راء سھارس ٻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
راء سھارس ٻيون
سنڌ جو راجا
سن کان 626 تائين[1]
پيشروراء سھاسي پھريون
جانشينراء سھاسي ٻيون
مڪمل نالو
راجا سھارس راء ٻيون
خاندانراء
شاھي خاندانراء گھراڻو
والدراء سھاسي پھريون

راجا سھارس راء ٻيون: سنڌ ۾ راء گھراڻي جو چوٿون بادشاھ جنھن سنڌ تي 626 تائين حڪومت ڪئي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

فتحنامي مطابق راءِ سھارس جو موت ھيٺ ڄاڻايل حالتن ۾ ٿيو: ”سھارس راءِ ولد سھاسي راءِ جنھن جي حڪومت جون الھندي واريون سرحدون ڪُرد جبلن ۽ قيقا نان (قلات ۽ مڪران) تائين وسيع ھيون، تنھن پنھنجي گاديءَ وارو ھنڌ اَروڙ ۾ نھايت ڪاميابي نموني بدستور حڪومت ٿي ھلائي. جڏھن اوچتو ئي اوچتو فارس طرف کان نيمروز جي بادشاه جي فوج اچي ڪرمان ۾ وارد ٿيو ۽ سھارس کي اھا خبر پھتي تھ ھن پاڻ پنھنجي سر پيشقدمي ڪري حملہ آور فوج سان سخت جنگ جوٽي، جنھن ۾ ٻنھي طرفن جا ڪئي جنگي جوڌا ڪسجي ويا. ان بعد ايرانين سخت حملو شروع ڪري ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ سھارس جي فوج گھيري ۾ اچي ويئي. پنھنجي مان شان ۽ عزت برقرار رکڻ خاطر سھارس پنھنجا قدم مضبوط کُپائي اَڏول ٿي بيھي لڙيو ۽ ان وقت تائين خونخوار جنگ ڪندو رھيو، جيستائين پاڻ قتل ٿي ويو. ان بعد ايرانين جو بادشاه نيمروز واپس ٿيو (پنھنجي وطن ڏانھن). راءِ سھاسي، سھارس جو پٽ، بعد ۾ پنھنجي پيءُ واري راج گديءَ تي ويٺو ۽ پنھنجي ملڪ جو طاقتور حاڪم ثابت ٿيو.“[2]راءِ خاندان جو پهريون راجا راءِ ديوائج هيو پر جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم مديني پاڪ ڏانهن هجرت ڪئي ته ان وقت سنڌ ۾ راءِ سيهرس ٻئي جي حڪومت هئي ۽ ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ الور (اروڙ) شهر هو. تاريخدانن مطابق هن شهر ۾ عاليشان ماڙيون، باغ باغيچا، آباد زمينون ۽ وڻ ٽڻ هئا. جنهن سان شهر پر رونق هو. راجا سيهرس وڏو ناڻي وارو ۽ نيڪ انسان هو. سندس سخاوت، انصاف ۽ انسان پروري ڪري رعيت ڏاڍي رغبت ۽ محبت رکندي هيس
[3] راجا سهارس جي حڪومت جون حدون:
راجا سهارس جي ملڪ جون حدون تمام وسيع هيون، اوڀر ۾ ڪشمير، اولهه ۾ مڪران، ڏکڻ ۾ محيط درياءَ کان ويندي سمنڊ تائين ۽ اتر ۾ ڪردان جبل ۽ ڪيڪا نان تائين ڦهليل هيون.
سهارس جا صوبا:
راجا سهارس پنهنجي ملڪ سنڌ کي چئن صوبن ۾ ورهائي ڪري چار صوبيدار مقرر ڪري ڇڏياهئا. ذڪر ڪيل صوبا هيٺيان هئا.
1. برهمڻ آباد: ان صوبي ۾ نيرون ڪوٽ، ديبل، لوهاڻا، لاک ۽ سما ضلعا شامل هئا.
2. سيوستان: جنهن ۾ ٻوڌيا (ٻڌ پور) جنڪان (جمنڪان) رونجهان (روجيان) ۽ پايا جبل کان وٺي مڪران جي سرحد تائين وارو علائقو شامل هو.
3. اسڪلنده: ڀاٽيا، تلواڙو، چچپور ۽ ديوهپور جي ڪجهه زمين شامل هئي.
4. ملتان: ملتان جي ماتحت سڪا، برهمپور، ڪرور، اشهار ۽ تاڪيا کان وٺي ڪشمير جي حد تائين جا علائقا هئا. ۽ صوبي جي سرحد ڪشمير سان وڃي ملندي هئي.
مٿين صوبن جا الڳ الڳ گورنر مقرر هئا، جيڪي صوبي جو انتظام هلائيندا هئا ۽ راجا طرفان انهن کي ملڪ جي حفاظت ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ خاص هدايتون ڏنل هونديون هيون. راجا پاڻ الور ۾ رهندو هو ۽ ڪردارن. ڪيڪانان ۽ برهاس شهر سندس نگراني هيٺ هو. راجا سهارس جي اعليٰ انتظامي صلاحيتن ڪري گهڻي عرصي تائين ڪنهن به بغاوت ڪر نه کنيو.
[4]تاريخ معصومي مطابق:الور مهراڻ نديءَ جي ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون،مضبوط محلاتون، ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهرت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي، انهيءَ طرف جي ملڪ ۽ شهرن جو مالڪ مختار ۽ صاحب اقتدار سيهرس راءِ بن ساهي هو، جيئن ته سيهرس راءِ نيڪوڪار ۽ عدالت پسند هو، ۽ عام خلق جون گردنون سندس قسمين قسمين مهربانين ۽ طرحين طرحين احسانن جي بار هيٺان سدائين جهڪيل هونديون هيون، تنهن ڪري عام ۽ خاص ماڻهن جا ٽولاسندس فرمانبرداري دل و جان سان ڪندا آهن، ۽ سندس ملڪ جون حدون اڀرندي طرف کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي طرفن کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر جو هاڻي لاهري بندر جي نالي سان مشهور آهي، ڏکڻ کان سورت بندر ۽ ديو بندر ۽ اتر طرف کان قنڌار، سيستان، ڪوهه سليمان، ڪردان ۽ ڪي ڪنان جي حسردن تائين هيون. هن ملڪ کي چئن حصن ۾ ورهائي، هر هڪ حصو هڪڙي حاڪم جي سنڀال هيٺ ڏيئي الور جي شهر کي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو، ۽ گهڻو زمانو عيش ۽ آرام ۾ گذاريائين، سندس ملڪ ۾ ڪنهن به امير خواه رعيتيءَ سرڪشي ڪانه ڪئي، سڀئي نهايت فرمانبرداري ڪندا رهيا.[5]هن راجا پنهنجي بادشاهيءَ کي چئن صوبن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، جن مان هڪ صوبيدار برهمڻ آباد ۾ رهندو هو ۽ نيرون ڪوٽ جو قلعو، ديبل، لوهاڻا، لاکا ۽ سمان پرڳڻا سندس حصو هئا. ٻئي صوبيدار جو ماڳ سيوهڻ هو، جنهن جي هٿ هيٺ شهرٻڌاپور، جهنڪاڻ، ڪوهستان، روجهاڻ ۽ مڪران جي حدن تائين علائقو هو، ٽيون صوبيدار اسڪلنديءَ جي قلعي ۽ پابيا ۾ رهندو هو. جيڪو تلواريا ۽ چچ جي قلعن نالي مشهور هو. ٻودهه جي ڀرپاسي جي ايراضي هن صوبيدار جي هٿ هيٺ هئي. چوٿين صوبيدار جو قيام ملتان ۾ هو ۽ سڪا، برهمپور، ڪرور، اشهار، کنڀ سندس هٿ هيٺ هئا. ۽ سندس علائقو ڪشمير جي سرحد تائين هو. خود راجا جو مرڪزي شهر اروڙ هو ۽ ڪيروان، قيقانان ۽ نيراس جا شهر پنهنجي نگرانيءَ ۾ رکيائين. پنهنجي شهزادن کي ويڙهه جي فن کان چڱي طرح واقف ڪيائين. ويڙهه لاءِ کين هر وقت تيار رکندو هو ۽ هر قسم جو جنگي سامان، هٿيار ۽ گهوڙا انهن لاءِ تيار هوندا هئا. ڪوشش ڪندو هو ته ديسي ڪاهن ۾ پٽ سکيا خاطر سدائين ۽ ضرور گڏ هجن. کين تاڪيد ڪندو هو ته رعيت کي خوش رکن. ۽ هر هنڌ عاليشان عمارتون ٺهرائيندو هو. بادشاهت ۾ فتني باز ۽ باغي ماڻهو نه هئا، جو جهڳڙا پيدا ٿين ۽ رعيت جي امن امان ۾ خلل پوي، ۽ اهو امن امان ڳچ عرصي کان قائم رهندو آيو هو[6].

ايرانين جو حملو[سنواريو]

اوچتو نيمروز جي بادشاه ڪرمان جي رستي اچي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ سنڌ جي ماتحت ڪيچ مڪران ۾ لٽ مار شروع ڪيائين. اروڙ ۾ جڏهن راجا سيهرس کي ان جي خبر پئي ته وڏي لشڪر کي ساڻ ڪري اچي نيمروز جي مقابلي لاءِ پهتو پر قسمت سندس ساٿ نه ڏنو ۽ سيهرس ٻيو مارجي ويو. تاريخ معصومي مطابق سيهرس وڏي دليري سان وڙهي رهيو هو پر اوچتو هڪ تير اچي ڀرسان پيل گاهه ۾ ڪريو ۽ ان کي باهه لڳي ويئي، جنهن ۾ راجا سڙي رک ٿي ويو ۽ نيمروز جي لشڪر مڪران وارن سان خوب ويڌن ڪئي. هيڏانهن جڏهن سنڌي سپاهين کي خبر پئي ته سڀئي ڀڄي وڃي الور پهتا اميرن وزيرن سيهرس جي مرڻ کان پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪري سندس پٽ سهاسي کي گاديءَ تي ويهاريو. وڏو جشن ٿيو ۽ موتي مڻيا راجا مٿان گهوريا ويا. هاڻي بلوچستان ۽ مڪران سنڌ جي قبضي مان نڪري ايرانين جي هٿ چڙهي ويو.[7] صبح کان وٺي منجهند تائين لڙائي ۽ ڌڪا ڌڪي هلي، نيٺ نيمروز جو بادشاهه سنڌ جي حاڪم تي غالب پيو، ۽ انهيءَ کي ڀڄائي ڪيائين، ڀڄڻ واري وقت ۾ هڪ تير سيهرس جي نڙيءَ ۾ لڳو . نيمروز جو لشڪر اڌ رات تائين سيهرس جي لشڪر کي لٽي موٽي ويو. ٻئي ڏينهن سنڌ جا سپاهي جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گڏ ٿي الور جي تختگاهه ڏانهن روانا ٿيا[5].“ ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ته :نمروز نالو سَجستان کي ڏنل آهي- روايتي طور اهو علائقو ڪيخسرو طرفان عظيم رستم کي سندس گذاري لاءِ عطا ڪيو ويو هو، جنهن کي ايران جي تاريخ ۾ مڪران[8] جو فاتح سڏيو ويو آهي- ۽ ان جو ”بادشاهه“ جو ايراني شهنشاهت جو ڪو ماتحت حڪمران هوندو، جنهن پنهنجي خودمختياريءَ اعلان ڪيو هو. اها ڳالهه پهرينءَ ئي نظر ۾ هيءُ خيال پيدا ڪري ٿي ته اهو واقعو يا ته ”هورمزد چوٿين، يا اٽڪل سنه 579ع ۽ 592ع جي وچ ڌاري خسرو پرويز جي بادشاهيءَ جي اوائلي حصي جي دوران ٿيو هو. ايران کي انهيءَ عرصي ۾ خارجي جنگين ۽ داخلي طور بهرام چُوبِن جي بغاوت کي منهن ڏيڻو هو، جنهن نيٺ سنه 591ع ۾ سچ پچ تخت تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي وقت ۾ سيستان صوبي جي هڪ باغي گورنر لاءِ اها فطري ڳالهه هئي ته هو سرحد سان لڳ مڪران صوبي تي، جيڪو پڻ شاهه جي گرفت کان ترڪي نڪتو هو، قبضي ڪرڻ ذريعي، پنهنجي اقتدار ۽ نئين حاصل ڪيل طاقت کي مستحڪم ڪرڻ جو اهو موقعو غنيمت ڄاڻي، ان مان پورو پورو فائدو وٺي. اها ڳالهه سهرس لاءِ پڻ قدرتي ڳالهه هئي ته هو پاڻ، جيڪو هڪ مغرور ۽ جنگجو شخصيت جو مالڪ هو، انهيءَ انعام کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ به ڪوشش ڪري.[9].سنڌ جي حڪمران گهراڻي جي شان ۽ وقار ۾، بهرحال، هن شڪست جي نتيجي ۾ ڪا ڪمي نه ٿي آيل معلوم ٿئي، ۽ سهاسي پنهنجي پيءُ جي ڇڏيل ساڳيءَ ۽ سڄيءَ ساريءَ بادشاهيءَ جو جائنشين بڻيو. ”تحفته الڪرام“ جي مطابق، ”سهرس جو لشڪر هڪ هنڌ اچي هڪ منظم فوج وانگر جمع ٿيو ۽ انهن سندس پٽ سهاسيءَ کي تخت تي ويهاريو[10] .“ سهرس جي انهيءَ مهم بابت ”چچ نامي“ ۾ ڏنل تفصيلن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته هو سنڌ جي فوج جو فقط هڪ حصو ساڻ وٺي، اٻهرائيءَ ۾ اڳتي وڌيو هو، ۽ هن انومان ڪڍڻ لاءِ بنياد آهن ته هن جو پٽ لشڪر جو باقي حصو هن جي پٺڀرائيءَ ۽ مدد لاءِ پٺيان وٺي ويو هو.[9]. ان مان هيءَ حقيقت پڻ واضح ٿي بيهندي ته آخر ڇو ”نمروز جي بادشاهه“ نه فقط پنهنجي فتح کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪو وڌيڪ اقدام نه ڪيو، پر ساڳئي وقت هو اڳتي وڌڻ بدران پنهنجي ملڪ طرف موٽي هليو ويو.[9].

جنت السنڌ جو بيان[سنواريو]

رحيم داد مولائي شيدائي جي ڪتاب جنت السنڌ جي مطابق:

"اسلام جي ڪاهه وقت ٻڌ وارن جو زور ٽٽي ويو هو. مالوه، اُجين، چتور، گجرات، ڪڇ ۽ سنڌ جا راجائون، جن مان ڪي کتري ۽ ڪي برهمڻ هئا، تن جي ٻڌ وارن سان دشمني هئي. سنڌ جي راءِ گهراڻي جي راجائن جي، مسئلي نيمروز متعلق، ايران جي ساساني ڪسرائن سان سياسي ڇڪتاڻ لڳل هئي. راءِ سهارس ثانيءَ جي ڏينهن ۾ نيمروز جي ايراني عامل امڪران تي ڪاهه ڪئي هئي، جنهن ڪري راءِ سهارس ثانيءَ قسطنطنيه جي قيصر سان ايرانين خلاف دوستانو ناتو ڳنڍيو هو. سنه 628ع ۾ قيصر هرقل، ايرانين کي نينويٰ جي معرڪي ۾ شڪست ڏيئي، مدائن جي ديوارين هيٺان پهتو هو. ايرانين جي شڪست جي خوشي ملهائڻ لاءِ قسطنطنيه جي درٻار ۾ وڏو جشن برپا ٿيو هو؛ ان موقعي تي راءِ سهارس جي سفير قيصر کي مبارڪباد پيش ڪئي هئي[11] . نيمروز ۾ جنگين جو سلسلو جاري رهيو، جن ۾ راءِ سهارس ثاني وڙهندي مارجي ويو."

— جنت السنڌ، [12]

موت جو سبب[سنواريو]

ايڇ ٽي لئمبرڪ مطابق صوبن جا گورنر، ڪن حالتن ۾ خود راءِ جا ويجها عزيز هئا؛ انهيءَ سرشتي ۾ هڪ هيءُ نقص آهي ته شاهي نسل جي گورنرن ۽ ماتحت حڪمرانن کي، غير شاهي نسل سان وابسته گورنرن جي ڀيٽ ۾، هڪ ڪمزور بادشاهه مان فائدي وٺڻ ۽ پنهنجي لاءِ آزاديءَ ۽ خود مختياريءَ جي اعلان ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحريص ۽ لالچ ميسر هوندي آهي. اها ئي ڳالهه ايراني شهنشاهت ۾ بار بار واقع ٿيندڙ افراتفريءَ جو سبب هوندي هئي، ۽ تذڪرن مطابق، هڪ ماتحت گورنر جي اهڙيءَ نوعيت جي لالچ ئي راءِ سهرس کي هڪ اهڙي مقابلي ۾ڦاسائي ڇڏيو، جنهن جو نتيجو سندس موت جي صورت ۾ نڪتو [9].

راء گھراڻي جي راجائن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{تاريخي سنڌو سنبت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ{{تاريخي سنڌو سنبت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ}} http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي [http://www.sindhiadabiboard.org/ catalogue /History/Book7/Book_page2.html http://www.sindhiadabiboard.org/ catalogue /History/Book7/Book_page2.html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 33 (مدد); Missing or empty |title= (مدد) }
  4. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  5. 5.0 5.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ مَعصُومي مصنف؛ مير محمد معصوم بکري ايڊيشن؛ ٽيون 2006ع ڇپائيندڙ:سنڌيڪا اڪيڊمي
  6. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  7. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي سانچو:Http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book page2.html }
  8. فردوسي، ”شاهنامه“، ترجمو وارنر، ج IV، ص 3-241، 297.
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  10. جي-اي-ايس-بي XVI، ص 79.
  11. ) E. Gibbon:The decline & fall of the Roman Empire, vol-VIII, P-257.
  12. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، باب ٻيون، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي