ڄام صلاح الدين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڄام صلاح الدين
سنڌ جو سلطان

1379 کان 1389 تائين[1](زياده مناسب لڳندڙ)

سال 1390 کان تائين
پيشرو

ڄام تماچي

جنت السنڌ مطابق:[2]ڄام تماچي ٻيون
جانشين ڄام نظام الدين پھريون
مڪمل نالو
صلاح الدين سمو
خاندان سمو
شاھي خاندان سمن جي بادشاھي
والد ڄام تماچي
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام صلاح الدين پنهنجي پيءُ ڄام تماچيءَ کان پوءِ‏ سنڌ جو تاجدار بنيو.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

سندس حڪمراني ٻارهن سالن تي پکڙيل آهي. هن زماني ۾ امير تيمور هندستان تي حملو ڪيو. تيمور جي جنگين ۾ لکين بيگناه هندستاني مارجي ويا ۽ ننڍي کنڊ ۾ وڏي تباهي آئي. تيمور جي پوٽي مرزا پير محمد ملتان تائين ڦرلٽ ڪئي. مير معصوم موجب سنڌ جو ملڪ، هن تباهيءَ ۽ برباديءَ کان مير ابو الغيث بکريءَ جي سفارش سبب محفوظ رهيو. سن1398ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي جو جد امجد سيد حيدر هرات کان هالاڪنڊي پهتو. سيد حيدر سنڌ ۾ شادي ڪئي. سندس اولاد پوءِ متعلوي سادات سڏيو ويو. امير تيمور جي حملي کان پوءِ دهلي سلطنت جو مڪمل خاتمو ٿي ويو ۽ هر طرف بغاوتون ۽ ڀڃ ڊاه ڏسڻ ۾ آئي. تيمور ملتان تي خضر خان کي نائب مقرر ڪيو. مير معصوم ڄام صلاح الدين جي دور کي هن ريت بيان ڪيو آهي:

”پهريائين سرحد جي معاملن ڏانهن متوجه ٿيو، جي ڪن رذيلن جي سرڪشيءَ ڪري هيٺ مٿي ٿي ويا هئا. انهيءَ ٽوليءَ جي انتظار ۽ گوشمالي ڏيڻ لاءِ هڪ لشڪر موڪليائين. آخر هن ٽوليءَ جي تاديب ۽ تنبيهه کان پوءِ ڪڇ ڏانهن متوجهه ٿيو. ڪڇي ماڻهن سان هن جون سخت لڙايون ٿيون، مگر سڀني جنگين ۾ فتح جو سهرو صلاح الدين جي سر تي آيو ۽ فتح ۽ غنيمتون هٿ ڪري موٽي آيو. هو لشڪر ۽ رعيت جي چڱيءَ طرح پرگهور لهندو هو.“[3].[4]

جنت السنڌ جو بيان[سنواريو]

سنه 790هه (1388ع) ۾ فيروز شاهه تغلق وفات ڪئي. سندس پويان ڪمزور هئا. محمد شاهه تغلق ثانيءَ جي ڏينهن ۾ دکن ۾ گلبرگ ۾ علاءُ الدين حسين بهمني حڪومت جو پايو وڌو. تنهن کان پوءِ فيروز شاهه جي پوٽي محمد شاهه جي ڏينهن ۾ سنه 796هه (1394ع) ۾ ظفر خان گجرات ۾، خضر خان ملتان ۾، دلاور خان مالوه ۾، ملڪ سرور خان جونپور ۾، سمن سنڌ ۾ خودمختياري حاصل ڪئي. فقط پنجاب جو علائقو نالي طور دهليءَ جي ماتحت رهيو. ڄام صلاح الدين سنڌ جي جدا جدا ڀاڱي ڏي فوجون موڪلي سنڌ کي پنهنجي خودمختيار تسلط هيٺ آندو. سندس ڪي مخالف ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا، جن کي هٿ ڪري جوڳيون سزائون ڏنائين. يارهن ورهيه عدل انصاف سان حڪومت ڪري وفات ڪيائين.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. {”تاريخ معصومي“ ص104 }
  4. {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }