منظور وٽو، (مسلم ليگ ج)،
  • (16) 19 جولاءِ 1993ع کان 20 آڪٽوبر 1993ع تائين منظور الاهي (نگران)،
  • (17) 20 آڪٽوبر 1993ع کان 13 سيپٽمبر 1995ع تائين منظور وٽو (ٻيو ڀيرو: مسلم ليگ ج)،
  • (18) 13 سيپٽمبر 1995ع کان 3 نومبر 1996ع تائين صفدر علي نڪئي (مسلم ليگ ج)
  • (19) 3 نومبر 1996ع کان 16 نومبر 1996ع تائين منظور وٽو (ٽيون ڀيرو: مسلم ليگ ج)
  • (20) 16 نومبر 1996ع کان 20 فبروري 1997ع تائين ميان افضل حيات (قائم مقام)
  • (21) 20 فيبروري 1997ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع تائين شهبازشريف (پهريون ڀيرو مسلم ليگ ن)
  • (22) 11 آڪٽوبر 1999ع کان 29 نومبر 2002 تائين گورنر رول،
  • (23) 29 نومبر 2002ع کان 18 نومبر 2007ع تائين چوڌري پرويز الاهي (مسلم ليگ ق)
  • (24) 19 نومبر 2007ع کان 11 اپريل 2008ع تائين شيخ اعجاز نثار (قائم مقام)
  • (25) 12 اپريل 2008ع کان 8 جون 2008ع تائين دوست محمد کوسو (مسلم ليگ ن).
  • (26) 8 جون 2008ع کان 25 فبروري 2009ع تائين شهباز شريف (مسلم ليگ ن).
  • 25 فيبروري 2009ع کان 30 مارچ 2009ع تائين گورنر راڄ.
  • (27) 30 مارچ 2009ع تي گورنر راڄ ختم ڪيو ويو، جنهن بعد ٻيهر شهباز شريف کي پنجاب جي وزيراعليٰ طور بحال ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين وزيراعليٰ آهي. تازو 25 فبروري 2011ع تي پنجاب جي گڏيل حڪومت مان پيپلزپارٽي پنجاب کي ڌار ڪيو ويو آهي.

تصوف

پنجاب جي سرزمين اولياءَ الله ۽ صوفياءِ ڪرام جو مرڪز رهي آهي. حضرت داتا گنج بخش هجويري، شاهه ابو المعالي، پير مڪي، ميان مير سنڌي، مخدوم جهانيان جهان گشت، شاهه مقيم، غوث بهاءُ الدين زڪريا، شاه شمس سبزواري، شاهه رڪن الدين عالم، بابا فريد، شاهه دوله گجراتي، شاهه عنايت قادري، بابا بُلهي شاهه، سلطان باهُو، شاهه جمال، مهر علي شاهه، شيخ قلندر شاهه سهروردي، شاهه حسين ماڌو لال حسين، وارث شاهه، امام بري، سائين شير محمد، سيد، قطب علي شاهه ۽ سيد محمد عبدالله شاهه، خواجه غلام وغيره هن سر زمين کي صوفي مسلڪ معرفت اسلامي تعليم سان منور ڪيو.

گادي

هن وقت پنجاب جي گاديءَ جو هنڌ لاهور آهي. آباديءَ جي حساب سان پنجاب سڀني صوبن کان وڏو آهي، ان ڪري فوج ۽ بيورو ڪريسيءَ ۾ به پنجاب جي ماڻهن جي اڪثريت هئڻ ڪري ملڪ جي اقتدار ۽ وسيلن جي ورهاست ۾ پنجاب کي اهم حيثيت ۽ تسلط رهيو آهي. جنهنڪري ننڍن صوبن کي محروميءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ انهن کي پنجاب ۽ ان جي بالادستيءَ سان هميشه شڪايت رهندي آئي آهي.

پنجاب جو تاريخي ۽ نيم تاريخي دؤر

پنجاب جو تمدني ماضي روشن رهيو آهي، سنڌو ماٿر جو حصو هئڻ ڪري هي خطو قدامت جي لحاظ کان دنيا جي قديم تمدنن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن خطي جو تمدن همعصر تمدنن کان اعليٰ رهيو آهي. ان تمدن جون شاندار روايتون متعارف ڪرائڻ ۽ ان سلسلي کي جاري رکڻ ۾ پنجاب جي درياهي نظام جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. پنجاب جو اهو درياهي نظام، دنيا جي پنجن عظيم درياهي نظامن مان هڪ آهي، جيڪو هتي جي ماڻهن لاءِ قدرتي عطيو آهي. درياهي پاڻيءَ جي سڄو سال فراهمي، برسات ۽ زير زمين جهجهي مقدار ۾ پاڻيءَ جي ڪري پنجاب جي سر زمين جي زرخيزي منفرد رهي آهي. گهڻي مقدار ۾ زرعي پيداوار، دولت جي گهڻائيءَ ۽ خوشحاليءَ جي ڪري هي خطو آڳاٽي وقت کان وٺي ”سون جي جهرڪي“ (سوني ڪي چڙيا) جي نالي سان مشهور رهيو آهي. هن خطي جي خوشحاليءَ جو ٻڌي ڪيترا حملي آور، واپاري، مبلغ ۽ ٻيا ماڻهو هتي آيا ۽ هتان جا ٿي ويا. انهن ۾ مندا، آريا، ايراني، يوناني، چيني، توراني، منگول، مغل، عرب ۽ يورپي ماڻهو شامل آهن، جيڪي هتي رهي هتي جي زبان سکي، پنهنجي مادري زبان به وساري ويٺا. سرزمين پنجاب جي زميني حالتن جو مطالعو تخليق ڪائنات جي ڪيترين حالتن سان جڙيو پيو آهي، ڇاڪاڻ ته سر زمين پنجاب سنڌو ماٿر جي حوالي سان روءِ زمين جي قديم ترين خطن ۾ شمار ٿئي ٿي. دنيا جي گولي، زمين/خشڪيءَ، پٿرن/جبلن ۽ سمنڊن/درياهن جي صورت اختيار ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو عرصو ورتو آهي. ماهرن جي راءِ موجب زمين تي موجود قديم پٿر جي دؤر جي عمر چار ارب ۽ 57 ڪروڙ سال هئي. ان بعد سمنڊن، درياهن ۽ ڍنڍن جنم ورتو. برفاني دؤر ۾ هن خطي جو جابلو سلسلو تشڪيلي مرحلي مان گذريو ۽ هڪ اهڙو وقت به آيو، جڏهن اهي جبل ٽٽا ۽ انهن جا وڏا وڏا ڍير لڙهي پوٺوهار جي علائقي ۾ اچي زمين ۾ ڄمي ويا ۽ اهڙيءَ طرح ٺٽروٽ ۽ پنجور جي علائقي ۾ هڪ سخت زمين پيدا ٿي، جنهن کي ڪراوٽ چينڪو (Cravtchenko) ’سر زمين سوان‘ (Soan formation) جو نالو ڏنو ويو. هتي جون زميني حالتون مسلسل تبديلين مان گذريون آهن. سوان واديءَ ۾ ڊهوڪ پٺاڻ، ٺٽروٽ ۽ پنجور وارن هنڌن تان ڳاڙهي، گلابي ۽ ريتيلي مٽيءَ جا ڪجهه تهه ملن ٿا، جن جي عمر ارضيات جي ماهرن ٻه ڪروڙ سال ٻڌائي آهي. مٽيءَ جي انهن تهن مان گهوڙن ۽ ٻين چوپاين جون هڏيون به مليون آهن، اهڙيءَ ريت پوٺوهار جي علائقي ۾ سڀ کان پراڻا آثار ناگري ۽ ڊهوڪ پٺاڻ علائقو ملن ٿا، جيڪي شمير جي گليشرائي حالتن کان يقيني طور متاثر ٿيا هوندا. سڀ کان پهرين ان ڳالهه جا اثر پوٺوهار جي علائقي ۾ ٽٺروٽ ۽ پنجور جي هنڌن تان مليا آهن، جتي اهو عمل اٽڪل پنجويهه لک سال پهرين ٿيو هو. بلنديءَ جو عمل چار پنج لک سال اڳ شروع ٿيو، نتيجي طور پنجاب علائقي جا ٻه قديم درياهه سوان ۽ ”هرو“ منظر عام تي آيا ۽ پوٺوهار جي علائقي موجوده صورت اختيار ڪئي. انهيءَ ئي زماني ۾ پنجاب جا باقي پنج درياهه 15 لکن سالن کان 5 لک سال اڳ وچ واري عرصي ۾ ڪشمير مان وهندا، پنجاب جي علائقن ۾ جاري ٿيا. ان زماني ۾ هنن درياهن جا ڪنارا، موجوده ڪنارن کان 50 يا 100 دفعا بلند هئا، ان دؤر جي آخر ۾ هن علائقي جي برف پگهرجي وئي ۽ درياهن جي پاڻيءَ جي سطح هيٺ ڪرڻ لڳي ۽ آخرڪار انهن موجوده شڪل اختيار ڪري ورتي. پنجاب ۾ پوٺوهار جي علائقي ۾ واقع ”لوڻ جبل“ (ڪوههِ نمڪ) جي تخليق بابت ماهرن جو خيال آهي ته ڪروڙين سال اڳ هن علائقي ۾ هڪ زلزلو اچڻ ڪري ”ڪوهه نمڪ“ موجوده صورت ورتي. ان زماني ۾ پنجاب جي وچين علائقن (لاهور، گوجرانوالا وغيره) ميداني صورت اختيار ڪئي. زلزلي کان اٽڪل چار هزار سال پوءِ ڏکڻ پنجاب ۾ چولستان جو علائقو وجود ۾ آيو. روايتن موجب آرين پنهنجا ڪتاب هن ڌر تي لکيا جن کي ويد چئجي ٿو، جيڪي 1200 ق. م کان 800 ق.م جي وچئين عرصي ۾ تخليق ٿيو. ان کان پوءِ آريا، يوناني، هندو، ٻُڌ، جين ۽ مسلمان دورن، جا ڪيترا ڪتاب،”ڪتبا ۽ ”سڪا“ وغيره وملن ٿا، جيڪي پنجاب جي تمدني تاريخ جا شاهد آهن ۽ انهن جي مطالعي سان ان دور جي حالتن جو پتو پوي ٿو.

ايراضي

هيءُ پاڪستان جو آبادي جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو ۽ ايراضي جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي. هن جي ڪل پکيڙ 205,344km2 ڪلوميٽر ۽ 79,284mi2 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر آبادي رکي ٿو ۽ هن جي دور وار ڪل آبادي هن ريت رهي آهي:

  • (1) 1951ع ۾ 2,05,40,762
  • (2) 1961ع ۾ 2,54,63,974
  • (3) 1972ع ۾ 3,76,07,423
  • (4) 1981ع ۾ 4,72,92,441
  • (5) 1998ع ۾7,36,21,290
  • (6) 2009ع ۾ 8,15,93,586

آبادي

پاڪستان جي ڪل آبادي مان 60 سيڪڙو ماڻهو رهائش پذير آهن. هي صوبو زرعي طور تمام گهڻو خوشحال آهي، يعني زرعي زمين، ريگستاني علائقي (راجسٿان، چولستان) ۽ هماليا جبل جي چوٽين تي محيط آهي، خاص طور اترين پاسي جابلو علائقن ۾ ٿڌي موسم رهي ٿي، جتي عموماً سياري جي موسم ۾ برف باري ۽ اونهاري جي موسم خوشگوار موسم هوندي آهي. سماجي ۽ ثقافتي ريتن رسمن جي لحاظ کان هن صوبي جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي، هتي جي ٻولي پنجابي آهي، جيڪا شاهه مکي رسم الخط تحت لکي وڃي ٿي، پاڪستان جي ٻين صوبن جيان هتي پڻ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، جيڪي 77.23 سيڪڙو پنجابي، 17.36 سيڪڙو سرائيڪي، 4.51 اردو، 1.8 سيڪڙو پشتو، 0.66 سيڪڙو بلوچي، 0.16 سيڪڙو سنڌي ۽ 0.95 ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا. پنجاب ۾ آباديءَ جي نسبت سان 98.21 سيڪڙو مسلمان (مختلف فرقن سان تعلق رکندڙ، جن ۾ گهڻائي سنين جي آهي)، جڏهن ته 1.31 سيڪڙو ٻين مذهبن جهڙوڪ: عيسائي، احمدي، هندو، سک، پارسي ۽ تجائي آبادي رهي ٿي. هن صوبي ۾ 36 ضلعا، جن ۾ اٽڪ، بهاولپور، بهاولنگر، ڀڪر، چڪوال، جنيوٽ، ڊيرا غازي خان، فيصل آباد، گجرانوالا، گجرات، حافظ آباد، جهنگ، جهلم، ڪوثر، خانيوال، خوشاب، لاهور، ليه، لوڌران، منڊي بهاوالدين، ميانوالي، ملتان، مظفر ڳڙهه، نارو وال، ننڪانا صاحب، اوڪاڙه، پاڪپتن، رحيم يارخان، راجن پور، راولپنڊي، ساهيوال، سرگوڌا، شيخو پوره، سيالڪوٽ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، وهاڙي وغيره اچي وڃن ٿا، پنجاب ملڪي معيشيت ۾ زراعت، معدنيات ۽ ٻين مختلف قسمن جي پيداواري ذريعن سان ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن ۾ جي ڊي پي (GDP) جي مد ۾ هڪ اندازي مطابق 51.8 سيڪڙو کان 54.7 سيڪڙو ادا ڪري ٿو، جڏهن ته مختلف خدمتن هيٺ 52.1 سيڪڙو کان 64.5 ۽ 56.1 سيڪڙو کان 61.5 سيڪڙو زرعي پيداوار ڏئي ٿو، زرعي لحاظ کان خوشحال صوبو آهي، جن ۾ خاص طور چانور، ڪمند، سورج مکي، ڪپهه، ڀاڄيون، ميوا وغيره، هتان جي پيداوار ڳڻي سگهجي ٿي، جڏهن ته صنعتي ميدان ۾ هينئر پنجاب تيزيءَ سان ترقي ڪري پيو هتي 68000 هزار صنعتي يونٽ آهن، جنهن ۾ هر قسم جي صنعت، جهڙوڪ: ڪپڙي ٺاهڻ، گاڏين، سيمينٽ، لوهه، تيل جي صفائيءَ جي ڪارخانن کانسواءِ گهريلو صنعت وغيره اچي وڃي ٿي، ان کان علاوه هتان ڪوئلي، گئس، پيٽرول، جابلو لوڻ، جپسم وغيره جا معدني ذخيرا به مليا آهن.

ٻولي

سرزمين پنجاب ۾ رهندڙن جي ٻولي، جيڪا دهليءَ کان وٺي خيرپور ٽاميوالا تائين ۽ پشاور کان وٺي ڄمون ۽ ڪشمير تائين ڳالهائي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ هن ٻوليءَ جي لهجن کي جدا جدا هنڌن تي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪي مشرقي پنجابي ۽ مغربي پنجابي (لهندا) جون شاخون ۽ نالا آهن. جيئن ته: ڀٽياڻي، پواڌي، دوآبي، بالوي، پهاڙي، سرائيڪي، رياستي، ملتاني، ڇاڇي، پوٺوهاري، شاهپوري، ماجهي ۽ هندڪو وغيره. ان هوندي به روزمره جي استعمال ۽ ادبي اظهار لاءِ هڪڙي ئي ٻولي استعمال ٿيندي آهي، جيڪا لاهوري ۽ سرائيڪيءَ جو وچيون لهجو آهي. هن ٻوليءَ لاءِ ’پنجابي‘ جو لفظ پهريون ڀيرو 1080ھ/1658ع ۾ حافظ برخوردار مفتاح الفقه ۾ استعمال ڪيو. پنجابي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اسلوب بابت ڪافي اختلاف نظر اچي ٿو. ’بادا بُڌ سنگهه‘ مطابق پنجابيءَ جو جسم سنسڪرتي آهي، پر ان جو لباس بدلبو رهيو آهي. جڏهن سنسڪرت بگڙي ته پراڪرت وجود ۾ آئي. پراڪرت مان اپڀرنش ٿي ۽ ان مان پنجابي ٻولي ٺهي، هڪ ٻيو طبقو ان جي ابتڙ ارتقاء جي ڳالهه ڪري ٿو، يعني هتان جي اصلوڪي پراڪرت اڳ موجود هئي، جنهن تي پوءِ سنسڪرت جو اثر پيو ۽ ائين اپڀرنش وجود ۾ آئي، جنهن مان پنجابي ٺهي، ڪي عالم سموري سنڌو ماٿريءَ جي ٻولين کي هڪ ئي اصلوڪي ماءُ ٻوليءَ مان نڪتل مڃين ٿا، جيئن ته اها هڪ وسيع علائقي جي ٻولي آهي، ان جي مختلف لهجن ۽ محاورن ۾ فرق آهي، ان ڪري ئي پنجابيءَ جي جدا جدا محاورن کي جدا جدا ٻولين جا نالا ڏنا ويا آهن. سـر اي. جي. گريئرسن پنهنجي ڪتاب ”لنگئسـٽڪ سروي آف انـڊيـا“ ۾ انهن تي تفصيل سان روشني وڌي آهي. هـونئن ته پنجـاب جي رهـواسين ۽ پنجابي ڳالهائيـندڙن کي ”پنجابي“ چئبو آهي، پر سنڌ ۾ ڪيترائي ماڻهو سنڌي ٿي وڃڻ باوجود پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي قديم وطن جي نسبت پنجابي رکندا اچن. هندن جي ستن ورنن (ذاتين) مان هڪ ورِن جو نالو ”پنجابي“ آهي، جنهن مان سنڌ جا ناليوارا ليکڪ گوبند پنجابي موهن پنجابي ٿي گذريا آهن، سندري اتمچنداڻيءَ ۽ اي جي اتم جي نياڻيءَ آشا چاند جو گهر وارو ’چاند پنجابي‘ آهي. انڍڙن، پاهڙن، واتڙا سمن ۽ ملاحن جي هڪ پاڙي جو نالو به ”پنجابي“ آهي، سنڌ ۾ آباد ڪيترا پنجابي ڪجهه نسلن کان پوءِ مڪمل سنڌي ٿي ويا آهن، سنڌ جي گورنر جو اڳوڻو صلاحڪار محترم وهاب شيخ انهن مان هڪ آهي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون اهڙيون آهن، جيڪي ٻنهي هنڌن تي آباد آهن، جيئن کرل، ڀٽي، سيال، جويا ۽ کوکر وغيره.

پنجابي ٻولي جي اصليت ۽ تاريخي جائزو

پنجابي ٻوليءَ جي باري ۾ ماهرن جا ٻه رايا آهن، هڪ موجب پنجابي ٻولي جو بڻ بڻياد آرين جي ٻولين جي ڪٽنب منجهان آهي، جڏهن ته ٻئي نظرئي موجب پنجابي ٻولي دراوڙي ٻولين جي ڪٽنب سان واسطو رکي ٿي. ڏٺو وڃي ته ڏکڻ ايشيا جي ٻولين کي ٽن وڏن گروهن ۾ هيٺين ريت ورهايو ويو آهي:

  • 1. جابلو علائقن جون ٻوليون: ڀوٽاني، نيپالي ۽ بروهي ٻوليون، جن جو اثر پنجابي ٻوليءَ تي ڪو نه پيو.
  • 2. مندا قبيلن جون ٻوليون: هي ٻوليون وچ ڀارت جي رهواسين، جهڙوڪ ڀيل، ڪولهي ۽ سنٿال قبيلا ڳالهائين ٿا ۽ هنن ٻولين جو اثر پنجابي ٻوليءَ ٿورو گهڻو قبول ڪري ورتو آهي.
  • 3. دراوڙي ٻوليون: هي هندستان جي ڏاکڻين حصي جون ٻوليون سمجهيون وڃن ٿيون، جنهن ۾ براهوي ٻوليءَ جو هن گروهه سان لاڳاپو آهي. ماهرن جي خيال موجب پنجابيءَ جو وجود سنسڪرت کان اڳ ۾ هو ۽ اهو سچ آهي ته سنسڪرت ٻوليءَ جو پنجابيءَ تي اثر ضرور پيو آهي ۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ سنسڪرت جا ڪافي لفظ ملن ٿا. هن ٻوليءَ جي گرامر جو بنياد پڻ سنسڪرت تان ورتل ٿو ڏسجي، جڏهن ته سڄي ايشيا ۾ سنسڪرت جو وجود ڪونهي، پر پنجابي ٻولي موجود آهي، ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته پنجابي ٻوليءَ جون پاڙون سنڌو سڀيتا جي ٻئي وڏي شهر هڙپا ۾ کتل هجڻ ڪري هن ٻوليءَ جو دراوڙي ٻولين جي ڪٽنب (Stock or Family) سان ڳانڍاپو آهي. پاڪستان ۾ پنجابي ٻوليءَ کي فارسي لپيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو، جڏهن ته اوڀر پنجاب هندستان جو حصو هجڻ ڪري اتان جي پنجابي ادب کي ان جي اصلوڪي لپي يعني گُرمکيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو، ان ڪري پنجابي ادب کي وڏو ڇيهو رسيو آهي.

پنجابي ٻوليءَ کي هيٺين جدا جدا پنجن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

  • (1) 1526ع کان اڳ جو دور
  • (2) بابا گرونانڪ جو دور
  • (3) 1526ع کان 1707ع جو دور
  • (4) 1707ع کان 1849ع وارو دور
  • (5) 1849ع کان پوءِ موجوده دؤر تائين.

’موهن سنگهه‘، پنجابي ادب جي شروعات ”ناٿ جوڳين“ سان ڪئي آهي، سندس راءِ ۾ قديم پنجابي اها ئي اپڀرنش آهي، جيڪا ’پشاچي‘ جي نالي سان مشهور آهي. ان دور جي پنجابي ٻوليءَ ۾ جوڳين ۽ مسلمانن ٻنهي جو حصو آهي، جوڳي شاعرن ۾ چرٻٽ ناٿ، گورک ناٿ، چورنگي ناٿ، پورن ڀڳت، رتن ناٿ ۽ حاجي بابا رتن اچي وڃن ٿا ۽ مسلمانن ۾ سعود سعد سلمان، بابا فريد گنج شڪر ۽ امير خسرو وغيره شامل آهن. 1469ع کان 1539ع جي وچ ڌاري سک ڌرم جي بانيءَ بابا گرونانڪ پنجابي ٻوليءَ جو پهريون ڪلام لکيو، جيڪو ’گرنٿ صاحب‘ ۾ موجود آهي. هن پنهنجي مذهبي تعليم پنجابي ٻوليءَ ۾ ڏني ته جيئن ماڻهو هدايت وٺن. پنجابي ٻوليءَ ۾ نثر به ملي ٿو، پنجابي ٻوليءَ جا گرامر به لکيا ويا. هن دؤر جي شاعرن ۾ وارث شاهه، بُلهي شاهه، علي حيدر، خواجه فقير، هاشم شاهه، قادر يار، احمد يار، عبدالحڪيم بهاولپوري، ميان لطف علي، مولوي محمد مسلم (مصنف عجائب القصص) ڳڻي سگهجن ٿا. پنجابي ادب جو پنجون دور 1849ع کان شروع ٿيو، جنهن ۾ انگريزي ٻوليءَ سان گڏ اردو به عام ٿيڻ لڳي. هندن اردوءَ جي مخالفت ڪئي ته مسلمانن پنجابيءَ جي بدران اردوءَ تي وڌيڪ زور ڏنو، 1947ع ۾ پنجاب صوبي جي ٻن حصن ۾ ورهاڱي کان پوءِ مشرقي پنجاب، پنجابي ٻوليءَ جو مرڪز بنجي ويو ۽ پنجابي ادب جي لاءِ تحرير جو ذريعو گرمکي لپي مقرر ٿي. جڏهن ته پاڪستان ۾ پنجابي تصنيفن لاءِ خط نستعليق (شاهه مکي) رائج ڪيو ويو. جديد دور ۾ معياري پنجابي ادب کي ترقي ڏيڻ لاءِ باقاعدي مجلسون ۽ ادارا قـائم ڪيـا ويـا آهـن. مـاهنـامه ”پـنـج دريـا“، مـاهنـامه ”پنجابي ادب“، ”سوير انٽرنيشنل“، ”لهران“ ۽ ٻيا رسالا ۽ مخزنون پنجابي ٻوليءَ جي اشاعت ۽ واڌ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. پنجابيءَ جي مقامي محاورن (پنجابيءَ جي حامين جي راءِ) مان سرائڪي ۽ هندي ٻولين پنهنجي علحده ادبي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙيءَ ريت هاڻي آهستي آهستي پنجابي ٻولي فقط لاهور تائين ئي محدود ٿيندي ٿي وڃي، ڏٺو وڃي ته پنجابي اديبن ۽ محققن پنجابي ٻوليءَ جي گرامر ۽ لغات تي تازو ئي ڌيان ڏنو آهي ۽ ڪيترا ڪتاب ۽ لغتون تيار ڪيون آهن.

قديم پنجابي ادب

(1526ع کان اڳ جو ادب) (Medieval Panjabi Literature): قديم پنجابي ادب جيڪو ڀرنش پشا جي نالي سان مشهور ٿيو، هن ۾ ڪجهه جوڳين ۽ ناٿن جي حصي کانسواءِ ڪجهه صوفين ۽ جوڳي شاعرن جو حصو پڻ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ چرپٽ ناٿ، چورنگي ناٿ يا پورن ڀڳت، رتن ناٿ يا حاجي بابا رتن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جن جو ڪلام، شبدن ۽ شلوڪن جي صورت ۾ ملي ٿو، هن دور ۾ هڪ مسلمان مسعود سعد سلمان جو نالو پڻ ملي ٿو، جنهن ”بارهه ماهي“ ۽ ”ست واري“ چيا هئا، هن کان پوءِ بابا فريد شڪر گنج (1173-1265ع) جو ڪجهه ڪلام هندي نسخن ۾ ملي ٿو، بابا گرونانڪ صاحب (1429-1538ع) جنهن جي هدايت ۽ نيڪيءَ جي املهه موتين کي پنجابي ۽ سرائيڪي ’گرنٿ صاحب‘ ۾ محفوظ ڪيو ويو، جنهن کي پنجابي زبان جو پهريون مستند ڪلام چئي سگهجي ٿو.

  • (1) مغلن جو دور (1513 کان 1593ع): هن دور ۾ پنجابي جي جن وڏن شاعرن جو ڪلام ملي ٿو، انهن ۾ شاهه حسين (1556-1605ع) پنجابي ڪافين جي صنف ۾ نهايت اعليٰ قسم جو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي ڪلام ۾ هير رانجهي جي ڪردارن کي علامت طور پيش ڪيو.
  • (2) دمودر (1556 کان 1605ع): جنهن هير رانجهي جي قصي کي پهريون دفعو پنجابي ۾ ڳايو.
  • (3) پيلو: مرزا صاحبان جو قصو پهريون دفعو پنجابي ٻوليءَ ۾ ڳايو.
  • (4) سلطان باهو (1631-1691ع) اول درجي جو صوفي شاعر هو، جنهن چاليهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، سندس ٻوليءَ ۾ جهنگ جي علائقي واري سرائڪي جو مٺاس آهي.
  • (5) حافظ برخوردار (1669ع) وڏو عالم ۽ فاضل هو، جنهن عوامي داستانن کان سواءِ فقه ۽ تفسير تي پڻ ڪتاب لکيا، سندس ڪلام ۾ مرزا صاحبان، يوسف زليخان، سسئي پنهون، فرايض ورثه، جنگ نامه، امام حسين عليه السّلام، قصيده غوثيه، چرخه نامه ۽ اڻويهن رسالن تي مبني انواع برخوردار هڪ وڏو ڪارنامو آهي، پنجابي ادب جي تاريخ ۾ حافظ برخوردار کي سورهين صديءَ جو نمائندو شاعر مڃيو وڃي ٿو.

احمد گوجر

احمد گوجر هير رانجهي جي عوامي داستان کي طويل بيتن جي صورت ۾ منظوم ڪيو. هن کان سواءِ ڇڇو ڀڳت لاهوري پڻ اهم شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن گيتا جو منظوم ترجمو ڪيو، هن دور ۾ جيڪي ٻيا اهم شاعر ٿي گذريا آهن، انهن ۾ عبدالله لاهوري، ڪمال الدين شاهه ظريف، پير محمد ۽ معزالدين اسلام، طب ۽ جنگ نامن جهڙن موضوعن تي شاعري ڪئي، هتي اهو ياد رهي ته مغل دؤر ۾ پنجابي ادب ۾ نثر تي ڪنهن به قسم جو ڪم نه ٿي سگهيو.

پنجابي ادب جو ٻيو دور

(1707 کان 1849ع) (بلهي شاهه ۽ وارث شاهه جو دؤر): هن دور ۾ پنجابي ادب تي نثر ۾ پڻ ڪم ٿيو ۽ انگريزن دلچسپي ورتي ۽ پنجابي ٻوليءَ جو گرامر هن دور ۾ لکيو ويو، هن دور ۾ انجيل مقدس جو پنجابيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ پنجابي ٻوليءَ تي فارسيءَ جو گهڻو اثر پيو، هن دؤر ۾ جيڪي اهم شاعر ٿي گذريا، انهن ۾: علي حيدر (1698 کان 1758ع) پنجابي جو اهڙو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي ڪلام ۾ موسيقيءَ سان گڏوگڏ صوفياڻو رنگ پڻ موجود آهي، هن جون سي حرفيون مشهور آهن. نجابت ڪوي (ارڙهين صدي جي شروعات) هن شاعر جي ڪلام ۾ ”نادر شاهه دي وار“ اهم آهن. پنجابي جي اهم شاعرن ۾ مقبول (1718-1747) ۽ خواجه فريد فقير (1720-1790) جو ڪلام هير رانجهي، سي حرفين، جنگ نامه ۽ ڪسب نامه جي صورت ۾ موجود آهي.

سيد بلهي شاهه

(1680-1757ع): پنجابي ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو انقلابي شاعر جنهن ننڍي کنڊ ۾ ان وقت موجود مذهبي ڪٽرپڻي ۽ نسلي مت ڀيد جي گهٽ ۽ ٻوسٽ خلاف احتجاج طور آواز بلند ڪيو. سندس شدت، جوش، اصلاح، سوچ، ڪوڙ ۽ منافقت خلاف حق ۽ سچ جي مزاحمت سندس شاعريءَ جون خاص خوبيون آهن، سندس والد صاحب اصل اچ گيلانيان جو ويٺل هو، جيڪو ان وقت سنڌ جو حصو هيو، بلهي شاهه رڳو ڇهن ورهين جو هو ته سندس والد صاحب لڏي وڃي قصور شهر ۾ ويٺو، سندس ڪلام گهڻو تڻو پنجابيءَ سان گڏ سرائيڪيءَ ۾ به آهن.

  • وارث شاهه (1722-1798ع): وارث شاهه کي پنجابي ادب جو سرموڙ شاعر ۽ پنجابي ادب جو شيڪسپيئر پڻ چيو وڃي ٿو، پنجاب جي عوامي داستان هير رانجهي کي شاعريءَ جو روپ ڏئي هن ”هير“ جي ڪردار کي هميشه لاءِ جياري ڇڏيو.
  • احمد يار (1768-1847ع) احمد يار پنجاب جي عشقيه داستانن هير رانجهو، سسئي پنهون، سيف الملوڪ ۽ طب احمد يار خان سميت اٽڪل چاليهه کن ڪتاب لکيا ۽ ان ڪري کيس پنجابي ٻوليءَ جي پهرئين نقاد طور مڃيو وڃي ٿو.
  • قادريار (1802-1850ع): هاشم خان سکن جي دور ۾ پنجابي ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو شاعر سمجهيو وڃي ٿو، جنهن پنجاب جا لوڪ داستان، جهڙوڪ: سسئي پنهون، سهڻي ۽ ماهيوال تخليق ڪيا. ساڳئي دور ۾ عبدالحڪيم بهاوالپوري، ميان لطف علي، شاهه محمد ۽ مولوي محمد اسلم، يوسف زليخان، سيفل نامه، سکان دي وار جهڙن ڪتابن لکڻ کانسواءِ انگريزن جي خلاف پڻ قلم کنيو.

پنجابي ادب جو ٽيون دور

(Third Period): (انگريزن جو دور 1849ع ۽ ان کانپوءِ). پنجاب تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ عوام ۾ سماجي، معاشي ۽ سياسي طور وڏي تبديلي اچڻ سان گڏوگڏ پنجاب ۾ اردوءَ کي پڻ سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو، هن ڏس ۾ آريا سماج جي اثر هيٺ هندن ۽ سکن اردوءَ جي سرڪاري ٻوليءَ طور سخت مخالفت ڪئي، پر پنجابي مسلمانن پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ اردوءَ کي ڀليڪار چيو. هن دور ۾ پنجابي ادب ۾ شاعريءَ جي اساسي روايتن ۽ ادب جي جديد روايتن جا ٻه گروهه موجود هئا، هن قسم جي ڪلاسيڪل روايتن جي پٺڀرائي ڪندڙن ۾ سيد فضل شاهه، ميان محمد بخش ۽ هدايت الله اهم جاءِ والارين ٿا.

  • خواجه غلام فريد (1841 کان 1904ع) پنجاب (سرائيڪي خطي) جي سرائڪي صوفي شاعرن ۾ بلهي شاهه کان پوءِ خواجه غلام فريد تمام وڏو نالو آهي، سندس شاعريءَ ۾ عوامي جيوت ۽ عوامي سوچ ڌارا جي گهڻي جهلڪ ملي ٿي، پاڻ بنيادي طور سرائڪيءَ جو شاعر هجڻ سان گڏوگڏ عربي، فارسي، سنڌي ۽ مارواڙي ٻولين تي پڻ عبور رکندو هو، خواجه غلام فريد کي سرائڪي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر ۽ سرائڪي ثقافت جو امين مڃيو وڃي ٿو. هن دؤر جي ٻين اديبن ۽ شاعرن ۾ مولوي غلام رسول، سيد شهاب الدين، فيروز الدين شرف، بابو ڪرم امرتسري، مولانا بخش ڪشته، جوشو فضل الدين، لال دين قيصر ٿي گذريا آهن، جن پنجابي ادب کي تمام گهڻو شاهوڪار ۽ مالامال ڪيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پنجابي ادبي اڪيڊمي، مجلس شاهه حسين لاهور قائم ٿيون ۽ سال 1970-71ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي جا ڪلاس پنجابي ٻوليءَ ۾ شروع ڪيا ويا. تازو پنجابي قومپرستن جي جدوجهد کانپوءِ پنجابيءَ کي هيٺين درجن ۾ پڙهڻ جي اجازت ملي آهي.

جديد پنجابي ادب (Modern Punjabi Litrature): ڏٺو وڃي ته جديد پنجابي ادب تي انگريزي، روسي ۽ فرينچ ادب جو تمام گهڻو اثر موجود آهي، پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ جي اديبن ۽ شاعرن کان سواءِ پنجابي جي نئين ٽهي پنهنجي ادب جي واڌاري لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي، هن ڏس ۾ مقالا نگاري، ڪهاڻي، نظم، گيت، آزاد نظم، ناول، ڊراما، ريڊيو ۽ ٽيليويزن ڊرامن، تاريخ ۽ ۽ ادب تي ڪم ٿيو آهي، جديد پنجابي شاعريءَ جي صنفن ۾ احمد راهيءَ جو ’ترنجڻ‘ ۽ شهزاد قيصر جو ’دوجي اک‘ جديديت جو جا عڪاس آهن. هن وقت ’لهران‘، ’سوير انٽرنيشنل‘، ٽماهي پنجابي ادب رسالن کانسواءِ مسعود کدر پوش ٽرسٽ ۽ سچيت ڪتاب گهر لاهور پنجابي ادب کي هر صنف ۾ مالا مال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ پنجابيءَ ۾ افاسانن، ناولن، شاعريءَ، لغات، تنقيد ۽ تاريخ تي ڪافي ڪتاب ڇپجي رهيا آهن.

پنجاب جا لوڪ ناچ

(Folk Dances of Pnujab): جيئن ته پنجاب جو صوبو ننڍين ننڍين ثقافتن ۽ گهڻن لهجن (Dialects) ۾ ورهايل هجڻ ڪري هتي جا لوڪ ناچ پڻ مختلف قسمن جا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا:

  • (1) سمي
  • (2) ڀنگڙا
  • (3) لُڊي
  • (4) دهريس يا جهُمر
  • (5) گدها
  • (6) ڪڪلي
  • (7) باگهي
  • (8) جهلي
  • (9) ڦمڻيان
  • (10) ڌمال
  • (11) اڊي ڇُڙپا.

پنجابي شاعري: پنجابي ادب ۾ شاعريءَ جي ابتدا يارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ محمود غزنويءَ جي پنجاب فتح ڪرڻ وقت ٿي. پنجابيءَ ۾ پهرين مستند شعري تصنيف چشتي طريقي جي مشهور صوفي بزرگ شيخ فريد (1173-1265ع) جا دوها شمار ڪيا وڃن ٿا، جيڪي سکن جي مذهبي ڪتاب ”گرو گرنٿ“ ۾ شامل آهن، جيڪو 1604ع ۾ مرتب ٿيو هو. شيخ فريد (بابا فريد) جي ڪلام مان 2500 شعر ۽ ٽي مناجاتون گرو گرنٿ جي مستند جلد ۾ موجود آهن، اها شاعري نهايت بلند معيار جي آهي. شيخ فريد جي ٻولي اعليٰ ۽ خوبصورت آهي، هن جي ڪلام ۾ خوديءَ کي ڇڏڻ ۽ نفس مارڻ جي تعليم آهي، بابا فريد جو ڪلام انهيءَ دور جو آهي، جيڪو سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي گڏيل سنڌو ئي ٻوليءَ ۾ آهي، ان کان پوءِ ٻن صدين ۾ ڪيترو ئي شعر و ادب تخليق ٿيو هوندو، پر اهو اڻلڀ آهي. سورهين صديءَ عيسوي جي ابتدا ۾ پنجابيءَ جي غير معمولي واڌ جي شاهدي، سک عقيدي جي باني گرونانڪ 1469-1539ع) ۽ ان جي چئن پوئلڳن جي نظمن مان ملي ٿي.

چرخه نامه

پنجاب جي ڳوٺن ۾ عام طور چرخي تي ڪپڙي اڻڻ جو ڪم عام ٿيندو هو ۽ هن طرح سگهڙ زالون مختلف قسمن جا ڪپڙا تيار ڪنديون هيون، ”چرخه نامه“ ۾ شاعر صوفياڻي ويچار ڌارا کي چرخي وسيلي سٽ ڪتڻ جي ڀيٽ انسان جي سٺن ڪمن سان ڏني آهي، هن ڏس ۾ مولوي عبدالستار، اڪبر ۽ عبدالعزيز چرخي نامه جي صنف وسيلي پنجابي ادب کي تمام گهڻو شاهوڪار بڻايو آهي. پنجابي ادب ۾ شاعري: ماڌو لال شاهه حسين (1539-1600ع) پنهنجي دؤرجي پهرين صوفي شاعرن مان آهي. سلطان باهو (1631-1691ع)، بابا بُلهي شاهه (1680-1758ع) ۽ هدايت الله جون شعري تصنيفون پنجابي صوفي شاعريءَ جو نمونو آهن. ڪافي سنڌي وانگر پنجابيءَ زبان جي به شهري صنف آهي، جيڪا اڳ توڙي هاڻي ڳائي وڃي ٿي. بُلهي شاهه جو ڪلام ان جو بهتر مثال آهي. پنجابي ادب ۾ صوفياڻي موسيقيت واري شاعريءَ سان گڏ رومانوي شاعريءَ به ترقي ڪئي. رومانوي شاعريءَ جو قديم ترين شاعر ”دامودر گلاٽي“ آهي، جيڪو شاهه حسين جي همعصرن مان هو. هو سک مذهب جي عقيدن سان گڏ صوفياڻن خيالن کان به متاثر هو، هن ”هير رانجهي“ جي ڪهاڻيءَ جي ڪلاسيڪي ترجماني ڪئي، جنهن شاديءَ ۾ والدين جي پسند جي پابندين خلاف رد عمل ۽ بغاوت جو اظهار ڪيو. اها رومانوي ڪهاڻي اڳتي هلي ”پنجابي ڪلاسڪ“ بڻجي وئي.”هير رانجها“ جي ڪهاڻيءَ کي جن شاعرن پنهنجي خاص رنگ ۾ منظوم ڪيو، تن ۾ سڀ کان مشهور وارث شاهه (1727-1789ع آهي. پنجابي جي سڀني صوفي شاعرن سي حرفي جي صنف کي صوفياڻي ۽ عشقيه انداز ۾ ڳايو. ان کانسواءِ پنجابيءَ جي ڪلاسيڪل شاعرن گهڻو ڪري سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، پنجابي ڪافي يا عارفاڻو ڪلام جن شاعرن ڳايو، اهڙي اساسي پنجابي شاعريءَ جي موضوعن ۾ طويل عشقبيه داستان، عوامي اهنج ۽ ايذاءُ، معاشي ۽ سماجي حالتن جو اولڙو پڻ انهن جي ڪلام ۾ ملي ٿو. اهڙن عوامي پنجابي شاعرن ۾ پيلو، حافظ برخوردار جو مرزا صاحبان، وارث شاهه جي هير، هاشم شاهه جي سسئي پنهون، عبدالحڪيم بهالپوري ۽ مولوي غلام رسول جو احسن القصص، فضل شاهه جي سهڻي ماهيوال، ليليٰ مجنون ۽ ميان محمد بخش جو سيف الملوڪ جا منظوم داستان تمام گهڻو مشهور ٿيا. ان کان سواءِ انبياءِ ڪرام جي باري ۾ جنگ نامن جي نمونن تي جيڪي لکيو ويو، تنهن کي گلزار چيو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ مولوي محمد اسلم جو گلزار موسيٰ، گلزار سڪندري، گلزار محمدي، محمد محمود دلپزير جو گلزار آدم، گلزار موسيٰ ۽ گلزار مڪه مشهور آهن. پنجاب جي عام ماڻهن جي ڌارين جي حملن خلاف ويڙهاند ۽ جنگ ۾ ڏيکاريل سورهيائي، جنهن کي شاعريءَ جي ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ هن قسم جي صنف کي وار (جنگ نامو) چيو وڃي ٿو، مثال طور: نجايت جي ’نادر شاهه دي وار‘، ’پير محمد جي‘، ’چٺيان دي وار‘ ۽ شاهه محمد جي ’سکان دي وار‘ شامل آهن. پنجابي واريون ٽن قسمن جون آهن، جهڙوڪ:

  • (1) رزميه وارين
  • (2) مذهبي وارين
  • (3) رومانوي وارين.

پنجاب جي ٻهراڙيءَ ۾ عوام جي وندر جو وسيلو قديم لوڪ گيت آهن، جن ۾ سندن روزاني حياتيءَ جي خوشين ۽ غمن جو اولڙو ملي ٿو، اهڙن گيتن ۾ ماهيا، ڇلا، جگني، دوهڙي، بوليان ۽ لوريان جهڙيون لوڪ پسند صنفون ملن ٿيون. پنجابي شاعريءَ ۾ محبوب کان جدائي جي ڪيفيت جو بيان، بارهه ماهي (ٻارهن مهينا) ۽ اٺواري جهڙين صنفن ۾ موجود آهي. اهڙن شاعرن ۾ بلهي شاهه، شاهه مراد، خواجه نصير ۽ ميان هدايت الله جا بارهه ماهي ۽ اٺواري تمام گهڻو مشهور آهن. پنجابي بزرگ شاعرن جو صوفياڻو ۽ عارفاڻو ڪلام ”بول شلوڪ“ چيو ويندو آهي، جنهن ۾ روحاني ڪيفيت بيان ٿيل هوندي آهي. اهڙن قديم شاعرن ۾ بابا فريد گنج شڪر ۽ حضرت ابراهيم مشهور آهن. جديد شاعرن ۾ سيد ممتاز علي شاهه ۽ مظفر بخاريءَ جا نالا کڻي سگهجن ٿا، جن ”بول شلوڪ“ تي طبع آزمائي ڪئي.

پنجابي ادب جا مختلف دؤر

پنجابي ٻوليءَ جي نثري ادب جي ابتدا به سک روايتن سان ٿئي ٿي. گرونانڪ جي واڻيءَ ۾ واقعا ۽ ڪهاڻيون آهن، جن کي جنم ساکي يا جيون ڪهاڻيون چئجي ٿو. سنگهه سڀا تحريڪ جي ممتاز شخصيت ”ڀائي وير سنگهه“ (1872-1975ع) 19 صديءَ جي آخر ۾ پنجابي ٻوليءَ ۽ ادب کي سکن جي قومي خصوصيتن جي اظهار جو ذريعو بڻايو. ان مقصد جي واڌ لاءِ هن هفتيوار اخبار ”خالصه سماچار“ ۾ بي شمار مضمون لکيا ۽ مختصر رسالا به شايع ڪيا. هن تحريڪ کي ادب ۾ نمايان درجو ٻن تاريخي ناولن ذريعي حاصل ٿيو: هڪ ”سندري“ (1897ع) ۽ ٻيو ”بجئي سنگهه“ (1898ع)، جڏهن ته ان کان پوءِ هن ”ستونت ڪور“ ٻن ڀاڱن ۾ لکيو. پهريون حصو 1899ع ۾ ۽ ٻيو حصو گهڻو پوءِ 1908ع ۾ شايع ٿيو. انهن ٽنهي تحريرن ۾ ارڙهين صديءَ جي مغل حڪومت خلاف سکن جي جدوجهد کي جذباتي ۽ رومانوي رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ وارين تصنيفن ۾ ’بابا ڪنور سنگهه‘جا موضوع، پنهنجي دؤر جا ڳوٺاڻا منظر، معاشي ۽ سماجي مسئلا، ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ تبديليءَ جا اثر، آزاد وڪالت، ڊاڪٽري اختيار ڪرڻ جي ترغيب ۽ مختلف مذهبي گروهن ۾ گهڻائيءَ جو ذڪر آهي. انهيءَ زماني ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾ پنجابي ٻوليءَ ۽ ادب سان لڳاءُ، وطن جي حب واري جذبي هيٺ به وڌيو هو. ’بهاري لال پوري‘ ۽ ان جي پٽ ’بش داس‘ پوري قاعدن جو نصابي ڪتاب لکي، اهم خدمت انجام ڏني. ’برج لال شاستري‘ (1894ع)، سنسڪرت روايتن مطابق ڊراما: ”ساوتري سوڪنيا“، ”پرگيا“، ”واسوارتا“ ۽ ”پورن ڀڳت“ لکيا، پر نمايان ادبي مقبوليت ’ڌني رام مهترڪ‘ (1876-1954ع) جي حصي ۾ آئي، جنهن هندو ڪلاسيڪي روايتن ۽ قومپرستيءَ تي نظم لکيا، جن ۾ مذهبي ۽ پاڪيزه ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي. ڊرامي جي ابتدا اصل ۾ ’ايشور چندر انند‘ (1892-1967ع) جي ڊرامي سڀدرا (1924ع) سان ٿي. انند، ابتدائي 20 صديءَ جي انگريزي ڊرامي جي طرز جي تقليد ڪندي، نئين ۽ پراڻي جي ڇڪتاڻ کي پيش ڪيو. شيڪسپيئر ۽ پنجابي لوڪ آرٽ جي ٽيڪنڪ جي به ان تي ڇاپ آهي. پنجابي ناول جي ابتدا ’نانڪ سنگهه‘ (1897-1972ع) کان ٿي، جنهن ڪجهه شروعاتي ڪوششن کان پوءِ پنهنجي لکيل ڊرامي ”سفيد خون“ (1932ع) ۾ هڪ معيار قائم ڪيو. ان جو موضوع هندستاني سماج ۾ عورت جي مظلوميت آهي، خاص ڪري جڏهن هوءَ بيوهه ٿي وڃي ٿي ۽ مايوسيءَ جو شڪار ٿيندي، عصمت فروشيءَ تي مجبور ٿئي ٿي ۽ وئيشا بڻجي پنهجو بدلو وٺي ٿي. نانڪ سنگهه انهيءَ موضوع جا ٻيا به پهلو پنهنجي ناولن ”فولادي گل“ (1934ع) ۽ ”ٽٽل بينا“ ۾ پيش ڪيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ ’نانڪ سنگهه‘ جي سياسي ۽ سماجي معاملن سان گهري دلچسپيءَ جو اظهار ملي ٿو. نوڪر شاهيءَ جي بدچالي، مذهبي ۽ سماجي رياڪاري، واپاري ۽ زمينداري طبقي جي هٿان هارين ۽ مزدورن جي بي رحماڻي ڦر مار کي ظاهر ڪيو ويو آهي. جيئن ”آدمخور“ ۽ ”چترڪار“ مان ظاهر آهي. ’گربخش سنگهه‘ پنجابي ادب جي ميدان ۾ 1935ع دوران هڪ آزاد خيـال ۽ انـسان دوست مصنـف جي حيثيـت سان داخل ٿيو ۽ ماهـوار ”پريت“ رسالو به ڪڍيائين. هو مذهب، سماجي لاڳاپن ۽ گهريلو زندگي، مطلب ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ آزاديءَ واري تصور جي حمايت ڪندو رهيو. ان کان سواءِ ٻين مصنفن، پنجابيءَ ۾ سٺو ڪم ڪيو. امرتا پريتم پنجابيءَ جي وڏي ليکڪا آهي. هن جي شاعريءَ ۽ ناولن پنجابي ٻوليءَ کي وڏي اوج تي رسايو. ’پنجابي ادبي بورڊ‘ مسعود کدرپوش ٽرسٽ، سويرا انٽرنيشنل، سچيت ڪتاب گهر، لهران ادبي بورڊ لاهور ۽ ٻيا ادارا پنجابي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جديد پنجابي ادب ڌڙا ڌڙ لکجي ۽ ڇپجي رهيو آهي.[4]

حوالا