ڄام تماچي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام تماچي
رڪن الدين
سنڌ جو سلطان ڄام توڳاچي سان شراڪت ۾
1367 کان 1379[1](زياده مناسب لڳندڙ)
1368 کان 1370(پھريون دور)۽ 1388 کان 1392تائين (ٻيون دؤر)[2]
پيشرو ڄام بابينو
جانشين ڄام صلاح الدين
جنت السنڌ مطابق:ڄام بابينو انڙ
ريجنٽ سلطان فيروز شاھ تغلق، دھلي
نسل ڄام صلاح الدين
پورو نالو
ڄام تماچي
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاھي
پيءُ ڄام انڙ فيروزالدين
لاڏاڻو 1392
تدفين ڪينجھر ڌنڌ ۾ ٽڪري تي
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام تماچي (Jjaam Tamaachi) سنڌ جو نامور حڪمران، رڪن الدين شاهه جي لقب سان 1368ع ۾، پنهنجي سئوٽ خيرالدين ڄام توڳاچيءَ، (جيڪو ڄام جوڻو پھريون جو پٽ ھو[3])، سان گڏ سنڌ جو حڪمران بنيو. ڄام تماچي، ڄام فيروز انڙ (اول) جو پٽ هو. دهلي سـلطـنت جي خلاف پاليسين جي ڪري کيس 1370ع ۾ هٽائي، علاؤالدين ڄام جوڻي کي سنڌ جو نئون حاڪم بنايو ويو ۽ ڄام تماچيءَ کي دهلي بدر ڪيو ويو. دهليءَ ۾ سندس ڀاءُ ڄام بابينو اڳ ۾ ئي شاهي نظرداريءَ هيٺ رهيل هو.[2]ڄام تماچيءَ جي حڪومت جو پهريون دور ٻه سال هليو. ان کان پوءِ 1388ع ۾ فيروز تغلق جي موت سان دهلي سلطنت ڪمزور ٿيڻ لڳي. تڏهن ڄام تماچي ۽ ڄام بابينو دهلي ڇڏي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. ڄام بابينو واٽ تي ئي فوت ٿي ويو.[2]جنت السنڌ جو بيان وري مختلف آهي ان مطابق: ڄام تماچي، جنهن کي فرشته ’ڄام ماني‘ جي نالي سان لکيو آهي، تنهن سلطان فيروز شاه تغلق جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. سنه 762ھ ۾، سلطان فيروز شاه سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر ناڪام ٿي گجرات ڏانهن هليو ويو. مؤرخ سراج عفيف چشم ديد حالات هن ريت بيان ڪري ٿو ته، ڄام تماچي ۽ ڄام بابينه چاليهه هزار پيادن ۽ ويهه هزار سوار فوجن سان فيروز شاهه سان مقابلو ڪيو، آخر فيروز شاه سامان رسد ۽ گاه جي قلت سبب موٽي گجرات ڏانهن هليو ويو. سنه 762ھ (1361ع) ۾ گجرات کان موٽڻ کان پوءِ طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو. شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، سنڌ جي ولايت پنهنجي خاص مريد سيد جلال بخاري اُچ شريف واري کي مرحمت ڪئي هئي. سيد جلال بخاريءَ جو زمانو سنه 707ھ کان 800ھ تائين هو. سومرا ۽ سما سندس عقيدتمند هئا. ڄام تماچي ۽ ڄام بابينه پنهنجو قاصد اُچ ڏانهن روانيو ڪيو. سيد جلال بخاريءَ جو پوٽو سيد جلال الدين حسين بخاري ساموئي پهتو ۽ سيد جلال الدين جي معرفت صلح جا شرط فيصلو ٿيا. [4][5]

حڪومت[سنواريو]

سنڌ جا ماڻهو ڄام جوڻي مان اڳ ئي بيزار هئا. جڏهن ڄام تماچيءَ کيبرن وٽان لنگهيو، ته درويش نوح هوٿياڻيءَ هي شعر چيو[2]:
جوڻو وڃي جهوريءَ ماريو،
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.
ان ڏس ۾ ٻيو به هڪ بيت تاريخن ۾ رقم آهي:
جوڻو مت اوڻو، آءُ تماچي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه پئي، تو سين ٺٽو راءُ.

نيڪنامي[سنواريو]

تاريخ مان اها خبر ٿي پوي ته ڄام جوڻي جو ڪهڙو حشر ٿيو، البت ٺٽي جي عوام ڄام تماچيءَ جو زبردست استقبال ڪيو ۽ ائين 1388ع ۾ ڄام تماچي ٻيو ڀيرو سنڌ جو سلطان بنجي ويٺو. پاڙيسيري ملڪ ۾ آيل سياسي تبديلين جي ڪري سنڌ ملڪ هاڻي مڪمل آزاد هو. هن دور ۾ سنڌ جي اوڀر ۾ رياست ’گجرات‘ به آزادي حاصل ڪري ورتي هئي. سلطنت هند جي نائب ظفر خان گجرات ۾ آزادي حاصل ڪرڻ سان گڏ خانداني بادشاهت جو بنياد رکيو، جنهن کي تاريخن ۾ ’مظفرشاهي‘ سلطنت سڏجي ٿو. اڳتي هلي ڄامن سمن ۽ گجرات جي حاڪمن ۾ سٺا تعلقات قائم ٿيا ۽ ٻنهي شاهي خاندانن ۾ مٽيون مائٽيون به ٿيون. ان ريت سنڌ ۽ گجرات جا سياسي، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا.[2]

نوريءَ سان نينهن[سنواريو]

روايتن موجب ڄام تماچي فراغت واري وقت ۾ شيل شڪار به ڪندو هو. اهڙي ئي هڪ موقعي تي هن ڪينجهر ڍنڍ تي نوري مهاڻي ڏٺي، اُن جي حسن تي موهت ٿيو، پوءِ اُن سان شادي ڪيائين. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن نوري ۽ ڄام جي محبت کي خوب ڳايو آهي. شاهه لطيف جي پيشرو شاعر ميين شاه عنايت جو هڪ شعر آهي:
ماڻهـو چونِ مـي، آنءُ آهـيـڙيـاڻـي آهيان،
ٿـوري جي ٿـرن جا، مون کان چڱا سي،
ڄام تماچي جـي، نـظــرَ نـوازِي آهـيـان.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي:
ٿِئا تماچي ڄامِ سين، مهاڻا محروم،
ننڍِي وڏِي گندريءَ، مٿي ماڙِي ڌومَ،
جي ڪينجهر، جي روم، سي سڀ اِنعامي ٿِئا.
[2]

شاه جي رسالي ۾[سنواريو]

ڄام تماچي ۽ نوريءَ جو قصو، سنڌ جي رومانوي داستانن مان هڪ اهم داستان آهي. ’شاهه جي رسالي‘ جو ’سُر ڪاموڏ‘ هن داستان جو عڪس آهي. ڪينجهر ڍنڍ جي ڀرسان ڄام تماچيءَ جي ماڙيءَ جا آثار موجود آهن. ڄام تماچي صلح پسند ۽ عوام دوست حاڪم هو. هن ڪينجهر جي مهاڻن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا ۽ مٿانئن محصول معاف ڪيو. 1392ع ۾ آزاد ۽ خوشحال سنڌ واري دور ۾ وفات ڪئي. بعد ۾ سندس پٽ ڄام صلاح الدين سنڌ جو نئون سلطان بڻيو.[2]

شاهه لطيف نوريءَ کي ’ماڱر‘ سڏيو آهي[سنواريو]

سنڌ جو حاڪم ڄام تماچي سمي گهراڻي مان هو، سو نوريءَ نالي هڪ مهاڻي، ذات جي گندري پرڻيو هو. مٿئين بيت ۾ شاهه لطيف نوري مهاڻيءَ کي ’ماڱر‘ (Maangnar) سڏيو آهي. اهي ماڱر ذات جا مهاڻا ڪنجهر ڍنڍ ڏي هئا، جا هيلايا، تعلقي ٺٽي ۾ آهي. ان وقت سمن جي گاديءَ جو هنڌ ’ساموئي‘ هو، جو اڄ هڪ ننڍڙو ڳوٺ ٺٽي کان ڏيڍ ڪوهه پري مڪلي ٽڪريءَ جي اتر طرف، بنهه ڇيڙي تي آهي، ڄام تماچيءَ ۽ نوريءَ جون تربتون اڄ تائين اتي آهن. اڳي درياء اتان وهندو هو. ان وقت ٺٽي جو شهر اڃا ڪو نه وسيو هو ۽ سجاول وارو پاسو سنڌونديءَ جي پاڻيءَ هيٺ ٻڏو پيو هوندو هو. انهيءَ سموري اراضيءَ ۾ ماڱر ذات جا مهاڻا رهندا هئا، جي ماڻهن کي اتان پتڻ لنگهائي پار ڪندا هئا. سجاول پاسي ’ماڱر‘ بدران عام طرح چون ’ماڃر‘ يعني ’ڱ‘ کي مٽي ’ڃ‘ ڪيو اٿن، نه ته لفظ ساڳيوئي آهي ۽ دراوڙي بنياد جو آهي. بنيادي معنا اٿس ڄار رکندڙ يعني مهاڻو. اهي ماڃر يا ماڱر ذات وارا هن پاسي ايترا گهڻا هئا، جو اڄ به سڄو سجاول وارو پاسو سندن نالي پٺيان ’ماڃر‘ سڏجي ٿو. سجاول ۾ ’ماڃر‘ نالي هڪ ڍنڍ به آهي. انهن آڳاٽن مهاڻن جو اولاد اڄ تائين سجاول طرف جنهن ڳوٺ ۾ رهي ٿو، سو ڳوٺ به سندن نالي پٺيان ’ماڃر‘ سڏجي ٿو. [6]

تحفته الڪرام جو بيان[سنواريو]

ڄام جوڻي کان پوءِ،”ڄام تماچي”بن ڄام انڙ حڪومت جي تخت تي ويٺو. سلطان (علاؤالدين) جو لشڪر کيس اهل عيال سميت قيد ڪري، دهليءَ وٺي ويو[7]. ڪتاب جي حاشيي ۾ وضاحت ٿيل آهي تہ تحفته الڪرام جو اھو بيان حقيقت جي برعڪس لڳي ٿو:ڇاڪاڻ ته سلطان علاؤالدين سنہ 715 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ ڄام تماچيءَ جي حڪومت غالباً سنہ 750 هجريءَ کان شروع ٿي هوندي.[7]

حوالا[سنواريو]

  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  3. {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  4. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  5. تاريخ فيروز شاهي: سراج عفيف، ص، 240-241، ڪلڪتو.
  6. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ
  7. 7.0 7.1 ڪتاب جو نالو ؛ تحفة الڪرام :مصنف؛ مير علي شير قانع ٺٽوي : مرتب؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مترجم؛ مخدوم امير احمد: ايڊيشن؛ پهريون 1975، ٻيو 1978ع، ٽيون 1989ع، چوٿون 1994ع، پنجون 2004ع: ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو