سند بن علي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سند بن علي، اسلامي دنيا جي عظيم سائنسدانن مان ھڪ ھو. پاڻ رياضي دان، انجنيئر، ماھر علم فلڪيات ۽ مترجم گذريا آھن.

ابتدائي احوال[سنواريو]

سندن جي پيدائش منصوره سنڌ ۾ ٿي. پاڻ ھڪ سنڌي مسلمان ھيا ۽ سندن جو والد علي موسي ھڪ نئون مسلمان ھيو. ابتدائي تعليم منصوره مان حاصل ڪيائين. بعد ميں اعليٰ تعليم جي حاصلات جي لاءِ بغداد ويا.

سائنسي ڪارنامو[سنواريو]

سندن جو عظيم ڪارنامو زيج السند و الھند آھي. زج السنڌ پهرين جدول هئي، جيڪا مسلم دنيا ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي. هن رياضي دان هئڻ ڪري الخوارزمي ۽ يعقوب ابن طارق سان گڏ ڪم ڪيو ۽ ڌرتي ۽ فلڪياتي جسمن جو قطر معلوم ڪيو. هن الخوارزميءَ جي ڪتاب ’ڪتاب الجبرو المقابل‘ تي به ڪافي سٺو تبصرو لکيو. عربي انگن ۾ ڏهائي به سنڌ ابن علي متعارف ڪرائي. ابن ابي اسيبه مطابق بنو موسيٰ وارن هن سان حسد جي ڪري هن کي عباسي خليفي متوڪل کان ڪافي پري رکيو ۽ هن جي ڪم تي تنقيد ڪندا هئا. جعفر ابن موسى ابن شاڪر ۽ احمد ابن موسى ابن شاڪر ٻنهي هڪ وڏي ڪينال جي کوٽائيءَ جو ڪم هن جي بدران الفرغانيءَ کي ڏنو ۽ الفرغاني ان ڪم ۾ ڪافي ٽيڪنيڪي غلطيون ڪيون ۽ پاڻي الجعفريه علائقي تائين نه پهچي سگهيو. ان غلطيءَ جي خبر جڏهن خليفي متوڪل کي پئي ته هو موسى ڀائرن تي ڪافي ناراض ٿيو پر سنڌ ابن علي انهن غلطين کي صحيح ڪري کين سزا کان بچايو.

وفات[سنواريو]

سندن جي وفات سنہ 864ع ۾ بغداد ۾ ٿي.

حوالا[سنواريو]

[1]

  1. en.wikipedia.org/wiki/Sind_ibn_Ali