سومرا شاهي گهراڻو
| هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
سومرا شاهي گهراڻو يا خاندان | |
|---|---|
| 1026–1356 (جلاوطنيءَ ۾ 1440 ع تائين جاري رهيو امرڪوٽ) | |
| گادي جو هنڌ | ٺري (هاڻوڪي ڏينهن يا دور۾ سنڌ جو، بدين ضلعو ۽ ٺٽو ضلعو] |
| مذهب | شيعه اسماعيلي اسلام |
| حڪومت | بادشاهت، راجائي، سلطنت |
| گادي جو هنڌ | ٿري
(موجود بدين ضلعي ۾) |
|---|---|
| ٻوليون | سنڌي مادري
عربي ادبي |
| حڪومت | شهنشائي |
| حڪمران | |
| 1030-1024 | سردار سومر پهريون |
| 1351-1333 | همير آخري |
| شروعات | 1024 |
| زوال | 1351 |
سومرن جي سنڌ تي حڪومت سومرا خاندان (Soomra Dynasty), سومرا سنڌ جو اصلوڪو سنڌي راجپوت قبيلو آهي، جيڪي اصل هندو راجپوت آهن ۽ پرمار راجپوتن مان آهن[1]، جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا.[2]. سومرا خاندان سنڌ تي عربن کان پوء حڪومت ڪئي. ان کان اڳ عرب حڪمران (711-1024) سنڌ تي قابض ٿيا.. سنڌ تي ٽن صدين تائين عربن جي غير سنڌي راڄ کانپوءِ، سنڌ جي مقامي سومرا شاهي گهراڻي جي سنڌ ۾ حڪومت قائم ٿي.[3][4]
تاريخ
[سنواريو]عربن جي ڏينهن م سومرا سنڌ م وڏا زمیندار هئا. امیر سومرو، سومرن جو پھریون سردار هو، جنهن كي سند جي سمنيه قومن ٿريء جي شهر م پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو هو. هن سنڌ جي هڪڙي طاقتور زميندار سعد جي ڌيء سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس پونگر نالي پت جائو سومرو پهريائین اسماعيلي شيعو هو، پوءِ آج شريف جي مشائخن جي هت تي تائب ٿي سني ٿيو هو. سومري سنه 1054 ع م وفات ڪئي[5].
پونگر پيء جي وفات کان پوء پندرهن ورهيه حڪومت ڪري سنه 1068 ع م وفات ڪئي دودي بن ڀونگر چوویهه ورهيه حڪومت ڪني. دودو سومرن جو بهادر سردار ٿي گذريو، جنهن لاڙ كان وٺي نصرپور تائین حڪومت جي حدن كي وڌايو هو. سندس بهادري جا ڪارناما سنڌ جي آكاڻين م بيان ڪيل آهن. سنه 1092 ع م وفات ڪيائين دودي جي وفات ڪرن وقت سندس پت سنگهار صغير هو. سومرن كيس سرداري جي پڳ ٻڌرائي، مگر حڪومت جون واڳون دودي جي ڌيء تارا بائيءَ جي هت ۾ هيون هيء پهرين سنڌي خاتون هئي جنهن سیاست م مردانگي سان قدم ركيو هو[5]. سومرا سائس وفادار و فرمانبردار ٿي رهيا. جڏهن سنگهار وڏو ٿیو تڏهن ان کي تخت نشين ڪيائون. گاديءَ تي ويهڻ شرط نوجوان ڪچ كان ولي هالڪنبيء تائين باغين كي مطيع ڪري، حڪومت ڪئي. سنه 1106 ع م بنان اولاد مري ويو[5].
سنگهار جي وفات کان پوء سندس زال هموٻائي حڪومت جون واگون پنهنجي هٿ ركيون ء ڌرڪ جي قلعي ۾ پنهنجو تختگاه قائم ڪيو پنهنجي پائرن مان هڪڙي کي محمد طور تي حاڪم مقرر ڪيائين ء بئي كي ٿري شهر ۾[5]. محمد طور م ڪيترائي زمیندار جن مان گھٹا خدارسیده بزرگ پیدا ٿيا، رهندا هئا. اهي شیخ الاسلام مخدوم بهاؤ الدین زڪریا جا مريد هئا[5]. هندستان جي تاريخ جا مؤرخ عام طور سلطانه رضيه کي پهرين مسلمان حڪمران عورت شمار ڪن تا حالانڪه سلطانه رضيه 634هه (1236ع) م دهليءَ جي تخت تي ويني ء ان حساب موجب تاراٻائي ۽ هموٻائي پهريون سنڌي عورتون هيون جن مردانگي سان حڪومت هلائي هموٻائي ڏكن و اتر سنڌ تي حڪومت ڪني[5]. انهيء وقت دودو نالي هڪڙو سومرو سردار جو ھڪ ڳوٺ جو حڪمران هو تنهن وجهه وٺي پنهنجي لشڪر سان محمد طور ۽ ٿري شهرن تي ڪاهي هموٻائيءَ جي پائرن سان جنگ ڪئي، جنهن م هموٻائي جا پائر مارجي ويا. ايتري م دادوء (فتح خان) نالي ھڪڙو سومرو سردار جو دودي پهرئين جي اولاد مان هو، تنهن لشڪر وٺي دشمن كي ماري مجاني هموٻائي وارو سمورو ملڪ ينهنجي قبضي ۾ ڪيو گچ ورهيه صلح سانت سان حڪومت ڪرن كان پوء وفات ڪيائين[5].
خيرو (کینئڙو) سومرو سردار دادوء (فتح خان) کان پوء قوم جو حاڪم ٹيو رعايا كي آسودو خوش رکيائين[5]. همیر (ارمیل) سومرن جو پویون حاڪم هو معصومي جي بيان موجب ظالم . بدڪار هو ء رعيت کي تنگ ڪيو هئائين اها حالت ڏسي، ڪچ كان سما سنڌ تي ڪاهي آيا همير سومري کي سندس گهر ۾ قتل ڪري، سندس سسي وڍي ڪوٽ جي کنگري تي ركائي چڏیائون[5].
حڪمران
[سنواريو]| # | حڪمران | کان | تائين | |
|---|---|---|---|---|
| 1 | سومرو (امير) | 1053ع | حڪمراني پوري ٿِيڻ جو سال وِجهو | |
| 2 | ابن سومرو | 1051ع سال پَڪ ناهي | 1054ع سال پَڪ ناهي | |
| 3 | ڀونگر پهريون | 1054ع | 1064ع | |
| 4 | دودو پهريون | 1064ع | 1092ع | |
| 5 | تارا ٻائي | 1092ع | 1104ع | |
| 6 | زينب سومرو | 1092ع | 1104ع | |
| 7 | سنگهار | 1104ع | 1119ع | |
| 8 | همو ٻائي | 1119ع | 1119ع | |
| 9 | عمر پهريون | 1119ع | 1173ع | |
| 10 | خفيف پهريون | 1121ع | 1152ع | |
| 11 | دودو ٻيون | 1152ع | 1180ع | |
| 12 | فتو سومرو | 1180ع | 1215 | |
| 13 | کينهرو پهريون | 1215ع | 1220ع | |
| 14 | چنيسر پهريون | 1220ع | 1223ع | |
| 15 | محمد طوت | 1223ع | 1237ع | |
| 16 | دودو ٽيون | 1237ع | 1241ع | |
| 17 | طائي | 1241ع | 1265ع | |
| 18 | چنيسر ٻيو | 1265ع | 1283ع | |
| 19 | ڀونگر ٻيو | 1283ع | 1297ع | |
| 20 | خفيف ٻيو | 1297ع | 1300ع | |
| 21 | دودو چوٿون | 1305ع | 1309ع | |
| 22 | چنيسر ٽيون | 1309ع | 1309ع | |
| 23 | ڀونگر ٽيون | 1309ع | 1309ع | |
| 24 | عمر ٻيو | 1337ع | 1347 | |
| 25 | ڀونگر چوٿون | 1347ع | 1350ع | |
| 26 | همير | 1350ع | 1360ع |
تحفة الڪرام ۽ تاريخ معصومي جي مصنفن سومرا خاندان جي حاڪمن جون جيڪي فهرستون ڏنيون آهن، سي غير مڪمل آهن[5]. منتخب التواريخ جي مصنف محمد يوسف جي فهرست جيڪا عجائب الاسفار، جلد-2، باب پهرين ۾ ڏنل آهي، اها تاريخ طاهري، تحفة الڪرام ۽ تاريخ معصومي کان ائين اڪبري کان گهڻو بهتر آهي. ٻنهي تاريخن جا بيان هڪٻئي قدر حڪمتن جي مخالف آهن، جو صحيح بيان ڏيڻ مشڪل ڪم آهي[5]. انهيءَ سبب سومرا خاندان سنه 1051ع کان سنه 1351ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. چڱيءَ طرح ته جڏهن سلطان محمد تغلق سنه 1351ع ڌاري ساموئي پهتو هو، ان وقت سومرن جي حڪومت هئي، ۽ وري سنه 1362ع ڌاري جڏهن فيروز شاهه تغلق ساموئي پهتو هو، ان وقت اتي جام بابينه جو راڄ هو[5].
منتخب التواريخ مطابق[5]:
| # | حڪمران | سال (هجري) | سال (عيسوي) |
|---|---|---|---|
| 1 | سومرو | 445هه | 1053–1054ع |
| 2 | ڀونگر سومرو پهريون | 446هه–461هه | 1054–1069ع |
| 3 | دودو سومرو پهريون | 461هه–485هه | 1069–1092ع |
| 4 | سنجر سومرو | 485هه–500هه | 1092–1106ع |
| 5 | خفيف سومرو | 500هه–573هه | 1106–1177ع |
| 6 | عمر سومرو | 533هه–573هه | 1138–1177ع |
| 7 | دودو سومرو ٻيون | 573هه–587هه | 1177–1191ع |
| 8 | پاٿو (پنھون) | 587هه–600هه | 1191–1204ع |
| 9 | خيرو سومرو پهريون | 620هه–636هه | 1223–1239ع |
| 10 | محمد تور | 636هه–651هه | 1239–1253ع |
| 11 | خيرو سومرو ٻيون | 651هه–652هه | 1253–1254ع |
| 12 | دودو سومرو ٽيون | 653هه–677هه | 1255–1278ع |
| 13 | طائي سومرو | 677هه–700هه | 1278–1301ع |
| 14 | چنيسر سومرو | 700هه–733هه | 1301–1333ع |
| 15 | ڀونگر سومرو ٻيون | 718هه–733هه | 1318–1333ع |
| 16 | خفيف سومرو ٻيون | 733هه–751هه | 1333–1350ع |
| 17 | دودو سومرو چوٿون | 751هه–776هه | 1350–1374ع |
| 18 | عمر سومرو ٻيون | 776هه–810هه | 1374–1407ع |
| 19 | ڀونگر سومرو ٽيون | 811هه–831هه | 1408–1428ع |
| 20 | همير سومرو | — | — |
چچنامو انگريزي جلد 2 ۾ ڏنل فھرست:
| # | حڪمران | وفات (هجري) | وفات (عيسوي) | حڪومت (سال) |
|---|---|---|---|---|
| 1 | سومرو | 446هه | 1054ع | 15 |
| 2 | ڀونگر | 461هه | 1068ع | 24 |
| 3 | دودو | 485هه | 1092ع | 15 |
| 4 | سنجر | 500هه | 1106ع | 36 |
| 5 | خفيف | 536هه | 1141ع | 40 |
| 6 | عمر | 576هه | 1180ع | 14 |
| 7 | دودو (ٻيون) | 590هه | 1193ع | 33 |
| 8 | پنھون | 623هه | 1226ع | 16 |
| 9 | ڪينترو | 639هه | 1241ع | 15 |
| 10 | محمد تور | 654هه | 1256ع | 42 |
| 11 | ڪينترو (ٻيون) | 658هه | 1259ع | 24 |
| 12 | طائي | 682هه | 1283ع | 18 |
| 13 | چنيسر | 700هه | 1300ع | 15 |
| 14 | ڀونگر (ٻيون) | 715هه | 1315ع | 18 |
| 15 | خفيف (ٻيون) | 733هه | 1332ع | 26 |
| 16 | دودو (ٽيون) | 758هه | 1356ع | 35 |
| 17 | عمر (ٻيون) | 793هه | 1390ع | 10 |
| 18 | ڀونگر (ٽيون) | 803هه | 1400ع | — |
| 19 | همير | — | — | — |
سنڌي ادب جو جائزو
[سنواريو]سومرا دور جي سنڌي ادب ۾ عمر سومرو ۽ مارئي جو قصو
[سنواريو]سومرا دور (تقريباً 11هين صديءَ کان 14هين صديءَ تائين) سنڌ جي تاريخ ۾ نه رڳو سياسي لحاظ سان اهم رهيو، پر سنڌي ادب ۽ لوڪ روايتن جي ترقيءَ لاءِ به هڪ اهم زمانو شمار ڪيو ويندو آهي. هن دور ۾ ڪيترائي لوڪ قصا، داستان ۽ شاعريءَ جون روايتون پيدا ٿيون، جن مان عمر مارئي جو قصو سنڌي ادب ۾ خاص مقام رکي ٿو. هي داستان سنڌي لوڪ ادب، شاعري ۽ داستاني روايتن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو ۽ صدين کان سنڌي سماج جي ثقافتي قدرن جي عڪاسي ڪندو رهيو آهي.
تاريخي ماخذن جهڙوڪ تحفة الڪرام ۽ تاريخ طاهري ۾ عمر سومرو ۽ مارئي بابت روايتن جو ذڪر ملي ٿو. انهن مطابق عمر سومرو سومرا خاندان جو هڪ حڪمران هو، جيڪو عمرڪوٽ ۾ حڪومت ڪندو هو. ان زماني ۾ عمرڪوٽ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مارو قبيلن جون وسنديون هيون. انهن قبيلن مان مارئي نالي هڪ ڇوڪري پنهنجي حسن، سادگي ۽ وطن سان محبت سبب مشهور هئي. روايتن موجب مارئي پنهنجي مائٽن سان ملير جي علائقي ۾ رهندي هئي. جڏهن عمر سومري تائين مارئي جي حسن جي خبر پهتي ته هن کيس ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. چيو وڃي ٿو ته عمر مارئي کي ملير مان کڻي اچي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪري ڇڏيو. مارئي قلعي ۾ رهندي به پنهنجي وطن، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي مائٽن کي وساري نه سگهي. عمر سندس دل خوش ڪرڻ لاءِ کيس آرام ۽ سهولتون مهيا ڪيون، پر مارئي پنهنجي وطن ڏانهن موٽڻ جي خواهش تي قائم رهي. لوڪ روايتن موجب مارئي عمر سومري کي ٻڌايو ته سندس اصل خوشي پنهنجي ديس ملير ۽ پنهنجي مارو ماڻهن سان گڏ رهڻ ۾ آهي. سندس وطن سان محبت، عفت ۽ ثابت قدميءَ عمر کي متاثر ڪيو. آخرڪار چيو وڃي ٿو ته عمر سومري مارئي کي آزاد ڪري ملير واپس وڃڻ جي اجازت ڏني.
سنڌي لوڪ ادب ۾ مارئي کي وطن سان محبت، سچائي ۽ عفت جي علامت طور پيش ڪيو ويندو آهي. شاعرن ۽ داستان گوئن هن ڪردار کي سنڌي ثقافت جي اعليٰ اخلاقي قدرن جي نمائندگي ڪندڙ طور بيان ڪيو آهي. ٻئي پاسي عمر سومري جو ڪردار به مختلف روايتن ۾ مختلف انداز سان بيان ٿيل آهي، ڪٿي کيس طاقتور حڪمران طور پيش ڪيو ويو آهي ته ڪٿي سندس ڪردار ۾ انساني همدردي ۽ انصاف جو پهلو پڻ ڏيکاريو ويو آهي. عمر مارئي جو قصو سنڌي ادب ۾ صوفياڻي شاعري، لوڪ داستانن ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ به نمايان حيثيت رکي ٿو. شاهه عبداللطيف پنهنجي رسالي ۾ مارئي جي ڪردار کي وطن سان محبت، استقامت ۽ اخلاقي عظمت جي علامت طور پيش ڪيو آهي. اهڙي طرح سومرا دور سان لاڳاپيل هي داستان سنڌي ادب جي اهم ترين لوڪ روايتن مان هڪ بڻجي ويو، جيڪو اڄ به سنڌي ثقافت ۽ ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
سومرا دور جو عمر ۽ گنگا وارو قصو
[سنواريو]سنڌ جي تاريخ تي مشھور جنت السنڌ ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي تاريخ طاھري ۾ بيان ڪيل عمر گنگا واري ھڪ روايتي قصي جو ذڪر ڪيو آهي. ان مطابق ٿھيم قوم جي هڪڙي سهڻي ڇوڪري گنگا جو مڱڻو ننڍپڻ ۾ عمر سومري سان ٿيل هو، پر گنگا اڃا صغير هئي ته عمر وڃي ٻي شادي ڪئي هئي. گنگا جي مائٽن کي اجازت ڏنائين ته هن کي پنهنجي هنڌ تي ڇڏي ويهن، جيئن هن پنهنجي پرورش پوري ڪري. عمر ٿھيم، جو عمر سومري جو پڪو دوست هو، تنهن سان گنگا جي شادي ٿي. بلوغت کان پوءِ گنگا جي حسن جي هاڪ چوڌاري پکڙجي وئي[5]. هڪڙي ڏينهن عمر سومرو شڪار ڪندي هتان اچي لنگهيو، جت ڌوٻيءَ گنگا جا ڪپڙا ڌوئي سڪائڻ لاءِ وڌا هئا. ڪپڙن جي خوشبوءِ ۽ هيڪار عمر سومري جي دماغ کي چڪر ۾ وجهي ڇڏيو. پڇا ڪرڻ سان ڌوٻي کيس چيو ته: “هي ڪپڙا عمر ٿھيم جي زال گنگا جا آهن.” اهو ٻڌي عمر سومري گنگا جي ديدار ڪرڻ لاءِ عمر ٿھيم جي گهر ۾ تير کڻڻ جي بهاني سان گهڙي. گنگا جو ديدار ڪري سندس موهت ٿي پيو[5]. يو هن اميرن سان صلاح ڪري، عمر ٿھيم کي دعوت جي بهاني سان گهرايو، کيس شراب پياري، کائنس گنگا جو طلاق نامو لکرائي ورتائين. سندس دغا باز اميرن ان وقت ئي گنگا کي سندس گهر مان ڪڍي وڃي، عمر سومري جي ڪوٽ ۾ داخل ڪيو. جڏهن عمر ٿھيم جا نشا لٿا ۽ عمر سومري جي دغابازيءَ جي خبر پيس، تڏهن دهليءَ جي سلطان علاءُ الدين کي دانهن ڏنائين[5]. جنهن عمر سومري کي قيد ۾ رکيو ۽ گنگا جي ٻانھن عمر ٿھيم کي ڏياريائين. ڪجهه وقت کان پوءِ، اميرن جي چوڻ تي سلطان علاءُ الدين عمر کي خراج ڏيڻ جي شرط تي آزاد ڪيو. تنهن کان پوءِ سڀ سومرا حاڪم دهليءَ جي ڍل پهچائيندا رهيا[5].
مولائي شيدائي مطابق سومرن ۾ عمر نالي ٻه حاڪم ٿي گذريا آهن. هِڪڙو عمر پهريون، جنهن جي وفات جو سال چچنامه (انگريزي) جلد-2، صفحي 36 ۾ سنه 576هه (1180ع) ڏنل آهي. عمر ٻئي جو سالِ وفات 793هه (1390ع) ڏيکاريل آهي. منتخب التواريخ ۾ عمر پهرين جو سال 533هه ۽ عمر ٻئي جو سال 776هه ڏيکاريل آهي[5]. عمر ۽ گنگا جي قصي ۾ به بيان ڪيل گنگا جولي مڙس سلطان علاءُ الدين خلجيءَ ڏانهن دانهن کڻي ويو هو جي دانھن، سلطان جو عمر سومري کي قيد ڪرڻ ۽ پوءِ امرائن جي سفارش سان علاءُ الدين عمر سومري کي خراج ڏيڻ جي شرط تي آزاد ڪرڻ وارو بيان ايليئٽ جي جلد پهرين ۾ تاريخ طاهري تان نقل ڪيل آهي. مگر سالن جي جيڪي تاريخي ڪسوٽيءَ تي پرک ڪجي ٿي ته انهيءَ سومرن حاڪمن جا سال علاءُ الدين خلجيءَ جي زماني کان بلڪل مختلف آهن. ڇاڪاڻ ته علاءُ الدين خلجي سنه 695هه (1296ع) ۾ تخت تي ويٺو ۽ سنه 715هه (1316ع) ۾ وفات ڪيائين. ان بابت تاريخ طاهري کي به الزام ڏيڻ ٺيڪ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جنهن زماني ۾ تاريخ طاهري تصنيف ٿي هئي، ان زماني ۾ مورخ لوڪ روايتن تان روشني وٺندا ھئا. [5]
شاعر
[سنواريو]1. پير صدر الدين (1290-1409)
2. پير نور الدين (وفات 1095)
3. پير الشمس الدين (1165-1276)
4. سمنگ چارڻ (1200-1300 جي وچ ۾)
5. ڀاڱو ڀان (1300-1360 جي وچ ۾)
6. هان فقير
7. ڀرپو شاھ
8. شاھ حسين اپلاڻي (1248 وفات)
9. مرخان شيخڻ (1300 وفات)
10. بابا فريد شڪر گنج (1173-1275)
11. سيد بدر الدين
زوال
[سنواريو]پڻ ڏسندا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌ گزيٽيئر
- ↑ انگريزي ڪتاب ‘Soomra Kingdom of Sindh’ ڇپائي سن 2003ع ، ليکڪ ايم. ايڇ. پنهور
- ↑ "سنڌ ۾ سومرن جو دور : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (سنڌي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 04 جنوري 2020۔
- ↑ "سومرن جي دور جا سورما (دادا سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 04 جنوري 2020۔
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 رحيمداد خان مولائي شيدائي, "جنت السنڌ" (سنڌي ٻولي ۾), سنڌي ادبي بورڊ۔
| ھي هِيءُ مَضِمُونُ سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |