سنڌو بادشاھت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سنڌو رياست کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
700 عيسوي ۾ سنڌو سلطنت جو نقشو

سنڌو رياست/بادشاهت (انگريزي: Sindhu Kingdom) هن ديس کي ”سنڌ“ نالو هتان جي آڳاٽن رهاڪن سنڌو نديءَ تان ڏنو. جنهن جي معنا آهي سمنڊ يا وڏي درياهه وارو ملڪ. يا اهو وهڪرو جيڪي سدائين پيو وهي. جيئن ته پاڻ سنڌ ڌرتي سمنڊ مان جنم ورتو ۽ هن ندي هتان جي برپٽن کي سرسبز ۽ شاد آباد ڪيو ۽ هتان جي رهواسين جي تمدني تشڪيل ڪئي. ان ڪري هتان جي آڳاٽن رهاڪن، هن ديس جو وڏي درياهه جي نسبت سان نالو ئي سنڌ رکيو. جيڪو اڄ کان ڏهاڪو هزار ورهيه پراڻو آهي. هن ديس کي اهو نالو هتي رهندڙ مقامي ماڻهن سنڌو ندي جي نسبت سان ڏنو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي نالي بابت ڪجهه هن طرح وضاحت ڪئي آهي: ”بمبئي جي ڀارت وگياني (Indologist) پادري هيرس جي سند موجب، سنڌو نديءَ کي اهو نالو آڳاٽن رهاڪن سنڌين ڏنو. جن جي ٻولي ۾ سند-سنڌو لفظ جي معنا هئي ندي يا درياهه. جنهن جي پٺيان هن سڄي پرڳڻي تي تي جنهن مان ندي وهي ٿي، سنڌ نالو پئجي ويو. پوءِ اهو نالو ايراني واپارين ”سنڌ“ مان ڦيرائي ”هند“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو هندستان ٿيو آهي. تنهن کان پوءِ رومي واپارين ان کي وڌيڪ ڦيرائي ”انڊ“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو انڊيا بڻيو آهي. جو به ڏيهي نالو آهي ۽ نه يورپي. هندستان تي ڀارت نالو گهڻو پوءِ پيو، جڏهن راجا دشيت ۽ شڪنتلا جو پٽ ڀرت راڄ ڪندو هو. تنهن ڪري ڏسبو ته سڄي ملڪ ”هندستان“ کي نالو ئي سنڌو نديءَ ۽ سنڌ مان مليو آهي“ [1]

هؤن به سنڌ ۽ سنڌو هڪ ئي وجود جو نالو آهي. سنڌؤَ کان سواءِ سنڌ ڪا به معنا نه ٿي رکي. هن ديس تان سنڌ جو نالو مٽايو يا بدلايو وڃي ته اهو پاڻ سان دوکو ۽ فريب چئبو. ڇو جو بقول لئمبرڪ جي ته، ”اهو بلڪل سونهين ٿو ته هن سرزمين جو نالو سنڌو ندي جي نالي سان منسوب هجي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ نديءَ ئي کيس جنم ڏنو آهي ۽ سندس پرورش ڪئي آهي. هي سڄو خطو جيڪو ڪيترا سو ميل ڊگهو ۽ ويڪرو آهي. تنهن جو ذرو ذرو ۽ هر تهه سنڌو ندي ٺاهي ڏنو آهي.“ [2]

هن ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا جي ذڪر ٿيندڙ دور (اوائل کان 1500 ق-م) ۾ سنڌو رياست جون جاگرافيائي حدون ڪجهه هن ريت هيون: جنهن وقت سمنڊ سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري هٽي ويو ۽ زمين ظاهر ٿي. ان وقت سنڌ اندر جيڪا تهذيب اُسري، اها جاگرافيائي طور مڙني ايشيائي تهذيبن کان وسيع ايراضيءَ ۾ اٽڪل 5 لک چورس ميلن تائين پکڙيل هئي. ان جي پکيڙ روس جي سرحدن تائين وڃي پهتو هو. [3] سنڌو سڀيتا جو علائقو پکيڙ ۾ بابل کان چؤڻو ۽ مصر کان ٻيڻو هو. [4]

سنڌو سڀيتا (Sindhu Sabhiyata) جي ايراضيءَ ۾ هاڻوڪو سمورو پاڪستان (خيبر پختون خواهه صوبي جي جابلو علائقي ۽ آزاد ڪشمير کان سواءِ)، هندستاني پنجاب، اولهه يو پي، هريانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، مهاراشٽر ۽ افغانستان جو ڪجهه حصو شامل هئا. [5] ان وقت سنڌو رياست پنجن صوبن ۾ ورهايل هوندي هئي. جنهن جو مرڪز موهن جو دڙو هوندو هو ۽ هاڻوڪي سنڌ، مرڪزي صوبو هوندو هو. هڪ صوبو، موجوده بلوچستان هوندو هو، جيڪو اولهائون صوبو سڏبو هو ۽ ان جو گاديءَ جو هنڌ يا مرڪزي شهر دمب سادات هو. اتر وارو صوبو هاڻوڪي پاڪستاني پنجاب ۽ ڪجهه خيبر پختون خواهه صوبي جي حصن تي هو. جنهن جو مرڪزي شهر هڙاپا هو. اوڀر وارو صوبو ڀارتي پنجاب ۽ ڪجهه ڀر وارن حصن تي مشتمل هوندو هو، جنهن جو مرڪزي شهر ڪالي بنگن هو. جڏهن ته ڏکڻ وارو صوبو ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي حصن تي مشتمل هو. جنهن جو مرڪزي شهر لوٿل هو. [6]

سنڌو سڀيتا جي مٿي ڄاڻايل تهذيبي ۽ سياسي سرحدن مان ڪيترائي درياهه وهندا هئا ۽ آهن. جن ۾ مکيه سنڌو ندي آهي. سنڌو رياست جي اتر واري صوبي مان سنڌو ندي، جهلم ندي، راوي ندي، بياس ندي ۽ ستلج ندي وهنديون آهن. جڏهن ته مرڪزي صوبي موجوده سنڌ مان تنهن وقت سنڌو ندي کان سواءِ هاڪڙو (سرسوتي) ندي پڻ وهندي هئي. جيڪا پوءِ 1226ع ڌاري سڪي بند ٿي وئي. ٻئي طرف باقي ٻين ٽن صوبن مان پڻ ڪيتريون ئي نديون ۽ برساتي نالا وهندا هئا ۽ آهن. [7]

حوالا[سنواريو]

  1. ملڪاڻي، منگهارام، ”ساهتڪارن جون سمرتيون“، ص- 10-11
  2. Lambrick, H.T, “Sindh – A General Introduction” Chapter: 1
  3. Mughal, M.R, “New Research on the origins of the Indus Civilization” Sindh Quarterly – 1981 – 3, P-45
  4. صديقي، محمد ادريس، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ ص – 195-196
  5. پنهور، ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ، 1984- 2، ص-171
  6. Panhwar, M.H, “Sindh Cutch Relations” Karachi – 1980, P-4
  7. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر، ليکڪ؛ رڪ سندڌي پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام