مواد ڏانھن هلو

نوشهرو فيروز ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نوشهروفيروز
ضلعو
ضلعه نوشھروفيروز
نوشھروفيروز ضلعو ۽ ان جا تعلقا
نوشھروفيروز ضلعو ۽ ان جا تعلقا
نوشهروفيروز is located in سنڌ
نوشهروفيروز
نوشهروفيروز
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
نوشهروفيروز is located in Pakistan
نوشهروفيروز
نوشهروفيروز
نوشهروفيروز (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 26°50′N 68°07′E / 26.833°N 68.117°E / 26.833; 68.117
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن شھيد بينظيرآباد ڊويزن
تعلقا 5

نوشهرو فيروز ضلعو پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو گاديءَ جو هنڌ نوشهرو فيروز شهر آهي.

تاريخ

[سنواريو]

موجوده نوشھروفيروز ضلعو برٽش انڊيا دور کان وٺي حيدرآباد ضلعي ۾ واقع ھيو جيڪو بعد نوابشاھ ضلعي جو حصو ٿيو. 1990 م ان کي نوابشاھ کان ڌار ڪري ضلعي حيثيت ڏني وئي[1]۔. چچنامي جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھن ريت بيان ڪيو آھي : ”محمد بن قاسم ساوندري يعني ساوڙي (چچنامي ۾ سائوندي لکيل آھي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو ـ جيئن ته محمد بن قاسم اروڙ طرف وڃي رھيو ھو، تنھنڪري بھراور جي تلاش ساوڙيءَ کان اُتر طرف ڪرڻ گھرجي ـ ھن کان اڳ ڏٺو ويو آھي ته محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڏانھن ايندي ”جلوالي“ جي ڍوري تي اچي منزل انداز ٿيو ھو ۽ ساوندڙيءَ ۾ به وڪر بھار جي ڍنڍ تي اچي لٿو ـ انھيءَ مان گمان نڪري ٿو ته پاڻيءَ جي سھولت جي لحاظ کان محمد بن قاسم جي فوج اڪثر درياءَ جي ڦاٽن جو ڪنارو وٺي پئي ھلي ـ تنھنڪري قرين قياس آھي ته محمد بن قاسم ساوندڙي ڇڏڻ کانپوءِ مھراڻ جي ڪنھن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اُتر طرف ڪُوچ ڪيو ھجي ـ انھيءَ قديم ڍوري جا نشان ھن ساوڙيءَ کان اُتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي وانءِ، چيھي جي اولھه طرف ڀريا ۽ ھالاڻي بھلاڻيءَ وٽان اڃان تائين ظاھر بيٺا آھن ـ“[1] بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو : ”انھيءَ قديم ڍوري جي رُخ ۽ رستي جي لحاظ سان بھراور مان ڀريا ۽ بھلاڻي جو گمان نڪري ٿو ـ بھلاڻي ڪافي پراڻي بستي آھي ۽ جيئن ھالاڻي (ھالا قوم جي بستي) تي ھالا قوم جي پويان نالو پيل آھي، تيئن ممڪن آھي ته بھلاڻي (ڀلاڻي، ڀراڻي، ڀرياڻي) تي به ڀريا قوم جي پويان اھو نالو پيل ھجي ـ انھيءَ گمان موجب بھلاڻي توڙي ڀريا ، اھي ٻئي نالا ڀريا قوم جي بستين پويان پيل ٿا ڀائنجن ـ ڀريا قوم به سھتن ۽ لاکن وانگر شايد سنڌ جي آڳاٽي قوم ھئي ـ ٿي سگھي ٿو ته بھراور (ڀراور _ ڀريا) ڀريا قوم جي ڏاکڻي بستي ھجي جيڪا موجوده ڀريا شھر جي آسپاس ھئي ـ “[1]

تعلقا

[سنواريو]

هن ضلعي ۾ پنج تعلقا آهن.

  1. نوشھرو فيروز تعلقو
  2. ڪنڊيارو تعلقو
  3. ڀريا تعلقو
  4. مورو تعلقو
  5. محراب پور تعلقو

يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]


نوشھرو فيروز ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[2]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1محبت ديرو سيال2ڪوڙو خشڪ3شيخاڻي
4موريا5ڄام نورالله6گھانگھرا
7ڪنڍڙ8غلام شاھ9[[]]
10[[]]11سومر چنڙ12ڪمال ڏيرو
13[[]]14[[]]15[[]]
16جيئندو راجپوت17ميھار حاجي18لاکا روڊ
19سعيد پور20نئون آباد21ھوت خان جلباڻي
22ڊالي23راجو ڪيريو24دريا خان جلباڻي
25چاھين26بيلا واھ27غير گاجو
28خاني قاسم29خاني ميمڻ30ڪوٽ بھادر
31[[]]32[[]]33داليپوٽا
34[[]]35دانگيجا36 چيھو
37ڀنڀري38چناري39مسرور جي واھ
40ويسر، نوشھروفيروز41ڦل42نورپور
43وڳڻ44ابران45ڪور حسن
46سرھال47ڀرنڊ48ٺاٺ
49ڪينچي جاگير50ڪاھر واھ51لنڊڪي
52ڪيھڪٽ53خالصو54پراڻو ڳچيرو
55ليلئا56فتو بلال57درس
58ڪوٽ ستابو59مناھين60صالح پور
61جتوئي62دلو شاھ63ڏيپارجا
64ليٺ----

درگاهون

[سنواريو]

هن ضلعي ۾ هيٺيون مشهور درگاهون موجود آهن.

  1. درگاهه الله آباد شريف، ڪنڊيارو

مشھور شخصيتون

[سنواريو]

هتي جو مشهور شخصيتون هيٺيون آهن

  1. جلال چانڊيو
  2. غلام مرتضي جتوئي
  3. غلام مصطفي جتوئي
  4. راشد مورائي
  5. سڄڻ سائين
  6. سيد الھندو شاھ
  7. حافظ غلام قادر ڀٽو

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 [ بَھراوَر کان ڀِريا تائين تاريخ جو سفر:ڪاوش اخبار 29 جولاءِ 2018ع، پھرين قسط، ڪالم نويس: نصير اعجاز]
  2. [ https://www.politicpk.com/naushehro-feroz-district-uc-list-mna-mpa-seats-%d9%86%d9%88%d8%b4%db%81%d8%b1%d9%88%d9%81%db%8c%d8%b1%d9%88%d8%b2-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%da%a9%db%8c-%db%8c%d9%88%d9%86%db%8c%d9%86-%da%a9%d9%88%d9%86/] نوشھرو فيروز، پوليٽيڪو. ڪام