سنڌي ٻولي

Wikipedia طرفان
Jump to: navigation, ڳولا
سنڌي
Dialects of Sindhi.PNG
ڳالهائيندڙ ملڪ: پاڪستان، ھندستان، هاڱ ڪاڱ،
سنگاپور، فلپائينز، آمريڪا ۽ برطانيہ
ڳالهائيندڙن جو تعداد: 5 ڪروڙ 43 لک
لساني خاندان: هند آريائي
رسم الخط: عربي، دیوناگري
دنیا ۾ ڳالهائيندڙن جي حساب سان
نمبر:
23 هون
سرڪاري ٻولي: پاڪستان ۽ ھندستان

سنڌي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي وڏين ٻولين ۾ ثئي ٿو، جيڪا پنج ڪروڙ کان مٿي ماڻهو ڳالهائي ۽ سمجھي سگھن ٿا، ان ۾ لکڻ وارن جي تعداد وڃي جي قديم ٻولي آھي، جنھن کي پنھنجي شاھوڪار ثقافت جو وسيع پس منظر۽ لوڪ ادب آھي سنڌي ٻوليءَ جي لکت جا آثار5000 سالن کان اڳ جي قديم آثارن جي کوٽائي مان مليا آھن.

لساني حدون[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ جون حدون، صوبي کان ٻاھر اتر ۾ اڳوڻي رياست بھاولپور، ملتان، اتر اولھ ۾ بلوچستان جي، مڪران، لس ٻيلي، ڪڇي، ناڙي علائقن تائين پھچن ٿيون. سنڌ کي بلوچستان کان جدا ڪندڙ ڪوھستاني علائقي ۾ پڻ وڏو تعداد، سنڌي ڳالھائيندڙن جو آھي. ان کان علاوه بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مادري زبان جي حيثيت پڻ حاصل آھي. بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بلوچي سان گڏ بنيادي زبان طور پڻ ڳالھايو ويندو آھي جدگال، گوادر، اورماڙا ، پسني ۽ اڳتي خليج، مسقط، ابوظھبي ۽ ان سان لاڳو ساحلي علائقن ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو وڏو تعداد موجود آھي. ڪڇ، گجرات ۽ ھندستان جي ڪاٺياواڙ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ سنڌيءَ کي رابطي واري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آھي. اوڀر ۾ ھن ٻوليءَ جون حدون راجپوتانا کان علاوھ اڳوڻين رياستن مارواڙ، جيسلمير ۽ ٻين پاڙيسري علائقن تائين پھتل آھن انگريزن کان آزاديِءَ ۽ پاڪستان جي ٺھڻ کانپوءِ سنڌي ڳالھائيندڙ ھندن جو ھڪ وڏو تعداد ڀارت لڏي ويو، جيڪي ھاڻي ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد آھن ۽ گھر ۽ ڪاروبار ۾ سنڌي استعمال ڪن ٿا پاڪ و ھند کان علاوه ٻين ڪيترن ملڪن جھڙوڪ: تنزانيا، ڪينيا، يوگنڊا، ڪانگو، ڏکڻ آفريڪا، مداگاسڪر، اوڀر آفريڪا، انگلنڊ، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ پڻ اندازاً 4،00،000 ماڻھو سنڌي ٻولي ڳالھائين ٿا. ان کانسواءِ ھانگ ڪانگ، سنگاپور، ٿائيلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ڏورانھن علائقن جا اھي واپاري، جيڪي 20 صديءَ جي شروع ۾ انھن علائقن ۾ آباد ٿيا، پڻ سنڌي ڳالھائين ٿا

تعارف[سنواريو]

سنڌي ٻولي انڊو يورپي خاندان سان تعلق رکندڙ آريائي ٻولي آھي، جنھن تي ڪجھه دراوڙي اھڃاڻ پڻ موجود ‏آهن. هن وقت سنڌي ٻولي سنڌ جي مک ٻولي ۽ دفتري زبان . ان کان سواءِ ڪيترا ئي سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جا ٻيا صوبا، هندستان، سريلنڪا، برطانيه، آمريڪا جون گڏيل ‏رياستون، ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ملڪ وسائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو تعداد ساڍا 3 ڪروڙ ۽ سموري دنيا ۾ ‏سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 4 ڪروڙ کان مٿي آھي..

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ[سنواريو]

پُڻي ۾ چيٽي چنڊ جو ميلو

سنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ لسانيات جي عالمن جا مختلف رايا آهن. هڪ خيال اهو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. جڏهن ته ٻيو خيال اهو آهي ته سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. سنڌين کان سواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ زم ٿي ويا. جيئن بصر (بصل)، بدڪ (بطخ)، زائفان (ظعيفه)، پهراڻ (پيراهن)، مترڪو (مطرقه) ٽيشڻ (اسٽيشن)، ماچيس (مئچس) وغيره. عربن جي دور کان پوءِ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ يعني رسم الخط ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دَور (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو.
جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي خط مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو.
پر ان کانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ، جيستائين = جيستاءِ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره.

نيٺ 1888ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جون پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو.

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي ادب جو مختصر جائزو (اڪبر لغاري)
  2. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (سيد شيرل شاه/ڊاڪٽر عبدالجبار مغل)‏


Noia 64 apps xeyes.png پڻ ڏسندا[سنواريو]


Wiki letter w.svg هي ڪچو مضمون آهي. هن ۾ مناسب سڌاري جي ضرورت آهي. توهان ان کي سنواري سگهو ٿا.