اجرڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
اجرڪ

اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻ ۽ سوکڙي آھي. ھي ھڪ خوبصورت سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام خوبصورت ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال قديم زماني کان ٿيندو اچي. موئن جي دڙي مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ قسم آھي جنھن جو ڍنگ ۽ ڊزائين به ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موئن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس بيحد وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو ته پروھت کيس چيو ته ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ به اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو. عربن اجرڪ کي ازرق جي نالي سان سڏيو آھي. ازرق جي معنيٰ آھي نيرو رنگ. اھو به چيو ويندو آھي ته ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن پڻ اجرڪ اوڍيندا ھئا.

موهن جي دڙي مان لڌل مجسمي تي اجرڪ جهڙي گلڪاري ٿيل آهي

اجرڪ جي تياري ۽ ڇرائي سنڌ جو خاص ھنر آھي. ان جي تياري ۾ وڏي محنت ۽ مھارت جي ضرورت آھي. ان جو اندازو انھي مان لڳائي سگھجي ٿو ته اجرڪ چوڏھن مختلف مرحلن مان گذري مڪمل ٿئي ٿي. اجرڪ جي ڇرائي جا وري پنج مختلف مرحلا آھن، ھر مرحلي ۾ مختلف قسم ۽ رنگن جا پور يا ٺپا لڳندا آھن ۽ ھڪ اجرڪ جي مڪمل ٿيڻ تائين اٽڪل پنجويھ سوَ ڀيرا پور يا ٺپا لڳن ٿا. انھيءَ کان سواءِ اجرڪ جي تياري ۾ اٽڪل سورھن مصالحا استعمال ٿين ٿا. ڊيزائن ۽ رنگ جي لحاظ کان اجرڪ جا قسم ڏھن کان مٿي آھن، انھن جا نالا به الڳ الڳ آھن. اجرڪ گھڻو ڪري لاڙ وارن شھرن ۾ ٺھي ٿي جھڙوڪ نصرپور، ٽنڊو محمد خان، کيبر، سيکاٽ، مٽياري، ھالا، ڀٽ شاھ، ماتلي ۽ اتر واري حصي ۾ سکر ۾ اجرڪ ٺھي ٿي. اڳي ٽکڙ ۽ مانجھند ۾ به اجرڪ ٺھندي ھئي پري اھي مرڪز ڪڏھوڪو بند ٿي ويا آھن. رنگن جي لحاظ کان ھڪ اجرڪ جا گھڻو ڪري چار رنگ ٿيندا آھن. اڇو، ڪارو، ڳاڙھو ۽ نيرو. ڪن اجرڪن ۾ نيرو يا ڪارو رنگ نه ھوندو آھي ته اھا اجرڪ ٽن رنگن واري ٿيندي آھي. نيرو ۽ ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ھلڪو ھوندو آھي ته ڪڏھن وري تيز ان ڪري ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ناسي ٿي ويندو آھي. اجرڪ جي زمين يا تر جو رنگ ڳاڙھو يا نيرو ھوندو آھي، ليڪا ۽ چٽ ڪارا ھوندا آھن ۽ ڦلڙيون يعني گلڪاري اڇي ھوندي آھي. سموري اجرڪ ھٿ جي محنت سان تيار ٿيندي آھي.

Ajrak double bed-sheet

موجوده دور ۾ اجرڪ مان ٽايون، شرٽون، اسڪرٽ، پڙا، زنانا چولا ۽ سلوارون وغيره ٺاھيون وڃن ٿيون، ان کان سواءِ درن ۽ درين جا پردا، ڪشن ڪور، وھاڻن جا پوش، ميز پوش به اجرڪ مان ٺاھجن ٿا جيڪي تمام گھڻي سونھن ڪن ٿا.  اجرڪ جي مقبوليت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته اڄڪلھ ڪارخانن ۾ به اجرڪ جي ڊزائين تي ڪپڙن جا تاڪيا تيار ڪيا وڃن ٿا، انھي ۾ ريشمي ۽ سنھو ڪپڙو به اچي وڃي ٿو پر جيڪا سونھن اصل اجرڪ ۾ آھي اھا نقلي اجرڪ ۾ ڪٿي!
اجرڪ، ننڍا توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد پھرين ٿا. اجرڪ ھر موسم ۾ پھري سگھجي ٿي، اھا اونھاري ۾ ٿڌي ۽ سياري ۾ گرم محسوس ٿيندي آھي. سنڌي ماڻھو اجرڪ جو پٽڪو وڏي شان سان ٻڌندا آھن. اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي ھڪ علامت آھي. اجرڪ جيئن مختلف مرحلن مان گذري ٿي ايئن ان جو استعمال به زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ ٿئي ٿو. عام زندگيءَ ۾ ته اجرڪ جو استعمال آھي ئي آھي پر خاص موقعن تي پنھنجي محبت ۽ عقيدت جو سھڻي ۾ سھڻو اظھار، اجرڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪونھي! جڏھن ڪنھن مھمان کي مان ڏيڻو ھوندو آھي ته ان کي اجرڪ اوڍائي ويندي آھي. سنڌ ۾ گھڻو تڻو گھوٽ پنھنجي شاديءَ تي به اجرڪ اوڍيندا آھن. اسان جي زندگيءَ ۾ اجرڪ جي عمل دخل جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته پنھنجي پياري دوست يا عزيز جي مرڻ کان پوءِ ان جي مڙھ تي به اجرڪ وڌي ويندي آھي.

اجرڪ نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقبول آھي پر ان جي مقبوليت سنڌ ۽ پاڪستان جون سرحدون ٽپي ڏيساور ۾ به پھچي چڪي آھي. پرڏيھي دوستن کي ڏيڻ لاءِ اجرڪ کان وڌيڪ بھتر ٻي ڪا به سوکڙي نه آھي.

اجرڪ سازي[سنواريو]

هڪ قسم جي رڱيل ۽ ڇريل، دَٻڪن ۽ چِٽن واري چادر، جيڪا خاص طور سنڌ ۾ -اوڇڻ- طور پائڻ، ڪُلهن تي ڪرڻ، جسم تي ويڙهڻ، -پٽڪي- يا گوڏ ٻڌڻ لاءِ استعمال ٿئي. -اجرڪ- سنڌ جي قديم ثقافتي سڃاڻپ آهي. موهن جي دڙي جا آثار ٻڌائين ٿا ته -ان- وقت به سنڌ ۾ -اجرڪ- جو ڪم ٿيندو هو. دڙي مان لڌل پروهت جي مورتيءَ تي جيڪو گلن جو دوشالو آهي، انهيءَ تي واضح نموني جيڪا ڇُر آهي، اها ’ڪَڪَر واري -اجرڪ-‘ جي ’پور‘ واري آهي، جيڪا ڇُر اڄ به هلندڙ آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پهرين -اجرڪ- تمام گهڻي تعداد ۾ ٺهندي هئي. -ان- وقت ملاڪاتيار، سعيدپور، -تلهار-، ٽنڊي محمد خان، -ٻهڊمي-، -بدين-، خانپور، ٽِکڙ ۽ ڏندي ۾ -اجرڪ- جو ڪم ٿيندو هو. -ٺٽي- ۾ ته اڍائي ٽي سئو کن ڪارخانا هوندا هئا. سجاول، ميرپور بٺوري، مٽياريءَ، سهتن، ڀٽ شاهه، ٽنڊي آدم، ٽنڊي فضل ۽ هوسڙيءَ ۾ اهو ڪم تمام گهڻو ٿيندو هو. هن وقت مٽياري ۽ -ٽنڊو محمد خان- ٻه اهم مرڪز باقي وڃي رهيا آهن. -ان- کان سواءِ ڀٽ شاهه ۽ سهتا ۾ به ڪم ٿئي ٿو. کيبر، سيکاٽ ۽ سعيدپور ۾ به هڪ اڌ ڪارخانو آهي. ماتليءَ ۾ پنج ڪارخانا ڪم ڪن پيا. -ان- کان سواءِ وَسِي ملوڪ شاهه، ڀينڊي شريف، سن، سکر، هالا ۽ -ٺٽي- ۾ به -اجرڪ- سازيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي. مٿين علائقن ۾ -اجرڪ- جي ٻنهين پاسي ڇُر وارو ڪم ٿئي ٿو. هندستان جي علائقن: -بيڪانير-، سوجت، چاڻوت ۽ داليءَ وارن علائقن ۾ به هن وقت -اجرڪ- جو ڪم -جاري- آهي، پر اتي ڪچي رنگ وارو ڪم ٿئي ٿو، جيئن مٺيءَ، ڏيپلي، ڇاڇري، ننگرپارڪر ۽ -ٿر- جي ٻين علائقن ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن وقت ۾ دادو ضلعي جي ’مانجهند‘ شهر ۾ به هڪ پُڙيون اجرڪون ڇُربيون هيون، پر هاڻي اتي اُهو ڪم بنهه ڪونه ٿئي. -اجرڪ- جو ڪم درياهن، ندين ۽ واهن جي ڪنارن ۽ ٿوريءَ سخت هوا وارن علائقن ۾ ٿيندو آهي.

Natural dye products used in ajrak craft

اجرڪ پنهنجي پورن، ٺپن ۽ رنگن سبب مشهور آهي. لطيف سائين ’پور‘ ۽ ڇُر جي اهميت کي هن طرح واضح ڪيو آهي: ’ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور‘. اجرڪ جا پور سوين قسمن جا آهن، -جن- ۾ چڪي، ڇانڀ، ڇلو، عشق پيچ، موتين جڙيو، گُڏڙي، چوداڻ، ڪڪر، مهراڻ، قلمدان، ڪاشي، ونگو، -بادام-، ڏاڙهونءَ گل، جليب، ڊسڪو، فورِاسٽار، نارو، وٽ، هانشو، -ٻري-، کارڪ، مداخل، ٻوٽو، ريال، غاليچو وغيره شامل آهن. هن وقت سنڌ ۾ -اجرڪ- جا هيٺيان وَر هلندڙ آهن: ڪڪر، دٻلي (آڳاٽو ۽ اصل نالو: چَڪي)، -بادام-، حاشيو، ول (ٽي قسم: وڏي ول، پوپٽي وَل ۽ ننڍي ول)، کارڪ، جليب، غاليچو، چوداڻ، گُڏڙي، مداخل، ٻوٽو، ريال، عشق پيچ، مُهر، ڇلو (جنهن جو اصل نالو ’سرڪاري‘ آهي)، ۽ قلمدان. هاڻوڪي دؤر ۾ جيڪي اجرڪون تيار ٿين ٿيون، انهن جا ٻه قسم آهن: هڪ اها -اجرڪ-، جيڪا روايتي انداز ۾ تيار ڪئي وڃي ٿي، جنهن تي ’ڇر‘ جو ڪم ٿيندو آهي ۽ اها مختلف مرحلن مان گذرندي لڳ ڀڳ مهيني کن ۾ تيار ٿئي ٿي. ٻي -اجرڪ-، جيڪا مارڪيٽ ۾ دستياب آهي، اها مشينن تي ٺهندي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ پنج سئو کان هزار جي تعداد ۾ تيار ٿئي ٿي. -اجرڪ- هڪ شيءِ جو نالو ڪونهي، پر اها رڱاوت، جيڪا محنت ۾ ٺهي، -ان- کي اسين ’-اجرڪ-‘ چوندا آهيون، انهيءَ ۾ ٻانڌڻا، -بگ-، ملير، جُهميون، چُنيون، لسا به آهن، جيڪي اجرڪن جا مختلف نمونا آهن. اجرڪ 16 مختلف مرحلن مان گذري تيار ٿيندي آهي. پهرين ڪپڙو ورتو وڃي ٿو، -ان- بعد ڪپڙي جا پنج پنج ميٽر جا ٽڪرا ڦاڙي سوڍا کار ۾ ٻوڙو ڏيئي، کنڀ چاڙهيو ويندو آهي. -ان- بعد ڪپڙي کي لاهي کنڀ کي ڌوتو ويندو آهي. بعد ۾ -ان- ۾ ساجُهه وجهبو آهي. ساجهه ۾ صابڻ، کارو -تيل- ۽ هيرڻ جو -تيل- استعمال ٿيندو آهي. -ان- کان پوءِ ساجهه ڌوئڻ جو مرحلو ايندو آهي. -ان- بعد ’ڪسائيءَ‘ جو مرحلو آهي، جنهن ۾ صابڻ، هيرڻ جي -تيل- ۽ سڪل ليمن مان هڪ محلول ٺاهيو ويندو آهي. -ان- بعد -اجرڪ- ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ ايندي آهي. پهرئين مرحلي ۾ اصل جي ڇُرَ ٿيندي آهي. -ان- بعد ’ڪٽ‘ جو مرحلو ايندو آهي. تنهن کان پوءِ ’کڙ‘ جو ڪم ٿئي ٿو. اُن بعد پڙو ڪُنِ ۾ ٻوڙبو آهي. ڪُن ۾ ٻوڙڻ بعد اها -اجرڪ- وري ڇرجڻ ويندي آهي، جنهن کان پوءِ -ان- کي رڱيو ويندو آهي. رڱڻ کان پوءِ مَنهڻ جو مرحلو اچي ٿو، -ان- بعد مينا جو ڪم ٿيندو آهي. مينا جي مرحلي دوران وري مٿس ڇُر ٿيندي آهي. آخر ۾ -ان- کي انڊيگو (گُليءَ) ۾ ٻوڙيو ويندو آهي، جنهن بعد وڃي -اجرڪ- تيار ٿيندي آهي. 5 ميٽرن واريءَ -اجرڪ- تي 5 هزار 9 سئو دفعا ٻنهي پاسن کان رڳو ٺپا هنيا وڃن ٿا. -اجرڪ- جي رزلٽ لاءِ 28، 30 ڏينهن انتظار ڪرڻو پوي ٿو. هيءُ تمام ڏکيو هنر آهي. سنڌ جي هزارن سالن جي -تاريخ- ۾ هن هنر جا ڪئين ڪاريگر پيدا ٿيا هوندا، پر وقت جي وهڪري انهن نالن کي محفوظ نه رکيو. بهرحال ويجهڙ واري دؤر ۾ هيٺين ڪاريگرن جا نالا معلوم ٿيا آهن: الهڏنو سومرو کٽي، ڀليڏنو سومرو کٽي، حاجي جمعو ۽ يعقوب لٽائي، ويٺل وسي ملوڪ شاهه (-ٽکڙ- جا)، جيڪي -پاڪستان- کان اڳ جا ڪاريگر هئا. حاجي عثمان ۽ طاهر محمد، ٻئي ڀائر مٽيارين جا هئا. سعيدپور جي مَنُو کٽيءَ، وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ حاجي وريل ۽ محمد عيسو به سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن. حاجي وڪيو شاهه ڪاريگر هو، جنهن مٽيءَ جي پورن سان ڪم ڪيو، ڪاٺ جا پور پوءِ ٺهرايائين. ڀينڊي جو گل محمد سومرو کٽي، سيکاٽ جو حاجي صالح کٽي سومرو ۽ ماتليءَ جو محمد حسن، گذاري ويا. واري -تڙ-، سکر جو ڪاريگر محمد صالح سومرو، 1999ع ۾ گذاري ويو، جيڪو مشهور شاعر ادل سومري جو والد هو. مشهور ڪاريگرن ۾، مٽيارين جو -بچل- ’-بمبئي-‘، ڪم جي سهڻائيءَ ۽ تيزيءَ سبب -بمبئي- نالو پيس. کيبرن جا محمد صديق سهتو ۽ حاجي عثمان،. سيکاٽ ۾ محمد يونس کٽي سومرو، ٽنڊي محمد خان ۾ حاجي ڀليڏنو، حاجي لکاڏنو ۽ حاجي محمد شفيع ماتليءَ ۾ هاڻي محمد حسن جو پٽ محمد عثمان ڪم ڪندو آهي. ڪي هندو جاتيءَ جا ماڻهو به اڳ ۾ -اجرڪ- ڇُرڻ جو ڪم ڪندا هئا، -جن- مان ڪي هالا ۾ رهندا هئا، جيڪي ڪجهه سال اڳ لڏي ڀارت هليا ويا، -جن- ۾ واسو مل، دولهه ڏنو مل، مينگهومل، ڪيول مل ۽ ڀڳڙي مل جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. مٺيءَ ۾ کتري هندو -اجرڪ- جو ڪم ڪن ٿا، -جن- ۾ نٿو مل کتري هن وقت ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو. [1] سنڌ جي اجرڪ مشهور آهي.، اجرڪ تي ڇر جو ڪم اهڙي ڪاريگريءَ سان ڪندا آهن. جو عقل حيران ٿيو وڃي. اجرڪن جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪڙيون هڪ پُڙيون ۽ ٻيون ٻه پُڙيون. ٻه پُڙيون اجرڪون ڀليون ٿينديون آهن، وڏيون ويڪريون اهڙيون، جو جهول ڀري، ڪانبي ۾ پوريون. وري اجرڪن جي ڇر ۾ به نمونا ٿيندا آهن: ڪي اجرڪون ڪڪرن تي ته ڪي ڦلن تي ته ڪي دٻلين تي. ٻه پُڙين اجرڪن کي ٻهراڙيءَ جون زالون وچ ملائڻ لاءِ، کير يا ڪنڊوڙو هڻنديون آهن. ڪي ست رنگي پَٽ يا سُٽ جو، ڪي هڪ رنگو. اجرڪن کي به سنڌ جي لباس ۾ خاص جاءِ آهي. جي سيءُ هجي نه ڪلهن ۾ ڪن يا سمهڻ مهل مٿان اوڍين، جي ميڙي ملاکڙي وڃن ته مٿي سان ٻڌن، جي ڪچهريءَ يا رس رهاڻ ۾ ويهن ٽه ڪانڀ ڪڍن، جي چونڊو ڪن ته ڪانبو ٻڌن، جي گاهه ڪن ته ڀري ٻڌن. زالون وري مَنهَه مارڪي مٿي تي ڪن. گهر کان ٻاهر نڪرن ته اجرڪ جي ( يا ٻي ڪنهن چادر جي) اکڙي ڪڍي وڃن. لاباري لائيءَ تي جهول ٻڌي ٻار کي سمهاري لوڏين. ان کان سواءِ جي ڪنهن مڙس کڻي ڪو انصاف جهڙو ڪم ڪيو ته وڏيرو يا زميندار کيس اجرڪ يا لونگي وٺي ٻڌرائيندو ۽ جي ڪنهن ماڻهوءَ ڪنهن زال کي دين جي ڀيڻ ڪري سڏيو ته به اجرڪ وٺي کڻي اوڍائيندس. اجرڪ جو رواج سواءِ سنڌ جي، ٻيو ڪٿي به ڪونهي. سنڌ ۾ به لاڙ واري ڀاڱي ۾ گهڻو آهي، ٻين هنڌ ٿورو.[2]


  1. اجرڪ : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (help)}