مواد ڏانھن هلو

قمبر شهدادڪوٽ ضلعو

قمبر شهدادڪوٽ ضلعو

قمبر شهدادڪوٽ
اميد علي جوڻيجو ڳوٺ ۾ زرعي فصل
اميد علي جوڻيجو ڳوٺ ۾ زرعي فصل
سنڌ ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو مقام
سنڌ ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو مقام
Coordinates: 27°35′21″N 68°00′00″E / 27.58917°N 68.00000°E / 27.58917; 68.00000
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ڊويزنلاڙڪاڻو ڊويزن
ضلعي جو قيام13 ڊسمبر 2004ع
صدرمقامقمبر
حڪومت
• طرزضلعي انتظاميا
ايراضي
ضلعو5,475 km2 (2,114 sq mi)
آبادي
 (2023)[1]
• ڪل1,514,869
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
شهري
421,865
ٻهراڙي
1,093,004
ٻوليون
خواندگي
  مجموعي40.02٪
  مرد48.94٪
  عورتون30.35٪
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت)

قمبر شهدادڪوٽ ضلعو سنڌ جي اتر اولهه ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي، جنهن جو انتظامي صدرمقام قمبر شهر آهي. ضلعو کيرٿر جبل جي جابلو پٽي ۽ سنڌ جي آبپاشي هيٺ ايندڙ زرخيز ميداني علائقن جي سنگم تي واقع آهي. ان جي اولهه ۽ اتر اولهه طرف بلوچستان جا علائقا، اوڀر ۾ لاڙڪاڻو ضلعو، ڏکڻ ۾ دادو ضلعو ۽ اتر اوڀر ۾ جيڪب آباد ضلعو واقع آهن.[2]

2023ع جي آدمشماريءَ موجب ضلعي جي ڪل آبادي 1,514,869 هئي، جن مان 421,865 ماڻهو شهري ۽ 1,093,004 ماڻهو ٻهراڙيءَ ۾ رهندا هئا. ضلعي جي ڪل ايراضي 5,475 چورس ڪلوميٽر، آباديءَ جي گهاٽائي لڳ ڀڳ 277 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر ۽ سراسري گهريلو جسامت 5.6 ماڻهو هئي.[1]

ضلعي جي آباديءَ جي وڏي اڪثريت سنڌي مادري ٻولي ڳالهائي ٿي. 2023ع ۾ 96.21 سيڪڙو آبادي سنڌي ۽ 2.58 سيڪڙو براهوي کي پنهنجي مادري ٻولي ڄاڻايو.[3]

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ٻهراڙيءَ جون عورتون ۽ ڇوڪريون، 2011ع.

نالو ۽ قيام

[سنواريو]

موجوده قمبر شهدادڪوٽ ضلعو تاريخي طور لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو هو. سنڌ حڪومت ڊسمبر 2004ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي کي ورهائي نئون ضلعو قائم ڪيو ۽ قمبر کي ان جو صدرمقام بڻايو. مختلف ذريعن موجب ضلعي جو رسمي قيام 13 ڊسمبر 2004ع تي ٿيو.[2][4]

شروعاتي طور نئين ضلعي لاءِ قمبر جو نالو استعمال ڪيو ويو، پر شهدادڪوٽ جي رهواسين جي اعتراضن کان پوءِ شهدادڪوٽ جو نالو پڻ شامل ڪيو ويو ۽ ضلعو قمبر شهدادڪوٽ سڏجڻ لڳو.[4]

شهدادڪوٽ ۾ وقت بوقت هڪ الڳ شهدادڪوٽ ضلعو قائم ڪرڻ جي تحريڪ پڻ هلي آهي، جنهن ۾ شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان ۽ سجاول جوڻيجو کي هڪ الڳ ضلعي ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.[5]

تاريخ

[سنواريو]

1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان پوءِ سنڌ کي انتظامي ضلعن ۾ ورهايو ويو. موجوده قمبر شهدادڪوٽ جو علائقو پهرين شڪارپور ضلعي ۽ پوءِ 20هين صديءَ جي شروعات کان لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو رهيو.

موجوده ضلعي جي مختلف علائقن جي تاريخ ان کان گهڻو پراڻي آهي. وارهه تعلقي جي علائقي ۾ تاريخي جوناڻي نالي وسنديءَ جو ذڪر ملي ٿو، جنهن بابت تاريخدان ايم ايڇ پنهور سنڌ جي وچئين دور واري تاريخي جاگرافيءَ ۾ مواد ڏنو آهي.[6]

ڪلهوڙا ۽ پوءِ ٽالپر دور ۾ ضلعي جو ميداني علائقو سنڌ جي زرعي ۽ مقامي سياسي نظام جو حصو رهيو. شهدادڪوٽ جي آبادڪاريءَ کي پڻ ڪلهوڙا دور سان ڳنڍيو وڃي ٿو.

جاگرافي

[سنواريو]

قمبر شهدادڪوٽ سنڌ جي جغرافيائي لحاظ کان گهڻو متنوع ضلعن مان هڪ آهي. ان جو اوڀر ۽ وچ وارو حصو هموار، آباد ۽ زرعي ميدانن تي مشتمل آهي، جڏهن ته اولهه طرف زمين آهستي آهستي کيرٿر جبل ڏانهن اوچي ٿيندي وڃي ٿي.[2]

ضلعي جون الهنديون حدون سنڌ ۽ بلوچستان جي قدرتي ۽ انتظامي سرحد جو حصو آهن. کيرٿر واري جابلو پٽيءَ جي دامن کي سنڌيءَ ۾ ڪاڇو سڏيو وڃي ٿو. هتي آبادي ميداني علائقن جي ڀيٽ ۾ ڇڊي آهي، ۽ ڪيترائي ڳوٺ برساتي نئن ۽ موسمي پاڻيءَ تي دارومدار رکن ٿا.

سنڌ ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو مقام.

ضلعي جي موجوده سرڪاري ايراضي 5,475 چورس ڪلوميٽر آهي.[1] پراڻن دستاويزن ۾ 5,599 يا 5,675 چورس ڪلوميٽر جا انگ پڻ ملن ٿا، پر 2023ع جي آدمشماريءَ ۾ استعمال ٿيل موجوده انتظامي حدن لاءِ 5,475 چورس ڪلوميٽر سرڪاري انگ آهي.

کيرٿر ۽ ڪاڇو

[سنواريو]

ضلعي جو الهندو حصو کيرٿر جبل جي پهاڙي نظام سان ڳنڍيل آهي. هن پٽيءَ ۾ چونا پٿر، خشڪ جبل، برساتي نئيون، ننڍيون واديون ۽ چراگاهه شامل آهن. مقامي آباديءَ جي هڪ حصي جي گذر سفر جو دارومدار مال پالڻ ۽ موسمي زراعت تي آهي.

کيرٿر واري علائقي ۾ سنڌي ۽ براهوي ڳالهائيندڙ آباديون هڪ ٻئي سان صدين کان سماجي ۽ واپاري رابطا رکن ٿيون، جنهن جو اثر ضلعي جي ٻولي، موسيقي، روايتن ۽ ثقافتي زندگيءَ تي پڻ پيو آهي.

ڍنڍون ۽ آبي وسيلا

[سنواريو]

ضلعي ۾ حمل ڍنڍ اهم قدرتي پاڻيءَ جي ذخيرن مان هڪ آهي. هي ڍنڍ کيرٿر جي برساتي وهڪرن ۽ مختلف آبي رستن مان پاڻي حاصل ڪري ٿي. حمل ڍنڍ مڇي، پکين ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن جي گذر معاش لاءِ تاريخي اهميت رکي ٿي.

ڊرگهه ڍنڍ، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي مشهور آبي ماڳن مان هڪ.

ڊرگهه ڍنڍ پڻ ضلعي جي مشهور آبي ماڳن مان آهي. وڪيميڊيا ڪامنز تي ضلعي سان لاڳاپيل ڊرگهه ڍنڍ جي آزاد تصوير موجود آهي.

موسم

[سنواريو]

قمبر شهدادڪوٽ جي ميداني علائقن جي موسم گرم ۽ خشڪ آهي. اونهاري ۾ گرمي تمام تيز ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته سياري جون راتيون ٿڌيون رهن ٿيون. مون سون جون برساتون عام طور جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ٿين ٿيون، پر کيرٿر ۽ بلوچستان کان ايندڙ برساتي وهڪرا به ضلعي تي اثرانداز ٿين ٿا.

2010ع ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ غير معمولي شديد گرمي رڪارڊ ٿي. علائقي جي آبهوا ۾ ڊگهن خشڪ عرصن سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن انتهائي برسات ۽ ٻوڏ پڻ شامل رهي ٿي.

ٻوڏ ۽ قدرتي خطرا

[سنواريو]

قمبر شهدادڪوٽ 2022ع جي پاڪستاني ٻوڏ ۾ سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعن مان هو. بلوچستان جي جابلو علائقن مان ايندڙ تيز برساتي وهڪرن ضلعي جي ڳوٺن، زرعي زمينن، رستن ۽ آبپاشيءَ جي نظام کي وڏي نقصان پهچايو.[7]

2022ع جي ٻوڏ دوران سنڌ ۾ آيل پاڻي.

بين الاقوامي لڏپلاڻ واري اداري جي 2023ع واري سروي ۾ قمبر شهدادڪوٽ کي سنڌ جي انهن ضلعن ۾ شامل ڪيو ويو، جتي 2022ع جي ٻوڏ کان پوءِ وڏي انگ ۾ اندروني طور بي گهر ٿيل ماڻهو موجود هئا.[8]

انتظامي ورهاست

[سنواريو]

قمبر شهدادڪوٽ ضلعو ستن تعلقن ۾ ورهايل آهي.[1]

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جا تعلقا، 2023ع
تعلقو ايراضي
(چورس ڪلوميٽر)
آبادي آباديءَ جي گهاٽائي
(ماڻهو في چورس ڪلوميٽر)
خواندگي
ميرو خان تعلقو 374 182,461 487.86 33.41٪
نصيرآباد تعلقو 309 174,708 565.40 41.81٪
قمبر تعلقو 2,260 448,990 198.67 39.36٪
قبو سعيد خان تعلقو 1,033 99,308 96.14 26.46٪
شهدادڪوٽ تعلقو 419 225,086 537.20 47.06٪
سجاول جوڻيجو تعلقو 385 130,635 339.31 37.66٪
وارهه تعلقو 695 253,681 365.01 44.25٪
ڪل 5,475 1,514,869 276.69 40.02٪

ذريعا: پاڪستان شماريات بيورو، آدمشماري 2023ع، جدول 1 ۽ 12.[1][9]

اهم شهر

[سنواريو]

ضلعي جا ٻه سڀ کان وڏا شهري مرڪز شهدادڪوٽ ۽ قمبر آهن. 2023ع ۾ قمبر شهر جي آبادي 112,313 هئي، جڏهن ته شهدادڪوٽ جي آبادي 120 هزار کان وڌيڪ هئي.[4]

ٻين اهم شهرن ۽ قصبن ۾ وارهه، نصيرآباد، قبو سعيد خان، ميرو خان، بهرام ۽ سجاول جوڻيجو شامل آهن.

آبادي

[سنواريو]

1951ع کان موجوده ضلعي جي حدن سان لڳ ڀڳ مطابقت رکندڙ علائقي جي آبادي مسلسل وڌندي رهي آهي.

Historical population
YearPop.±% p.a.
1951 258,327    
1961 299,259+1.48%
1972 460,722+4.00%
1981 566,574+2.32%
1998 924,294+2.92%
2017 1,338,035+1.97%
2023 1,514,869+2.09%
ذريعا: پاڪستان شماريات بيورو.[10][1]

2023ع ۾ ضلعي ۾ 267,553 گهر ۽ 1,514,869 ماڻهو درج ٿيا.[11]

ضلعي جي شهري آبادي 421,865 يعني 27.85 سيڪڙو هئي، جڏهن ته 72.15 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندي هئي.[1]

2023ع جي آدمشماريءَ ۾ 10 سالن کان گهٽ عمر جا 527,655 ماڻهو هئا، يعني ضلعي جي تقريباً 34.83 سيڪڙو آبادي ٻارن تي مشتمل هئي.[12]

ٻوليون

[سنواريو]

2023ع جي آدمشماريءَ موجب سنڌي واضح طور ضلعي جي غالب مادري ٻولي هئي.[3]




قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون مادري ٻوليون، 2023ع

  سنڌي (96.21%)
  براهوي (2.58%)
  ٻيون ٻوليون (1.21%)

سرحدي ۽ جابلو علائقن ۾ براهوي ۽ بلوچي اثر وڌيڪ نظر اچي ٿو، جڏهن ته شهرن ۾ اردو، سرائڪي ۽ ٻين ٻولين جا ڳالهائيندڙ به موجود آهن.

مذهب

[سنواريو]

2023ع جي آدمشماريءَ موجب اسلام ضلعي جو وڏي اڪثريت وارو مذهب هو. مسلمان 99.17 سيڪڙو، هندو ۽ شيڊيولڊ ڪاسٽ سان لاڳاپيل آبادي لڳ ڀڳ 0.65 سيڪڙو ۽ ٻيا مذهبي گروهه لڳ ڀڳ 0.18 سيڪڙو هئا.[13]

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ مذهب
مذهب 2017ع 2023ع 2023ع سيڪڙو
اسلام 1,327,507 1,502,256 99.17٪
هندومت 9,963 9,785 0.65٪
ٻيا 565 2,828 0.18٪
ڪل 1,338,035 1,514,869 100٪

ذريعو: پاڪستان شماريات بيورو.[13]

1941ع جا مذهبي انگ موجوده ضلعي سان مڪمل طور هڪجهڙين حدن جا نه آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ ان وقت هي علائقو لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ شامل هو؛ تنهنڪري تاريخي مقابلي ۾ حدن جي تبديليءَ کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي.

خواندگي

[سنواريو]

2023ع ۾ ضلعي جي مجموعي خواندگي شرح 40.02 سيڪڙو هئي. مردن ۾ اها 48.94 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ 30.35 سيڪڙو هئي.[9]

خواندگي، 2023ع
زمرو شرح
مجموعي 40.02٪
مرد 48.94٪
عورتون 30.35٪

انگن مان مردن ۽ عورتن جي خواندگيءَ وچ ۾ نمايان فرق ظاهر ٿئي ٿو.

تعليم

[سنواريو]

2023–24ع جي سالياني اسڪول آدمشماريءَ موجب قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ مجموعي طور 1,458 سرڪاري اسڪول درج هئا، جن مان 1,375 فعال هئا. انهن اسڪولن ۾ 223,336 شاگرد داخل هئا ۽ 6,569 استاد مقرر هئا.[14]

اسڪولي سطح موجب فعال ادارن ۾ تقريباً 1,244 پرائمري، 15 ايليمينٽري، 54 مڊل، 47 سيڪنڊري ۽ 15 هائير سيڪنڊري اسڪول شامل هئا.[14]

سرڪاري اسڪول، 2023–24ع
سطح فعال اسڪول
پرائمري 1,244
ايليمينٽري 15
مڊل 54
سيڪنڊري 47
هائير سيڪنڊري 15

ضلعي ۾ قمبر شهر ۾ ضلعي سطح جي سرڪاري اسپتال، جڏهن ته شهدادڪوٽ، ميرو خان، نصيرآباد ۽ وارهه سميت مختلف تعلقن ۾ تعلقه اسپتالون، رورل هيلٿ سينٽر، بيسڪ هيلٿ يونٽ ۽ سرڪاري ڊسپينسريون ڪم ڪن ٿيون.

پراڻن صحت پروفائيلن موجب 2012ع ۾ ضلعي ۾ 22 بنيادي صحت مرڪز، 24 سرڪاري ڊسپينسريون ۽ 7 رورل هيلٿ سينٽر درج هئا؛ وقت سان صحت جي ادارن جو انتظام ۽ انگ تبديل ٿيندو رهيو آهي.

معيشت

[سنواريو]

ضلعي جي معيشت جو بنيادي دارومدار زراعت تي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ واري جاگرافيائي بيهڪ، آبپاشيءَ جو نظام، چانورن جي پيداوار ۽ چوپائي مال ضلعي جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.[2]

ضلعي جي وڏي ميداني پٽيءَ ۾ چانور ۽ ڪڻڪ سڀ کان اهم فصل آهن. ٻين فصلن ۾ جوئر، ٻاجهري، چڻا، مڪئي، تيلي ٻج، ڀاڄيون ۽ چارا شامل آهن.

اميد علي جوڻيجو ۾ زرعي زمين ۽ گوبيءَ جو فصل.

قمبر شهدادڪوٽ خاص طور ايري-6 ۽ ايري-9 قسم جي سارين جي پوک لاءِ سڃاتو وڃي ٿو.[2]

زراعت

[سنواريو]

ضلعي ۾ ٻن وڏين زرعي موسمن ــ خريف ۽ ربيع ــ تحت پوک ڪئي وڃي ٿي. خريف ۾ چانور، جوئر، ٻاجهري ۽ مختلف موسمي فصل پوکيا وڃن ٿا، جڏهن ته ربيع ۾ ڪڻڪ، چڻا ۽ ٻين سياري وارين پوکن جو حصو وڌيڪ هوندو آهي.

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ جوئر جو فصل.

پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ واهن ۽ شاخن جو اهم ڪردار آهي، پر ضلعي کي ڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڪڏهن بلوچستان کان ايندڙ ٻوڏن سبب انتهائي پاڻيءَ جي دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.[7]

صنعت

[سنواريو]

شهدادڪوٽ جي اتر طرف قائم شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائل مل ضلعي جي جديد صنعتي تاريخ جو سڀ کان اهم ادارو رهيو. مل 1974ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت دوران قائم ڪئي وئي ۽ 1978ع ۾ پيداوار شروع ڪئي. پنهنجي عروج واري دور ۾ اها لڳ ڀڳ 4,500 مزدورن لاءِ روزگار جو ذريعو هئي.[15]

مل ۾ پاليسٽر ۽ ٻين قسمن جو ڪپڙو تيار ٿيندو هو، جيڪو پاڪستان جي ٻين حصن ڏانهن موڪليو ويندو هو. مالي، انتظامي ۽ سياسي مسئلن سبب مل آهستي آهستي زوال پذير ٿي ۽ آخرڪار بند ٿي وئي.

اڄ ضلعي ۾ وڏي صنعت محدود آهي؛ ننڍن صنعتي ۽ واپاري شعبن ۾ رائيس ملون، زرعي اوزارن جي مرمت، تعميراتي مواد، کاڌي جي پروسيسنگ ۽ ننڍا ڪارخانا شامل آهن.

مزاراڻي گئس فيلڊ

[سنواريو]

مزاراڻي گئس فيلڊ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو اهم معدني ۽ توانائي ذريعو آهي. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ موجب فيلڊ 1959ع ۾ دريافت ٿيو، پر گهٽ گئس جي گهرج سبب لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن تائين وڏي ترقي نه ڪئي وئي.[16]

2002ع–2003ع دوران گئس پروسيسنگ سهولت قائم ڪئي وئي ۽ ميرو خان ڀرسان سوئي سدرن گئس ڪمپني جي نيٽ ورڪ تائين تقريباً 75 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين وڇائي وئي. تجارتي پيداوار جون 2003ع ۾ شروع ٿي.[16]

پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ موجب فيلڊ ۾ ڇهه کوهه کوٽيا ويا آهن، جن مان چار پيداواري کوهه طور ڪم ڪندا رهيا آهن.[16]

آبپاشي

[سنواريو]

ضلعي جي ميداني حصي جي زراعت سکر بئراج مان نڪرندڙ واهن ۽ انهن جي شاخن تي دارومدار رکي ٿي. چانورن جي پوک وڏي پاڻيءَ جي ضرورت رکي ٿي، جنهن سبب آبپاشيءَ جي ورڇ سياسي ۽ معاشي لحاظ کان اهم مسئلو آهي.

قمبر شهدادڪوٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي هئڻ سبب بين الصوبائي پاڻيءَ جي ورڇ سان پڻ لاڳاپيل آهي. بلوچستان ڏانهن ويندڙ آبپاشي پاڻيءَ بابت وقت بوقت ٻن صوبن وچ ۾ اختلاف رپورٽ ٿيندا رهيا آهن.[2]

آمدرفت

[سنواريو]

ضلعي مان ڪيترائي قومي اهميت جا رستا گذرن ٿا.

ايم-8 موٽر وي گوادر، خضدار ۽ بلوچستان کي رتوديرو سان ڳنڍيندڙ قومي رستو آهي ۽ ضلعي جي شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان واري حصي مان گذري ٿو. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي نيٽ ورڪ موجب ايم-8 جو گوادر–هوشاب–آواران–خضدار–رتوديرو وارو رستو 892 ڪلوميٽر ڊگهو آهي.[17]

اين-455 قومي شاهراهه لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شهدادڪوٽ کي ڳنڍي ٿي، جڏهن ته اين-255 لاڙڪاڻي کي نصيرآباد سان ملائي ٿي.[17]

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ هڪ شاهراهه ڀرسان پيٽرول پمپ.

پوليس ۽ امن امان

[سنواريو]

قمبر شهدادڪوٽ پوليس ضلعو مختلف پوليس سب ڊويزنن ۽ ٿاڻن ۾ ورهايل آهي. سنڌ پوليس جي موجوده سرڪاري رڪارڊ ۾ قمبر سٽي، ميرو خان، سجاول، کبڙ، بهرام، ڊرگهه، پکو ۽ ٻين پوليس اسٽيشنن جا نالا درج آهن.[18]

ضلعي پوليس جو مرڪزي آفيس قمبر شهر ۾ واقع آهي.[18]

عدالتي نظام

[سنواريو]

قمبر شهدادڪوٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاڙڪاڻي سرڪٽ جي عدالتي دائري ۾ اچي ٿو. ضلعي سطح تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، سينئر سول جج ۽ جوڊيشل ماجسٽريٽ عدالتون ڪم ڪن ٿيون.

قمبر ضلعي جو انتظامي ۽ عدالتي صدرمقام هجڻ سبب ضلعي سطح جون اهم عدالتون ۽ سرڪاري آفيسون اتي مرڪوز آهن.

سياسي ورهاست

[سنواريو]

2023ع جي نئين حدبنديءَ کان پوءِ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي کي قومي اسيمبليءَ جون ٻه ۽ سنڌ اسيمبليءَ جون چار عام سيٽون مليون.[19]

قومي اسيمبلي

[سنواريو]
قومي اسيمبلي جا تڪ
تڪ نالو
اين اي-196 (قمبر شهدادڪوٽ-1) قمبر شهدادڪوٽ-1
اين اي-197 (قمبر شهدادڪوٽ-2) قمبر شهدادڪوٽ-2

اين اي-196 ۾ قبو سعيد خان، شهدادڪوٽ، سجاول جوڻيجو، ميرو خان ۽ قمبر تعلقي جا ڪجهه حصا شامل آهن؛ اين اي-197 ۾ نصيرآباد، وارهه ۽ قمبر تعلقي جا باقي حصا شامل آهن.[19]

سنڌ اسيمبلي

[سنواريو]
سنڌ اسيمبلي جا تڪ
تڪ نالو
پي ايس-14 (قمبر شهدادڪوٽ-1) قمبر شهدادڪوٽ-1
پي ايس-15 (قمبر شهدادڪوٽ-2) قمبر شهدادڪوٽ-2
پي ايس-16 (قمبر شهدادڪوٽ-3) قمبر شهدادڪوٽ-3
پي ايس-17 (قمبر شهدادڪوٽ-4) قمبر شهدادڪوٽ-4

2024ع جي عام چونڊن کان پوءِ ضلعي جي ٻنهي قومي ۽ چئن صوبائي عام سيٽن تي پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل اميدوار چونڊيا ويا؛ اين اي-196 تي بعد ۾ ٿيل ضمني چونڊ ۾ پڻ پيپلز پارٽي جو اميدوار ڪامياب ٿيو.[20]

ثقافت

[سنواريو]

قمبر شهدادڪوٽ جي ثقافت بنيادي طور سنڌي ڳوٺاڻي سماج سان لاڳاپيل آهي. اجرڪ، سنڌي ٽوپي، لوڪ موسيقي، شاعري، صوفي درگاهون، عرس، ميلا ۽ روايتي مهمان نوازي ثقافتي زندگيءَ جا اهم حصا آهن.

سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ سنڌي ۽ براهوي ثقافتي روايتون پاڻ ۾ ملن ٿيون، جنهن جو اثر لباس، لهجن، موسيقي ۽ قبيلائي سماجي ڍانچي ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

شهدادڪوٽ ۾ حڪيم علي شاهه پٽ واري جي درگاهه.

آثار، فن ۽ ورثو

[سنواريو]

ضلعي ۾ ڪلهوڙا، ٽالپر ۽ پوءِ واري دور سان لاڳاپيل قبرستان، مقبرا، درگاهون ۽ پراڻيون وسنديون موجود آهن.

صوبدار جمالي جي مقبري ۾ ليلا مجنون جي ڀت تي ٺهيل تاريخي تصوير؛ مقبرو 2010ع ۾ ڊهي پيو.

ضلعي سان لاڳاپيل تاريخي قبرن ۽ مقبرن ۾ سنڌي مقامي فن، ڪاشي، ڀتين تي تصويرڪاري ۽ روايتي گنبذي اڏاوت جا مثال ملن ٿا.

مشهور شخصيتون

[سنواريو]

قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سان لاڳاپيل اهم سياسي، علمي، ادبي ۽ مذهبي شخصيتن ۾ هي شامل آهن:

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 "آدمشماري 2023ع: ايراضي، آبادي، جنس، آباديءَ جي گهاٽائي ۽ شهري آبادي" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 3 4 5 6 "قمبر شهدادڪوٽ: ٻن صوبن جي وچ واري پٽي". ڊان. 4 May 2021. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  3. 1 2 "آدمشماري 2023ع: مادري ٻولي موجب آبادي" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  4. 1 2 3 "قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي قيام ۽ تاريخ بابت ضلعي جائزو". سنڌ ائٽلس. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  5. "شهدادڪوٽ کي ضلعي جو درجو ڏيڻ لاءِ تحريڪ جاري". ڊان. 25 March 2019. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  6. پنهور, ايم ايڇ (2004). تصوير سنڌ. سنڌي ادبي بورڊ.
  7. 1 2 "2022ع جي ٻوڏ کان سخت متاثر قمبر شهدادڪوٽ کي پاڻيءَ جي کوٽ جو خطرو". ڊان. 24 June 2023. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  8. "سنڌ ۾ ٻوڏ کان پوءِ ڪميونٽي ضرورتن جي سڃاڻپ، 2023ع" (PDF). بين الاقوامي لڏپلاڻ وارو ادارو. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  9. 1 2 "آدمشماري 2023ع: خواندگي، داخلا ۽ اسڪول کان ٻاهر آبادي" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  10. "1951ع کان 1998ع تائين انتظامي يونٽن موجب آبادي" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
  11. "آدمشماري 2023ع: گهرن ۽ رهائش بابت ضلعي انگ" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  12. "آدمشماري 2023ع: عمر موجب آبادي" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  13. 1 2 "آدمشماري 2023ع: مذهب موجب آبادي" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  14. 1 2 "سالياني اسڪول آدمشماري 2023–24ع: قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو پروفائيل" (PDF). سنڌ اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي کاتو. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  15. "شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائل مل جي زوال بابت رپورٽ". ڊان. 14 January 2002. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  16. 1 2 3 "مزاراڻي گئس فيلڊ". پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  17. 1 2 "پاڪستان جي قومي شاهراهن ۽ موٽر ويز جو نيٽ ورڪ" (PDF). نيشنل هاءِ وي اٿارٽي. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  18. 1 2 "قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون پوليس اسٽيشنون". سنڌ پوليس. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  19. 1 2 "قومي اسيمبليءَ جي تڪن جي آخري حدبندي 2023ع" (PDF). اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  20. "قومي اسيمبليءَ ۾ سياسي جماعتن جي پوزيشن ۽ چونڊيل ميمبر" (PDF). اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان. 12 September 2026 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]