ملير ضلعو
| ملير ضلعو ضلع ملیر | ||||
|---|---|---|---|---|
| ضلعو | ||||
مٿيان: چوکنڊي قبرستان هيٺيان: ڪيرٿر نيشنل پارڪ | ||||
| ||||
ملير ضلعي جو نقشو | ||||
| ملڪ | ||||
| صوبو | ||||
| ڊویزن | ڪراچي ڊويزن | |||
| هيڊ ڪوارٽر | ملير | |||
| قومي اسيمبلي جا تڪ | اين اي-229 (ڪراچي ملير-1) اين اي-230 (ڪراچي ملير-2) اين اي-231 (ڪراچي ملير-3) | |||
| قائم ٿيو | 1996ع | |||
| ختم ڪيو ويو | 2001ع | |||
| بحال ٿيو | 11 جولائي، 2011ع | |||
| انتظاميه | ڊي سي آفيس، ملير[1] | |||
| انتظامي سب ڊويزن/ٽائون | ||||
| حڪومت[2] | ||||
| • قسم | ضلعي انتظاميه | |||
| • مجلس | ڪراچي حڪومت | |||
| • ڊپٽي ڪمشنر | عرفان سليم ميرواڻي | |||
| پکيڙ | ||||
| • ضلعو | 2,160 ڪ.م2 (830 ميل2) | |||
| آبادي (2023ع)[3] | ||||
| • ضلعو | 2,419,736 | |||
ملير ضلعو (اردو: ضلع ملير) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو ھڪ ضلعو آھي جيڪو سال 1996ع ۾ ڪراچي اوڀر ضلعي (هاڻي گلشن ضلعو) کي ورهائي ٺاهيو ويو هو. سال 2023ع جي آدمشماري جي مطابق، ضلعي ملير جي آبادي 24,19,736 آهي.
تاريخ
[سنواريو]ملير هڪ سنڌي لفظ آهي جن جو معنيٰ "سائو" (Greenery) آهي.[4] پاڪستان جي آزادي کان اڳ، جديد ڪراچي جي گڊاپ ٽائون ۽ ملير ٽائون ۾ سنڌي ۽ ڪلمتي بلوچن جا ننڍا ڳوٺ هئا. هاڻي ٻئي ٽائون شهر جي پکيڙ جي ڪري شهر جي مضافات طور ترقي ڪري چڪا آهن.[5]
ٻهراڙي
[سنواريو]تاريخ ۾ ملير کي ان جي کليل ماحول ۽ سرسبز فارمن جي ڪري ڪراچي شهر جو ٻهراڙي سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي اها ٻهراڙي وارا علائقا نه رهيا آهن.[6]
زرعي زمين
[سنواريو]ملير ڪڏهن پنهنجي ميون ۽ ڀاڄين جي فارمن لاءِ مشهور هو؛ پر، هاڻي زميني پاڻي جي سخت کوٽ سبب، اهي زرعي زمينون رهائشي علائقن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري شهري آبادڪاري ۽ ماحولياتي تباهي وڌي رهي آهي. سوسائٽي فار ڪنزرويشن اينڊ پروٽيڪشن آف انوائرمينٽ (SCOPE) ملير ضلعي ۾ خشڪي ۽ ريگستاني ٿيڻ بابت پريشان آهي ۽ ملير ۽ ان جي معاون ندين جي خشڪ دريائن جي بسترن ۾ غير قانوني ريتي ۽ بجري جي کوٽائي (Mining) جي خلاف مهم شروع ڪئي آهي. ريتي ۽ بجري جي کوٽائي زميني پاڻي کي گهٽ ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي، ڇاڪاڻ ته برساتي پاڻي آبي ذخيري ۾ نه ٿو وڃي سگهي. SCOPE خشڪي متاثر ڳوٺاڻن علائقن ۾ برساتي پاڻي جا ذخيرا ٺاهي رهيو آهي.[7]
انتظامي حيثيت
[سنواريو]
ملير ضلعو سال 1996ع ۾ ڪراچي اوڀر ضلعي کان ڌار ڪري قائم ٿيو ۽ سال 2001ع شهري حڪومت واري نظام ۾ ختم ڪيو ويو ۽ ٽن ٽائون؛ ملير ٽائون، بن قاسم ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون ۾ ورهايو ويو. 11 جولاءِ 2011ع تي، سنڌ حڪومت ملير ضلعي کي ٻيهر بحال ڪيو. سال 2022ع ۾، لوڪل اليڪشن ايڪٽ -2022ع (ترميم ٿيل) جي تحت، ملير ضلعي کي ٽن "ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن"؛ ملير ٽائون، گڊاپ ٽائون ۽ ابراهيم حيدري ٽائون ۾ ان جي چونڊيل چيئرمين ۽ هڪ وائيس چيئرمين جي سربراهي ۾ ورهايو ويو ۽ 6 سب ڊويزنون پڻ آهن:
- ايئرپورٽ سب ڊويزن
- ابراهيم حيدري سب ڊويزن
- بن قاسم سب ڊويزن
- شاهه مريد سب ڊويزن
- گڏاپ سب ڊويزن
- مراد ميمڻ سب ڊويزن
هر سب ڊويزن جي سربراهي هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪندو آهي.
آباديات
[سنواريو]سال 2023ع جي پاڪستاني آدمشماري جي مطابق، ملير ضلعي ۾ 4,21,426 گهر ۽ آبادي 24,32,248 آهي.[8] جنس جو تناسب 112.70 مردن جي مقابلي ۾ 100 عورتن جو آهي ۽ خواندگي جي شرح %63.14 آهي، مردن لاءِ %67.74 ۽ عورتن لاءِ %57.84 جي شرح آهي.[9] [10] سروي ڪيل آبادي ۾ 6,24,172 (%25.8) 10 سالن کان گهٽ عمر وارا آهن.[11]11,66,340 (%47.95) جي آبادي شهري علائقن ۾ رهئي ٿي.[12]
آبادي جي اڪثريت (%96.45) جو مذهب اسلام آهي، عيسائيت جا پيروڪار %1.82 ۽ هندو مت (شيڊيول ڪاسٽ سميت) جا پيروڪار آبادي جو %1.66 آهن.[14]
ٻوليون
[سنواريو]سال 2023ع جي آدمشماري جي وقت، آبادي جو %34.98 سنڌي، %17.71 پشتو، %15.79 اردو، %9.94 پنجابي، %7.88 بلوچي، %5.69 هندڪو ۽ %3.22 سرائيڪي پنهنجي پهرين ٻولي طور ڳالهائيندا هئا.[16]
پڻ ڏسو
[سنواريو]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Contact Us", dcmalir.sindh.gov.pk, حاصل ڪيل 31 December 2023۔
- ↑ "Core Team", dcmalir.sindh.gov.pk, حاصل ڪيل 31 December 2023۔
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named2023table1 - ↑ Angaria, Waqas Alam (14 فيبروري 2025), "Ecology vs. development in Karachi: Interview with photographer Salman Baloch", Mongabay Environmental News (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 28 فيبروري 2025۔
- ↑ "From Zardaris to Makranis: How the Baloch came to Sindh", The Express Tribune (ٻولي ۾ انگريزي), 27 مارچ 2014, حاصل ڪيل 18 آڪٽوبر 2020۔
- ↑ "Save the Green Belt of Malir", The Nation (ٻولي ۾ انگريزي), 18 آگسٽ 2019, حاصل ڪيل 18 آڪٽوبر 2020۔
- ↑ "SCOPE - Society for Conservation and Protection of Environment", www.scope.org.pk, حاصل ڪيل 7 March 2022۔
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 20", Pakistan Bureau of Statistics۔
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 1", Pakistan Bureau of Statistics۔
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 12", Pakistan Bureau of Statistics۔
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 12", Pakistan Bureau of Statistics۔
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 1", Pakistan Bureau of Statistics۔
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named2023table9 - ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 9", Pakistan Bureau of Statistics۔
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named2023table11 - ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 11", Pakistan Bureau of Statistics۔