مواد ڏانھن هلو

لعل شهباز قلندر

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(لال شهباز قلندر کان چوريل)

سيد شاھ حسين المروندي
(Lal Shahbaz Qalandar)
لعل شهباز قلندر

سيوھڻ ۾ لعل شھباز قلندر جي مزار
لقب قلندر
ٻيا نالا لعل شھباز قلندر
ذاتی
جنم
سيد عثمان المروندي

1177ع
وفات 19 فيبروري 1274 (97 سالن جي ڄمار ۾)
مذھب اسلام
والدين
  • سيد ابراھيم ڪبير الدين الجوابي (والد)
فرقو صوفي ازم
ٻيا  نالا لعل شھباز قلندر
مرتبو
مقام ڏيوھڻ
دور 12th ۽ 13th صدي عيسوي


لال شھباز قلندر، اصل نالو، "سيد محمد عثمان مروندي"[2] ولد سيد محمد ابراهيم ڪبيرالدين مرونديءَ جو نالو دينِ حق جي پيغام رسائيندڙن ۾ سر فهرست آهي، مروند، سيستان، ايران ۾ ڄائو، لعل شهباز قلندر آخرڪار سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ مقامي آباديءَ ۾ سندس احترام هڪ عظيم صوفي بزرگ طور ڪيو وڃي ٿو.

خاندان

[سنواريو]

سندس جنم افغانستان ۾ آذربائيجان جي ڳوٺ ”مروند“ ۾ 583 ھجري مطابق 1178ع ۾ ٿيو.[3] قلندر شهباز آذربائيجان (آرمينيا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ مروند ۾ 538 هجريءَ مطابق 1143ع ۾ ڄائو. مروند شهر جنهن کي مرند يا ميمند به ڪوٺيندا هئا.[4] سندس نسب جو سلسلو تيرهين پيڙهيءَ ۾ حضرت سيدنا امام جعفر صادق رضه سان ملي ٿو. سندس والد بزرگوار وڏو درويش ۽ متقي انسان هو، جيڪو اڪثر الاهي عبات ۾ گذاريندو هو. سندس شادي خانه آبادي تمام وڏيءَ عمر ۾، تڏوهڪي مروندي حاڪم، سلطان شاه جي نياڻيءَ سان ٿي؛ جنهن مان سنڌ جو روحاني رهبر، علم ۽ فيض جو درياه سيد محمد عثمان پيدا ٿيو، سندس ولادت باسعادت تي پوري مروند ۾ چاليهن ڏينهن تائين خوشيون ملهايون ويون.[2] پاڻ نهايت ئي پرهيزگاريءَ واري زندگي گذاريائين، سڄي ڄمار ڇڙو رهيو يعني عمر ڀر شادي ڪانه ڪيائين، تنهنڪري پويان ڪو اولاد به ڪونه ڇڏيائين.[4]

شجرو

[سنواريو]


سيد عثمان پٽ سيد ابراهيم ڪبير الدين پٽ سيد شمس الدين پٽ سيد نور شاهه پٽ سيد محمود شاهه پٽ سيد احمد شاهه پٽ سيد هادي پٽ سيد مهدي پٽ سيد منتخب پٽ سيد غالب پٽ سيد منصور پٽ سيد اسماعيل پٽ امام جعفر صادق عه[4].

نالو

[سنواريو]

والدين طرفان سندس نالو "عثمان“ رکيو ويو هو. باقي لعل بادشاهه، شهباز سائين، قلندر ڪبريا، شمس الدين، مخدوم مروندي، سيف السان ۽ مهدي وغيره سندس لقب القاب هئا. پاڻ ننڍپڻ کان ئي ڄمندي ڄام هو[2].

تعليم

[سنواريو]

ايتري قدر جو ستن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتائين. پوءِ ته اُنهيءَ ٽهيءَ ۾ اچي ويراڳ لڳس؛ جنهن ڪري والدين کان وڇڙي ايران، عراق ۽ حجاز جا مقدس هنڌ ڏسندو، اچي امام عالي مقام حسين عليه السلام جي روضي تي رهڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن پوءِ، واپس ناني وٽ پهتو؛ جنهن کيس زماني جي ظاهري تعليم سان ڏس، قابل اُستادن جي حوالي ڪيو، جتان فارسي ۽ عربيءَ ۾ گهڻا ئي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين.[2]پاڻ پهرين پهرين قرآن شريف ياد ڪيائين. تنهن کان پوءِ ٻين علمن ۾ ڪماليت حاصل ڪري، باطني علم پرائڻ لاءِ بابا ابراهيم ولي ڪربلائيءَ جو مريد بڻيو ۽ انهيءَ کان ئي تصوف ۾ خلافت جو خرقو ڍڪيائين[4].

طريقت

[سنواريو]

جوانيءَ ۾ راتيان ڏينهان عبادتون، رياضتون ۽ مجاهدا ڪندي، جهنگ، جبل جهاڳيندو رهيو. جڏهن بلوغت کي رسيو ته بابا ابراهيم رح جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس رهبري حاصل ڪيائين.ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي ته: مخدوم عثمان لعل شهباز قلندر مريد شيخ جمال مجرد مريد سيد ابراهيم مجرد مريد شيخ عاقل شهيد مريد شيخ مسڪين شهيد مريد سيد مرتضى سبحاني مريد امام جعفر صادق عه. مجرد لفظ جي معنى آهي ڇڙو. جنهن پنهنجي سموري عمر بنا شادي ڪرڻ جي گذاري ڇڏي هجي[4].

مرشد جي اجازت سان حرمين شريف، نجف اشرف ۾ حضرت علي المرتضيٰ رضه ۽ ڪربلا معليٰ ۾ امام حسين رضه جي زيارتن کان مشرف ٿيندو، عراق جي شهر بغداد ۾ بادشاه پير سيد عبدالقادر جيلاني رح جي زيارت لاءِ پهتو، جتان کيس ”قلندر“ جو خطاب ملندي سنڌ جي سيوهڻ لاءِ امر ٿيو.[2] مخدوم جلال جھانيان اُچ واري ۽ شيخ بهاوالدين زڪريا ملتان واري ۽ شيخ فريدالدين شڪر گنج دهليءَ واري جو سنگتي هو[5].

سنڌ آمد

[سنواريو]
موجوده درگاھ

اهو سنه662 هه ۾ مروند کان ملتان ۾ آيو.[6] قلندر شهباز پهرين پهرين سنڌ جو رخ ڪندي سنه 644 هجري مطابق 1246ع سيوهڻ ۾ پهتو[4]. سيوهڻ کان پوءِ هو هندستان ڏانهن ويو، جتي پاڻي پٽ ۾ شاهه شمس بو علي قلندر سان مليو ۽ ڪجهه وقت اتي رهيو. بو علي قلندر کيس ٻڌايو ته هندستان ۾ جيئن ته اڳ ۾ گهڻا قلندر آهن؛ تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو، جو هو وڃي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري. اهڙي اشاري ملڻ تي قلندر شهباز وري سنڌ جو رخ ڪيو ۽ سنه 662 هجريءَ ۾ اچي ملتان ۾ پهتو[4].شهزادي محمد شهيد جيڪو غياث الدين بلبن جو پٽ ھيو ۽ ملتان جو گورنر ھيو، قلندر شهباز کي ملتان ۾ رهڻ لاءِ چيو ۽ سندس لاءِ هڪ خانقاهه ٺهرائڻ جو به وعدو ڪيائين. پر پاڻ اڳتي وڌي اچي سيوهڻ ۾ وارد ٿيو[4].سنڌ ڏانهن ايندي، ملتان شريف بہ ويو، جتي سلطان محمد سان بہ مليو؛ جنهن کيس اُتي رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو، پر انڪار ڪري، اچي سيوهڻ کان نڪتو، سنڌ ۾ آمد (694ھ = 1298ع) وقت سندس عمر 111 ورهيه هئي. جنهن جاءِ تي روضو مبارڪ آهي، اُتي پاڻ اچي منزل انداز ٿيو. اُن زماني ۾ اُتي اگهاڙائپ وارين عورتن جو اڏو هو. سندس آمد تي اهي سڀ توبہ تائب ٿيون ۽ هڪدم راهه راست تي اچي ويون.[2]

ھندن جي ڏند ڪٿائي عقيدت

[سنواريو]

صوفي جو سڀ کان مشهور لقب “قلندر” آهي. اڄڪلهه ڏنل سڀ وضاحتون کيس شريعت جو پابند عام مسلمان طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. پر اهو به مشهور آهي ته “قلندر” جو لقب انهن صوفين کي ڏنو ويندو هو، جيڪي بي‌شَرع سمجهيا ويندا هئا، يعني جيڪي شريعت جي پابندي نه ڪندا هئا. اهي غالباً ملامتيه صوفين سان لاڳاپيل هئا، جيڪي سماج کان ملامت حاصل ڪرڻ کي تقدس جي نشاني سمجهندا هئا. هڪ ٻيو اهم پهلو اهو آهي ته هندو هن بزرگ کي راجا ڀرتھري جي نالي سان پوڄين ٿا</ref>[7]. ڏند ڪٿا موجب، راجا ڀرتھري سيوهڻ ڀرسان ڪنهن غار ۾ ڪجهه وقت گذاريو. ڀرتھري کي عام طور شيوايتي تياڳ جو علامتي نمونو سمجهيو وڃي ٿو، ۽ سندس نالي سان ڪيترين ئي ڏند ڪٿائن کي ڳنڍيو ويو آهي. اهي سڀ کيس اوجئين جو شهزادو بڻائن ٿيون، جنهن پنهنجي ڀاءُ وڪرمادتيه جي حق ۾ راڄ ڇڏي تياڳ اختيار ڪيو. سندن ڀيڻ مانوَتي (يا ميننامتي) گوپيچند جي ماءُ هئي. چيو وڃي ٿو ته ڀرتھري گورکناٿ جي وارثن مان هڪ هو، ۽ سندس سماڌي پنجاب (پاڪستان) جي ٽِلا ۾ آهي. گورکناٿ جو چوٿون اصل پنٿ “ڀرتھري” يا “بيراڳ” جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، ۽ ڀرتھري کي ان جو باني سمجهيو ويندو هو. سنڌ ۾ “بيراڳ” يا “ڀيرَو” عام طور شيوا جي دهشتناڪ روپ جو نالو آهي، جڏهن ته ديويءَ جي اهڙي صورت کي “ڀيروي” چيو وڃي ٿو. ڀيرَو خاص طور ڪنڦٽن ۽ انهن کان اڳين شيوايتي فرقن ۾ پوڄيو ويندو هو. لال شهباز کي ڪجهه حد تائين پاشوپتن جو وارث سمجهي سگهجي ٿو. اهو خاص طور ناچ جي رسم بابت صحيح لڳي ٿو. شيوا کي “ناچ جو راجا” سمجهيو ويندو هو، ۽ ناچ پاشوپتن ۾ به هڪ اهم رسم هئي، جنهن وسيلي خدا سان ميلان حاصل ڪيو ويندو هو. شيوا جو خوفناڪ ناچ “تانڊو” ڊمرُو نالي ڍول سان ڪيو ويندو هو، جيڪو لفظ اڄ به سنڌيءَ ۾ ڍول يا تمبورين لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اڄ لال شهباز جي پوڄا ۾ سڀ کان اهم رسم “ڌمال” آهي. ڍول (جنهن کي به ڌمال چيو وڃي ٿو) وڄائڻ، پوئلڳن جو وجد ۾ اچي ناچ ڪرڻ، جنهن کي الوهي ميلان يا گهٽ ۾ گهٽ قلندر جي روح سان ملاقات سمجهيو وڃي ٿو، اهي سڀ رسمون حقيقت ۾ شمنيت سان لاڳاپيل رسمن جي ياد ڏياري سگهن ٿيون</ref>[8]. رچرڊ برٽن 1851ع ۾ لکي ٿو ته هر سال کنڀتي (زعفران گل استعمال ڪرڻ ۾ ماهر) ذات جي هڪ ڇوڪريءَ کي موسيقي ۽ سمورين رسمن سان مزار سان شادي ڪرائي ويندي هئي. زباني روايت هن معاملي ۾ صاف ناهي. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ هندو ڇوڪري درگاهه جون چاٻيون سيدن حوالي ڪيون، جڏهن ته ٻيا چون ٿا ته ورهاڱي تائين هڪ هندو ڇوڪري درگاهه ۾ رهندي هئي. کنڀتي، جن جو ذڪر برٽن ڪري ٿو، هندو ذات هئي، جيڪا ڪپڙن کي ڪسوم (زعفران جهڙو رنگ) سان رڱڻ ۾ ماهر هئي (سنڌيءَ ۾ “کنڀو” زعفران لاءِ چيو وڃي ٿو). ڏکڻ ايشيا ۾ رڱڻ وارا عام طور هيٺين ذات سمجهيا ويندا آهن، پر هتي لڳي ٿو ته کنڀتي ذات پادرِيءَ جهڙو ڪردار ادا ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي ڇوڪريءَ کي وفات يافته قلندر سان شادي ڪرائي. اهو خاص مقام شايد ان ڪري هو جو هو زعفران سان واسطو رکندا هئا، جيڪو اڏيرو لال ۽ لال شهباز قلندر ٻنهي جو مقدس رنگ آهي. جيتوڻيڪ برٽن مسلمانن ۾ شاديءَ وقت زعفران جي علامت جو ذڪر ڪري ٿو، پر درياپنٿين ۾ به “کنڀو” جي رسم موجود هئي: شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، ذات جا ماڻهو ۽ ست خوش شادي شده عورتون گڏ ٿي زعفران جو رنگ تيار ڪنديون هيون ته جيئن ڪنوار ۽ ور جو رسمِي لباس رڱجي</ref>[9]. سيوهڻ شريف، جيڪو لال شهباز قلندر جي پوڄا جو مرڪز آهي، سنڌ ۾ وچئين دور جي مذهبي ورثي جي مشاهدي لاءِ سڀ کان اهم ماڳ نظر اچي ٿو. سيوهڻ هڪ علامتي نمونو آهي، جتي پاشوپت شيوايتي اسڪول کان لال شهباز قلندر جي فقيرن تائين حقيقي تسلسل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هتي صرف تياڳ، بدعتيت ۽ وجداني رسمن جهڙيون خاصيتون ذڪر ڪرڻ ڪافي آهن، جيڪي الوهي ميلان لاءِ ادا ڪيون وينديون آهن. شيوا پشوپتي کان وٺي صوفي عثمان مروندي تائين، ۽ علائقائي شخصيتن جهڙوڪ اڏيرو لال کي شامل ڪندي، هڪ لڳاتار روايت نظر اچي ٿي. آخرڪار، لال شهباز قلندر جي شخصيت کي ڪنهن حد تائين انهن سڀني جو مجموعو سمجهي سگهجي ٿو، هڪ اهڙو ڪرشماتي روپ، جيڪو صوفي قدرن جي روشني ۾ ٻيهر ترتيب ڏنل آهي</ref>[10]. .

وفات

[سنواريو]

قلندر سائين لڳ ڀڳ هڪ سال کانپوءِ، 112 ورهين جي ڄمار ۾ 21 شعبان 695ھ مطابق 1299ع تي هن دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو.[2] قلندر شهباز هتي سيوهڻ ۾ ئي 21 شعبان 673 هجريءَ ۾ وفات ڪئي[4].درگاهه جي ڏکڻ طرف هڪ شاهي سونو دروازو به لڳي چڪو آهي. هي دروازو ٻه طاقو آهي. هڪڙي طاق تي قلندر شهباز جو نالو: سيد عثمان بن سيد ڪبيرالدين ابراهيم ۽ ٻئي طاق تي سندس وفات وارو سال 673 اڪيريل آهي[4].

ميلو

[سنواريو]

هر سال شعبان مهيني جي 18، 19 ۽ 20 تاريخن تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلو ٿيندو آهي؛ جنهن ۾ لکن جي انگَ ۾ عقيدتمند ايندا آهن. ميلي جي رسمن ۾ ميندي ۽ ڌمال خاص اهميت رکن ٿا.[2][4] . ميلي جي وچين ڌمال وڏي ڌام ڌوم سان لڳندي آهي. سنڌ صوبي جو هي ميلو پهريون نمبر ليکيو ٿو وڃي. پهرين هزارن جي تعداد ۾ ۽ هاڻي لکن جي حساب سان ماڻهو هي ميلو ڏسڻ ايندا آهن. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان، افغانستان، ايران ۽ هندستان کان ڪهي ماڻهو، بنا ڪنهن مذهبي ويڇي جي، هي ميلو ڀيٽڻ ايندا آهن[4].

علمي خدمتون

[سنواريو]

قلندر شهباز جي علمي قابليت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي ٿو سگهجي، جو ڪنهن زماني ۾ سندس لکيل ڪتاب ”ميزان صرف“ ۽ ”عقد“ وغيره سنڌ جي مدرسن ۾ عام پڙهايا ويندا هئا[4].

مزار جي تعمير

[سنواريو]
لعل شھباز قلندر جو اندروني منظر

سندس روضي جي تعمير سلطان فيروز شاه طرفان، اُن وقت جي سيوهاڻي حاڪم، ملڪ اختيار الدين 757ھ مطابق 1261ع ۾ ڪرائي. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکيو آهي ته: پهرين پهرين قلندر تي قبو سلطان محمد شاهه تغلق جي سؤٽ سلطان فيروز شاهه تغلق جي حڪم سان، سيوهڻ ۾ انهيءَ وقت جي گورنر رڪن الدين عرف اختيار الدين سنه 757 هجري مطابق 1356ع ۾ ٺهرايو[4]، تنهن کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان قبي کي نئين سر ڪري ٺهرايو، جنهن تي اڳتي هلي سندس پٽ مرزا غازي بيگ به وڌيڪ اضافو ڪيو[4]. پر قبي جو ڪم شاهه جهان جي حڪومت دؤران پورو ٿيو، قبي کي سنه 1043 هجري مطابق 1633ع کان اڳ پوريءَ طرح ٺهي راس ٿيل نه ٿو چئي سگهجي، ڇو ته اُن سال ئي نواب ديندار خان بخاريءَ اڱڻ ۾ تراشيل پٿر جو فرش هڻائي پورو ڪيو[4]. قبي جي اُوچيءَ مهاڙيءَ واريون ڪاشيءَ جون سرون ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تحفي طور موڪليون هيون. مقبري جو چانديءَ وارو دروازو، تربت جي مٿان ڇٽ جا ٿنڀا ۽ ڪٽهڙو مير ڪرم علي خان ٺهرايا هئا[4]. تنهن کان پوءِ سنه 1939ع “ ۾ انهيءَ ۾ واڌارو ڪيو ويو، جو ڇَٽ بلڪل چانديءَ جو ٺهرايو ويو ۽ گڏوگڏ اڍائي فوٽ اوچو ڪٽهڙو به روپو(يعني چانديءَ جو) ڪيو ويو. اصل ۾ ڇٽ آبنوس ڪاٺ (ڪاريءَ ڪِٺ) جو ٺهيل آهي، جيڪو چانديءَ جي پليٽن سان چڱيءَ طرح ڍڪيو ويو آهي[4]. جيئن ڪنڊن تي ٻاهران چار ٿنڀا آهن، تيئن اندران ڏهه ننڍا ٿنڀا آهن، جن تي وڏيءَ ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل آهي. ڪٽهڙي تي به وڏو ڪم ٿيل آهي ۽ اهو سنڌ جو هڪڙو وڏيءَ ڪاريگريءَ ۽ هنر جو ڪم آهي[4]. هن پوئين يعني 1939ع واري ڪم تي ڪل خرچ 44 هزار رپيا ٿيو، جيڪو 25 ڪاريگرن جي لڳاتار ستن سالن جي محنت جو ڦل آهي[4]. 1915ع ۾ قلندر شهباز جي سجادهه نشين سائين ولي محمد شاهه پٽ مراد شاهه پنهنجي هڪ معتقد ڪَڪَڙ جي زميندار رئيس محبت خان وڳڻ سان انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪيو ته قلندر جي تربت وارو ڇٽ سڄوئي چانديءَ جو هئڻ گهرجي. سيد جي خواهش رئيس صاحب اهڙيءَ طرح سان پوري ڪئي، جو حيدرآباد مان مستري علي بخش کي گهرايو ويو، جنهن خاڪو تيار ڪري ستت ئي ڪم شروع ڪري ڏنو[4]. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته هن مستري صاحب جي نگراني هيٺ 25 ڪاريگر ڪم ڪندا رهيا ۽ برابر ست سال ڪم هليو. ڪم پوري ٿيڻ تي هو، جو 1922ع ۾ پئسن جي کوٽ سبب ڪم بند ڪرڻو پيو[4]. رئيس وڳڻ هن ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ سرڪار کان قرض کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو غالباً نامنظور ٿيو[4]. سن 1939ع جي شروعات ۾ خانبهادر نبي بخش محمد حسين جو ڀاءُ خانبهادر عبدالقادر دادو ضلعي جو ڪليڪٽر ٿي آيو، جنهن انهيءَ وقت جي ”سيري ڪميٽيءَ“ کان پنج هزار رپين جي رقم منظور ڪرائي. ياد رهي ته سيريءَ ڪميٽيءَ جو ڪم ئي هو درگاهن جي مرمت وغيره ڪرائڻ. خانبهادر عبدالقادر انهيءَ ڪميٽيءَ جو صدر هو[4]. هن سيري ڪميٽيءَ کي سرڪار طرفان باقاعدي زمين ڏنل هئي، جنهن جي پيدائش مان درگاهن تي خرچ هلندو رهندو هو. بهرحال ساڳئي مستريءَ جي نگراني هيٺ برابر 17 سالن کان پوءِ وري ڪم چالو ٿيو ۽ سيپٽمبر 1939ع ۾ اهو ڇٽ ۽ ڪٽهڙو ٺهي جڙي تيار ٿي تربت تي لڳي ويو[4].

ڪجهه وقت کانپوءِ جهانگير جي دؤر ۾، مرزا غازي بيگ روضي جي آڏو خانقاه پڻ جوڙائي ۽ روضي جي عمارت کي مٿڀرو ڪرايو. سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي؛ جنهن ڪري باقي رهيل ڪم کي نواب سيد بهوه بخاري عرف ديندار خان 1039ھ (1643ع) ۾ مڪمل ڪرايو. آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاه به روضي جي مرمت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. تربت جي چوڌاري نفيس گلڪاريءَ سان چانديءَ جو ڪٽهڙو، لاڙڪاڻي جي مشهور زميندار، محبوب خان وڳڻ ٺهرايو آهي ڪٽهڙي جي هيٺان سنگ مرمر جو ڏيڍ فوٽو ٿلهو به جڙيل آهي؛ جنهن کي ”قلندري لغت“ موجب ”شهنشاه جو تخت“ چئجي ٿو. روضي جو ٻاهريون دروازو به چانديءَ جي پٽن سان ڪاٺ مٿان اُڪريل آهي.

حڪومت منجهس هڪ سونو دروازو پڻ لڳرايو؛ جنهن جو افتتاح پاڪستان جي تڏوهڪي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي (1905ع – 1979ع) ڪيو هو. هي دروازو رات جو 9 وڳي نقارن جي ڌمال سان قائم ٿيندو آهي ۽ وري فجر جي نماز سان کلندو آهي.

مزار جي ويجهو جايون

[سنواريو]

جن جاين تي قلندر سائينءَ چـِلا ڪڍيا آهن، اُتي تاريخي يادگار اڄ به قائم آهن؛ اُنهن مان لعل باغ، يڪ ٿنڀي، چوٿنڀي، لعل جو لئو ۽ قلندر جي ڪشتي (منگهو پير، ڪراچي) وغيره قابلِ ذڪر آهن.

شاعري

[سنواريو]

پاڻ صاحب ولايت ۽ بلند پايي جي عالم هجڻ سان گڏوگڏ فارسي زبان جو سٺو شاعر به هو. سندس تخلص ”عثمان“ هو. سندس ڪلام سندس عقيدتمندن ياد هئو، جن مان بودلو بهار، جمن جتي ستي، شاه گودڙئو، سيد ابراهيم جتي ستي ۽ مخدوم علي سيوستانيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. لال شھباز قلندر جا ڪجهه فارسي جا شعر ھيٺ ڏجن ٿا.

نمی دانم کہ آخر چوں دمِ دیدار می رقصم

مگر نازم بہ ایں ذوقے کہ پیش ِ یار میں رقصم

ترجمو: خبر ناهي تہ آخري ديدار وقت مان ڇو رقص ڪري رھيو آھيان- پر پنهنجي ان ذوق تي ناز آھي تہ مان پنھنجي يار سامھون رقص ڪري رھيو آھيان.

ھم عصر ۽ دوست

[سنواريو]

سندس همعصر ۽ خاص صحبتين ۾ حضرت غوث بهاؤ الدين زڪريا ملتاني رح (566ھ – 666ھ)، سيد جلال سرخ بخاري رح (601ھ – 695ھ)، بابا فريدالدين گنج شڪر (569ھ – 664ھ)، حضرت شيخ نوح بکري، شاه صدر ۽ حاجي منگهو جا نالا سر فهرست آهن، جن سان اڪثر سندس رهاڻيون رهيون آهن.

قلندر لال شهڀاز جي درگاهه تي آپگهاتي دهشتگرد حملو

[سنواريو]

خميس جي ڏهاڙي 16 فيبروري 2017ع تي لال شهباز قلندر جي درگاهه تي آپگهاتي دهشتگرد حملي ۾ 72 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ لڳ ڀڳ 250 کان وڌيڪ زيارت تي ايندڙ زائرين ڦٽجي پيا. ڌماڪو ڌمال شروع ٿيڻ جي 10 منٽن کانپوءِ ٿيو. [11]

حوالا

[سنواريو]
  1. Jestice, Phyllis G. (2004). Holy People of the World: A Cross-cultural Encyclopedia, Volume 3. Bloomsbury Academic. pp. 493. ISBN 1576073556. https://books.google.com/books?id=H5cQH17-HnMC&dq=%22LAL+SHAHBAZ+QALANDAR%22&pg=PA493.
  2. 1 2 3 4 5 6 7 8 سنڌ جو سيوهڻ ۽ لعل قلندر شهباز (حضرت عثمان مروندي رح) سنڌ سلامتی, اصل کان 24 سيپٽمبر 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 12 اپريل 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  3. Sarah Ansari (1971) Sufi Saints and State Power: The Pirs of Sind, 1843–1947. Vanguard Books
  4. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 آرڪائيو ڪيا ويا 2020-07-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. { ڪتاب: سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ | ليکڪ: ڊاڪٽر تنوير عباسي}
  5. قديم سنڌ - ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
  6. قديم سنڌ - ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
  7. SINDH through History and Representations and French Contributions to Sindhi Studies Edited by MICHEL BOIVIN;SHIVAITE CULTS AND SUFI CENTRES A REAPPRAISAL OF THE MEDIEVAL LEGACY IN SINDH Michel Boivin, Oxford University Press, pages 37
  8. SINDH through History and Representations and French Contributions to Sindhi Studies Edited by MICHEL BOIVIN;SHIVAITE CULTS AND SUFI CENTRES A REAPPRAISAL OF THE MEDIEVAL LEGACY IN SINDH Michel Boivin, Oxford University Press, pages 37 & 38
  9. SINDH through History and Representations and French Contributions to Sindhi Studies Edited by MICHEL BOIVIN;SHIVAITE CULTS AND SUFI CENTRES A REAPPRAISAL OF THE MEDIEVAL LEGACY IN SINDH Michel Boivin, Oxford University Press, pages 38
  10. SINDH through History and Representations and French Contributions to Sindhi Studies Edited by MICHEL BOIVIN;SHIVAITE CULTS AND SUFI CENTRES A REAPPRAISAL OF THE MEDIEVAL LEGACY IN SINDH Michel Boivin, Oxford University Press, pages 38
  11. دهشتگردن قلندر جي نگري کي رت ۾وهنجاري ڇڏيو ، آپگهاتي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 72 ڄڻا شهيد، 250 زخمي